Monday, 1 August 2011

سنڌي ڪلچر:::: ليکڪ : سائين جي ايم سيد


پيش لفظ
ڪتاب سنڌي ڪلچر
ليکڪ : سائين جي ايم سيد

قديم زماني کان دنيا جو اھو دستور رھيو آھي ته مختلف ملڪن جي رھاڪن جا ، رسم رواج ۽ ڪلچر ، مذھبي عقيدن ۽ ملڪي مسئلن وغيره جي دائون ۾ ھڪ ٻين تي اثر پيئي پيا آھن. اِھي اثر ، پھرين مھاڀاري لڙائئَ کان پوءِ، ھيٺين سببن ڪري پاڻ وڌيڪ تيز ۽ گھڻا پوڻ لڳا ، ۽ تقريبا ساري دنيا انھئَ عمل جي دائري ۾ اچي ويئي.

1. ريل گاڏين، ھوائي جھازن ، تارن ،ريڊين ،اخبارن ۽ ڪتابن مفاصلن کي گھٽائي ڇڏيو ۽ جدا جدا ملڪن جي رسم رواج، مذھبي عقيدن،ڪلچر سياسي ۽ اقتصادي نظرين جي باھمي ڏي وٺ لاءِ ريت وسيلن جو ڪم ڏنو.

2. مغربي ملڪ ، جديد علم ۽ سائنسي معلومات ، ھنري ترقي ۽ جديد ھٿيارن جي زور تي ، گھنن ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن تي قابض ٿي، اتي پنھنجا سامراج قائم ڪري چڪا ھئا. ۽ انھن ملڪن کي پنھنجن استحصالي مفاد لاءِ ڪتب آڻي رھيا ھئا، ان سلسلي ۾ پنھنجن محڪوم ملڪن ۽ سماجن کي جديد علمن ۽ ڪاريگرن سان روشناس ڪري رھيا ھئا ۽ انھن کي پنھنجي پنھنجي ڪلچر جي رنگ ۾ رڱي رھيا ھئا ۽ موٽ ۾ پاڻ به انھن جي ڪلچري وجود کان متاثر ٿي رھيا ھئا.

مغربي دنيا جي ھنن سامراجن جو اڳتي ھلي ، استحصالي موقعن ۽ “ حقن ” جي ڳالھين تان پاڻ ۾ تصادم ٿيو، جنھن نيٺ دنيا کي پھرين مھاڀاري لڙائئَ ۾ اَڙائي ڇڏيو. ھن خونخوار لڙائي ۾ ھڪ طرف جرمني ، ھئبسرگ ۽ ترڪ شھنشاھتن حصو ورتو ، ته ٻئي طرف انگلنڊ، فرانس ۽ روس مُکيه ملڪن طور شامل ٿا، جن سان آخر ۾آمريڪا به اچي شريڪ ٿيوپھرين ڌُر کي محوري ملڪ (Axis Countries) ۽ ٻئي ڌُر کي اتحادي ملڪ (Allied Countries) جي نالي سان سڏيو ويو.

ايشيا ۽ آفريڪا ۾ اتحادين جي ماتحت گھڻا ملڪ ھئا، تنھنڪري انھن ملڪن جي ماڻھن کي به جنگ ۾ گھليو ويو ۽ اتي جي پيسي ۽ خام مال کي به جنگي مقصدن لاءِ ڪتب آندو ويو. جنگ جي وقت اتحادين طرفان پنھنجن محڪوم ملڪن سان گھڻا وعدا ڪيا ويا، انھن تي ظاھر ڪيو ويو ته اھا جنگ ڪمزور قومن جي آزادئَ لاءِ لڙي پئي ويئي. انھن وعدن ۽ اعلانن جي آڌار تي ماتحت ملڪن به جنگ ۾ پنھنجن حاڪم ملڪن جي مدد ڪرڻ ۾ ڪين گھٽايو.

ھئَ جنگ 1914ع ۾ شروع ٿي ۽ 1918ع تائين ھلي . ھندستان جنھن صورت ۾ انگريزن جي ماتحت ھو، ان ڪري ان کي به ھن جنگ ۾ گھليو ويو. ھتي جو پيسو جنگ تي خرچ ڪيو ويو.ھتي جا سپاھي يورپ ۾ جنگ لاءِ موڪليا ويا. جن يورپين سپاھين سان گڏجي لڙائيءَ ۾ حصو ورتو ۽ اتي جي عادتن ، رسمن ۽ رواجن مان واقفيت پرائي، جنگ جي ميدن تي حاڪم ۽ محڪوم ڪَٺا لڙي رھيا ھئا. ان جنگ ۾ لکين ماڻھو مُئا ۽ ڦٽيا. اربن جو خرچ ٿيو. آخر ۾ آمريڪا جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ ڪري اتحادين جي فتح ٿي.

انھئَ وقت آمريڪا جو صدر مسٽر وڊرو ولسن ھو. جو نھايت نيڪ نيت ۽ شريف ماڻھو ھو. ھن جنگ جي تباھ ڪارين کان متاثر ٿي،آئيدي لاءِ مختلف ملڪن جي اختلافي مسئلن کي نبيرڻ لاءِ آمريڪن ڪانگريس اڳيان 8 جنوري 1918ع تي ھيٺين چوڏھن نقطن جو پروگرام پيش ڪيو.

1) آئيدي حڪومتن جي وچ ۾ عھدناما کليل طرح ڪيا وڃن.

2) ھر ڪنھن ملڪ کي بين القوامي عھدنامن مطابق بند ٿيل ايراضين کانسواءِ ھر سمنڊ ۾ جھاز دانئَ جو پورو حق ، صلح توڙي جنگ جي حالت ۾ ھئڻ گھرجي.

3) جيتريقدر ٿي سگھي ، اقتصادي رڪاوٽون ۽ بندشون ڪڍي ڇڏجن.

4) سڀ ڪنھن ملڪ جي اندروني انتظام ۽ بچاءُ جو لحاظ رکندي ، ھٿيار سازي جي چٽاڀيٽئَ کي گھٽ ڪيو وڃي.

5) سامراجي ملڪن جي بيٺڪن ۾ ، مڪاني ماڻھن جي حقن کي سامھون رکي سُڌارا آندا وڃن.

6) روس جي نئين حڪومت سويت يونين جي حدن مان لشڪر ڪڍي، اُتان جي ماڻھن کي سندن قومي ۽ ملڪي معاملات جي فيصل ڪرڻ لاءِ آزاد ڪيو وڃي.

7) بيلجم جي حدن مان لشڪر ڪڍي اُن کي آزاد ڪيو وڃي.

8) فرانس جي حدن مان لشڪر ڪڍي ، فرانس کي جرمني جا ٻه علائقا ، ايس ۽ لورين ڏياريا وڃن.

9) اٽلئَ جي حڪومت کي سندن قومي ايراضي واپس ڏياري وڃي.

10) آسٽريا ۽ ھنگرئَ جي رھاڪن کي مڪاني خودمختياري ڏياري وڃي.

11) رومانيا ، سربيا، ھنگرئَ جي حدن مان لشڪر ھٽائي اتي آزاد حڪومتون قائم ڪيون وڃن.

12) تُرڪن کي سندن اڪثريت وارين ايراضين ۾ قومي حڪومت ڏياري وڃي. سندن ماتحت ٻين قوميتن جي ماڻھن کي خودمخياري ڏيارڻ لاءِ سھوليتون مھيا ڪيون وڃن. دره دانيال کي کليو رکيو وڃي.

13) پولينڊ کي آزاد قومي حڪومت ڏياري وڃي.

14) بين القوامي معاملن کي باھمي فيصلن ذريعي نبيرڻ ۽ ننڍين قومن جي آزادي برقرار رکڻ لاءِ “ دينا جي قومن جي جماعت” ٺاھي وڃي.

انھن مقصدن جي پورائيءَ جي سلسلي ۾ صدر ولسن 18 جنوري 1919ع تي يورپ آيو. اتحادين ھن جي اچڻ تي سندس وڏي مرحبا ڪئي. ليڪن پيش ڪيل 14 نڪتاتي پروگرام مان صرف ليگ آف نيشن ( دنيا جي قومن جي جماعت ) قائم ڪرڻ جي تجويز بحال ڪئي ويئي . سندس باقي رٿون انھئَ خيال کان ته انھن مان اتحادي حڪومتن جي مفاد کي نقصان پھچڻ جو ڊپ ھو، بحال نه ڪيون ويون. ان تي ھو دلشڪستو ٿي واپس آمريڪا موٽي ويو.

تاريخ 8 آڪٽوبر 1958ع تي مارشل لا ڊيڪلئر ٿين بعد حالتن جي ناسازگارئَ ڪري ارادو ڪيو ھوم ته طيبعت کي آرام ڏيڻ ، علمي معلومات وڌائڻ ، بگڙيل خانگي ڪاروبار کي درست ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ۾ اچي رھان. يوناني حڪيم افلاطون ( پليٽو) به اھڙين حالتن جي موجودگئَ ۾ مشورو ڏنو ھو ته :

“ جڏھن ملڪ ۾ جمھوريت جي جاءِ ڊڪٽيٽر شپ والاري ته ان حالت ۾ سمجھدار ماڻھوءَ کي گھر جي چوديوارئَ ۾ بند ٿي لکڻ پڙھڻ جي ڪم ۾ مشغول ٿيڻ گھرجي. جيسين تائين ڪو ناموافق ھوائون ملڪ تان گذري وڃن.”

ٻئي ڏينھن ڳوٺ اچڻ جو ارادو ھوم ليڪن چوڻي آھي ته “ بندي جي من ۾ ھڪڙي صاحب جي من ۾ ٻي ” وانگر 10 تاريخ اڌ رات جو گرفتاري ڪري اچي جيل ۾ بند ڪيائون . مٿي ذڪر ڪيل خيال ۽ ارادا دل ۾ رھجي ويا.

وارنٽ ۾ ڄاڻايل ھو ته “ تنھجو ٻاھر رھڻ پاڪستان جي داخلي خواه خارجي سلامتئَ لاءِ نقصانڪار ھو ان ڪري سيڪيورٽي ائڪٽ ھيٺ تو کي ڇھن مھينن لاءِ جيل ۾ موڪلجي ٿو.”

جيل ۾ 15 مھيان رھڻا پيا. ان کانپوءِ ڳوٺ سن ۾ مارچ 1968ع تائين نظربند رھيس.

ان سموري عرصي ۾ تاريخي ڪتابن جو مطالعو ڪيم، جنھن بعد ڪيترن مسئلن تي غور ڪري ڪي احوال قلم بند ڪيم. ان عرصي ۾ 24 کن ننڍا وڏا ڪتاب لکي سگھيس.

سنڌ جي ڪلچر تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جو موقعو مليو. جنھن سلسلي ۾ حاصل ڪيل معلومات ھن ننڍي پمفليٽ جي صورت ۾ ناظرين جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.

ھر قوم کي ھزارن ورھن جي تجربئَ ، تاريخي روايات ، ملڪي ماحول وغيره ڪري ڪي بنيادي ورثا ميراث ۾ ملن ٿا جن جي حفاظت ۽ ترقي ھو سندس مکيه فرض سمجھي ٿي. جن جا مکيه ورثا ھيٺيان آھن.

(1) وطن ۽ ان ۾ آزادانه زندگي بسر ڪرڻ جو حق.
(2) قومي زبان
(3) قومي ڪلچر
(4) قومي اقتصادي مفاد

وطن ۽ ان ۾ آزادانه زندگي بسر ڪرڻ جو حق:

سنڌ ھزارن ورھن کان ھڪ جدا ملڪ ٿي رھي آھي . جنھن جا رھاڪو باوجود جدا جدا نسلن ، ٻولين ۽ مذھبن جي آخري طور ھڪ اھڙي قومي حيثيت حاصل ڪرڻ کي ويجھا ٿي ويا ھئا، جنھن جھڙو مثال ساري بريصغير ھندوستان ۾ ملڻ مشڪل آھي. ھنن وٽ ھڪ زبان ، ڪلچر ، قومي روايتون ۽ مذھب جي بنيادي وحدت جو تصور موجود رھيو ھو. جيڪڏھن ھنن ڪنھن وقت ڌارين جي تسلط ھيٺ اچي وقتي سندن آزادي وڃائي ٿي ڇڏي ته سگھوئي ھمت ۽ ڪوشش سان اھا وري ھٿ ٿي ڪيائون.
 
مٿين مختلف دورن ۾ ايرانين، يونانين ، عربن ، پٺاڻن، مغلن ۽ انگريزن جي حڪومت جو قبضو ٿيل ھو. جن سندن زبانن،ڪلچر ۽ اقتصادي مفاد کي مٿان زوري مڙھيو ھو. ليڪن ٿوري وقت بعد اھي ڌارين جا تسلط ۽ قبضا ختم ٿي ويا. سنڌ ان جي زبان ، ڪلچر ، قومي ڪردار ۽ مفاد سلامت آھن.دنيا جي ٻين آزاد قومن وانگر ھنن کي به پنھنجي نموني آزاد زندگي گذارڻ جو پورو حق آھي. ڊنمارڪ ، فنلئنڊ، سويڊن ، پورچوگال، ھالينڊ، سائپرس،لبنان ، جورڊان،سريا،يمن وغيره قومون ۽ ملڪ آزاد ۽ قومن جي سڀا جا ميمبر آھن. سي ڪيترين ڳالھين ۾ ھن کان نه ايراضئَ نه آبادئَ ۾ وڏا آھن.

اھو ھڪ تاريخي حادثو ھو ته انگريزن ساري ھندستان تي قبضو ڪري ان کي انتظام خاطر صوبن ۾ ورھائي ۽ وڃڻ بعد پاڪستان ۽ ڀارت جي صورت ۾ آزاد ڪري ڇڏيو. جنھن ۾ سنڌ پاڪستان جو صوبو بڻيو. ان سان سنڌ جي ھندن کي گھڻي ڀاڱي حالتن جي ناموزون ھئڻ ڪري لڏي وڃڻو پيو. ٿوري وقت بعد سنڌ جي صوبي کي ڪن مستقل مفاد جي مد نظر مغربي پاڪستان جي طاقتور صوبي پنجاب جي ماتحت ڪيو ويو.

ھن وقت ملڪ ۾ ڪنٽرولڊ جمھوريت مروج آھي، دنيا جون طاقتور حوڪومتون سندن مصلحتن خاطر اھڙي طرز حڪومت جون طرفدار آھن.سنڌ جي ڪيترن ھندن کي لڏي وڃي پرديس وسائڻو پيو آھي. باقي پوئتي رھيل سنڌي بي يار و مددگار ھئڻ ڪري ڪجھ ڪرڻ کان مجبور آھن. منجھن طاقت نه آھي،جو ھي سنڌ جي اندروني آزادي حاصل ڪرائي سگھن. تنھن ڪري ھنن لاءِ ٻيو طريقو نه رھيو آھي ته سندن باقي ورثن جي حفاظت ۽ ترقئَ لاءِ ڪوشش وٺن.

ليڪن ان ڏس ۾ به لين ڪيتريون مشڪلاتون درپيش ھيون،ملڪ جو تسلط ھڪ غير ھمدرد گروه جي ھٿ ۾ وڃڻ ڪري ، جن جي زبان ، ڪلچر ، مذھبي تخيل، سياسي ۽ اقتصادي مفاد علحده آھن. حالتن کي درست ڪرڻ سھل نه ھو.

پاڪستان بنجڻ کان پوءِ جي حالتن وري سنڌ کي نئين مشڪلات جي مقابل ڪيو آھي. لکھا سنڌي ڄاڻندڙ ۽ ڳالھائيندڙ سنڌي ڪلچر جا حامي ھندو ملڪ ڇڏي ڀارت ھليا ويا. انھن جي جاين تي لکھا ماڻھو ڀارت کان لڏي سنڌ ۾ آيا. انھن جي ٻولي ، لباس ، ڪلچر ، مذھبي نقطه نگاھ علحده آھن. ازانسواءِ ون يونٽ ٿيڻ بعد ، سنڌي مفاد سان ھٿ چراند ٿيندي رھي آھي. تن نھايت مايوس ڪن حالتون پيدا ڪيون آھن.

تاريخ جي اڳين واقعن کان ھي حالتون مختلف آھن، اڳي يوناني ، ايراني ، مغل ۽ انگريز مالي نفعي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا ھئا. ھنن قديم باشندن کي لکن جي تعداد ۾ لڏائي انھن جي جاءِ ٻاھرين ماڻھن سان گھڻي تعداد ۾ ڪانه ڀري ھئي.انھن جي ڪلچر ، زبان ۽ نون عقيدن جو سنڌ تي ايتري قدر اثر نه پيو جيترو ھن حالت ۾ پئجي رھيو آھي. ھن وقت ته سنڌ جي جداگانه وجود ختم ڪيو ويو آھي ان جي زبان کي صوبائي زبان تسليم ڪري، ان ۾ اعليٰ تعليم نٿي ڏياري وڃي. ريڊيو ۽ سئنيما وغيره جي ذريعي سنڌي زبان جي ايتري به ھمت افزائي نٿي ڪئي وڃي.جيتري ڀارت ۾ سنڌين جي صوبي نه ھجڻ جي باوجود ڪئي وڃي ٿي.اتي سنڌي زبان کي صوبائي زبان جو درجو ڏنو ويو آھي ، جنھن مطابق اعليٰ ۾ اعليٰ تعليم تائين ، ھو ان کي پڙھي سگھن ٿا. دھلي ريڊيو تان سنڌي زبان ۾ خبرون نشر ڪيون وڃن ٿيون. حالانڪ ھتي ڪراچئَ سنڌ جي مرڪز تان به سنڌئَ کي ڪو خاص وقت نٿو ڏنو وڃي. سنڌين طرفان صوبي جي ون يونٽ کان پوءِ آزادئَ کي ڇڏي، صرف زبان ۽ ڪلچر جي بچاءُ ۽ ترقي لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته به ان کي ناپسندئَ جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ سزائون ڏنيون وڃن ٿيون.

ٻئي طرف اسان جي مٿاھين طبقي جو ڪردار ڪري پيو آھي ۽ خود مطلبي ، قوم فروشي ، نفاق ۽ بزدلي منجھن ايترو گھر ڪري ويل آھي . جو ڊپ وٺيو وڃي ته اسان ھن نئين آزمودي مان ڪھڙي طرح نڪري پار پونداسون. اسان جي ماڻھن جو زياده تعداد ساده مزاج،علم ۾ گھٽ ، مذھب جي تشريح جي نالي ۾ دوڪو کائيدڙ ، تعداد ۾ ٿورو ، محنت کان گسندڙ ، لالچ ۾ لڙھي ويندڙ ، جھڳڙي فساد کان گوشي ڪرڻ ڪري ، مقابل حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ اھل ثابت نه ٿي سگھيو آھي.وٽن ايندڙ ماڻھن سان ڪيترا پاڻ کي فاتح ، مھذب ۽ بھتر سمجھن ٿا، وٽن اسلام جو فسطائي تخيل ، پاڪستان ۾ اسلامي حڪومت جو نعرو ، اتحاد مسلمانان وغيره جھڙا دلڪش ۽ ڀلائيدڙ نظريا موجود آھن. سندن خيالات جي پرچار لاءِ جديد قسم جي پروپيگنڊا جا جملي ذريعا جھڙوڪ اخبارون ،رسالا، ڪتاب،ريڊيا،ٽيليويزن، سئنيما ، مذھبي عالمن جا پرچارڪ گروھ موجود آھن.

ان حالت ۾ سنڌ جي ورھايل وڇڙيل، پٺتي پيل ڳوٺاڻن ، اڻ پڙھيل ، مختلف ھنگامي نعرن ھيٺ برغلجي ويندڙ ماڻھن جي ڪلچر ۽ زبان جي ڪاميابئَ جا آسرا رکڻ ڪيتري قدر درست آھي. اھي ۽ اھڙا ٻيا خيال ڪمزوري پيدا ڪندڙ ھئا.

ازانسواءِ موجوده حالتن جي مد نظر ، جڏھن ھن دنيا ۾ لڳندڙ ھوائن جي نقطي نظر کان خيال ٿي ڪيم ته نيون حقيقتون ۽ مشڪلاتون ڏسڻ ۾ آيون ٿي.

اڳي دنيا جا ملڪ وڏن دريائن، سمنڊن، رڻ پٽن ، جبلن ، نسلن ، وطني ماحول، طاقتور حڪومتن جي ملڪن ۾ وراھيل ھئا.

ليڪن ھاڻ سائنس جي ايجادن،جھڙوڪ ھوائي جھاز، ٽيليگراف،اخبارن،ڪتابن،ريڊين انھن ملڪن جا سندا ھڪ طرف مٽائڻ شروع ڪيا ھئا، ته ڪيترن ملڪن جي وفاقي طور ملڻ جي رجحان ۽ سامراجي طاقتن جي انھن کي ملائڻ لاءِ ڪوشش جاري ھئي.

ساڳئَ طرح ٻولين جي جدا۽ مخصوص صورت به مٽجڻ شروع ٿي ھئي. مختلف زبانن جي ڄاڻندڙن جو باھمي رابطو ، ترقي يافته ملڪن ، قومي ۽ زبانن کان علمي ، ھنري ۽ سائنسي لفظن جي آڌار ، حڪومت وقت جي سنڌي زبان سان معاندانه پاليسي، ٻولئَ جي بقا ۽ فروغ ۾ ڪئين مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون ھيون. سنڌي ٻولئَ تي نظر ٿي ڪيم ته شاھ لطيف جي زماني کان، جنھن کي صرف ٻه سئو ۽ ڪي ورھيه گذريا آھن ته ان جو رنگ گھڻو بدلجي چڪو آھي. ان ۾ اڳئي دروايدي،پارسي،عربي،منگول ۽ انگريزي زبان جا گھڻا لفظ داخل ٿي ويا ھئا. ھاڻ ھنري ۽ سائنسي دور شروع ٿيڻ ڪري ڪيترا لفظ اُڌارا وٺڻا ھئا.

ٽئي طرف ملڪي ڪلچر تي نظر ٿي ڪيم ته ان لاءِ به حالتون اطمنيان بخش نظر نٿي آيون. ڪلچر ڇا آھي ان بابت حقيقت اڳتي ڪتاب ۾ ڏني ويندي. انھن حالتن تي غور فڪر ڪرڻ بعد معلوم ٿيڻ لڳو ته حالتون آسان نه ھيون. حڪومت ۽ نئين حالات سان گڏ، تاريخي ارتقائي رجحان اسان جي کڙي ڪيل قومي ديوار ۾ سوراخ وجھي انقلاب آڻڻ جي پويان ھئا.

ھر شئَ کي پنھنجو دور ۽ موسم ٿيندي آھي. ان وقت ان جي حفاظت يا پرورش ڪرڻ ڦل دائڪ ٿيندي آھي ، پر موسم کانپوءِ ڪھنه پودا ڪري ، نوان ڄمندا آھن.

اکين اڳيان ڏٺو اٿئون ته بمبئيءَ کان سنڌ کي آزاد ڪرائي اڃان ٺيڪ طرح ھلائڻ مس شروع ڪيو ھئوسون ته وري اسان کي پنجاب سان گڏي ان جي مڪاني آزادئَ کي سلب ڪيو ويو آھي. زبان تيزيءَ سان بدلجي رھي آھي، مڪاني ڪلچر تي ٻاھرين ڪلچرن جو اثر پئجي رھيو آھي. مڪاني ماڻھن جي اقتصادي حالت خراب ٿي رھي آھي.انھن نون پيدا ٿيل حقيقتن ۽ مسئلن جي روشنئَ ۾ سموري سوال تي نئين سر غور ڪرڻو ھو.

صرف گذشته تاريخ جي چند مثالن ۽ جذباتي اثرن ھيٺ خوش فھمئَ ۾ مبتلا رھن مان ڪو فائدو حاصل ٿيڻ وارو نه ھو. انھن ڳالھين کي مدنظر رکي مون ڪي نتيجا ڪڍيا آھن، جي ڪتاب جي متن ۾ ٻڌائيدس. قوميت جو تخيل جدا جدا زمانن ۾ ۽ ماڻھن جي گروھن ۾ مختلف پي رھيو آھي. جنھن ۾ نسلي، شھري،سامراجي ، مذھبي ۽ وطني قوميت جا تخيل مکيه رھيا آھن.

ھن وقت جنھن قوميت جو تخيل دنيا ۾ عام طور تسليم ڪيو وڃي ٿو ، سو وطني قوميت جو آھي. ھر ملڪ (وطن) ۾ آب ھوا، جاگرافيڪل حالات، ماحول ، تاريخي روايات،نسلي رجحانات جي بنياد تي ڪي خصوصيتون پيدا ٿين ٿيون. جن جي بنياد تي قومي جوڙ جڪ، ان جي گذر معاش جا ذريعا ، قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان شڪل وٺن ٿا.

گذريل پنج ھزار ورھين کان سنڌ جي جداگانه جاگرافيائي ۽ تاريخي حيثيت تسليم ٿيل آھي. دنيا جي ٻين قديم مھذب ۽ متدن ملڪن وانگر ھن کي زماني جا لاھا چاڙھا ڏسڻا پيا آھن. ھتي جا رھاڪو غير ملڪي تسلط کان آزاد رھي ، مڪاني حڪومتن جي ھٿ ھيٺ رھيا آھن،ته ان وقت سندن قومي شيرازو متحد ڪرڻ ، معاشي ذريعن جي ترقي ، قومي ڪردار،ڪلچر ۽ زبان جي واڌاري لاءِ ڪوشش پئي ٿي آھي.

پر جڏھن سنڌ سياسي آزادي وڃائي ڌارين تسلط ھيٺ آئي آھي ته ان وقت سندس معاشي ذريعي کي ڌارين جي مفاد لاءِ ڪتب پئي آندو ويو آھي. زور،لالچ ۽ غلط تعليم جي ذريعي سندن ڪردار،ڪلچر کي بگاڙڻ ۽ ڌارين زبان کي ملڪي زبان تي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿي آھي.

اھو مسئلو بحث طلب آھي ته ملڪ جي سياسي آزادي زياده اھم آھي يا قومي ڪردار،ڪلچر ۽ زبان جي آزادي ، حفاظت ۽ ترقي وڌيڪ اھميت رکي ٿي.

ھڪڙن ماھرن جو چوڻ آڳي ته ملڪ جي سياسي غلامي ، قومي ڪردار ، ڪلچر ۽ زبان کي معزول ۽ معدوم ڪريو ڇڏي.

ٻين ماھرن جو رايو آھي ته جي ماڻھو، پنھنجا قومي ڪردار ، ڪلچر ۽ زبان محفوظ ۽ سلامت رکڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، سي گھڻو وقت سياسي غلامي ۾ نٿا رھي سگھن.

سياسي غلامئَ جو ڌڪ عارضي آھي ، قومي ڪردار،ڪلچر ۽ زبان جي ڪمزوري ۽ پستي دائمي قسم جي آھي.

ھن مضمون ۾ آئون ڪلچر ڇا کي چئجي ؟ ان جا جوڙ جڪي عنصر ڪھڙا آھن؟ ھر ھڪ ملڪ جو ڪلچر ڪھڙي طرح ٺھي ٿو؟ ان جي ٺھڻ تي ڪھڙين ڳالھين جو اثر رھي ٿو؟ سنڌ جي جداگانه ڪلچر جا مکيه جزا ڪھڙا آھن؟ تي بحث ڪندس...

مون کي ملڪ جي مکيه سياسي ليڊرن جا تازو ڪڍيل گفتا اڃان تائين ڪنن ۾ گونجي رھيا آھن.

ھڪ چيو ته : “ ننڍو صوبو ننڍن دماغن جي ماڻھن سان ڀريل آھي.” (سردار پٽيل)

ٻئي چيو ته: “ سنڌين جو ڪلچر گڏھن ھڪلڻ ۽ اُٺن ڪاھڻ وارو آھي.” ( لياقت علي خان)

تنھن ڪري آئون ھن وقت سياسي آزادئَ جي حصول کان قومي ڪردار،ڪلچر ۽ زبان جي حفاظت ۽ سلامتئَ کي زياده اھم سمجھي ان تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.


ـ غلام مرتضيٰ ـ
ڪتاب سنڌي ڪلچر

Wednesday, 27 July 2011

روس Russian Revolution of 1905 to 1917

روس
Russian Revolution of 1905 to 1917

روس ۾ بالشويڪ انقلاب کان اڳ ۾ ، وڏي پيماني تي خودرو تحريڪون شروع ٿينديون رھيون ۽ وقت به وقت مشتعل شاگردن ، غير مطئمن مزورن ۽ مظلوم ھارين بغاوتون ڪري ، يونيورسٽين ، ڪارخانن ، زمينن ۽ جاگيرن تي قبضا ڪيا،اميرن،جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي حويلين کي باھيون ڏنيون ۽ ٿاڻن تي حملا ڪيا ويا. پوري ملڪي انتظام کي دھرم برھم ڪري ڇڏيو. انھن ھڙتالن ، مظاھرن ۽ احتجاجن ۾ ھزارين ماڻھو راز شاھي فوج ، پوليس ۽ جاگيردارن جي پالتو ڪتن ھٿان ماريا ويا.

سن 1901ع جي بغاوت ۾ ھزارين ھاري، مزدور ، شاگرد ۽ ٻيا ماڻھو پوليس ۽ فوج جي فائرنگ ۽ لاٺي چارج سان ماريا ويا.

انھئَ بغاوت ڪري پوري روس جي ھر شھر ۽ علائقي ۾ انقلاب لاءِ ميدان ھموار ٿيڻ لڳو. انھئَ عمل پوري ملڪ کي پنھنجي لپيٽ ۾ ورتو. جنھن جو نتيجو سن 1905ع وارين بغاوتن جي صورت ۾ نڪتو. سن 1905ع ۾ سينٽ پيٽرزبرگ ۾ پوليس فائرنگ سان سوين پورھيت ماريا ويا. جنھن جي بنياد تي روس ۾ بورجوا جمھوري انقلاب جي ابتدا ٿي ـ ساڳي وقت ماسڪو ۽ ٻين شھرن ۾ پورھيتن جون بغاوتون ٿيون جنھن ۾ ھزارين جانيون ضايع ٿي ويون.

انھئَ حادثي ، ھارين، پورھيتن ، شاگردن ۽ پوليس وارن کي راز شاھي خلاف ڪري ڇڏيو. اھري ريت سن 1905ع وارو انقلاب آيو. انھئَ انقلاب ۽ ان کان اڳ وارين حالتن تي تبصرو ڪندي ، لينن لکيو آھي ته سن 1901ع کان سن 1905ع تائين واريون بغاوتون روس ۾ غير معمولي تبديلئَ جا اھڃاڻ ھيون، جن سن 1905ع واري انقلاب کي جنم ڏنو ۽ اھو انقلاب عظيم آڪٽوبر انقلاب جي تياري ھئي.

لينن سن 1917ع جي انقلاب کان اڳ وارين بغاوتن جي مذمت ڪرڻ ، انھن کي خودڪشي سڏڻ ۽ موت کي دعوت ڏيڻ نه ڪوٺيو. پر عوام جي انھن شاندار ڪوششن کي عوام جون بي مثال قربانيون سڏيو ۽ ٻڌايو ته اھي سماج ۾ بي چيني جون وقتي ، فطري ، اڻ ٽر لھرون روسي معاشري کي انقلاب جي چائنٽ تي پھچائڻ جون ذميدار ھيون. نه صرف سن 1905ع واري انقلاب ۽ ان کان اڳ وارين ڪاررواين پر سن 1905ع کان سن 1917ع تائين روسي عوام جي جدوجھد ۽ جاکوڙ جنھن جي قيادت بالشُويڪ پارٽي نه پئي ڪئي ، تنھن جي به لينن ساراھ ڪئي آھي ـ

Tuesday, 19 July 2011

اسان تي الزام ـ جادم سنڌو

سنڌ جي سياسي سوچ ۾ سنڌ جي اندر رهندڙ مختلف نسلن،ٻولين،گروهن جي باري ۾ ڪجھ تضاد رهيا آهن.هڪ سياسي سوچ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد ۽ سندس فڪر سان لاڳاپيل جيئي سنڌ جي مختلف گروپن جي رهي آهي جنهن سياسي سوچ جو اهو موقف آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ هندوستان منجهان لڏي آيل اردو ڳالهائيندڙ آبادي سنڌ ۽ سنڌي قوم جو هڪ حصو آهن ۽ انهن کان سواء ٻين صوبن توڙي نسلن جا ماڻهو پنجابي پٺاڻ افغاني ڌاريا آهن جن کي سنڌ نيڪالي ڏني وڃي. ٻي سياسي سوچ انهن ماڻهن تي مشتمل آهي جيڪي سياسي طور اسلام آباد ،راولپنڊي ۽ لاهور جي ويجهو رهن ٿا جن ۾ پيپلز پارٽي،عوامي تحريڪ ۽ ترقي پسند پارٽي به شامل آهي سندن سياسي سوچ اها رهي آهي ته اردو آباديء سان گڏ پنجابي پٺاڻن کي به سنڌ ۾ رهڻ جو حق آهي ۽ اردو آبادي به پنجابي پٺاڻن وانگر سنڌ ۾ ڌاري آهي.جيسيتائين تعلق پيپلز پارٽيء جو آهي ته سنڌ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏيڻ توڙي اردوء کي پاڪستان جي رياستي توڙي قومي ٻولي مقرر ڪرڻ ۾ پيپلز پارٽيء جو ئي هٿ آهي.موجوده صورتحال ۾ جڏهن سنڌ جي جاگرفيائي،سياسي،سماجي،قومي توڙي معاشي حد بندين ۾ سنڌي پنهنجي ڌرتيء جا وارث به نه رهيا آهن ۽ سنڌ جي سياسي،قومي توڙي معاشي استحصال ۾ ڀاڱي ڀائيواريء تي پنجابي پٺاڻ ۽ اردو آبادي هڪٻئي سان وڙهي رهي آهي انهيء صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوء اهو طئه ڪرڻ گهرجي ته اسان کي ڪهڙي ڌر جو ساٿ ڏيڻ گهرجي؟پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ سنڌ ۾ 100 سيڪڙو سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي پر پاڪستان جي ٺهڻ کان پوء سنڌي ماڻهو هڪ ڌڪ ۾ 73 سيڪڙو تي پهچي ويا ۽ سنڌ ۾ 27 سيڪڙو اردو آبادي شامل ٿي وئي.سنڌ جي سياسي قيادت تي غير سنڌين جي قبضي جي نتيجي توڙي ڪجھ نام نهاد سنڌي وڏيرن جي اقتدار پرستيء جي نتيجي ۾ سنڌ جا شهر سنڌ ماڻهن کان خالي ڪرائي اردو آباديء جي حوالي ڪيا ويا ۽ اردو آباديء کي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪري سنڌ جي سياسي،سماجي،قومي توڙي معاشي ڦرلٽ شروع ڪئي وئي.سياسي ۽ رياستي بحرانن پاڪستاني رياست کي ٻن حصن ۾ ورهائي پاڪستاني رياست جا اخلاقي بنياد ختم ڪري ڇڏيا جنهن جي موٽ ۾ پنجابي سامراج بنگالين ۽ بلوچن جو قتل عام شروع ڪيو ۽ سنڌ کي ڀٽي صاحب جي ڏنل 1973 جي آئين هيٺ هڪ ڪالوني بڻائي ڇڏيو.ٻوليء جي فسادن،جماعت اسلاميء جي مذهبي جنون مان جند آجي ڪري سنڌ جي اردو آبادي هڪ وچولي طبقي تي ٻڌل تنظيم ايم ڪيو ايم جوڙي پر بدقسمتيء سان ايم ڪيو ايم نسل پرستيء جي چنبي ۾ ڦاٿل رهي ۽ پنهنجو پاڻ کي هڪ الڳ قوم تقور ڪرڻ لڳي.پنجاب سامراج جي سازش هيٺ 1988 ۾ سنڌي مهاجر فساد ڪرائي سنڌين ۽ اردو آباديء کي ويڙهايو ويو.وقت ۽ حالتن جي وهڪري ۾ توڙي بنيادي سياسي سائنسي علم جي نتيجي ۾ هڪ حقيقت وائکي ٿي سنڌين ۽ اردو آباديء تي پڌري ٿي وئي ته هڪ ئي ڌرتيء تي رهندي ٻئي ڌريون جهيڙينديون ته ٻنهي جو نقصان ٿيندو ۽ ٽئين ڌر فائدو ُڍي ويندي ۽ آخر ۾ نتيجو اهوئي نڪتو جو سنڌ جي شهرن جي مالڪيء تان سنڌي قوم اردو آباديء سان ڪنهن معاهدي تي ته پهچي نه سگهي باقي پٺاڻ سامراجي قوتون پاڪستان جي سرهدي صوبي،اترين علائقن توڙي افعانستان مان لڏي سنڌ جي شهرن ۾ حاوي ٿي ويا جن وٽ منسيات جو پئسو،ٽرانسپورٽ جو نيٽ ورڪ،جهادي قوتن جو ساٿ،ايجنسين جي پٺڀرائي توڙي اي اين پيء جي سياسي تنظيم ڪاري شامل آهي.جيئي سنڌ جي مختلف گروهن تي ۽ خاص طور تي جيئي سنڌ متحده مهاذ تي سدائين اهو الزام لڳندو رهيو آهي ته جسمم ايم ڪيو ايم جي حمايت ڪري ٿي.ايم ڪيو ايم سان لکين اختلاف رکجن پر موجوده صورتحال جو جائزو وٺي پهريان اهو طئه ڪرڻ گهرجي ته ڪراچيء ۾ ايم ڪيو ايم جو جهيڙو ڪهڙي ڌر سان آهي؟آخر ڪهڙيون ڌريون ڪراچيء جي مالڪيء تي هڪٻئي جي خلاف مورچا بند آهن؟ڇا اهو جهيڙو پيپلز پارٽيء جي اندر موجود سنڌي وڏيرن ۽ ايم ڪيو ايم ۾ آهي؟ڇا اهو جهيڙو سنڌي قومپرستن ۽ ايم ڪيو ايم جي وڄ ۾ آهي؟ڇا اهو جهيڙو رياستي ادارن ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ آهي؟ڇا اهو جهيڙو پٺاڻن ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ آهي؟

جڏهن اسان کي انهن سوالن جو جواب ملندو ته اهو جهيڙو حقيقت ۾ پٺاڻن ۽ پٺاڻن جي پٺڀرائي ڪندڙ رياستي ادارن ۽ ايم ڪيو ايم جي وڄ ۾ آهي ته پوء اهو طئه ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿيندي ته اسان کي ڪهڙي ڌر جو ساٿ ڏيڻ گهرجي؟

ڊاڪٽر جادم سنڌو

Monday, 18 July 2011

ڊاڪٽر جادم سنڌو

سنڌ پنهنجي زرعي ۽ معاشي خوشحالي۶ جي ڪري سدائين ڌاري آبادڪاري۶ ۽ ٻاهرين حملي آورن جي نشاني تي رهي آهي. سنڌي دنيا جي هڪ مخلف ۽ منفرد قوم رهيا آهن جيڪي سنڌ جي عالمي امن جي پيغام تي عمل ڪندي ڪڏهن به ڪنهن ٻي قوم يا ٻين جي ڌرتي۶ تي حملو نه ڪيو آهي پر سنڌين سدائين سنڌ جي قومي وجود جي ويڙھ وڙهي آهي،آريا،رومي،عرب،ايراني،افغاني،ارغون،ترخان،تاتاري ۽ انگريز سنڌ جي مٿان حملا ڪندا رهيا ۽ سنڌ جي مال ملڪيت ڦري لٽي واپس ويا.سنڌ جا حلالي پٽ مهاراجا ڏاهر،شاه عنايت شهيد،مخدوم بلاول،دودو سومرو،هوشو شهيد،هيمون ڪالاڻي،روپلو ڪولهي،شهيد صبغت الله ۽ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي روپ ۾ سنڌ جي قومي وجود جي بقا جي ويڙھ وڙهندا رهيا آهنپاڪستان جي ناپاڪ وجود جي نالي تي قائم ٿيل پنجاب سامراج جي غلامي سنڌ جي تاريخ جي هڪ بدترين دور تي مشتمل آهي،پهرين جا حملي آور سنڌ جي مال ملڪيت جي ڦرلٽ ڪرڻ کانپو۶ اندروني ويڙھ جي نتيجي ۾ سنڌ ڇڏي ويا پر پنجابي سامراج سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي قومي وجود کي نقصان پهچائڻ لا۶ سنڌ کي هڪ عالمي يتيم خانو بڻائي هندستان،بنگال،برما،ايران،افغانستان جي لوڌيلن کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌ جي قومي وجود کي هميشه جي لا۶ ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي،ان سازش ۾ پاڻ کي سنڌي سڏائيندڙ اقتدار جا بکيا وفاق پرست غدار به شامل رهيا آهن،جن ڪڏهن ون يونٽ جي حمايت ڪئي ڪڏهن نام نهاد آئين ۽ ترميمن جي نالي تي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي وجود کان انڪار ڪري سنڌ جون زميون، ملڪيتون،ڪارخانا،ڪاروبار ڌارين جي حوالي ڪيا وياسنڌ ۾ نه صرف وفاق پرست پر ڪجھ نام نهاد قومپرست پنهنجي زبان تي ته سنڌ جو نالو آڻن ٿا پر انهن جي دل ۽ دماغ ۾ پنجابي سامراج جي حمايت رهي آهي،اهي سدائين پاڪستان جي حمايت ڪندا رهيا آهن ۽ سنڌي ماڻهن کي انگن اخرن جي هيراڦيري۶ ۾ ڦاسائي صرف اشوز جي سياست ڪري مجموئي سوچ جي جڙڻ ۾ رڪاوٽ رهيا آهن.خود جيئي سنڌ جي نالي ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو ذاتي اخلافن ۽ جدوجهد جي طريقن جي اختلافن کي بنياد بڻائي سنڌي ماڻهن ۾ اندروني انتشار جو سبب بڻيا آهنتاريخ سنڌين جي مٿان قومي وجود جي ويڙھ لاڳ ڪري ڇڏي آهي،اسان وٽ صرف ٻه رستا آهن،هڪ ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ،زمينن،ڪاخانن،شهرن ۽ تعليمي ادارن تي ڌارين جي قبضي کي چپ چاپ ڪري قبول ڪريون ۽ ريڊ انڊين وانگر پنهنجي قومي وجود کي ختم ڪريون،ٻيو هڪ غيرتمند قوم وانگر پنهنجي قومي بچا۶ جي ويڙھ وڙهون پو۶ ڀلي ان ويڙھ ۾ مارجي به وڃون تڏهن به هڪ غيرتمند قوم وانگر تاريخ جي پنن تي ته رهنداسين پنجاب سامراج جي قبضي کان اڳ اسين سنڌي سنڌ ۾ هڪ سئو سيڪڙو هياسين پر سامراجي چالن ۽ وقتي اقتدار جي بکين جي دلالي۶ جي نتيجي ۾ اڄ اسي ٻاونجاه سيڪڙو تي پهتا آهيون،جيڪڏهن اسين هاڻي به قومي وجود جي بچا۶ جي ويڙھ نه وڙهياسين ته اهو سيڪڙو ڪڏهن به پنجاه کان گهٽجي سگهي ٿو پو۶ ته سنڌ جي مٿان اسانجي وارثي۶ جي دعوا به نه رهنديائين ڪونهي ته سنڌ جي سياست ڪندڙ تنظيمون ۽ اڳواڻ سنڌ جي آزادي۶ لا۶ ڪا سوچ نه ٿا رکن پر منهنجي خيال ۾ انهنجي اڪثريت صرف ان انتظار ۾ آهي ته ٻيو ڪوئي منگل پانڊي بڻجي گوليون هلائي يا ٻيو ڪوئي ڀڳت سنگھ بڻجي ڦاهي۶ تي چڙهي ۽ انجي رت کي ڏسي جڏهن سنڌي ۾اڻهون گڏجي اٿي پون،پنجاب سامراج مجبور ٿي سنڌ تان قبضو ختم ڪري ته هو پاڻ نهرو ٿي بس تقريرون ڪن ۽ حڪومت وٺن ـ

ڊاڪٽر جادم سنڌو
جيئي سنڌ متحدا محاذ

Sunday, 17 July 2011

ڪتاب جي ايم سيد :: ليکڪ عبدالواحد آريسر


ڪتاب جي ايم سيد
ليکڪ عبدالواحد آريسر

يوناني ديو مالائي ڪھاڻي جو ھڪ ڪردار پروميٿيس ""Prometheus آھي جنھن جي متعلق مشھور آھي ته ھن اولمپس جبل تان باھ چورائي انسانن کي ان جو استعمال جو راز سيکاريو.
انھئَ گناھ جي پاداش ۾ ھن کي ھڪ ڇپ سان ٻڌو ويو، جتي سڄو ڏينھن بکايل ڳجھون سندس گوشت پٽي کائينديون رھنديون ھيون. شام جو وري ديوتا سندس جسم کي تندرست ڪري ڇڏيندا ھئا، ان کان پوءِ کيس چيو ويندو ھو ته تون پنھنجي عقل ۽ شعور تان دستبردار ٿي، زيوس ديوتا جو فرمانبردار پُٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪر ، تون ديوتائن جو نافرمان پُٽ بڻجي پليت ٿي ويو آھين ۽ جيسيتائين فرمانبرداري ذريعي پاڪ نه ٿيندين، تيسين انھئَ عذاب ۾ مبتلا رھندين . پروميٿيس جو ھر ڀيري اھو جواب ھوندو ته:
پليت اھو ناھي جيڪو روايتي ديوتائن کي ٺڪرائي ٿو، پليت اھو آھي ، جيڪو ديوتائن جي باري ۾ روايتي عقيدن کي تسليم ڪري ٿو، پنھن جي آقائن کي وڃي چيو ته: آءُ ڪنھن ديوتا کان رحم ڪونه پندس. آءُ پنھن جي قابل رشڪ زندگئَ کي توھان جي ذلت آميز غلامئَ سان نه بدلائيندس ، مون کي اھو پسند آھي ته آءُ زنجيرن ۾ جڪڙيو رھان ، پر مون کي اھو ھرگز پسند ناھي ته آءُ زيوس ديوتا جو فرمانبردار پٽ بنجي وڃان.
پروميٿيس عالمي ادب ۽ حوصلي ، ھمت ۽ بغاوت جي علامت طور استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ سندس باغيانه باھمت ڪردار کي دنيا جي ھر اديب ۽ مفڪر خراج عقيدت پيش ڪيو آھي ۽ ھو جڳ مشھور ڪميونسٽ مفڪر ڪارل مارڪس جو پڻ ھيرو آھي.
جي ايم سيد کي جيڪو ماحول مليو ۽ ان ماحول ۾ ھن پنھن جي نظرياتي سان وفادارئَ جو عظيم مظاھرو ڪيو آھي، اھو سندس ڪردار کي يوناني ديومالا جي باغي ھيري پروميٿيس سان مشابھت ٿو ڏياري ـ پاڪستان ٺھڻ شرط مذھب جي نام نھاد ٺڪيدارن ھن خطي کي به ويھين صدي مان ڌڪي پوئتي تاريخ جو اونداھي دور ۾ داخل ڪري ڇڏيو. جتي سوچن تي پھرا ، عقل تي چوڪيون ۽ زبانن تي تالا ۽ چپن تي مُھرون لڳايون وينديو ھيون ساڳيو حال ھتي به آھي.
ھن ملڪ جي سياست جا مالڪ گندگئَ جي پيدائش ھئا ، تن گندگئَ ۾ رھڻ ٿي چاھيو. ذھني گٽرن جا رھاڪو ھئا ۽ ذھني گٽرن ۾ ئي رھڻ ٿي چاھيائون. فڪري اونداھين جي پئدائش ھئا ، جن روشنئَ کي ڏسڻ ته ٿي چاھيو . ھنن جي خواھش ھئي ته ڪٿان به ڪنھن صفائي ، کليل ھوا ۽ روشنئَ جو ذرو به ھن ملڪ ۾ نه پھچي . اھڙي ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ ھنن اھي طريقا اختيار ڪيا ، جن کي وقت جي رفتار پيرن سان لتاڙي ، گندگئَ جي ڍيرن ۾ دفن ڪري آئي ھئي، جيڪي ھن صديءَ جي انسانن لاءِ باعث شرم ھئا. جن به ماڻھن اھڙي ماحول ۾ رھڻ کان انڪار ڪيو . گندگئَ  کان نفرت جو اظھار ڪيو ، ھن اونداھئَ جو فرزند ٿيڻ کان بغاوت ڪئي ، اھڙن ماڻھن جي سوچن تي پھرا، عقلن تي چوڪيون، زبانن تي تالا ۽ چپن تي خاموشي جون مُھرون ھڻي ڇڏيون . ملڪ جي حالت ايتري قدر گھٽيل ،دونھاٽيل ، بدبودار رجعت پسند ۽ انسانيت جي بي عزتي تي مبني ھئي جو ھتي ڪنھن ماڻھوءَ جو وھابي سڏائڻ ۽ پاڻ کي ديوبند ڏانھن منسوب ڪرڻ به وڏو جرم ڪري ليکيو ويندو ھو ۽ جيڪڏھن ھندستان کان آيل ۽ اسلام جي ٺيڪيدارن کي خبر پوندي ھئي ته سندن مسجد ۾ ڪنھن اھڙي ماڻھو نماز پڙھي ، جيڪو رسول کي انسان ٿو سمجھي ته اھا مسجد ڌوتي ويندي ، ھن ملڪ جي گورنر جنرل کي خدا جو پاڇو ڪري ليکيو ويندو ھو.
اھڙي ماحول کان اسان جي پروميٿيس جي ايم سيد انڪار ڪيو. بغاوت ڪئي ۽ پنھنجي قلم ذريعي ، ھن ملڪ ۾ روشني ۽ روشن خيالئَ جي باھ جي استعمال جو ھنر ماڻھن کي سيکارڻ لڳو. ھن نه صرف اونداھئَ ۾ رھڻ کان انڪار ڪيو ، پراونداھئَ کي ھن ملڪ مان تڙي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو.ھن وقت جي اونداھي پرست حاڪمن کي چئي ڏنو ته اوھان جو وجود ھن روشن ڌرتي اونداھي پاڇي وانگر آھي ، توھان چمڙا آھيو . آءُ ھن روشن ڌرتي جو فرزند آھيان. آءُ انھن فرزندان روشني جي صداءِ بازگشت آھيان. جن اونداھ سان جنگيون جوٽي اونداھ جي پاڇولن کي ھن سرزمين تان ھميشه ختم ڪري ڇڏيو. پنھنجو صدين کان بسيرو گٽر بجاءِ ھالار جي چوٽي تي رھيو آھي. منھن جو مسڪن ، صدين کان ھن ڌرتئَ جا اناج جي خوشبوءَ سان ٽمٽار پرينءَ جي پيشاني جھڙا کيت ۽ عاشق جي دل جھڙا ڪشادا ميدان رھيو آھي. آءُ انھي قافلي جو فرد آھيان، جنھن عرب، ھند، چين ، يورپ ، آمريڪا  ۽ آفريڪا ۾ ھميشه اوندھ خلاف ۽ روشني جي فائدي ۾ گٽرن جي خاتمي ۽ فضائن جي بلندين جي حق ۾ ، گندگي کي مٽائڻ ۽ انساني ذھن کي خوشبوءَ جي زندگئَ سان ڀرڻ لاءِ جنگيون پئي جوٽيون آھن.اوھان انسانيت کي ارنداھي ، جھالت، تعصب ، ڪٽرپڻي ڏانھن واپس وٺي وڃڻ ٿا چاھيو. آءُ انسانن کي علم،روشني ،رواداري ۽ وسيع نظري ڏانھن وٺي وڃڻ ٿو چاھيان.اوھان اونداھي جا عاشق آھيو ته آءُ روشنئَ جو راھي آھيان.
آءُ انڪار ٿو ڪريان ته اوھان جي اونده واري سياست کان آءُ غلط ٿو سمجھان توھان جي گٽر واري زندگئَ کان آءُ بغاوت ٿو ڪريان گندگئَ جي سياست جي باني زيوس ديوتا جي تقدس ۽ احترام کان آءُ آخري وير تائين وڙھندس.آءُ روشني ۽ صداقت جي جنگ جو ھن سر زمين تي ناقابل فراموش نشان ڇڏڻ ٿو چاھيان ـ توھان وٽ ديوتائن جي طاقت آھي ۽ مون وٽ حوصلي جي قوت واھان کي تلوار جي جيت تي ڀروسو آھي ۽ مون کي انساني حوصلي جي ابدي فتح تي ايمان آھي.
اختلاف آھي انھئَ فرضي خدا سان. مون کي نفرت آھي ان جي بنايل يا خرات مليل جنت کان. منھنجي بغاوت آھي انھن روايتي مدي خارج حڪمرانئَ جي اصولن سان ، مون کي ڌڪار آھي ، انھئَ فرمانبردارئَ وارئَ زندگئَ تي . آءُ لعنت ٿو وجھان،غلامئَ ، محڪومي ۽ زيردستئَ واري ذليل زندگئَ تي، مون کي فخر آھي ، انھن زنجيرن تي ، جيڪي مون آزادئَ جي زيور طور پاتيون آھن.مون کي محبت آھي ، پنھنجي عقل ۽ شعور جي روشني ۾ ڪيل فيصلن سان.
سيد کي ھر دفعي گرفتار ڪيو ويو ۽ ھر ڀيري کائنس اھو ساڳيو جواب ٻڌو ويو.
اھڙئَ ريت جي ايم سيد کي پاڪستاني حڪمرانن زيوس ديوتا تي ايمان آڻڻ ۽ غلامئَ جي زندگي قبول ڪرڻ لاءِ،ھن ملڪ جي اونداھئَ جي پرستار حاڪمن اٺ ڀيرا گرفتار ڪيو ۽ انگريزن ۽ سندس ڇاڙتن حڪمرانن پورا پنجاھ ساک سيد جي خط ڪتابت تي چوسڪي رکي.
جڏھن ڪراچي کي سنڌ کان ڪٽڻ جي سازش ٿي ته سيد ھن ملڪ جي فرضي خدا جي ان فيصلي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ سنڌي قوم کي ان سازش کان خبردار ڪرڻ لاءِ ، سنڌ جي دوري تي نڪتو کيس 18 جون سن 1948ع تي گرفتار ڪيو ويو۽ ٽي مھينا بند رکي 18 آگسٽ تي آزاد ڪيو ويو. آزاد ڪرڻ مان مقصد اھو ھون ته شايد ھو جيل ۽ ڪفر جي فتوائن کان ڊڄي ، اسان جي ڪنھن ڪڌي ڪم ۽ وطن دشمن ڪاروائي جي مخالفت نه ڪري، پر جڏھن حڪمراني ٽولي پنھنجي فرضي ديوتائن ۽ آقائن کي وڌيڪ خوش ڪرڻ لاءِ ون_يونٽ جو رسواءِ زمانه منصوبو تيار ڪيو ۽ ان تي عمل ڪرڻ جون تياريون ڏسي ، سيد سنڌي قوم کي سندس وجود خلاف ٿيندڙ سازش کان آگاھ ڪيو ۽ اعلان ڪيوته انھئَ منصوبي خلاف اسان ھر طرح مزاحمت ڪنداسين. سيد جي انھئَ اعلان کان گھٻرائجي حڪومت ون_يونٽ ٺھڻ کان ٻارھن مھينا اڳ 3 نومبر 1954ع ۾ سيد کي قيد ڪري جيل ۾ رکيو . جڏھن ملڪ ۾ ايوب خان مارشل لا لاڳو ڪيو. ان وقت به جي ايم سيد کي 10 آڪٽوبر سن 1957ع ۾ گرفتار ڪري ، ھڪ سال چار مھينا سينٽر جيل ڪراچي جي وارڊ نمبر 14 ۾ رکيو .
( اسان ھن وقت نمبر 13 وارڊ ۾ آھيون. جيڪو سائين جي وقت ۾ زنانو وارڊ ھيو.) ۽ پوءِ صحت جي خرابي  جي بنياد تي گھر ۾ ڇھ سال ٽي مھينا نظربند رکي 12 فيبروري 1966ع تي آزاد ڪيو.نظر بندئَ کان نڪرڻ شرط سائين “ بزم صوفياءِ سنڌ” ٺاھي عوام ۽ قومي شعور پيدا ڪرڻ شروع ڪيو، ته وري کيس 23جون سن 1967ع تي گرفتار ڪري گھر ۾ نظربند ڪيو ويو، اھا نظربندي سال اٺ مھينا ھلي ۽ 23جون سن 1967ع ۾ سنڌي عوام جي زبردست احتجاج جي تحريڪ ڪري کيس آزدي ملي.
جڏھن بنگلاديش ۾ فوجي قدم کنيو ويو، ان وقت فوجي آپريشن ھلندي جي ايم سيد کي 18 مئي سن 1971ع ۾ گھر تي اٺ مھينا نظربند رکي ڊسمبر سن 1971ع ۾ بنگال جي آزادئَ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو.
جڏھن سنڌ ۾ سنڌي زبان خلاف غنده گردئَ جو مظاھرو ٿيو، ان وقت سيد سنڌي عوام کي پنھنجن حقن جي حاصلات لاءِ منظم ۽ متحد ڪرڻ خاطر سنڌ جي دوري تي نڪتو . انھئَ ۾ کيس مسلم ڪاليج اندر بم اڇلائي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ، پر جڏھن سيد قاتلانه حملن جي ڪري به پنھنجو پروگرام منسوخ نه ڪيو ، تڏھن کيس آگسٽ سن 1972ع ۾ گرفتار ڪري گھر ۾ نظربند ڪيائون ۽ پنج مھينا نظربند رکڻ کان پوءِ، کيس جنوري سن 1973ع ۾ آزاد ڪيو ويو. انھئَ آزادي جو عرصو چار مھينا کن ئي مس ھليو وري کيس 6مئي سن 1973ع ۾ گھر اندر نظربند ڪيو ويو، ۽ اھا نظربندي ھنن سٽن جي لکڻ تائين جاري آھي.
اھڙي ريت سيد کي پاڪستان جي تاريخ ۾ اٽڪل طور پندره سال جيل ۾ رکيو ويو آھي . پر ھن جيل کان گھٻرائجي ، ڊڄي يا ھيسجي پنھنجي پروگرام ، اصول ۽ نظرئي تان دستبرداري تي ھڪڙي سيڪنڊ کاءِ به نه سوچيو آھي.

سچ چيو آھي ڪنھن شاعر :
 ”ھي جو پوڙھو جھور ، وڙھندي ٿيو ويڙھ ۾،
اڃان به ڏمري ڏاڍ تي ، آڻ نه مڃي مور.“

ڪتاب جي ايم سيد
ليکڪ عبدالواحد آريسر
پيج نمبر 163کان 169 تائين

سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ ـ رھبرِسنڌ سائين جي ايم سيد

سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ ـ رھبرِسنڌ سائين جي ايم سيد

آزاديءَ جي تمنا

اها سنڌين جي ڪردار جي خاص نشاني آهي، ۽ تاريخ  ان تي شاهد آهي  ته جيڪڏهن ڪنهن وقت ڌارين مٿن زوريءَ يا  اندروني بي اتفاقيءَ ڪري تسلط قائم ڪيو آهي ته به جلد يا بدير، موقعي ملڻ تي هنن غلاميءَ  جو ڳٽ ڳچيءَ مان لاهي پئي ڇڏيو آهي.  ايراني، يوناني، عرب، مغل ۽ انگريز سامراجن وقتي مٿن  قبضو رکيو، پر نيٺ انهن کي ڪڍي، وري سنڌين آزادي حاصل ڪئي آهي
  سنڌيجي ڪلاسيڪل شاعرن هميشه آزاديءَ جا گيت پئي ڳاتا آهن. مارئيءَ جو عمر ڪوٽ جي بند کان آزاديءَ جو ذڪر، دودي سومري جي بهادريءَ جا راتين جون راتيون جي اڳي قصا بيان ڪرڻ، موجوده شاعرن جا سنڌ جي آزاديءَ لاءَ شعر لکڻ، سنڌي  ڪردار ۾ آزاديءَ جي امنگ جي سدا حيات هئڻ جا ڪجھ مثال آهن
هن وقت  جڏهن اسلام، پاڪستان، مسلم قوم، اسلامي نظام حڪومت جي ڌوڪن سان مهاجر پنجابي سامراج، سنڌ کي غلام  بڻائي ان تي پنهنجو تسلط قائم ڪيو آهي، ته سنڌي شاعرن صاف چيو ڇڏين ته


نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي
دوکــي جـــــــي ديـــــوار، وويــــــــار!
ســنــڌڙي کــي سـر ڪير نه ڏيندو
(اياز)    
 
سنڌوديش ننڍو ملڪ
سنڌديش کي غلام رکڻ وارا مهاجر پنجابي سامراججا دلال ۽ ايجنٽ چون ٿا سنڌوديش ننڍو ملڪ آهي، تنهن ڪري آزيدي ممڪن ناهي، انهيءَ سلسلي ۾ پهرين ڳالھ هيءَ آهي، ته سنڌوديش ننڍو ملڪ نه آهي، بلڪه اقوام متحده جي 135 ميمبر ملڪن مان 91 جي، هيٺ نقشي ۾ ڏيکاريل آهن، ڪيترين ڳالهين جهڙوڪ ايراضي، آدمشماري يا پيدائش ۾، وڌيڪ آهي، هن کان گهڻا ملڪ آزاد مملڪيون ٺاهيو، اقوام متحده جا ميمبر بڻيو ويٺا آهن. سنڌوديش جي ا يراضي 56447 چورس ميل آهي. ان جي آدمشماري 1،40،00000 ماڻهن تائين پهچي ويئي آهي. ان مان صوبي خواھ مرڪز کي 500 ڪروڙ روپيا ساليانا ٽيڪس ملن ٿا
  جيڪڏهن ڪويت ۽ قطر جهڙن ملڪن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، اهي سندن گهٽ ايراضي ۽ آدمشماريءَ ۽ انڪم جي باوجود اقوام متحده جا ميمبر بڻجي سگهن ٿا، ته سنڌ ڪهڙو ڏوھ ڪيو، جو مسلم قوم اسلام ۽ پاڪستان جي نالن کي  کيس آزاديءَ کان محروم رکيو وڃي ٿو!
سنڌ پڻ آزاديءَ بعد ترقي ڪري، انڪم وڌائي، انهن جيتري يا انهن کان به وڌيڪ انڪم ڪري سگهي ٿي. سنڌوديش کي ائين ننڍي ملڪ هجڻ جي طعني هڻندڙن  جي ان ڳالھ کي صاف ڪرڻ کانپوءِ، ان مان هنن جيڪي خدشا ظاهر ڪيا آهن، انهن جي وضاحت پيڻ ڪرڻ لازمي آهي ـ

 ڀارت جا سنڌي

جيڪڏهن سنڌ مان لڏي ويل سنڌي هندو، پنهنجي هر قوم سنڌين کي مدد ڏين ۽ ڀارتي سرڪار کي مجبور ڪري، سندن مظلوم سنڌي ڀائرن جي مدد لاءِ تيار ڪن، ته ان ۾ ڪهڙو ڏوھ آهي اها فطري ڳالھ آهي، سنڌ جي آزاديءَ بعد گهڻا سنڌي هندو، جي هن  وقت ڀارت اندر چڱي جائداد ۽ نوڪريون حاصل ڪري ويا آهن، سي شايد پوئتي موٽي نه اچن. پر جيڪي موٽي ايندا سي اهي هوندا، جن  کي وطن لاءِ  محبت هوندي ۽ هو صرف ان جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ايندا ۽ استحصال لاءِ نه ايندا، هن وقت ڀارت جي سماجي زندگيءَ ۾سمائجي ويا آهن. ممڪن آهي، ڪيترا منجهانئن نه اسان جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ دلچسپي وٺن، ۽  نه وري اتان ٺهيل ٺڪيل زندگيءَ کي ڇڏي موٽي هتي اچن. هتي صرف اهي ايندا، جن کي اسان جي قومي آزاديءَ ۾ اصولن ڪري همدردي  هوندي. اهي جنگ آزاديءَ ۾ شامل ٿيڻ ڪري، سنڌ ۾ اسان سان هڪجهڙا حصيدار ٿي سگهن ٿا ـ


پاڪستان سنڌين لاءِ جيل کان بدتر

پاڪستان سنڌ ۽ سنڌين لاءِ جيل کان بدتر آهي. شاھ صاحب فرمايو آهي ته: ـ
قسمت قيد ڪياس، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾
ان ڪري سنڌين جي، پاڪستان جي ڊهڻ ، سنڌوديش جي آزاد ٿيڻ جي خواهش فطري آهي.  امير خسروعليه الرحمت فرمايو آهي ته: ـ
ڪافر عشق مسلامني مرادرڪار نيست
هر رگ من  تار گشـت حاجـت زناز نيست
 يعني عشق جو ڪافر آهيان. اوهان جي مسلمانيءَ جي مون کي ضرورت نه آهي. منهنجي رڳ رڳ جڻيا ٿي ويئي آهي
هاڻ سنڌيان حالت تي پهتا آهن، جو مهاجر پنجابي غلامي هيٺ رهڻ کان منڪر ٿي چڪا آهن. پاڪستان جيڪڏهن بهشت آهي، ته آزاد سنڌ وارو دوزخ کين وڌيڪ قبول آهي. سنڌين لاءِ اها خوشي ٿوري ٿيندي ته هن غلاميءَ کان آزاد ٿي ۽ خودمختياري بنجي اقوام متحده جا ميمبر بنجن ـ

سنڌوديش جي قيام مان فائدا

سنڌ ۽ سنڌي هزارين ورهين کان جدا ملڪ ۽ قوم رهيا آهن، انهيءَ ڪري هنن جي آزاديءَ، فطري ڳالھ ۽ سندن جنم جو حق آهي، جيڪڏهن پکيءَ کي هڪ طرف سوني پڃري ۾رکي، طرح طرح جا طعام کارائجن ۽ ٻئي طرف ٻاهر آزاديءَ جي هوا کي، سوني پڃري ۾ صدها نعمتن کان وڌيڪ پسند ڪندوـ
عمر  بادشاھ مارئيءَ کي زوريءَ کڻي، محلات ۾ اچي رهايو هو. جتي طرح طرح جا طعام ريشمي ۽ زربفت جا ڪپڙا، عاليشان محل ۽ سوين سکن جا سامان موجود هئا. پر مارئيءَ کي سدائين  پکن، جهوپڙين، پنهوارن لنبن، لاڻن، ڏٿ، کٿن، ۽ لوين ۽ ڦاٽل ڪپڙن جي ياد ستائيندي رهندي هئي. سدائين دعائون گهرندي هئي ته شال! موٽي ملڪ وڃي، مارن سان ملي. هوءَ سدائين ڪوٽن جي ڪرڻ ۽ تالنجي ٽٽڻ لاءِ دعا گهرندي هئي ۽ چوندي هئي ته: ـ
ايءَ نه مارن ريت،  جو سيڻ مٽائين سون تي

البت پاڪستان کي ختمڪري سنڌوديش قائم ڪرڻ لاءِ سنڌين کي وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. هي مهاجر پنجابي سامراجي، جن کائي ڏٺو آهي، سي مٿي مارائي کانسواءِ سنڌ کي آزاد ڪرڻ نه ڏيندا. تنهن ڪري آزاديءَ لاءِ قربانيون ڏيڻ ضروري آهن. هيڪر تباهي ايندي، پوءِ فائيدا حاصل ٿيندا ـ

الف:  سنڌ جا صل رهاڪو جن مان ڪي عرب نسل جا، ڪي بلوچ، پٺاڻ، ڪي گجراتي، ڪي پنجابي هئا، سي سنڌ ۾ رهڻ بعد ان جو ڪلچر ۽ زبان اختيار ڪري ويا آهن
ب: سنڌي هتي جا ڄاول نپنل آهن، سندس وڏا هن ملڪ ۾ دفن ٿا آهن.انهن کي ملڪ سان اڪيچار محبت ٿي ويل آهي. اهي سنڌ جي زبان، ڪلچر، روايات، سياسي مفاد ۽ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪندا رهن ٿا
ت: سنڌين مان جيڪڏهن ڪي واپار، گذر معاش خاطر ملڪ کان ٻاهر ويندا هئا ته به اتان پئسا ڪمائي خرچ اچي سنڌ ۾ ڪندا هئا
ث: سنڌين ٻئي ڪنهن ملڪ ۽ قوم تي حملو نه ڪيو آهي.نه وري ڪنهن جو استحصال ڪيو آهي


پنجاب
سنڌ ۾ 26 سال رهڻ جي باوجود هو نه سنڌي زبان سکيا آهن، نه ان جو ڪلچر اختيار  ڪيو اٿن. مورڳو سنڌي زبان ۽ ڪلچر جي منظم طريقي سان ختم ڪرڻ جي پٺيان اچي پيا آهن. سنڌ جي پاڻي پيئڻ، کاڌي کائڻ ۽ ان ۾ جاءِ پناھ ملڻ جي باوجود انهن پاڻ کي لکنوي، بديوني، دهلوي سڏائي ڪراچيءَ ۽ ٻين وڏن شهرن تي غير سنڌين جا نالا رکي، ان جي قديم روايات کي مٽائڻ جو گناھ ڪيو آهي

پنجون دليل سنڌي عوام کي مهاجر پنجابي سامراجي ۽ سندن ايجنٽ، پنهنجي تسلط  هيٺ رکڻ لاءِ، اهو ڏين ٿا ته پاڪستان دنيا جي وڏي اسلامي سلطنت آهي، انهيءَ کي ٽوڙڻ ڪري اسلام کي نقصان پهچندو. اها ڳالھ به سراسر غلط آهي، پاڪستان دنيا جي وڏي اسلامي سلطنت نه آهي، انڊونيشيا، روس چين ڀارت ۽  بنگلاديش ۾ هن کان وڌيڪ مسلمان رهن ٿا
اهو به صحيح نه آهي ته پاڪستان جي ٽٽڻ ڪري، اسلام کي نقصان پهچندو. پاڪستاني حڪومتن جو اسلام سان واسطو ڪونه رهيو آهي. اهڙا نعرا حڪمران طبقي، سنڌي عوام جو توجھ ملڪ جي حقيقي مسئلن، جهڙوڪ سنڌي قوم ۽ سنڌوديش جي آزاديءَ، ترقيءَ ۽  تعمير کان هٽائي، سندس سامراج ۽ استحصال قائم رکڻ لاءِ هنيا ٿي
مون کي پتو آهي ته سنڌين مان ڪيترائي اهڙا آهن، جي هر حاڪم اڳيان پاڻ کي  ڪمزور سمجهي، پنهنجي غلامانه ذهنيت سبب ناچارگيءَ جو دليل پيش ڪندا آهن. اهي انگريزن جي ڏينهن ۾ به هئا، ۽ هاڻي به آهن، پر انهن جي موجودگي ڪڏهن به حق  جي آواز کي جهڪو ڪري نٿو سگهي. سنڌي هزارن سالن  کان جدا قوم رهيا آهن ۽ هر ٻاهرئين تسلط کان آزادي پئي حاصل ڪئي اٿن هن سامراج کان به آزادي حاصل ڪري ويندا. تاريخ ثابت ڪري ٿي ته آخر فتح حق وارن کي نصيب  ٿئي ٿي ـ

محبت
انساني ۽ حيواني ڪردار ۾ اهو تفاوت آهي ته پهرئين ۾ محبت کي اتحاد ۽ امن جو رهبر سمجهي، ان موجب زندگيءَ جو ڪاروبار هلايو وڃي ٿو. ٻئي ۾ خود مطلبيءَ جو اثر هيٺ نفرت جي راھ وٺڻ ڪري، بدمني ۽ فساد پيدا ٿين ٿا. سنڌين جي سياست، سماجي دستورن ۽  مذهبي عقيدن تي محبت جو جذبو حاوي رهيو آهي. سنڌ جي درويشن جو اهو ئي پيغام هو، بقول شاھ عبداللطيف عليه : ـ
ڪونهي آ ڳھ اهڙو، جهڙي محبت من

مهمان نوازي
سنڌين ۾ مهمانوازي گهر ڪري ويٺل آهي، ڳوٺ ۾ ڪنهن مسڪين وٽ اتفاق سان ڪو مهمان گهر لنگهي آيو، ته ٻارن جا هٿ جهلي به کاڌو کيس ڏيندا آهن. جي گهر ڪجھ  به نه هوندو اٿن، ته قرض کڻي به ان کي کارائيندا آهن، ٻاهران آيلن جي اهڙيءَ طرح مرحبا ڪري سِٺو به گهڻو اٿن. ان ڪري وٽن مثل مشهور آهي ته: ـ
آئي ٽانڊي ڪاڻ، بورچياڻي ٿي ويٺي

سنڌين ۾ قومي بيداري پيدا ٿي رهي آهي. ان ڳالھ کان انڪار ڪرڻ، حقيقتن کان منهن موڙڻ جي برابر ٿيندو ته سنڌ جي مٿاهين طبقي جي اڪثريت مهاجر پنجابي سامراج  جي ڊپ ۽ لالچ ڪري، انهن جي پويان هلي رهي آهي پر جهڙيءَ طرح هو لالچ خاطر  ڌارين جا  پوئلڳ ٿي رهڻ لاءِ تيار آهن، ساڳيءَ طرح سان هو سنڌين جي هٿ ۾ طاقت اچڻ بعد، انهن جي پوئلڳيءَ ۽ فرمانبرداريءَ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا . هي ابن الوقت هميشه حالتن کي ڏسي، ڍنڍ جي پکين وانگر، ساون سرن ڏي رخ بدلائيندا آهن

پوليس کاتو
پوليس کاتي جي ماڻهن کي پريڊ ڪرڻ، چورين جي ڳولا ڪرڻ، جاسوسي ڪرڻ، ٽريفڪ جو ڪنٽرول ڪرڻ، فسادن کي روڪڻ، بندوق هڻڻ وغيره جا ڪم سپرد ٿين ٿا. نظام اسلاميءَ جا طرفدار ٻڌائي سگهندا ته هو اهو ڪم ملن جي حوالي ڪندا، يا پوليس عملدارن جي مٿان هدايتن لاءِ مُلن کي مقرر ڪري ڪم هلائيندا ـ

   پاڪستان ۾ مثالي حڪومت قائم ڪرڻ
ـ هتي انسانن جا بنيادي حق محفوظ نه آهي
ـ هتي ننڍين قومن تي مهاجر پنجابي استحصال جاري آهي
ـ هتي رشوت ستاني عام جام آهي
ـ نشو ۽ شرابخوري، ننڍي پيماني کان وڏي پيماني تائين جاري آهي
ـ هتي جوا قانون جائز  آهي
ـ هتي وياجخوري هر هنڌ هلي رهي آهي
ـ هتي بليڪ مارڪيٽي، سمگلنگ، چوريون، ڌاڙا بند نه ٿي سگهيا آهن
ـ هتي بيگناھ ماڻهن کي، ، مختلف راءَ رکڻ  ڪري، بنا ڪيس هلائڻ جي سزائون ڏنيون وينديون آهن
ـ هتي بدڪردار، ڌوڪيبازي، بداخلاق ۽  فرعون صفت سياستدانن کي عوام جو ليڊر ڪوٺيو وڃي ٿو
ـ هتي بک ۽ بيروزگاري ۽ ڊاڪ زني عام جام آهي
ـ هتي ظلم ، استحصال رواجي ڳالهيون آهن
 

سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ ـ رھبرِسنڌ سائين جي ايم سيد

Friday, 8 July 2011

نالي ماتر انقلابي ــ ليکڪ آصف علي

نالي ماتر انقلابي ــ ليکڪ آصف علي

انقلابي سوچ ۽ عمل ۾ ڪافي فرق هوندو آهي،ڪنهن تبديلي لاءَ صرف انقلابي سوچ ڪافي ناهي هوندي،لينن
لکيو آهي (عمل کان بغير خالي سوچ بيڪار آهي جهڙي طرح هڪ عورت تا آهي پر ان ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت نا هجي)ساڳي ريت عمل کان بغير صرف انقلابي سوچ رکندڙ نوجوان ان عورت وانگر آهي جنهن جو لينن مٿي اشارو ڏنو آهي. دوستو!انقلاب صرف سوچ جو نالو ناهي پر انقلاب عمل جو نالو آهي،پر اسانجو سنڌي نوجوان صرف انقلابي سوچ رکي پاڻ کي هيمون ڪالاڻي، هوش محمد شيدي ،چي گويرا ،کان گهٽ ناهي سمجهندو.پر اهو ساڳيو نوجوان پاڻ کي چي گويرا سان ڀيٽيندو تا آهي پر چي گويرا جي ويڙه واري عمل کان گهڻو پري بيٽو هوندو آهي،مون هڪ دوست کان پڇيو توهان هڪ سياسي تنظيم جا ميمبر آهيو،توهان سنڌ جي آزادي ڪهڙي طريقي سان حاصل ڪندو؟هن يڪدم چيو اسان هن  رياست کي ٽوڙي هڪ الڳ رياست ٺاهينداسين،مون هن کي چيو ڀلا هن ايڏي وڏي ڪم لاءِ توهان ڪو گراونڊ ورڪ ڪيو ٿا؟هن چيو نا!مون چيو ڪا اسٽڊي سرڪل ،ڪا نظرياتي تعليم ۽ تربيت؟هن چيو نا ادا!!مون هن کي چيو ادا پوءَ رياست جلدي ٽٽندي.
ڪيڏي عجيب ڳاله آهي اسانجو نوجوان ۽ قومي پارٽين جو ورڪر صرف اها سخڻي خواهش رکي ٿو تا هن رياست کي ٽوڙينداسين،خواهش تا ٻار بي ڪندو آهي تا ڪاش چنڊ مهنجي هٿن ۾ هجي،پوءَ ڇا چنڊ ٻار جي هٿن ۾ هوندو آهي.لينن ،ماوزيتنگ،گانڌي صرف خواهش ڪن ها تا ڇا هنن جو وطن ۽ قومون آزاد هجن ها؟؟؟سنڌ جي سڀني قومي ڌڙن سنڌي نوجوانن کي ڪيترو انقلابي ٺاهيو آهي ؟سنڌ جي قومي تحريڪ پهنجي ڪيڊر کي ڪيترو مظبوط ٺاهيو آهي؟دنيا جي انقلابي سياست کان اسان جو قومي ورڪر ڪيترو واقف آهي؟تمام گهڻي تڪليف ٿيندي آهي جڏهن سنڌ جي نوجوان کي سياسي اصولن،سياسي تربيت،تنظيم جي اصولن کان غيرواقف ڏسندا آهيون.!!تنظيم ڇا ٿيندي آهي،تنظيم ڪاري ڇا هوندي آهي،سنڌ جي غلامي ڇا آهي سنڌ جي غلامي جي تاريخ ڇا اهي اها سموري ڄاڻ جيڪڏهن اسان کي حاصل ڪرڻي آهي تااسان کي جي.ايم ازم کي صحيح طريقي سان سمجهڻو پوندو.سنڌ جي قومي سياست کي ٻيهر اسٽڊي  ڪرڻو پوندو،مان هن مضمون ۾ قومي تحريڪ جي تاريخ جو مختصر احوال ڏيڻ کي ضروري سمجان ٿو.
 80 وارو ڏهاڪو جيئي سنڌ تحريڪ جو عروج جو دور هيو، هن دؤر ۾ عبدالواحد آريسر، تاج جويو، رسول بخش ٿيٻو، خالق جوڻيجو ۽ ٻين گڏجي ”پڙاڏو“رسالو ڪڍي قومي ڪارڪنن جي نظرياتي ۽سياسي تعليم تربيت ڪئي ۽ جيئي سنڌ مٿان ٿيندڙ حملن جو نظرياتي دفاع ڪيو.
1983ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جون مرڪزي چونڊون ٿيون جنهن ۾ شفيع محمد ڪرناڻي صدر ۽ فيض الله پيرزادو جنرل سيڪريٽري چونڊجي  ويا. ان بعد 1984ع ۾ گل محمد جکراڻي صدر ۽ ڊاڪٽر اديب انقلابي جنرل سيڪريٽري چونڊيا ويا. 17 آڪٽوبر 1984ع جو ڏينهن سنڌ جي قومپرست سياست ۽ شاگرد سياست جو اهم ترين ڏينهن آهي جڏهن سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي ۽ ايل. ايم. سي جا شاگرد گل محمد جکراڻي جي اڳواڻيءَ ۾ ٻن بسن ۾ سوار ٿي لاڙڪاڻي ۾ هڪ سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا جن کي ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ فوجين روڪي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ڪجه قومي ڪارڪن شهيد ٿيا، 20 کن شاگرد زخمي ٿي پيا ۽ ڪافي شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته گل محمد جکراڻي، ستار موريو، ڊاڪٽر دودو مهيري، سڪندر ميراڻي، سلمان جتوئي، عمرالدين زرداري، نظير تنيو ۽ اقبال تنيو کي ڪافي عرصي تائين جيل ۾ وڌو ويو،1991ع ۾ ”جيئي سنڌ تحريڪ“ جو باقائده عوامي سطح تي بنياد پيو جنهن جو پهريون صدر گل محمد جکراڻي، نائب صدر بشير خان قريشي ۽ جنرل سيڪريٽري صفدر سرڪي کي چونڊيو ويو
 25 اپريل 1995ع تي سائين جي. ايم. سيد جي وڇوڙي بعد جيئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد پيو. جنهن جو چيئرمين عبدالواحد آريسر ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري بشير خان قريشي کي چونڊيو ويو.
1995ع کان 2000ع تائين جسقم سنڌ جي واحد قومي نمائنده جماعت طور اُڀري سامهون آئي. هن سڄي دؤر ۾ جسقم جي نئين چونڊيل چيئرمين بشير خان قريشي پوري سنڌ۾ جيئي سنڌ هلچل کي عوامي سطح تي پهچايو.. پر 2000ع ۾ جسقم ٽٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. جنهن کان ٽٽل ڌڙو ”جيئي سنڌ متحدا محاذ“ جي نالي جي صورت ۾ اڳيان آيو. جسمم اڳتي هلي سنڌ جي آزادي لاءِ ”عدم تشدد جي پاليسي“ تبديل ڪري هٿياربند ويڙهه جو طريقه ڪار اپنايو.
2010ع تائين جسقم مان لڳاتار ڌڙا ڌارٿيندا رهيا، جن اڳتي هلي سنڌ جي قومي(انقلابي سياست) کي مختلف ڌڙن ۾ تقسيم ڪيو (جسقم آريسر)، جسم (زين شاهه)، جسم (رياض)، جيئي سنڌ تحريڪ (صفدر سرڪي) جي نالي ۾ نين نين پارٽين جي صورت ۾ سامهون آيا. جن جسقم کان ٽٽڻ کان پوءِ به سياسي پاليسي ساڳي ئي ”عدم تشدد“ واري برقرار رکي. جيئي سنڌ جي نئين مڌر پارٽين جي وجود ۾ اچڻ ڪري جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جيڪا سائين جي. ايم. سيد جي دؤر ۾ هڪ کان وڌيڪ پارٽين هئڻ باوجود هڪ ئي هوندي هئي) به هاڻي ڇهن ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي.
جڏهن سياسي پاليسي عدم تشدد ساڳي آهي، آزاد سنڌ جو مقصد ساڳيو آهي تهن جي باوجود ايتريون ساريون پارٽين ڇو؟؟؟ ڇا اها سنڌ جي قومي ايڪي جي ورهاست نا آهي؟ڇا هن عمل سان سنڌ جي شاگرد سياست ڪمزور نا ٿيندي!!!بلڪل هن ڳاله کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي،سنڌ جي شاگرد سياست تا بلڪل تباه آهي،جهن جي تباهي جو سبب رياستي هٿ نا بلڪ اسان جون قومي پارٽيون آهن،جيڪي پهنجن ورڪرن سان ڪميٽيد ناهن،جيڪي سنڌ جي قومي وحدت سان بي ڪميٽيد ناهن.آخر ڇو سنڌ جي قومي سياست چاڪي جي ڏاند وانگر هڪ هنڌ گول ڦري ٿي اڳتي ڇونٿي وڌي؟؟ 
سياست هڪ وسيع علم آهي جهن جو مطالعو نهايت ضروري آهي،اڄ جي دور ۾ سياست ۾ هي اسان جي اشوز جو حل آهي،ٻي ڳاله تا سياسي پاليسي ۽ اشوز تي سياست الڳ شيون آهن،پر اسان جا قومپرست هر اشو تي يڪدم چوندا آهن تا اسان عدم تشدد جا حامي آهيون،پوري دنيا جي انقلابي سياست ۾ ڪهن بي پارٽي وٽ عدم تشدد جي پاليسي ناهي رهي،سواءَ گانڌي جي،پرسياست ۾ هميشا هڪ پاليسي ناهي رهندي،ڪو قراني آيت يا حديث ٿوريءَ آهي جو تبديل نٿي سگهي!!!اسان وٽ جڏهن نوجوان عدم تشدد جي سياست مان بيزار ٿيو تا هن هڪ ٻيو رستو اختيار ڪيو ناهي ويڙه سواءَ ٻي ڪا واٽ جو.پر هن رستي ۾ نوجوانن کي انسپايريشن تا تمام گهڻي ملي،مان سيد جو ۽ سنڌ جو قسم کڻي چوان ٿو تا مون کي بي گهڻي ملي...پر صرف انسپايريشن ان کان وڌيڪ ڪجه نا!!!مون کي ياد آهي جڏهن شهيد سميع جيڪو مهنجي پاڙي جو هو ،جڏهن شهيد ٿيو ان وقت مان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هيس،اسان کي جڏهن خبر پهتي تا شهيد جو لاش پريس ڪلب حيدرآباد تي پيهتو آهي ان وقت اسان جلدي پريس ڪلب پهتاسين ،تمام شديد ڏک ٿيو افسوس بي ٿيو تا ان وقت اسان جون ڪجه عدم تشدد جو تاج پاتل قومپرست بلڪل ڪنڊ وٽي ويهي رهيا،جيتريون ڳالهيون اوترا وات
بحرحال ان وقت کان اڄ بي حالتون تبديل ناهن ٿيون،سنڌي ماڻهو اج بي قومي سياست کان گهڻو پري بيٺو آهي.آخر ڇو!!جهن جو بهتر جواب اسان جا قومپرست ڏيندا تا بهتر ٿيندو(،دل نااميد هي ناڪام تو نهين ،لمبهي هي غم کي شام ،مگر شام هي تو هي ـفيض)
سنڌي نوجوان جو مزاحمتي عمل جيڪو اسان لاءِ هڪ اهم هٿيار ثابت ٿي سگهي ها جيڪڏهن هي عمل هڪ منظم طريقي سان هلي ها،سنڌ جي ناڪام ٿيل قومپرست سياست لاءِ هڪ اهم هٿيار جيڪو اسان جا قومپرست پهنجي سياسي حڪمت عملي سان استعمال ناهن ڪري سگهيا،جيڪا اسان جي ناڪامي جو اهم ثبوت آهي.اڄ جي شاگرد سياست اسان لاءِ آيڊيل سياست جو عملي روپ ڌاري ناهي سگهي،اسان هر سال چار مارچ تا وڏي جوش و خروش سان ملا هيندا آهيون پر اڄ جي هن ڌور ۾ ڇا چار مارچ جي ان تحريڪ کي ٻيهر رقم نٿو ڪري سگهجي؟چا چار مارچ صرف اسان جو ماضي رهندي؟؟ڪهن بي قوم جي ترقي جو ڌارو مدار ان قوم جي نوجوان تي هوندو آهي . قومي تضاد ايترو تا شدت اختيار ڪري چڪو آهي جو هاڻي اسان جو دانشور بي قومي تحريڪ جي بحث ۾ شامل ٿي چڪو آهي،پر اهو دانشور صرف بحثن ۾ پهنجو پاڻ کي دانشور ثابت ڪرڻ لاءِ تيار آهي ان کان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار ناهي،جڏهن اسان جو دانشور تيار ناهي تا قومي سياست کي اثرايتي واٽ ڪير ڏسيندو!!
 بنگلاديش جي آزادي جي تحريڪ ۾ شاگرد سياست جو ڪهڙو ڪردار هو ان کان اسان جا قومپرست دانشور ۽ نوجوان واقف آهن،پر سنڌ جي موجوده قومي سياست ۾ اسان جو نوجوان ايترو بيوس ڇو آهي!!تازو سانگهڙ واقعو جهن جو ڏک پوري سنڌ جي نوجوانن ۽ سياسي ڪارڪنن کي اڄ بي دل ۾ آهي پر ان جو ري ايڪشن ڪهڙو ٿيو؟مان مڃان ٿو تا اسان جون قربانيون تا سنڌ ڌرتي لاءِ آهن پر انهن قربانين سنڌ جي عوام کي قومي تحريڪن جي ڪيترو ويجهو آندو آهي.اڄ اهي جيڪي ماضي جا قومي ڪردار هيا اڄ اهي صرف ماضي جا مزار وڃي رهيا آهن،اڄ اهي ڪٿي آهن جن قومي تحريڪ جي سياست کي پيهنجو ايمان سمجهو،ڪٿي آهي گل محمد جکراڻي، دودو مهيري ،ستار موريو خالق جوڻيجو؟؟ڇا انهن جو ايمان واري جو هو جو هٿن مان ڇڻي ويو.مان سنڌ جي قومي تحريڪ جي سڀني ڌڙن کي سنڌ ماتا جو قسم ڏيان ٿو ۽ رهبر سنڌ جي ان ايمان جو واسطو ڏيان ٿو تا سنڌ سان وفادري رهبر ۽ قوم سان وفاداري آهي ان وفادري کي پهنجن مفادن خاطر قربان نا ڪيو.رهبر سنڌ سائين جي. ايم. سيد هميشا چوندو هو تا جيڪڏهن اسان پيهنجي سنڌ امڙ سان وفادار نا ٿياسين تا اسان جو حشر ريڊانڊين ۽ اڇوتن وارو ٿيندو.مان سڀني قومي ڌڙن کي اهو عرض ڪندس تا صرف سنڌ ۽ قوم خاطر پهنجا اختلاف ختم ڪري قومي ايڪي جو ثبوت ڏيو،توهان جيڪڏهن قومي ايڪي جو بنياد وڌو تا اسان سنڌين لاءِ اهو قومي اعزاز کان گهٽ نا هوندو.

نه روئڻ پٽڻ ۾ اسان جو علاج،
نه دانهون ڪرڻ ۾ اسان جو علاج،
دنگن لاءِ، ننگن لاءِ وطن جي حدن لاءِ،
اُٿي پئون اٿڻ ۾ اسان جو علاج
(استاد بخاري)