Wednesday, 24 August 2011

اڳيان اڏن وٽ پوين سر سانباھيا ( 21 اپريل 2011ع جو واقعو ) موھن ” ٻ “



اڳيان اڏن وٽ پوين سر سانباھيا
21 اپريل 2011ع جو واقعو
موھن ” ٻ “
سانگھڙ جي سنسان روڊ تي خاڪي وردي وارا ھڪ ڪار کي روڪي ويٺل مٿان گولين جو مينھن وسائين ٿا ڪار گولين سان ڇاڻي ٿي وڃي ٿي ۽ ويٺل جا جسم پروڻ ٿي وڃن ٿا پر پوءِ به خاڪي وردي وارن کي کائن خوف ٿي رھيو ھيو ان ڪري ھنن ھٽلر جي پر ڀاڙيندي ڪار مٿان ڪيميڪل ھاري باھ ڏئي ڇڏي، ڪار مان باھ جا شعلا اٿڻ لڳا جن گولين سان پروڻ ٿيل جوڌن جي جسم کي جلائڻ شروع ڪريو ان وقت ڪار سوارن مان ھڪ ڄڻي کي ھوش اچي وڃي ٿو ان جو سڄو جسم سڙيل ھو. ھُو ڪار مان نڪري ھيٺ ڪري ٿو مدد لاءِ پھچندڙ ڳوٺاڻن کي گاڏي مان باھ جون ڄڀون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ سنڌو ديش جا نعرا ڪنن ٻرڻ لڳن ٿا. ڳوٺاڻا پھچي ڏسن ٿا ته گاڏي سڄي سڙي چڪي ھئي جنھن ڪري 3 ڄڻا ته رک جو ڍير ۾ تبديل ٿي چڪا ھئا باقي گاڏي ھيٺ ھڪ نوجوان بيھوش ھيو.جنھن جون ٽنگون باھ ۾ سڙي چڪيون ھيون. گولين سندس سڄو جسم گھاڻي وڌو ھيو. ھن ڳوٺاڻن کي ڏسي اکيون پٽيون گولين سان چچريل ۽ باھ ۾ سڙيل نوجوان نه ڪنجھيو نه ڪرڪيو. ھو ڳوٺاڻن کي ٻڌائي ٿو ته آءُ جيئي سنڌ متحده محاذ جو ڪارڪن نورالله تنيو آھيان . آءِ ايس آءِ جي ڪتن منھنجي مرڪزي اڳواڻن سرائي قربان کھاوڙ ، روپلي چولياڻي ۽ بلوچ دوست نادر بگٽي کي شھيد ڪري سندن لاشن کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو آھي پوءِ ھو ڳوٺاڻن کان موبائل فون وٺي پنھنجي يادگيريءَ سان دوستن جا نمبر ملائي کين ڪربلا جھڙي قضئي جو ٻڌائي ٿو.ڳوٺاڻن کي ھن مرد مٿير جي ھمت جرئت ۽ بھادري ڏسي ڀٽائي سائين جي ھڪ سِٽ سمجھ ۾ اچي وئي. ” جيئن سڙن تيئن سچ،جيئن سڙن تيئن سزا “ ڳوٺاڻا ھن وڍيل ، چيريل ، چچريل ۽ سڙيل نوجوان کي اسپتال ڀيرو ڪن ٿا. جتي ميڊيا جا نمائيندا پھچي وڃن ٿا جن کي سندس سڙيل گوشت جي بوءِ اچي رھي ھئي نوجوان جو سڙيل جسم ڏسي صحافين جا لڱ ڏڪي وڃن ٿا.نورالله تنيو پاڻ سان ٿيل واردات بي خوف ٿي ٻڌائي ٿو ته پاڪستان ڊاھي سنڌوديش ٺاھڻ وارو پنھنجو مقصد به بيان ڪري رھيو ھيو. نورالله تنيو جون ڳالھيون ٻڌي اُتي موجود سمورن ماڻھن کي يقين ٿي ويو ته ھاڻي سنڌي قوم گھڻو وقت پاڪستان جي غلامي ۾ نه ٿي رھي سگھي.آءِ ايس آءِ جي ڪارندن سمجھيو ته ھو اھڙي سفاڪ ڪاروائي ڪري سنڌي نوجوانن جي دلين ۾ خوف پيدا ڪري وجھندا پر شھيد نورالله تنيو ان وقت ئي سندن غلط فھميون ختم ڪري ڇڏيون رنجيت سنگھ جي ناجائز اولاد کي خبر پئجي وئي سندس واسطو اھڙن پتنگن سان پيو آھي جن لاءِ ديس خاطر وڙھي مرڻ معراج برابر آھي. جيڪي محبت جي ميدان ۾ ارواح جا آسانگا لاھي ڪڏي ڪاھي پوندا آھن. جيڪي پيار پريت ، سونھن ۽ سچ تي سر ڏيڻ لاءِ ھر وقت تيار ھوندا آھن. جنرل ڊائر جي ناجائز اولاد ڀلي ڀت ڄاڻي ورتو ھوندو اھي ئي مخدوم بلاول جو روحاني اولاد آھن.جنھن گھاڻي ۾ پيڙھجڻ لي وصالِ يار سڏيو ھيو اھڙيون  بزدلياڻيون ڪاروايون سنڌي ماڻھن کي خوف زده نٿيون ڪري سگھن.ھو ته ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ ھڪ ٻئي لاءِ گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.
اڳيان اڏو وٽ ، پوين سر سانباھا
ڪاٽ ته پوين قبول ۾ ، مچڻ ڀائين گھڻو
مٿان مھائين جا پيا نه پسي پٽ
ڪلاڙڪي ھٽ،ڪسڻ جو ڪوپ وھي.
       ان جو ثبوت ان ڏينھن شھيد جي والد نيڪ محمد تنيو پريس ڪانفرنس ۾ ڏئي ڇڏيو، ھن پنھنجي مور جھڙي پٽ جي سڄي سڙي وڃڻ تي ڳوڙھو ڳاڙڻ بدران وڏي واڪ چيو ته ” نورالله ته ھو ئي قربان کھاوڙ ۽ سنڌ جو ، پر مونکي 6 ٻيا پٽ به سنڌ لاءِ قربان ڪراڻا پيا ته اھو سوڌو سستو ڀائيندس.“
       اھيو دشمنن لاءِ پيغام آھي ته توھان ڀلي سنڌ پرستن مٿان وار ڪندا رھو پر اڏيءِ تان اڏيل اسان جو ھر رت ڦڙو ھڪ نئي باغي کي جنم ڏيندو جيڪو آخري پساھ تائين رُڪ رھنديءِ راند ۾ رھندو. شھيد نورالله جون ٻئي ٽنگون ڪاٽيون ويون تڏھن به سندس ھمٿ ۽ حوصلو قائم رھيو ھن جي جرئت ، ايثار ۽ وفا ڏسي جسمم جي مرڪزي چيئرمين محترم شفيع برفت کيس پارٽئَ جو سينئر وائس چيئرمين مقرر ڪيو. ڇاڪاڻ جو ھن عشق جا سمورا امتحان پاس ڪري ڇڏيا ھئا.شھيد روپلي ، شھيد ذوالفقار ، شھيد قربان کھاوڙ جڏھن روايتي نعريبازي سياست کان تنگ ٿي پنھنجي ساٿين سميت قومي تحريڪ جي مزاحمتي اڳواڻ جي ھٿن سان ھٿ ملايا ھئا. تڏھن ڪن صاحبِ عقل ماڻھن کين صلاح ڏيندي چيو ھو تهَ ” ھُو آپگھات واري دڳ وٺي رھيا آھن“ تڏھن علل اعلان چيو ھو ته  ”رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي واٽ باھ وارو رستو آھي ، اسان ڄاڻي واڻي ڄري ۾ پيا آھيون، اسان جي مارڳ ۾ مري پياسين ته اسان جا ڇڏيل ھٿيا کڻي اسانجا ساٿي منزل ضرور ماڻيدا ، باقي اسان جيئي سنڌ جو ڪھاڙي وارو جھنڊو کڻي غاصب حڪمرانن کي سڪيورٽي جي درخواست ته ٿا ڪري سگھون.“
       قربان ، روپلي ، ذوالفقار ۽ اعجاز جيڪو به چيو اھو ڪري ڏيکاريو. ھنن جو پير پٽي تي نه ھو ھنن سنڌ جي محبت ۾ سڀ محبتون تياڳي ڇڏيون آھن، سندن مڙسئَ ۽ ھِمٿ کي فقط شفيع برفت نه پر سنڌ پرست سارھايو ھوندو اڄ مھاراجه ڏاھر کان وٺي رھبرسنڌ سائين جي ايم سيد جي روح تائين ھر ڪو کيج مان کلي کين آفرين ڏيندو ھوندو. شھيد سرائي قربان جي وارثن به سندس حق ادا ڪندي ھن دھشتگرد رياست کان انصاف جو ڪوبه مطالبو نه ڪيوآھي ۽ نه وري قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آھي. ڇاڪاڻ جو ھي دھشتگرد رياست ۽ ان جا ادارا اسان کي ڪو به انصاف نه ٿا ڏئي سگھن . شھيدن سان انصاف ۽ رھبرسنڌ سائين جي ايم سيد جي پيروي جو ھڪ ئي رستو آھي ته ھن دھشتگرد رياست جي ڪنھن به فيصلي کي ڪڏھن به قبول نه ڪجي. ھاڻي قومي ڪارڪنن کي اھيو فيصلو ڪرڻ گھرجي ته سائين جي ايم سيد جي واٽ جسمم وٺي رھي آھي يا ٺيڪن جي موسم ۾ سنڌو ديش جي نالي کي استعمال ڪندڙ مفاد پرست مان ھڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي ـ ـ ـ ـ
کاھوڙي پيج نمبر 58

Saturday, 6 August 2011

ڪتاب جي ايم سيد ليکڪ : محترم عبدالواحد آريسر


سنڌ ۾ ڪن ليڊريءَ جي شوقينن جي عادت ٿي ويئي آھي ، جو ھو جڏھن به پنھن جي سياست جو دڪان سينگارڻ لاءِ جي ـ ايم ـ سيد تي نڪته چيني ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، ان وقت دنيا جي انھن ليڊرن جو حوالو ضرور ڏيندا ، جيڪي پنھنجي پنھنجي ملڪ ۾ ، ڪن تحريڪن جي قيادت ڪري ڪامياب ٿيا آھن. آءُ مناسب ٿو سمجھان ته ھتي ، انھن ليڊرن کي مليل حالتن جو ذڪر سان گڏ ان قوم ، جيڪي ڪجھ انھن رھنمائن ۽ مدبرن کي ڏنو، انجو مختصر ذڪر ڪريان ۽ جائزو وٺان ته انھن ليڊرن جي نمودار ٿين وقت اتي جون مقامي حالتون ڪھڙي دءور ۽ درجي تي پھتل ھيون؟ ڇا اھي ليڊر آزادي ۽ انقلاب جو نعرو ۽ جھنڊو کڻي رڃ ۽ سڃ ۾ اچي بيٺا ھئا ، يا اھڙي حالت ۽ ماحول ۾ نمودار ٿيا جڏھن انھن جا ملڪ ، آزادي ۽ انقلاب جي شعور جي باھ ۽ آتش فشان جبل جي حيثيت اختيار ڪري ويا ھئا. سندن وطن جي ڪارخاني ۽ کيت ، بندرگاھ ۽ ھوائي اڏي ۾فرزندان وطن جا پُرجوش نعرا زنگئَ جي ميدان کي حريت جي ھوائن سان جھومائي رھيا ھئا ؟ سندن ديس جي ڌرتئَ جي ھر گھٽي ۽ گھيڙ ، ھر ميدان ۽ ماٿري ۾ آزاديءَ جي متوالن جو لال لھو ھارجي چڪو ھو؟ سامراجين ۽ وطن دشمن جي قيد خانن جي اونداھين ڪوٺين کي وطن ۽ قوم جا حلالي فرزند پنھنجي آزادئَ جي امنگ سان روشن ڪري چڪا ھئا. ۽ سامراجي ٽولن لاءِمحڪوم ڌرتئَ جو ذرو ذرو بارود جو ٽڪرو بنجي چڪو ھو؟

پوءِ ڏسڻ گھرجي ته جي ـ ايم ـ سيد کي به اھڙيون حالتون مليون ۽ عمر جو اھڙو بھترين دور مليو ؟

اھڙي قومي سجاڳئَ ۽ اھڙا ساٿي مليا ۽ عمر جو اھڙو بھترين دور مليو ؟ يا ھو ھڪ اھڙي جانباز مزور وانگر اڪيلو ، ڪنھن رڻ کي گلزار بنائڻ لاءِ چنجور کڻي ميدان ۾ آيو ؟

سڀني ملڪ جي سياسي حالتن ۽ عوامي بيداريءَ جي پس منظر کي نگاھ ۾ رکندي ئي اسان ڪنھن ليڊر جي خوبين ۽ خصلتن ، ڪاميابين ۽ ناڪامين ، حوصلن ۽ ھمتن ، ولولن ۽ امنگن کي پرکي پروڙي ، جاچي ۽ سڃاڻي سگھنداسين ۽ صحيح طريقي سان ان ليڊر جي ڪردار، حڪمت عملي ، جدوجھد ، بھادري ، سچائي ۽ قومي عشق جي معيار سان انصاف ڪري سگھنداسين. اھو ان صورت ۾ ٿي سگھندو جڏھن ھڪ ليکڪ جي مدنظر نيڪ نيتي ۽ غير جانبداري ھجي. انھئَ ڪري معيار مطابق آءُ دينا جي چئن وڏن انقلابي ليڊرن جي ملڪي حالات ۽ ماحول جو مطالعو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ۽ اھا ڳالھ واضح ڪري ڇڏيان ته اھو مطالعو آءُ ياداشت جي آڌار تي ڪتابن جي مدد کانسواءِ ئي پيش ڪري رھيو آھيان ، جيڪڏھن اڳتي ھلي ڪنھن ان کان مختلف مطالعي جو رخ پيش ڪيو ته ان کي دليل جي بنياد تي قبول ڪرڻ ۾ مونکي ڪا به ھٻڪ نه ٿيندي.
مھاتما گانڌي : 
انھئَ سلسلي جي شروعات آءُ برصغير جي لافاني شخصيت ۽ انساني تاريخ جي ناقابل فراموش ھستئَ مھاتما گانڌي کان ڪرڻ مناسب سمجھان ٿو.ھن ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناھي ته ھن ننڍي کنڊ مان انگريزي سامراج کي تڙي ڪڍڻ ۾ سندس سوچ ۽ فڪر ، جدوجھد ۽ حڪمت عملي کي وڏو دخل آھي.ھن بک ھڙتال ، عدم تعاون جھڙن ڪتابي اصولن کي عملي سياست ۾ ڪارگر ھٿيار طور استعمال ڪري ، پنھن جي بي نظير تدبير ۽ ڏاھپ جو ثبوت پيش ڪيو. اھو ئي سادو صفت سياسي رھنما ھو جنھن جي غير جازب شخصيت ڪروڙھا انسانن کي آزادي جي اتساھ سان ٽمٽار ڪري ڇڏيو. پر ڇا ھو جڏھن سياست ۾ داخل ٿيو تڏھن ھندستان سياسي قبرستان بڻيل ھو ؟ ھرگز نه :
ھو اڃا آفريڪا ۾ گجراتي سيٺ جو منشي ئي ھو، ان وقت انڊيل نيشنل ڪانگريس انڊين عوام جي ڌڙڪن بنجي چڪي ھئي ـ ھو اڃان ھندستان موٽيو ئي ڪونه ھو ته تلڪ جي شعله نوائي ، گوڪلي جي تدبر، موتي لال نھرو جي ايثار ، ابوالڪلام آزاد جي قلم جي آتش فشاني ۽ علي برادران جي جدوجھد ، ھندستان جي عوام جي دلين کي سامراجي قوتن جي خلاف نفرت جو جوکورو بنائي ڇڏيو ھوـ ھو اڃان آفريڪا ۾ ئي ھو ته تحريڪ ھجرت شروع ٿي چڪي ھئي ، ھندستان جي مڪمل آزادي لاءِ ھڪ منظم تحريڪ ، سلڪ ليٽر ، انگريزي راڄ ۾ رولو وجھي چڪي ھئي. ھندستان کان ٻاھر ، آزاد ھندستان جي جلاوطن حڪومت مولانا عبيدالله سنڌي ، شري برڪت الله ۽ راجا مھندر پرتاب تي مشتمل قائم ٿي چڪي ھئي ، آزادئَ جا بيشمار پانڌي ، مالٽا ۽ اجزائر انڊمان ۾ قيد جو سختيون برداشت ڪري رھيا ھئا. پنجاب ۾ سک تشدد پسند ، بنگال ۾ بنگالي حريت پسند ، يوپي ۽ بھار ۾ احتجاجي ، مھارشٽر ۾ شيواجئَ جا پوءِ لڳ، راجستان ۾ پرتاب سنگھ جا پيروڪار ، يونين جيڪ جا پرزا اڏائڻ لاءِ سر ترئَ تي رکي ميدان ۾ نڪري آيا ھئا. ھندستان جي اڀرندڙ سرمائيدارن ، ڪانگريس لاءِ پنھن جي ٽجوڙين جا منھن کولي ڇڏيا ھئا.اھڙي ماحول ۾ مھاتما گانڌي ھندستان جي سياست ۾ قدم رکيو.سندس سھڪار لاءِ انھن ليڊرن ۽ ورڪرن جي پوري فوج موجود ھئي. جھن سن 1957ع کان وٺي غير ملڪي آقائن،بديسي ڌاڙيلن ۽ وطن جي ويرين جي تاج ۽ تخت کي پنھن جي ٺوڪرن جي زد ۾ آڻي ڇڏيو ھو.گانڌي جي ديس جي شھرن توڙي ٻھراڙين ۾ اھڙا ماڻھو آباد ھئا، جن جو مذھب ، قوميت ، زبان ، ڪلچر ، وطن ، آقائن، سامراجين ۽ لٽيرن جي مذھب ، قوميت ، وطن ، زبان ۽ ڪلچر کان ڌار ، جداگانه ۽ علحده ھئا. ھڪ طرف ڏور ڏيھي گوري چمڙي وارا آقا ھئا ته ٻئي طرف پنجاھ ڪروڙ ديش جا واسي ھئا. انھن حالتن ۾ ھن ھندستان جي سياست جي واڳ پنھن جي ھٿ ۾ ڪئي ۽ پنجٽيھ سال لڳاتار ڪوشش کانپوءِ، ھن ھندستان جي آزادي ملڪ جي تقسيم جي صورت ۾ حاصل ڪئي ۽ ھو پنھن جي پوري سمجھ ، سڃاڻپ ، بھادري ، سچائي ۽ درويشئَ جي باوجود ھندستان ۾ متحده قوم جو شعور پيدا نه ڪري سگھيو . اھا حقيقت آھي پوءِ تلخ ئي سھي !
مائوزي تنگ : 
ھن خطي ۾ چيني رھنما مائوزي تنگ جي شخصيت ۽ ڪردار انقلاب جي تاريخ ۾ اڻ مٽ آھي ۽ رھندو. ھن ستر ڪروڙ چيني عوام جي ڇوٽڪاري ۽ خوشحالئَ جي رستي تي نھايت دورانديشي ۽ بھادريءَ سان عمل ڪري تباھ ٿيل چين کي ، دنيا جي باوقار قومن جي صف ۾ نمايان حيثيت ڏياري. ھن جي سياست سان دنيا وارن اختلاف ڪيو آھي ۽ سندس مشھور لانگ مارچ کي احمقانه خودڪشي سان تعبير ڪرڻ کان به ڪي تقاد نه گٿا آھن. ڇو ته جنگي حڪمت عملي ۾ ھر عمل جو بنياد گھٽ نقصان ۽ وڌ فائدي تي ھوندو آھي. مائوزي تنگ جي لانگ مارچ ٿيڻ وقت ٽي لک ماڻھو ساڻس گڏ بچيا ھئا ۽ منزل مقصود تي پھچڻ وقت صرف ٽيھ ھزار ماڻھو وڃي بچيا ھئا، گويا ڪه دنيا جو ھي بھترين جنرل ، ٽيون حصو به فوج بچائي نه سگھيو . خير مونکي انھن نقادن سان دلچسپي ڪونھي. آءُ حقيقت جي واضح روشني ۾ ڏسان پيو ته سندس شخصيت پوري دنيا جي انقلابي نوجوانن لاءِ لوڪ گيت جي ٻولين وانگر دلڪش بنجي چڪي آھي.ھو وطن جي آزادي لاءِ ھڪ محب وطن جي حيثيت ۾ وڙھيو ۽ سماج جو اديت لاءِ دلير ۽ داناءُ انقلابي جي حيثيت ۾ جھاد ڪيائين . نيتجي ۾ ھو جديد چيني معاشري جي علامت بنجي چڪو آھي.ھتي آءُ انقلاب کانپوءِ سندس پرڏيھي پاليسي تي بحث ڪرڻ نٿو چاھيان ، نه وري گھرو پاليسي ۽ ثقافتي انقلاب جي کوجنا ۽ ان جي خامين ۽ خوبين جي اپٽار ئي منھنجو موضوع آھي. آءُ ھتي رڳو ان دور تي بحث ڪرڻ ٿو چاھيان جنھن دور ۾ مائوزي تنگ پنھن جي سياسي ۽ انقلابي جدوجھد جو آغاز ڪيو. اسان وٽ گھڻو ڪري مائوزي تنگ جي خوبين ۾ اھا ڳالھ سر فھرست ڳڻائي ويندي رھي آھي ته ھن آفيم جي گڙنگ موالي قوم کي انقلاب جي رستي تي تيزيءُ ۽ تيز رفتاري سان ھلايو۽ ان آفيمي قوم جي شعور ۽ انقلابي سرت سامراج ۽ ان جي ديسي دلالن کي شڪست ڏئي عظيم تر چين جو بنياد رکيو. آءُ انھن ماڻھن جي اھڙي قسم جي لغو ۽ واھيات ٻٽاڪ تي حيران ٿي ويندو آھيان ته آخرڪار ڪنھن انسان جي عظمت ثابت ڪرڻ لاءِ تاريخ جي چھري تي دانگي ملڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪن.ھتي اسانکي ڏسڻو ھي آھي ته ڇا مائوزي تنگ جي سياست ۾ داخل ٿيڻ وقت چين واقعي سياسي رڃ ھو ۽ ستر ڪروڙ ماڻھو خير شاه جي موالين وانگر پنڪين ۾ ھئا ؟ ھر گز نه : !!حقيقت ھي آھي ته چين ۾ آفيم جي وڪري واھپي ۽ استعمال جي خلاف چيني عوام پھرين ڀرپور جنگ 1839ع ۾ ڪئي. جنھن ۾ ويھ ھزار چيني ماريا ويا ۽ وقتي طرح چين جي حريت پسندن کي شڪست اچي ويئي. انھئَ جنگ کي چين تاريخ ۾ ( آفيم واري پھرين لڙائي ) ڪري سڏيو وڃي ٿو ۽ آفيم جي خلاف چيني عوام جي اھا جدوجھد مائوزي تنگ جي ڄمڻ کان 52 سال اڳ ۾ شروع ٿي ھئي.1856ع ۾ چيني آفيم سان ڀريل ٻيڙيءُ تي حملو ڪري پوري آفيم کي تباھ ڪري ڇڏيو. چينين جي انھئَ وطن دوست قدم تي فرانس ۽ برطانيه ، چين خلاف اعلان جنگ ڪيو ۽ چين تي حملو ڪري بيشمار چينين کي قتل ڪيو چين جي تاريخ ۾ انھئَ جنگ کي ٻي آفيم واري لڙائي سڏيو وڃي ٿو.مائوزي تنگ جي ڄمڻ کان 45 سال اڳ 1855ع ۾ ڏاکڻي چين ۾ ھارين بغاوت ڪري وڏي علائقي تي قبضو ڪري ورتو ( حڪومت ـ رباني)قائم ڪئي وئي. انھئَ حڪومت جي گادي جو ھنڌ نافڪنگ ھو. انھئَ تحريڪ جي ڪارڪنن زميدارئَ جي لعنت کي مڪمل ختم ڪري ، شراب ، جوا، آفيم ۽ عصمت فروشئَ تي بندش وجھي ڇڏي. مائوزي تنگ جي پيدائش کان ٻارھن سال پوءِ چين جي ھڪڙي صوبي ۾ ڪوئلي جي کاڻين جي مزدورن ، مڪمل ھڙتال ڪئي. جنھن ۾ ٽيھ ھزار مزدورن حصو ورتو. ساڳئي وقت چين جي بديسي مال جي بائڪاٽ جي تحريڪ شروع ٿي چڪي ھئي. مائو جي ڄمڻ کان پنج سال پوءِ چين جي صوبي شان تونگ ۾ ھارين ، پادرين ، جاگيردارن ، ٻين مذھبي ٺيڪيدارن خلاف بغاوت ڪئي. انھئَ بغاوت کي ( ڊاڪسر ) بغاوت جي نالي سان سڏيووڃي ٿو. اھو اُھو وقت ھو، جڏھن مائو صرف ھڪڙي چولي ۾ ٻارڙن سان راند ڪندو ھو. مائوجي ولادت کان ٽي سال اڳ چين جي اصلاح پسند نوجوانن ملڪي معاملن ۾ آئيني ، عدالتي ۽ انتظامي سڌارا آڻڻ لاءِ ڪم شروع ڪري ڏنو ھو. وڏي ڳالھ ته مائوزي تنگ کان ڊاڪٽر اڳسن يات سن چين جي قومي انقلابي جنگ کي باقاعدي ھڪ منظم تحريڪ جي شڪل ۾ ڏيئي چڪو ھو. سندس پارٽي ڪومن تانگ عوام جي دلين جي ڌڙڪ بنجي چڪي ھئي.چين ۾ ٽيھ لک مزورن ھڙتال جو سلسلو شروع ڪري ڏنو ھو. چوٿين مئي جي شاندار تحريڪ جي اڳواڻن جي بھادرانه ۽ دليرانه شھادت چين کي آتش فشان بنائي وڌو ھو. ڊاڪٽر سن يات سن جي ٽي نڪتا عوامي پروگرام ، قوم پرستي ، جمھوريت ۽ روزگار ، چيني عوام ۾ بائيبل جي صورت اختيار ڪري ورتي ھئي. چين جي ڪافي علائقن ۾ انقلابي جٿن آزاديءَ جون ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون ھيون. روس جي سرحد لڳ چين جي ٽن صوبن ۾ عملاَ سوشلزم رائج ٿي چڪو ھو، ۽ ان سان گڏ روس جھڙي عظيم طاقت پنھن جا سياسي ، اخلاقي شعوري وسيلا چين جي انقلاب لاءِ وقف ڪري ڇڏيا ھئا. وڏي ڳالھ ته چو اين لائي ۽ جنرل چوتيھ ۽ لن پياوُ دورانديش ۽ سپھ سالار شخص ، مائو جي سھڪار لاءِ موجود ھئا، جيڪي ڪنھن به طرح مائوزي تنگ جي تعليم ۽ فڪر جي پيداوار نه ھئا. ان جي برخلاف اھي سڀ ماڻھو سن يات سن جي تعليم ، فڪر ۽ سياست جي ئي پيداوار ھئا. اھي ھيون حالتون ۽ ماحول جن ۾ چيني سياست اندر مائوزي تنگ نمودار ٿيو ۽ پنھن جي محبت ۽ صلاحيت سان چيني ڪميونسٽ پارٽئَ جو چيئرمين ۽ انقلاب جو باني بنيو. عوامي جنگ جو موءثر ھٿيار جي ايجاد مائوزي تنگ جي شخصيت کي دنيا ۾ وڏي اھميت ڏني آھي ۽ انھي جنگ ۾ سندس ڪو ثاني نه ٿو سمجھيو وڃي. پر چين جي جاگرافيائي حالتن ۽ ملڪ جي وسعت جي نقطئه نظر سان مائوزي تنگ لاءِ حالتون بي اِنتھا شاندار ھيون. ليڪن ميداني علائقي ۾ ڪارآمد لڙائي وڙھڻ ٿورو، نقصان سھي ، مختصر عرصي ۾ وڌيڪ فائدو حاصل ڪرڻ ۽ دشمن جي فوج کي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکيڙي ، فضا کان سواءِ ھر رابطو ڪٽي ڇڏڻ ۾ ، آءُ آفريڪي مفڪر ڪئبرال کي مائو کان وڌيڪ ذھين ۽ بالغ نظر سمجھان ٿو ـ
لينن : 
سوشلسٽ سماج ، ملڪن جي آزادي ۽ سامراج جي شڪست جي رفتار کي تيز بنائڻ لاءِ روس جو ھڪ مختصر قد ، معمولي شڪل ، زبان جي ٻاتي يھودي ـ النسل وڪيل ، لينن جي ڀرپور ۽ مڪمل شخصيت کي دنيا ڪڏھن به وساري نه ٿي سگھي . لينن ئي پھريپن ماڻھو ھو، جنھڻ جي زير قيادت ، ھن پوڙھئَ ڌرتي جي مسڪين ماڻھن صدين جي شھنشاھيت کي ھٿوڙي جي ضربن سان ڊاھِي، پورھيتن جي عظيم رياست جو بنياد وڌو. اھو لينن ئي ھو جنھن مارڪسزم جي ھڪ وڏي خامئَ کي قومي آزادئَ جي تحريڪن جي حمايت ذريعي پورو ڪيو. انھئَ ڪري آءُ پورھيتن جي ھن نجات ڏياريندڙ کي سامراجي دور جو مارڪس چوڻ ۾ ڪو به حجاب محسوس نٿو ڪريان.دنيا ۾ جڏھن به غلام قومن جي ڳچين جا ڳٽ ٽٽندا ، جڏھن به مسڪين ماڻھن جي ھٿ سامراج شاھي جي نڙگھٽ تائين پھچندو،جڏھن به آزادئَ جي حريت جا ڪاروان اسٽين گنن سان جھنگل ۽ ٻيلن ۾ دشمنن تي وار ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌندا، جڏھن به گولين جي وسڪار ۾ پرجوش ھجومن جي واتن مان آزادي ۽ انقلاب جا نعرا بلند ٿيندا. انھئَ وقت اھڙن سڀني ماڻھن جي دلين ۽ دماغن ۾ روس جي ھن عظيم استاد جي ياد ، فڪر ۽ سوچ گرمي پيدا ڪندي رھندي. لينن جي قيادت ۾ روس اندر جيڪو انقلاب برپا ٿيو، ان جھڙو انقلاب تاريخ اڳي ڪڏھن به ڪونه ڏٺو ھو. آءُ اقرار ٿو ڪريان ته ڪميونسٽ مفڪرن مان لينن ئي آھي جنھن جي شخصيت ، سوچ ، دليل بازي ۽ وسيع نظري مون تي غير معمولي اثر ڇڏيو آھي . ھو ٽالسٽاءِ جي نظرين جو مخالف ھوندي به ان جي فنڪارانه عظمت کي روس جو لافاني سرمايو سڏي ، پوري يورپ ۽ آمريڪا کي چئلينج ٿو ڪري ته ڪو ٽالسٽاءِ ته پيدا ڪري ڏيکاري.ھن کي فرانس جي بندرگاھ تي گھمندي ، روسي ملاح ۽ بندرگاھون ياد ٿيون اچن . ھو دنيا جو عظيم انقلابي ۽ لافاني وطن پرست ھو. انھن ڳالھين جي باوجود اسان کي ڏسڻو ھي آھي ته جڏھن اسين پنھن جون انقلابي سرگرميون شروع ڪيون، تڏھن ، اھو ڏسون ته روس جون حالتون ڪھڙي نوعيت جون ھيون.حقيقت ھي آھي ته ڪامريڊ لينن جي اچڻ کان اڳ ۾ ( پلي خاذوف) ۽ جھڙا مدبر ۽ گورڪئَ پاراديب وسيع پيماني تي ڪميونزم جو پرچار ۽ پروپگنڊا ڪري رھيا ھئا. روس ڪنھن ڌارئي ملڪ جو غلام: زيردست ۽ محڪوم ڪونه ھو. روس ۾ صنعتي مزورن جو تعداد ھڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ھو ـ 1901ع ۾ انھن مزدورن پنھن جي حقن جي حاصلات لاءِ ھفتن جا ھفتا ھڙتالون ڪري ، بيشمار جاني قربانيون ڏنيون ھيون. 1905ع ۾ زار شاھِي جي غلط پاليسين ۽ جاگيردار روس جي سرمايه دار جاپان ھٿان، ذلت آميز شڪست جي رد عمل ۾ ٿيل تباھي کان مڇرجي مزورن ، شاگردن ، ھارين ۽ ڪاسين عظيم ۽ ناقابل فراموش قربانيون ڏئي، جمھوري انقلاب برپا ڪيو ھو. انھئَ انقلاب وقت لينن جي پارٽي جي عمر صرف 2 سال ھئي.1910ع تائين زار شاھي جي خلاف ھڙتالون ، بغاوتون ، مظاھرا ۽ چڪريون مسلسل ھلنديون رھيون. جن ۾ لکين عام ماڻھن ، مزورن ، ھارين ، شاگردن ۽ بيروزگارن حصو ورتو ۽ زار شاھي سان بھادرانه ٽڪر کاڌو. بيشمار قربانيون ڏنيون.انھن تحريڪن ۾ لينن جي پارٽئَ جو ڪونمايان يا قائدانه ڪردار ڪونه ھو. خود لينن انھن تحريڪن کي ( خودرو) تحريڪون سڏيو آھي. ۽ 1905ع واري انقلاب کي عظيم آڪٽوبر انقلاب جي ربھرسل ڪوٺيو اٿس . لينن جي پارٽي 1918ع وارين بغاوتن جي اڳواڻي جي اھل نه ٿي سگھي ھئي. پھرين مھاڀاري لڙائي 1914ع کان 1918ع روس کي تباھ ڪري ڇڏيو ھو. روس جو ڪافي علائقو جرمني جي قبضي ھيٺ ھليو ويو ھو. روسي فوجون بنان ھٿيارن ۽ راشن جي برباد ٿي ھر محاذ تان ڀڄي رھيون ھيون ۽ ھنن جي دلين ۾ زارشاھي جي خلاف مچ ٻرڻ شروع ٿيا ھئا. روسي عوام ۽ فوجون ڊگھي جنگ مان بيزار ٿي چڪا ھئا.ھنن کي امن ،آرام ۽ سڪون ، جي ضرورت ھئي. انھئَ ڪري ھنن جنگ جي مخالفت لينن جي حمايت ڪرڻ شروع ڪري ڏني ھئي. جنھن جو اعتراف خود لينن به ڪيو آھي. 1917ع ۾ جمھوري انقلاب آيو، پر انھن انقلابين جنگ جاري رکڻ واري پاليسي جاري رکي ، انھئَ ڪري عوام انھن جمھوريت پسند انقلابين مان بيزار ٿي پيو 1917ع واري بورجوا جمھوري انقلاب وقت لينن ۽ سندس ساٿي سوئزر لينڊ ۾ خلاوطني جي زندگي گذاري رھيا ھئا. جتان ھو اسپيشل ٽرينن جي ذريعي روس پھتا ۽ ٿورن ئي مھينن ۾ بورجوا جمھوري انقلاب آڻيندڙن جو تختو اونڌو ڪري ، اقتدار وٺي، جنگ بندئَ جو اعلان ڪيو. لينن جي پارٽئَ روسي انقلاب لاءِ چوڏھن سال ڪم ڪيو ، جن ۾ نو سال ھو ڪنھن به تحريڪ جي قيادت ڪرڻ جي لائق بنجي نه سگھي ھئي. خوش قسمتئَ سان لينن کي بخارين ، ٽراٽسڪي ، اسٽالن ۽ ٻيا بھترين ساٿي ملي ويا، ان جي باوجود لينن جي پارٽي 1917ع تائين زار شاھئَ سان سنئون سڌو ٽڪر کائي ، اقتدار تي قبضو ڪرڻ واري پوزيشن اختيار ڪري نه سگھي ھئي.روس جي موجوده برسر اقتدار پارٽي 1903ع ۾ وجود منجھ آئي ، ان کان ڪافي عرصو اڳ زار شاھئَ کي ختم ڪرڻ لاءِ دھشت پسندن جون سرگرميون عروج تي پھتل ھيون. ايتري قدر جو لينن جي ڀاءُ زار کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،جنھن جي نتيجي ۾ کيس ڦاھي ڏني ويئي . حقيقت ۾ اھوئي واقعو ھو جنھن لينن کي سياست جي ميدان ۾ آندو.انھئَ ڪري آءُ اھو چوڻ تي مجبور آھيان ته لينن جي تحريڪ لاءِ روس جي سرزمين انتھائي زرخيز بنجي چڪي ھئي. پوءِ به ھو آخري عمر تائين پارٽي کي ڌڙي بندي ۽ گروھ سياست کان پاڪ ڪري نه سگھيو. اھوئي سبب ھو جو سندس اک بند ٿيڻ شرط گروھي سياست جي ڌڙي بندي پوري شدت سان اڀري آيون، جنھن جي نتيجي ۾ زار شاھِي خلاف ھلندڙ گوليون ، بھترين ڪميونسٽ ورڪرن ۽ ليڊرن جي ڇاتين ۾ سوراخ ڪرڻ لڳيون.

اسٽالن جو دور انھن ماڻھن لاءِ قيامت کان گھٽ ڪونه ھو، جن بندوق ۽ قلم ذريعي زار شاھِي ۽ ان جي دلالن سرمائيدارن ، جاگيردارن ۽ زميدارن کي ختم ڪرڻ لاءِ بي لوث ڪوششون ڪيون ھيون. اھڙن ماڻھن کي موت جي اونداھي غار ۾ اڇلايو ويو. جن کي ھزارھا سالن جي جستجو کانپوءِ زندگئَ پنھن جي ڀاڪر ۾ ورتو ھو.
بھرحال لينن جي ڪاميابي لاءِ روس جون حالتون نھايت ئي سازگار ھيون. خود لينن به ان حقيقت جو کليل دل ۽ دماغ سان اقرار ۽ اعتراف ڪيو آھي ته جيڪڏھن جنگ عظيم جون پيدا ڪيل حالتون نه ھجن ھا ۽ جنگ جي نتيجي ۾ فوج ۾ وسيع پيماني تي انشار ، گڙٻڙ ، پريشاني ، مايوسي ، ٿڪاوٽ ۽ ڪمزوري پيدا نه ٿئي ھا، ته روس ۾ اسان جي اميدن جي برخلاف ايترو تڪڙو انقلاب نه اچي ھا، ۽ اسانکي جرمنن وانگر انتظار ڪرڻو پوي ھا. نه معلوم اڳتي ھلي صورتحال ڪھڙو رُخ اختيار ڪري ھا.

مٿي ذڪر ڪيل ليڊرن جي ڪاميابين ۾ حالتن جي سازگارئَ ۽ سياسي ماحول جي تيارئَ جي فڪر سان گڏ ، آءُ مناسب ٿو سمجھان ته ھن دور جي ھڪ وطن پرست ، انقلابي ۽ قومي حريت جي لافاني شھيد شيخ مجيب الرحمان جو ذڪر به سندس سياسي ماحول جي پس منظر ۾ ڪريان.
مجيب الرحمان: 
جنھن رستي ۽ راھ تي پنھن جي قوم ۽ وطن کي غيرملڪي آقائن جي غلامئَ واري پنجوڙن مان آزادي ڏياري ، سو واقعي ھن صدئَ جو بي مثال ڪارنامو آھي. ۽ جيسيتائين بنگال جي سرزمين تي سون ورنا سنگ، ٿڌڙين چانڊوڪين ۾ ناڇ ڪندا رھندا . جيسيتائين پوڙھي گنگا جي سنيي تي ، ڪنھن مانجھي جو ونجھ آزادئَ سان ھم آغوش ٿيڻ لاءِ لھرون پيدا ڪندو رھندو. جيسيتائين سونار بنگله جي ڌرتي دنيا جي نقشي تي ، انقلاب جي خنجر وانگر نمايان بيٺي ھوندي. جيسيتائين ڌرتئَ جي ڪنھن ڌڃياڻئَ جي چپن تي پيا ملن جي آس ڌڙپندي رھندي ، ان وقت تائين بنگال جي ڌرتئَ جي فضائن ۾ مجيب جي آتش نوائي جا شھباز اڏامندا رھندا، وطن سان عشق جا ٻول ۽ نعرا آسمان جي وسعتن ۾ انڊلٺي ريکائون پيدا ڪندا رھندا، بھادرئَ ۽ دليرئَ جا جذبا وطن جي ويرئَ تي ڪنھن گوريلي جي گولي جي روپ ۾ ڪڙڪندا رھندا ۽ مجيب کي ھن ننڍي کنڊ جي تاريخ مان جنھن به ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ، سو خود تاريخي وھڪرن ۾ پنھن جو خسيس ، ڪين جھڙو ۽ ذليل وجود وڃائي رھندو.ان سڀ جي باوجود ڇا بنگال جي سرزمين مجيب کي سياسي قبرستان جي صورت ۾ ملي ھئي ؟ ڇا اتي جي عوام جي دلين تي اھڙيون مذھبي مھرون لڳل ھيون، جو انھن تي وطن دوستي،قومپرستي ، آزادي ۽ انقلاب جي ڪنھن به نعري اثرنه ٿي ڏيکاريو؟ ڇا بنگال جو انسال پنھن جي سرزمين ۽ ان ۾ پنھن جي تاريخي حيثيت کي وساري قناعت ڪري ويھي رھيو ھو؟ نه ھر گز نه !!!
حقيقت ھي آھي ته بنگال ۾ وطن پرست آزادئَ جي تحريڪ سراج الدوله جي شھادت کان ئي شروع ٿي چڪي ھئي، جيڪا سن 1957ع کان سن 1971ع تائين لڳاتار ھلندي پي آئي. مجيب الرحمان انھئَ تحريڪ جو آخري باب ھو. جتان بنگال جي تاريخ اھڙو رستو اختيار ڪيو آھي ، جيڪو عظيم الشان بين الاقواميت جي تخليق ۽ تعمير ڏانھن وڃي ٿو.سراج الدوله جي شھادت کان تيرھن سال پوءِ سن 1970ع ۾ بنگال ۾ آزادي جي قوم پرست تحريڪ شروع ٿي، انھئَ تحريڪ جا مرڪز رنگ پور،مدناپور،بير ڀوم ۽ بيشن پور ھئا. اھا تحريڪ جنھن جي اڳواڻي ھڪ الله لوڪ فقير مجون شاھ پئي ڪئي. سان 1790ع تائين پورا ويھ ورھ ھلي. انھئَ تحريڪ کي انگريزن بي پناھ جبر ۽ تشدد ڪري دٻائي ۽ پنھن جي خيال ۾ ختم ڪري ڇڏيو. ليڪن اھا انگريزن جي ڀل ھئي ، انھئَ تحريڪ جي وقتي طور دٻجي وڃڻ کان 62 سال پوءِ 1813ع ۾ بنگال اندر سيد ڪامران شاھ ۽ سندس پٽ ٽيپوءَ جي قيادت ۾ قومپرستي ۽ آزادئَ جي ھڪ شاندار تحريڪ شروع ٿي. انھئَ تحريڪ ۽ بغاوت جو ھيڊ ڪواٽر ميمڻ سنگھ ضلع ھو.اھا تحريڪ 1833ع تائين ويھ ورھ ھلي. ساڳئي وقت عظيم بنگالي قوم پرست نثار علي عرف ٽيپو مير جي قيادت ۾ انگريزن ۽ سندن ديسي دلالن جي خلاف ڇاپامار جنگ شروع ٿي، جنھن ۾ بيشمار سياسي ، اخلاقي ۽ سماجي ڪاميابيون حاصل ڪيون. ٽيپو مير انگريزن جي خلاف وڙھندي ، ڪلڪتي ويجھو شھيد ٿي ويو، پر بنگال ۾ گوريلا جنگ جو ٻج مڪمل طر ح ڇٽي ويو. جنھن نسخي تي 1831ع کان 1862ع تائين ٻن عظيم بنگالي وطن پرستن سريعت الله ۽ سندس پٽ دودا ميان عمل ڪيو. انھن جي تحريڪ بغاوت جي گيت وانگر جھر جھنگ ۾ پکڙجي بنگالي عوام کي آزادي جي راھ تي لائي ڇڏيو.مطلب ته بنگال جي سرزمين تي مجيب جي پيدائش کان اڳ ۾ جيڪي بغاوتن جا سلا اُڀرندا رھيا، آزادي ۽ انقلاب جا گونچ ڦٽندا رھيا. خود مختياري ۽ قومي غيرت جا جيڪي طوفان لڳندا رھيا، تن بنگال ديش جي سرزمين کي تنور وانگر ھميشه گرم پئي رکيو.بنگال جي ڌرتئَ جي ٻنئَ جي ٻاري ٻاري ۾ آزادي جا انگور نڪرندا رھيا ، بنگال جي سون ورني ڌرتي مان اناج بجاءِ غاصبن کا تباھ ڪرڻ لاءِ بارود پيدا ٿيندو رھيو. بنگال جي شاعر جي قلم مان نڪتل گيت ، ديس واسين جي دائمي زندگي ۽ غاصبين لاءِ موت جي ملائڪ جا ٻول ثابت ٿيندو رھيو. بنگال جي نارئَ ، پنجاپڻ عورت وانگر ھر دور ۾ ڪوئي عبدالرب ، ڪوئي طفيل ، ڪوئي منان ۽ ڪنھن موتيا چوڌري کي جنم ڪونه ڏيندي رھي آھي .ھي اھا ڌرتي آھي جتان وائسرائن،گورنرن ، وزيرن ۽ انھن جي دلالن تي بم اُڇلائيدا ھئا ۽ انھي ڌرتي جي ھڪ گلاب جي پنکڙي جھڙي نارئَ جو ھي جملو ، اڄ جي انقلابي تاريخ جو نعرو بنجي چڪو آھي ته :
” انقلابي گولي بندوقن سان نه پر دل سان ھلائي ويندي آھي.“

ھتي آءُ قاھره ريڊيو جا لفظ دھرائڻ مناسب سمجھان ٿو ته :
” بنگال تان گولي ۽ باھ جي جنگ ڪلائيو کان يحيٰ تائين ھڪ ڏينھن لاءِ به ختم ڪا نه ٿي آھي.“ انھئَ کان سواءِ بنگال جي سرزمين تعليم ۾ موجوده پاڪستان ۾ تمام گھڻو اڳتي وڌيل ھئي. بنگال زبان جي مسئلي تي قُربانيون ڏنيون، وطن دوستي ۽ قومپرستئَ جي واٽ تي ڪافي اڳتي وڌي چڪو ھو. بنگالي قومپرستئَ کي حسين شھيد سھروردي ۽ فضل الحق ڪافي اڳتي وڌايو ھو. انقلابي سياست ھلائڻ وارن سياستدانن، پروفيسر مظفر ، ڀاشاني ، ( پنھن جي موقع پرستي ۽ چين نوازي جي باوجود) عطاءُ الرحمان ۽ ٻين پنھن جي پنھن جي حد تائين بنگال جي قومي بيداري ۾ حصو ورتو ھو، شيخ مجيب الرحمان جي تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ ، مقبول بنائڻ ، عوام تائين پھچائڻ ۾ ھن سان ڪيترائي بھترين دماغ ، يونيورسٽين جا پروفيسر ، اقتصاديات جا ماھر ، رٽائر فوجي ، سول آفيسر ، اخبار جا ايڊيٽر شامل ھئا. وچولي ڪلاس جي مالي مدد،اخبارن جي حمايت . اھي سڀ اھڙيون شيون ھيون، جن مجيب الرحمان جي تحريڪ جي ڪاميابئَ ۾ اھم حصو ادا ڪيو آھي. انھن سڀني شين جي مدد، اخبارن جي مدد، تعاون ، حمايت ، پٺڀرائي ۽ سھڪار سان شيخ مجيب الرحمان ، بنگال جي سر زمين کي ڌارين جي تسلط ڪنٽرول ۽ قبضي کان آزاد ڪرايو ۽ بنگال جي بھادر عوام پنھن جي دلير ليڊر جي قيادت ۾ اعتماد ڪندي، انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي قرباني ڏئي، ايشيا جي خونخوار فوجي ٽولي کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو. دنيا ڇا به چوي ، پر بنگال جي آزادي ھن دور جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آھي ۽ ان ڪاميابي لاءِ شيخ مجيب الرحمان جي قيادت وڏو ۽ اھم ھٿيار ثابت ٿي آھي. ان سڀ جي باوجود بنگال جي سر زمين شيخ مجيب الرحمان کي سياسي قبرستان جي صورت ۾ ڪونه ملي ھئي.مجيب جي ميدان ۾ اچڻ کان اڳ بنگال جا فرزندبا رھا ، پنھن جي قومي حقن جي حاصلات لاءِ رت جو نذرانو ڏئي چڪا ھئا. بنگال جي گھٽي گھٽي مان قوم پرستئَ جي گيتن جي گونجار اچي رھي ھئي. آزادي جا ورلاپ اڀري رھيا ھئا . انقلاب جون آسون ڪر موڙي رھيون ھيون. ظلم جي جبر جي ديو خلاف . پدما جي مانجھين جي ونجھن مان احتجاجي آواز اڀري رھيا ھئا. بنگال جي مظلوم انسان ھٺ ، ۽ ظلم جو ڪنڌ مروٽي ڀڃڻ لاءِ اُڀو ٿي چڪو ھو. ظلم جي ايوانن جي ڪنگرن کي وڪوڙڻ لاءِ آزادئَ پسند انسانن جي دلين مان آزادئَ جون ڄڀيون نڪري رھيون ھيون. مجيب ، انھئَ گونج ، ورلاپ ، آس ، احتجاج ۽ آڳ کي تيز ۽ مضبوط بنايو. متحد ۽ منظم ڪيو.وسيع کان وسيع تر بنايو ۽ ان کي بنگال جي ٻار ٻچي،ٻڍي ، جوان ، مرد ، عورت ،فنڪار ۽ تخليق ڪار تائين ايمانداري ، جدوجھد، جفاڪشي ۽ محنت سان پھچايو ۽ پنھن جي وجود کي آزادي جي آڳ ۾ اڇلائي ڇڏيو.
جي ـ ايم ـ سيد : 

ھاڻ اسان کي ڏسڻو آھي ته جي ـ ايم ـ سيد کي پنھن جي انقلابي نظريي جي تبليغ لاءِ جيڪو ميدان مليو ان ۾ ڇا ھو.
سنڌ سياسي قبرستان ھو . سنڌ جو وچولو طبقو جيڪو پورو ھندن تي مشتمل ھو سو سنڌ ڇڏي ويو. مذھبي مجنونن ، جاھل ، وحشي خونخوار ،بد تھذيب انبوھ ۽ ھجوم پئسي جي لالچ ۽ لوڀ ،ھٻڇ جا راڪاس بنجي ، آدم بو آدم بو ڪندا ، سنڌ ۾ داخل ٿي چڪا ھئا. سالن جي پراڻن سري کاڌل ،مدي خارج نظرين جي بنياد تي ھر ترقي پسند نظريي ۽ عوام دوست سوچ ۽ آزاد پسند خيال کي مڏي ڪاتي سان ڪٺو پئي ويو.سنڌي قوم جيڪا صدين کان قبائلي طرز ـ زندگي جي ھيراڪ ھئي ، تنھن ۾ نه علم ھو نه وري سياسي شعور ، نه تنظيمي ولولو ھو ۽ نه وري تحريڪ شروع ڪرڻ جو ڪو اُتم جذبو. سنڌي عوام جيڪو صدين کان مختلف سامراجي قوتن سان وڙھندو پئي آيو، تنھن جيئن ئي ميرن جي شڪست کان پوءِ اجتماعي طرح ھٿيار ڦٽا ڪيا، سي وري واپس کڻڻ کان جھڙو قسم کڻي ڇڏيو ھو. نون حاڪمن جي نون زوپن ،نون روعبن ۽ نون دٻدٻن، سنڌي وڏيرن جي چاپلوسي ، حاڪمن جي دلالئَ ، سنڌ کي مڪمل غلام خطي جي صورت ڏيئي ڇڏي. سڀني پريسن،نشرياتي ادارن ، تعليم گاھن ۽ اخبارن تي وطن جي ويرين جو قبضو ٿي ويو. سنڌ جي شھرن تي پوري ريت ھندستان مان ڀڄي آيل ماڻھن جو ڪنٽرول ٿي چڪو ھو. آفيسن ۾ پٽيوالي کان چيف سيڪريٽري تائين غير سنڌين جو تسلط .واپارين ۾ گاڏي واري کان وٺي درآمد برآمد جي ڏيتي ليتي ڪندڙ تائين غلبو ـ سنڌي قوم پرست عوام جي اڪثريت ھندستان ھلي ويئي . سنڌ ۾ ڪا به ترقي پسند تحريڪ موجود ڪا نه ھئي. ھڪڙي ھاري ڪميٽي ھئي ، جيڪا ھارين کان درخواستون وصول ڪرڻ تائين محدود ھئي.شھيد الله بخش ۽ عبدالله سنڌي رحه جا ڳاڻ ڳڻيا پوءِ لڳ ھئا ، جيڪي يا ته ھمت ھاري ماٺ ڪري ويھي رھيا ھئا. يا جي ايم سيد سان پراڻي مخالفت جي بنياد تي کيس لوئڻ ۾ مصروف ھئا. سنڌ ۾ صنعتي مزورن جي تحريڪ ته ٺھيو پر ڪو سنڌي مزور ئي ڪونه ھو.ادب ، ثقافت ، نشرواشاعت جي ميدان منجھ خال پئجي ويو ھو. پوري سنڌ ۾ ھڪ روزانه اخبار ۽ ڪجھ چيٿرن جي صورت ۾ نڪرندڙ ھفتيوار اخبارون ھيون. جن ۾ پراڻا ٽوٽڪا ، ڪنھن وزيرن جو ڦوٽو ۽ ھڪ اڌ ٽينڊر نوٽس ھوندو ھو. تمام ترقي پسند نظرين ۽ تنظيمن تي پرڏيھي مڪارن ۽ فريب ڪارن قبضو ڪري ورتو ھو ، ۽ سنڌي ترقي پسند نوجوانن نون آيل ڪميونسٽن جي ” جي حضوري“ ۾ پورا ھئا.حر تحريڪ کي ختم ٿئي عرصو ٿي چڪو ھو . انھئَ تحريڪ جو ذاتي بنيادن ۽ سببن ڪري انگريزن سان ٽڪر ضرور ھو ، پر ان جي سياسي ۽ سماجي رخ ۾ اھڙي ڪا به ڳالھ ڪانه ھئي ، جنھن تي سنڌ ۾ جديد قومي تحريڪ ھلائي وڃي ھا.سنڌي مسلمان حيران پنھنجي مستقبل کان بيپرواھ ، زندگئَ جو گاڏو ريڙھيندو رھيو. ھن کي نئين حڪومت ۽ ان جي بندوبست سان ڪابه دلچسپي ڪانه ھئي ۽ نه وري اھو فڪر ھوس ته نئين ٺھيل ملڪ ۽ انجي سياست ، سندس مستقبل لاءِ ڪھڙا نتيجا پيدا ڪندي. حقيقت ۾ ان وقت جي سنڌ ، ھڪ سياسي رِڻ پٽ ۽ رُڃ ھئي. ڪٿي به ڪو آواز نه ھو. نون آيل حاڪمن جي حڪمت عملين ، چالاڪين ۽ مڪارين خلاف ڪابه للڪار ڪانه ھئي.
ملڪي سياست عوام جي ذھنن تي ، آفيم جو اثر ڪري چڪي ھئي ۽ ان سياست جي خلاف آواز اٿارڻ معنيٰ پنھنجو پاڻ کي مذھبي مجنونن جي سنگسارئَ لاءِ پيش ڪرڻ . ھر طرف زنده باد جي للڪار ھئي ، اسلام زنده باد جي گونج ھئي ۽ اسلام اسلام جو روشو ھو. سنڌي ماڻھو سوچڻ سمجھڻ بنان ان شور ۾ وائڙن وانگر شامل ٿي ويو ھو . شاگردن کي نوڪرين جو آسرو ھو، آفيسرن کي ترقين جي آس لڳل ھئي.واپارين کي واپار جي واڌاري جي اميد ھئي، شھرين کي ھندن جون جايون ملڻ جي تمنا ھئي . ھارين کي واڻين جي ڇڏيل زمينن وٺڻ جي خواھش ھئي. مولوين کي اسلامي نظام قائم ٿيڻ جو ڀروسو ھو، اخبار وارن کي نئين ملڪ ۾ پنھنجو ڪاروبار چمڪائڻ جي ڌن لڳل ھئي . صحافين کي فائدا ملڻ جي پڪ ، وڏيرن کي ڪرسين ملڻ جي پڪ ھئي ۽ پاڪستان جا حاڪم رنگ ۽ نور ۾ مدھوش.مطلب ته پورو ملڪ آسن ، اميدن ، خواھشن ، تمنائن ، ڀروسن ، يقينن ۽ جشنن جو گلستان بنيو پيو ھو. اھڙي وقت ۾ صرف ھڪڙو ماڻھو ھيو، جنھن جون اکيون سنڌ جي مستقبل تي روئي رھيون ھيون. ھڪڙو فرد ھو جنھن جي دل ۾ سنڌي عوام جي حالت تي پريشانئَ جا وڍ ھئا. ھڪڙو انسان ھو جنھن جي دماغ ۾ مستقبل ۾ ٿيندڙ ،واقعن ۽ حادثن جي خلاف مچ ٻري رھيا ھئا. پر ھو اڪيلو ھو ھن وٽ پارٽي نه ھئي، دولت جي فرواني نه ھئي . ھن سان صرف سوچيندڙ دماغ ، بھادر دل ۽ بيباڪ قلم ھو. ھن جي تحريڪ جي تياري ۽ انجي بنيادن کي مضبوط بنائڻ لاءِ ڪڙ سن بات سن نه ھو، ڪائي 4 مئي جي تحريڪ نه ھئي، ڪائي نوجوانن جي اصلاحي تحريڪ نه ھئي، ڪائي سن 1901ع جي بغاوت نه ھئي، ڪو به سن 1905ع وارو انقلاب نه ھو، ڪوئي گورڪي جھڙو اديب نه ھو، ڪابه باڪسر بغاوت ڪانه ھئي ، ڪائي ھارين جي مسلح جدوجھد ڪانه ھئي ، ھن جي تحريڪ جي شروعات ڪندڙ ڪوئي گوڪلي ، تلڪ ، سي ـ آر ـ راس ۽ آزاد نه ھو. ڪو ئي موتي لال نھرو نه ھو. جيڪو پارٽئَ جي لاءِ پنھنجو شاندار محلات وقف ڪري. ڪوئي ڏاڏا ۽ برلا مدد لاءِ ڪونه ھو. اخبارن ۽ نشرياتي ادارن جي حمايت ۽ مدد نه ھئي ، ڪو به ٽيگور ، نذرالسلام ،سھر وردي ۽ فضل الحق ڪو نه ھو. ھو اڪيلو ھو، تن تنھا ائين محسوس ٿي رھيو ھو ته جيئن ڪوئي اجنبي آبائي رستن تان گذري رھيو ھجي ۽ ڪو به ماڻھو ان کي ٻڌڻ ۽ سڃاڻڻ لاءِ تيار نه ھجي . چوڌاري رڃ ۽ رائو ، ڏکيا ڏونگر ، واٽن تي واري ، جبلن جون جاڙون، ڪيترا ڪيھر ٻيلائي ، رڇن جون رانڀاڙون ، بگھڙن ، گدڙن ۽ ڀولڙن جون اوناوئين، ڪيترا مِرُون ماس پٽڻ لاءِ آڌا. نه ملڪ ۾ ڪوئي ڀڻڪو ڀليرو نه وري ڪنھن ڳڀري جو ڳڙڪو . چوڌاري ڪاريھرن جا ڪر ، لنڊين جون لوڌون ۽ راڄ مٿان راڪاسن جا گھيرا ، اھڙي ماحول ۾ ، اھو اڪيلو انسان ھو جي ايم سيد ...
                   انھئَ ماحول ۾ ھن عزم جي پڪي ۽ باحوصلي انسان ھمت نه ھاري ، الٽو ملڪي ۽ بين الااقوامي حالتن جو جائزو وٺي ، پنھنجي ڌرتي ۽ انجي معصوم ، پر اٻوجھ عوام جي شاندار مستقبل لاءِ جدوجھد شروع ڪئي . آءُ ان وقت جي ماحول ۾ سيد جي آزادي تي سوچيندو آھيان ته مون کي ائين محسوس ٿيندو آھي ته مھاراجا ڏاھر جي حب الوطني ، دودي سومري جي بي مثال دليري ، ڄام نظام الدين جي ديانت ۽ شرافت ، دولھ دريا خان جي سورھيائي ۽ دانائي ، مخدوم بلاول جي ھمت ۽ حوصلو ، شاھ حيدر جي شاندار قومي غيرت ، شاھ عنايت شھيد جي باھمت تصوف وارا جذبا ۽ سنڌ جي بيشمار بھادرن ، دليرن ۽ سنڌ کي سر ڏيندڙ جي قوم پرستئَ جا حوصلا جيڪي صدين کان سنڌ جي فضائن ۾ کڙيل تارن وانگر ڀٽڪي رھيا ، تن کي سيد جي روپ ۾ ھڪ پيڪر جسم ملي ويو ۽ ھنن سيد جي ذھن ، ضمير ، دل ۽ دماغ ۾ بسيرو ڪري ڇڏيو.جن کي لطيف جي شاعري زنده جاويد ، تازو ، توانو ۽ امنگن سان ڀرپور بنائي ڇڏيو.اڄ سنڌ جي گھٽئَ گھٽئَ ۾ ڪنھن انوکي گيت جي جيڪا گونجار آھي ، شھر شھر ۾ ڪوئي الستي آواز ڪر موڙي اٿي رھيو آھي . سنڌ جي فضائن ۾ وطن دوستئَ جي انڊ لٺ جون جيڪي ريکائون پکڙيل نظر اچن ٿيون . ڪراچي جي بندر کان وٺي بمبئي تائين قومپرستئَ جي موسيقئَ جون جيڪي لھرون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون . اڄ جيڪي آزادئَ جا ڪوڏيا زنجير جي آواز تي قيد جي ديوارن کي زندگئَ زنده دلي بخشي رھيا آھن.۽ پاڪستا نجي وزيراعظم کان قومي اسيمبلئَ جي ايوان کان وٺي ڪئناڊا جي ھوائي اڏي تائين سنڌ جي متعلق جيڪا سوالن جي بوڇاڙ ٿي رھي آھي.اھو سڀ ڪجھ ھن ئي انسان جي ڪوشش ۽ ڪاوش جو نتيجو آھي ۽ سندس ئي سڏ جو پڙاڏو آھي ۽ اڄ پوري پاڪستان ۾ اھو ئي انسان آھي ، جنھن جي چپن جي جنبش سان چوڌاري للڪارون ٿي وڃن ٿيون ۽ ايوانن ۾ زلزلا پئجي وڃن ٿا. سيد کي مائو ۽ لينن جي مقابلي ۾ آڻڻ وارا پھرين انھئَ ماحول کي نظر ۾ رکن جيڪو سيد کي مليو .
                   ڪاش ! مائو ، لينن ، گانڌي ۽ مجيب کي به اھڙو ماحول ملي ھا ، جيڪو سيد کي مليو . سيد کي اھڙي فضا ملي ھئي ، جنھن ۾ ڳالھائڻ ائين ئي ھو جيئن قبرستان ۾ ٻانگ ڏيڻ ، پر سيد انھئَ سياسي قبرستان کي پرجھش ھجومن جي نعرن جي آماجگاھ بنائي ڇڏيو آھي. اھو سيد جو ڪمال آھي ۽ ٻيو ڪو ماڻھو شايد ئي ايترو ڪجھ ڪري سگھي....


ڪتاب جي ايم سيد  
ليکڪ :محترم عبدالواحد آريسر
پيج نمبر 163 کان 182

Friday, 5 August 2011

رهبرِ سنڌ سائين جي.ايم سيد جا انٽرويوز



رهبرِ سنڌ سائين جي.ايم سيد جا انٽرويوز


سوال: عام طرح چيو وڃي ٿو ته سنڌ تمام ننڍو ملڪ آهي اهو آزاد ملڪ طور قائم رهي نه سگھندو. ان لاءِ اوهان جو ڇا چوڻ آهي؟
جواب: اها ڳالهه ته سنڌ ننڍو ڪمزور ۽ پيداواري وسيلن ۾ گھٽ ملڪ آهي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگھندو، غلط آهي. مون ان مسئلي تي پنهنجي ڪتاب ” سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ“ ۾ تفصيلي روشني وڌي آهي. جنهن۾ڏيکاريو اٿم ته اقوام متحده جي اٽڪل 150 ميمبر ملڪن مان 110 ملڪ سنڌ کان ايراضيءَ ۽ آدمشماريءَ يا پيدائش ۾ گھٽ آهن ۽ سنڌ تاريخ جي گھڻي دور ۾آزاد ملڪ طور پئي رهي آهي. ان کانسواءِ اهو به ڏيکاريو اٿم ته هن وقت عام آواز ايترو زوردار ۽ اثر وارو ٿي چڪو آهي جوڪو به وڏو ڀر وارو ملڪ ننڍي ملڪ تي زوريءَ سڌو سنئون قبضو گھڻي وقت تائين نه ٿو رکي سگھي. ڪيترا ملڪ اهڙا آهن جن کي پنهنجون فوجون ڪونه آهن ۽ انهن جي ايراضي به سؤ چورس ميلن جيتري مس آهي. ڪويت، مالٽا، لگسمبرگ، اردن، اسرائيل، ابوظهبي،(عرب امارات)، اردن، يمن، مالديو وغيره ملڪ، انهن مان ڪجھه آهن جيڪي اقوام متحده جا ميمبر آهن ۽ آدمشماريءَ، آباديءَ ۽ پيداوار ۾ سنڌ کان گھٽ آهن. تنهنڪري اهو چوڻ ته سنڌ ننڍو ملڪ آهي، آزاد رهي نه سگھندو، سا ڳالهه غلط ۽ ڌوکي کانسواءِ ڪجھه به ناهي. سنڌ جي ايراضي 57 هزار چورس ميل آهي ان ۾ آباديءَ جي لائق زمين 3 ڪروڙ ايڪڙ ٿي سگھي ٿي. سنڌ ۾ سامونڊي بندر آهي، مال جي چاري جا وسيع ميدان آهن، کاڻين ۽ معدنيات وارا جبل آهن ، تيل، قدرتي گيس موجود آهي1500 کان مٿي مختلف قسمن جا ڪارخانا آهن. سنڌ ۾ گھڻي تعداد ۾ ڪمند ڪپهه ۽ ڪڻڪ پيدا ٿئي ٿي. باغن لاءِ سنڌ وسيع زمين آهي. سامونڊي ڪناري درياهه ۽ ڍنڍن ۾ گھڻي تعداد ۾ مڇي مري ٿي، جا ٻاهر موڪلي ويندي آهي. جيڪڏهن چتائي ڏسبو ته سڄي پاڪستان جو مدار سنڌ تي آهي ۽ سنڌ کانسواءِ پاڪستان لولو لنگڙو آهي. سنڌ پيداوار جا انگ اکر منهنجي ڪتاب” سنڌوءَ جي ساڃاهه“ ۾ ڏنل آهن. هن وقت سنڌ ۾ ڪپهه11لک 67 هزا ر ايڪڙن تي پوکي وڃي ٿي. آزاديءَ بعد اها ايراضي وڌائي ٽيڻي ڪري سگھجي ٿي ڇو ته آزاديءَ بعد اسان سنڌو درياهه جو پورو پاڻي استعمال ڪري سگھنداسون. هن وقت پنجاب اسان جو پاڻي 1945 جي معاهدي جي خلاف ورزي ڪري کڻي وڃي ٿو. جنهن ڪري اسان وڌيڪ آبادي ڪري نٿا سگھون. سنڌ م ڪمند هيٺ 2 لک 51 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي پر آزاديءَ بعد وڌائي 11 لک ڪئي ويندي. ڪڻڪ هن وقت 20 لک 76 هزار ايڪڙن تي پوکي وڃي ٿي، پر آزاديءَ بعد اها ايراضي وڌائي 50 لک ايڪڙ ڪئي ويندي. سنڌ ۾ هن وقت 1 لک ايڪڙن تي ڀاڄيون ٿين ٿيون آزاديءَ بعد لک5 ايڪڙ جي ايراضيءَ تي ڀاڄيون پوکي پيداوار ۾ اضافو ڪنداسون. هن وقت سنڌ ۾ سيمنٽ جا صرف پنج ڪارخانا آهن ۽ آزاديءَ بعد انهن جو تعداد وڌائي ويهه ڪيو ويندو. ان وقت سنڌ جي استعمال کان واڌو سيمنٽ ٻاهر موڪلي پرڏيهي ناڻو ڪمايو ويندو. سنڌ کي 150 ميلن جو سامونڊي ڪنارو آهي جنهن ۾ هر سال هڪ لک نوي هزار ٽن مڇي مري ٿي، ان ڪم لاءِ 800 ٽرا لر، 800 لانچون ۽ ساڍي ٽي هزار ٻيريون استعمال ٿين ٿيون. آزاديءَ بعد ٽرا لرن، لانچن ۽ ٻيرين جو تعداد وڌائي مڇيءَ جي پيداوار جو اضافو ڪري سگھنداسون. سنڌ ۾ هن وقت 520 ڍنڍون، ڍورا ۽ پاڻيءَ جا تالاب آهن، جن مان هن وقت پوري نظرداري نه هئڻ ڪري به اٽڪل 19 هزار ٽن مڇي مري ٿي. آزاديءَ بعد ان جو تعداد ٻيڻو ٽيڻو ڪري سگھجي ٿو. اهي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي واضع ڪن ٿيون ته سنڌ وڏي پيداوار وارو ملڪ آهي ۽ ننڍو ملڪ ناهي ۽ آزاديءَ بعد اهو ٿوري وقت اندر دنيا جي ترقي يافته ۽ شاهوڪار ملڪن مان هڪ بنجي سگھي ٿو.
 
سوال: اسان وٽ نه فوج آهن نه ماڻهو منظم آهن نه اسان وٽ دولت ۽ ٻيا وسيلا آهن. ان کان سواءِ اسان جي مٿين طبقي وڏيري، پير، مُلي ۽ ڪاموري جي گھڻائي ڌارين جي دلال آهي.. ان صورت ۾ سنڌو ديش ڪيتري قدر ممڪن آهن؟

جواب: جيڪي حالتون ڄاڻايون وڃن ٿيون، سي هڪ حد تائين صحيح آهن، پر هڪ غلام ملڪ جون حالتون ان نموني جون ٿينديون آهن. هندستان جڏهن انگريزن جي غلاميءَ هيٺ هو ته ان جي رهاڪو مسلمانن، هندن ۽ سکن جو مٿيون طبقو انگريزن جي غلاميءَ ۾ راضي هو. انگريزن، آزاديءَ جي تحريڪ هلندي هنن کا ن ملڪ دشمني ۽ غداريءَ جا ڪيئي ڪم ڪرايا، جنهن جي عيوض جاگيرون، عهدا، ماجسٽريٽيون، سر ۽ خانبهادريءَجا لقب ۽ ٻيون نوازشون ڪيون ويون ٿي. پر جنهن وقت ماڻهن جي گھڻائي آزاديءَ جي لاءِ خواهشمند ٿي ته هتان جي ماڻهن ٽن طريقن سان آزاديءَ جي راهه ۾ ڪم ڪيو. هڪڙن اسيمبليءَ ۾ وڃي ميمبر ٿي ملڪ جي حقن جي حفاظت جو آواز اٿارڻ شروع ڪيو، ٻين دهشت پسندي ۽ تشدد ذريعي آزادي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٽين وري مهاتما گانڌيءَ جي رهنمائيءَ هيٺ اهنسا جي اصول تي قائم رهي انگريزن سان تعاون نه هئڻ، سوِل نافرماني ۽ بائڪاٽ وغيره جي طريقن تي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي. پوءِ ٿوري وقت اندر لکين ماڻهون جيلن ۾ ويا، لٺيون جھليائون، سينن تي گوليون سٺيائون، ملڪيتون ۽ جائدادون ضبط ڪرايائون. پر آزاديءَ جھڙي لهر کي برٽش امپائر جھڙي طاقتور قوت روڪي نه سگهي. ۽ بين الاقوامي عام راءِ انگريزن کي مجبور ڪيو ته هندستان خالي ڪري وڃن. هتي اسان به ساڳئي طور تي مٿين ٽن طريقن سان سامراجين کي مجبور ڪري آزادي حاصل ڪري سگھنداسون. جڏهن اسان جا هزارين جيلن ۾ وڃي لٺين کائڻ لاءِ تيار ٿيندا ته دنيا جي عام راءِ ۽ آزاديءَ جا همدرد ملڪ اسان جي مدد ڪندا ۽ اهو وقت پري ناهي جو سنڌو ديش به دنيا جي نقشي تي آزاد ملڪ جيان اڀري اچي. پر ان لاءِ پهريون قومي ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ ضروري آهي ۽ ماڻهن ۾ آزاديءَ لاءِ جذبي جو پيدا ٿيڻ لازمي آهي. کري ۽ کوٽي کي سڃاڻڻو آهي. ڪرسيءَ جي بکئي ۽ لالچي ماڻهن کي تحريڪ جي آڏو اٿڻو ناهي ۽ انهن جي دوکيبازين کان بچي سنڌ ۽ سنڌ جي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. شخصي ليڊر شپ جي جاءِ تي گڏيل ليڊرشپ ۽ اصولن لاءِ ڪم ڪرڻ جي ماڻهن ۾ عادت پيدا ڪرڻي آهي. پوءِ اهو ڏينهن پري ڪونه ٿيندو جو اسان باوجود مٿي ڄاڻايل مشڪلاتن جي سنڌي آزاد ڪرائي سگھنداسون.

سوال: مرحوم ذالفقارعلي ڀٽي جي حڪومتي دور ۾ هن پنجاب کي وڏا فائدا ڏنا جھڙوڪ: نوي هزار قيدي آزاد ٿيا، ڀارت وٽان ڦٻايل ملڪ جو حصو واپس ورتو، لاهور ۾ خشڪ بندر ٺهيو، آئين ۾ پنجاب جي بهتري حاصل ٿي. مقامي قومن جو وجود آئيني طور ختم ڪيو ويو وغيره ، پوءِ ڪهڙو سبب هو جو پنجابين پنهنجي وڏي خير خواهه کي ڦاسيءَ چاڙهيو؟


جواب: انهيءَ مسئلي کي پوري طرح سمجھڻ کان سواءِ ڪيل سوال جي دائري ۾ ان جو جواب ڏيڻ حقيقت جي پوري طرح عڪاسي ڪري نه سگھندو؛ تنهنڪري آءُ بهتر ٿو سمجھان ته ان مسئلي تي تاريخي پس منظر سان نگاهه وجھي جواب ڏنو وڃي. هندستان هڪ برصغير آهي، ان ۾ مختلف جاگرافي خطن، جدا جدا آبهوائن، مختلف قومن، جدا جدا مذهبي خيالن، جدا جدا زبانن ۽ نسلن جا ماڻهون رهندا آهن. ان تي ٻن حقيقتن يا جزن (factors) پنهنجي نقطه نظر کان اثر انداز ٿيڻ ڪوشش پئي ڪئي آهي. هڪ طرف جاگرافيءَ ۽ تاريخي بنيادن تي، ماحول ۽ مختلف سببن جي ڪن مخصوص ٽڪرن (خطن) ۾ مختلف زبانن، نسلن، ڪلچر، سياسي ۽ اقتصادي فائدن گڏجي قومون بنائڻ جو ڪارنامو سرانجام پئي ڏنو آهي. ٻئي طرف مختلف نظرين جي بنياد تي مذهبي ماڻهن يا بادشاهن ملڪ کي گڏي هڪ ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. ٻنهي ڌرين کي پنهنجا پنهنجا دليل ۽ جواز پئي رهيا آهن. ان پسمنظر کي سمجھڻ لاءِ آئون ٻن هزار سالن جي تاريخ ۽ ان تي ڄاڻايل ٻن حقيقتن جي پاڻ ۾ تضاد وارن اختلافن کي ٽن دورن ۾ ورهائي ذڪر ڪندس. هڪ دور مها راجا اشوڪا کان وٺي انگريزن جي دور تائين شمار ڪري سگھجي ٿو. ٻيو دور پاڪستان ٺهڻ کان وٺي يحى خان جي دور تائين ليکبو. ٽيون دور ڀٽي ۽ موجوده حڪومت جو دور سڏي سگھجي ٿو. پهرين دور ۾ هڪ طرف ٻڌن، هندن،۽ مسلمانن پنهنجي مذهبي نظرين جي آڌار تي سامراج برپا ڪري متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ٻئي طرف مڪاني سياسي ۽ اقتصادي اختلافن آبهوا جي تفاوت ۽ نسلن جي جدا گانه حيثيت ماڻهن کي ڪن خاص خطن ۾ قومن جي صورت وٺائڻ ۾ مدد پئي ڪئي آهي. ڪڏهن طاقت جي زور تي اشوڪا ٻڌڌرم جي بنياد تي سڄي هندستان کي متحد ڪرڻ جي پاليسي پئي هلائي ته ڪڏهن ”وڪر ماجيت“ جي دور حڪومت ۾هندو مذهب کي زور وٺائي ان ذريعي هندستان ۾ هڪ خيال ۽ يڪجھتي ويدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪڏهن وري مسلمانن جي دور حڪومت يعني علاءُالدين خلجي ۽ اورنگزيب جي ڏينهن ۾ هندستان جي مختلف پرڳڻن کي فتح ڪري اسلام جي بنياد تي سڄي هندستان کي متحد ڪرڻ ڪوشش ڪئي وئي. اهي ڪوششون پرڳڻن جي اختلافن، آبهوائن جي تفاوت، ماحولن، نسلن، ٻولين ۽ تهذيبن جي جداگانه وجودن سبب عارضيءَ طرح ڪاميابيءَ جي ويجھو نظر آيون، پر مڪمل طرح ڪامياب نه ٿي سگھيو ۽ نه مختلف سامراج گھڻو وقت جٽاءُ ڪري سگھيا. ٻيو دور پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي يحى خان جي دور تائين هليو. هن دور ۾ تاريخي حقيقتن کي نظرانداز ڪري اسلامي نظرين جي بنياد تي پاڪستان ۾ مختلف شريڪ قومن کي سندن زبانن، تاريخي روايتن، تهذيبن، سياسي ۽ اقتصادي مفاد ۽ تاريخي ۽ جاگرافيائي حقيقتون جدا هيون. ان ڪري اهي ڪوششون ڪامياب ٿي نه سگھيون. ان مذهبي ڏاڍ جي ڪري مورڳو اوڀر پاڪستان ، بنگلاديش جدا قومي حيثيت حاصل ڪري آزاد ٿي ويو. تجربي جي بنياد تي سياستدانن کي سڄي مسئلي تي نئين سر غور ڪرڻ گھربو هو، پر ائين نه ٿيو. ڀُٽي جي دور حڪومت ۾وري ساڳيون غلطيون مذهب جي نالي ۾ دهرايون ويون. رهيل پاڪستان ۾ تاريخي ۽ جاگرافيائي وجود رکندڙ قومن (سنڌين، پنجابين، بلوچن ۽ پٺاڻن) کي زبردستيءَ هڪ قوم ” پاڪستاني قوم “ بنائڻ جي ڪوشش جاري رکي وئي. هيءَ ڳالهه پاڪستان ٺهڻ بعد پيدا ٿيل ”نظرئي پاڪستان“ جي هڪ ڪڙي هئي. ڀُٽي صاحب پنهنجي دور۾ جيڪي ڪم ڪيا انهن جي جدا حيثيت ڪانه هئي. پر مٿي ڄاڻايل مختلف دورن ۾ ايجاد ڪيل نظرين جي شاخ هئا. مهاجر ـ پنجابي سامراجين سنڌ مان ڀٽي صاحب کي ذهني صلاحيتن جو مالڪ سمجھي اقتدار لاءِ چونڊي پنهنجي اصل مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڪم آندو. ڀٽي جي پنهنجي آزاد حيثيت ڪانه هئي، پر هو ان نظرياتي گروهه جو گماشتو هو. ان ڪري جڏهن مهاجر ـ پنجابي سامراج ڏٺو ته ڀٽو پنجن سالن جي ڪوششن باوجود پاڪستان کي حقيقي طور ” هڪ ملڪ “ بڻائي نه سگھيو ۽ نه ” گھڻ قومي اختلافن “ کي پوري طرح ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جيتوڻيڪ سنڌين، پٺاڻن ۽ بلوچن طرفان قومي حقن جي گھر تي مٿن بغاوت جا ڪيس هلائي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ان ۾ حقيقي ڪاميابي ڪانه ٿي سگھي هئي. ٻئي طرف ڌارين سامراجين جي ڦر لٽ سببان سنڌ ۾ پيدا ٿيل رنجيدگي ۽ بي اطمينانيءَ ”سنڌو ديش“ جي آزاديءَ جي تحريڪ اڀري آئي هئي. اهي ٻئي ڳالهيون مهاجر ـ پنجابي سامراج جي موت جو ڪارڻ بڻجي سگھيون ٿي. جيئن ته نظرياتي طرح ماڻهن کي متحد ڪرڻ جا تصور تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي بنياد تي پدا ٿيل قومن جي خلاف هئا، ان ڪري ڀٽو صاحب پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ٿي نه سگھيو. تنهن ڪري( مهاجر ـ پنجابي سامراجين ) ڀٽي کي اقتدار اعلى تي آندوهو، تن کس مکيه مقصد ۾ ناڪام ٿيڻ ڪري اقتدار تان هٽائي کيس ناڪاميءَ جو جوابدار سمجھي آخر ۾ ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏيو. ڀٽي صاحب نه صرف اسلام جي بنياد تي پر سوشلزم ۽ جمهوريت جي نالي ۾ ماڻهن کي متحد ڪرڻ ٿي گھريو، پر جنهن صورت ۾ تاريخي ۽ جاگرافيائي حقيقتون نظرياتي بنيادن تي ملڪ کي متحد ڪرڻ جي خلاف هيون، ان ڪري ڀٽو صاحب رٿيل مشن ۾ ناڪامياب ٿيو. هن وقت کيس اقتدار تان هٽائيندڙ ماڻهو (مهاجر ـ پنجابي سامراج)سوشلزم ۽ جمهوريت جي نعرن کي ڇڏي صرف مذهب جي نالي ۾ ماڻهن کي زوريءَ پاڪستاني قوم بنائي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر اهي به ناڪامياب ٿيندا، ڇاڪاڻ ته هزارن سالن جي تاريخي، جاگرافيائي، زباني، تهذيبي، سياسي ۽ اقتصادي اختلافن هوندي اهو منصوبو پورو ٿي نه سگھندو. هنن ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏئي مهاجر پنجابي سامراج جي هڪ هٽي ( Monopoly ) ۽ قبضي کي مظبوط ڪرڻ ۽ اڀري آيل گھڻ قومي لاڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪا پاليسي هلائي آهي سا ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب نه ٿيندي، پر ڏک اهو ٿيندو ته هنن سامراجين جي مذهبي ڏاڍ جي ڪري ماڻهن مان مونڳو اسلام جي محبت به ختم ٿي ويندي. لطيف سرڪار فرمايو آهي
ڪٺيس ڪويڄن، تن طبيب نه گڏيا
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏين ڏکويو!
 
سوال: ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي وڏيرن ۽ مفاد پرست ۽ انهن کان سواءِ ٻيا اڪثر ماڻهو” جيئي سنڌ تحريڪ “کي سمجھڻ لڳا آهن ۽ چاهن ٿا ته” سنڌ ۽ سنڌين جو حل پاڪستان جو ٽٽڻ“ آهي. ان جذبي منظم ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟

جواب: ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کان پوءِ سنڌ جي اڪثر عوام ۾ پاڪستان جي خلاف جيڪو ردعمل پيدا ٿيو آهي سو پخته دماغي ۽ صحيح شعور جي ڪري نه ٿيو آهي، پر هڪ جذباتي رجحان آهي. پر جيڪڏهن ڪٿي اهو ردعمل صحيح صورت ۾ آهي به ته اهو اسان جي جيئي سنڌ تحريڪ جي لاڳيتي ۽ وقت بوقت اٿاريل آواز جو نتيجو آهي. ڀٽي جي ڦاسيءَ کان اڳ ڪي مخلص ماڻهو صحيح حقيقتن کان واقفيت نه هئڻ ڪري مون وٽ آيا ۽ چيائون ته آئون ڀٽي کي ڦاسيءَ کان بچائڻ لاءِ رحم جي اپيل ڪريان. مون کي خبر هئي ته ڀٽي صاحب پنهنجي دور حڪومت ۾ مهاجر ـ پنجابي سامراج کي وڏا فائدا رسايا ۽ٌ سنڌ کي نقصان پهچايا هئا، پوءِ به حالتون ان ڪڙيءَ تي وڃي بيٺيون جو کيس اقتدار تي آڻڻ وارين ڌرين مٿس ڪيس هلائي ڦاسي ڏيڻ پئي گھري. انهن ساڳين سامراجين مون کي سنڌي قوم جي آزاديءَ جي آواز ڪڍڻ سبب، بنا ڪيس هلائڻ جي دائمي نظربند ڪري ڇڏيو هو. دنيا جي وڏن اڳواڻن جمي ڪارٽر، برزنيف، ڪرٽ والڊهائيم، فرانس جي صدر، شاهه خالد ۽ ٻين جي ” رحم جي اپيلن“ جي باوجود سامراجين ڀٽي کي آزاد نه ڪيو، سي مون جھڙي ۽ سندس بنيادي مخالف جي اپيل تي کيس ڪيئن ڇڏي پئي سگھيا، سا ڳالهه پڌري پٽ پئي هئي. ڀٽي جي پوئلڳن کي اڃان صحيح سمجھه نه آئي آهي ۽ اهي اڃان به هڪ ڀيرو (پنجاب جي پٺيان لڳي) گمراهه ٿي سگھن ٿا. اها ڳالهه سمجهڻ جي لائق آهي ته انسان روح ۽ مادي جو مرڪب آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو شخصي طرح خراب ڪم ڪري ٿو ته ان جي کيس سزا عملي طور دنيا ۾ ملي ٿي. پر ڪي ڏوهه اهڙا به آهن جن جو قوم جي مجموعي مفاد، اخلاق ۽ مستقبل جي زندگيءَ سان واسطو رهي ٿو. انهن جي سزا عملي دنيا ۽ نتيجن جي دنيا (تاريخي دنيا) ٻنهي ۾ ملڻي آهي. ( ان ئي اصول تي مختلف مذهبن وارن عملن جي سزا وارو تصور ايجاد ڪيو آهي. ) ان ڪري ضروري آهي ته ڀٽي صاحب جي سنڌي پوئلڳن کي هاڻ پاڪستان جي سياست ڇڏي ”سنڌ جي سياست“ ۾ ايمان رکي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪرڻ کپي. سنڌ ۾ پاڪستان ۽ پنجاب جي خلاف پيدا ٿيل آواز کي وڌائي منظم ۽ مظبوط ڪرڻ کپي. اهو ئي واحد حل ۽ نجات جو ذريعو آهي.
سوال: پاڪستان کان سنڌ کي آزاد ڪرائڻ جي جدوجهد ۾ اسان سنڌين جو بلوچن سان اتحاد ڪرڻ ڪيتري قدر فائديمند ثابت ٿيندو؟

جواب: مون کي صحيح طور معلوم نه آهي ته بلوچن جي موجوده ليڊرشپ جا اصل ارادا ۽ مقصد ڪهڙا آهن. جيڪڏهن اهي بلوچستان کي جدا ملڪ سمجھي پاڪستان کي ڊاهي پنهنجي ملڪ کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا ته ان حالت ۾ اسان مظلوم جي حثيت ۾ هم زخيال مظلوم قوم سان گڏجي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪري سگھون ٿا ۽ اها جدوجهد اسان لاءِ فائديمند ٿي سگھي ٿي. جيتري قدر مون غور ڪيو آهي ته موجوده پاڪستان جي چئن پرڳڻن مان پٺاڻ ۽ پنجابي سامراجين جي مرضي آهي ته سنڌ کي ڪالوني بنائي ان جو اقتصادي، سياسي ۽ تهذيبي استحصال ڪيو وڃي. سنڌ ئي اهو واحد صوبو آهي جو مالي وسيلن ۾ زرخيز آهي. ان کي سمنڊ ڪنارو آهي، ٻاهرين ملڪن سان واپار لاءِ بندر آهي. ان ۾ کاڻين ۽ تيل ملڻ جا امڪان آهن. هتي هنري ڪارخانن کولائڻ لاءِ سهولتون موجود آهن. سنڌ ۾ زراعت ۽ مالداريءَ لاءِ گھڻا موقعا ميسر آهن. سامونڊي مڇي گھڻي انداز ۾ مري ٿي ان ڪري باقي صوبا، جيڪي اقتصادي وسيلن ۾ گھٽ آهن سي مشڪل سان استحصال مان هٿ ڪڍن، ڇاڪاڻ ته اهي سنڌ جي ڪمائيءَ وسيلي ئي پنهنجي خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ جا خواب ڏسي رهيا آهن. تنهنڪري آخرڪار اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهي آزادي حاصل ڪرڻي پوندي.
شاهه لطيف جو هيٺيون بيت اسانجي رهنمائي ڪري سگھي ٿو:

هيڪليائي هيل، پورينديس پنهونءَ سين،
آڏا ڏونگر، لڪيون، سوريون سجھن سيلهه،
ته ڪر ٻيلي آهن ٻيلهه، سور پريان جا ساڻ مون!

اتحاد هميشه هم خيال ۽ مقصدن جي هڪجھڙائي رکندڙ قوم سان ٿي سگھي ٿو. باقي مستقل مفاد سامراجين سان اتحاد ڪرڻ غلطي ٿيندي، ان ڪري ڪنهن به هم خيال ۽ مظلوم قوم سان اتحاد فائديمند ٿي سگھي ٿو.

سوال: ڇا موجوده صورتحال ۾ اوهان جي تحريڪ جا ماڻهو چونڊن ۾ حصو وٺندا؟ ڇا چوندون سنڌ جي بنيادي مسئلن جو حل آهن.؟
جواب: موجوده پاڪستان جي آئين موجب سنڌ کي نه جدا آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت حاصل آهي ۽ نه ان جوجدا قومي وجود برقرار آهي. موجوده آئين ۾ اسان هڪ وڏيءَ پنجابي قوم جي قبضي هيٺ اقليت طور غلام رکيا ويا آهيون. سنڌ جا مفاد ۽ پنجاب جا مفاد ساڳيا ناهن، پر متضاد آهن. جا ڳالهه هنن لاءِ فائدي واري آهي، سا اسان جي نقصان جو ڪارڻ بنبي ۽ جيڪا اسان لاءِ فائدي واري آهي، سا هنن کي نقصان رسائيندي. هن آئين مطابق چونڊن ۾ حصو وٺڻ پنهنجي اقليت ( ٿورائي ) کي تسليم ڪرڻ، قومي وجود جي انڪار کي قبول ڪرڻ ۽ سنڌين جي جدا ملڪي حيثيت تان هٿ کڻڻ جي برابر آهي. اسان جي مسئلي جو حل چونڊن وسيلي نه پر آزاديءَ جي جدوجهد وسيلي حاصل ٿي سگھندو. تنهن ڪري چونڊن لاءِ سوچڻ به پاڻ کي گمراهه ڪرڻ ۽ پاڻ کي غلط مفروضن ۾ ڦاسائڻ جي برابر ٿيندو. انڪري جيئي سنڌ جو ڪو به ماڻهو چونڊن ۾ حصو نه وٺندو.....

Monday, 1 August 2011

ڪتاب رھبر سائين جي ايم سيد

سنڌ ھزارن سالن کان وجود رکي ٿي. سنڌي قوم ، انھئَ ھزارن سالن جي تسلسل ۾ وجود پذير ٿي. انھئَ جي گواھي سنڌ ۾ جڳھ جڳھ موجود قديم آثار ڏين ٿا. اھي آثار سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحالئَ جي پڻ ساک ڀرين ٿا.

سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالئَ جون گواھيون دنيا جي اوائلي تاريخن ۽ سياحن جي سفر نامن مان ملن ٿيون. سنڌ اوائلي دور ۾ زارعت جي ميدن ، ڪپڙي جي صنعت ۽ فن تعمير ۾ ڪافي ترقي ڪئي. انھئَ جو سبب اھو ھيو ته ان وقت سنڌ آزاد ھئي. انھئَ آزاديءَ واري دور ۾ ئي موھن جي دڙي واري تھذيب جنم ورتو ھيو ۽ آمري ،رني ڪوٽ ۽ ڪوٽ ڏجي جي تعمير ٿي ھئي.پر بار بار ٻاھرين حملن سنڌ تي ڌارين جي قبضي ، نسل جي بنياد تي اختيار ڪيل امتيازي سلوڪ ۽ مسلسل ڦرلٽ سنڌ جي ترقئَ جي رفتار کي نه صرف روڪيو ، بلڪ پٺتي ڌڪي ڇڏيو. جيئن ته غلامي واري دور ۾ قومن جي ترقي رڪجي وڃي ٿي. جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ اڄ ھڪ پٺتي پيل غلام ملڪ آھي. انگريزن جو سنڌ تي 104 سال قبضو رھيو. انھن به سنڌ کي خوب لُٽيو ۽ ڦريو. ھنن ريلوي لائين ۽ ڪجھ روڊ رستا ته ٺھرايا پر انھئَ جو مقصد صرف سنڌ مان ڪچو مال گڏ ڪري کڻي وڃڻ ھيو ۽ انجي جاءِ تي برطانيا جو تيار ڪيل مال سنڌ جي مارڪيٽ ۾ آڻي وڪرو ڪرڻ ھيو. چيو ٿو وڃي ته انگريز وڏا مھذب ھيا. ليڪن ھنن 104 سالن ۾ سنڌ ۾ ڪوبه جديد تعليم جو رواج نه وڌو. ڪابه جديد صنعت متعارف نه ڪرائي . صرف ڪوئلي تي ھلندڙ ڪاريون انجڻيون مال ڍوئڻ لاءِ کڻي بيھاريون ھيون. جڏھڻ سنڌ جي مارڪيٽ ۾ يورپ جي ڪارخانن جو تيار ٿيل ڪپڙو ، سنڌ جي اُڏاڻن ۾ تيار ٿيندڙ ڪپڙي جي ڀيٽ ۾ سستو ۽ ججھي تعداد ۾ آڻي رکيو ويو. ته انجو نتيجو اھو نڪتو جو سنڌ جي ڪپڙي جي اوائلي صنعت ختم ٿي وئي. ڪورڪو ڌنڌو ڪندڙ ماڻھن واپس زمين جو رُخ ڪيو ۽ اھڙي ريت سنڌ ترقئَ جي ميدان ۾ پٺتي رھجي وئي.سنڌ جي ماڻھن انگريزن جي دور ۾ پنھنجي قوم سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ غلامي خلاف جدوجھد جو آواز بلند ڪيو. ان وقت جيڪا صورتحال بڻي ان جي نتيجي ۾ سنڌ پاڪستان ۾ شامل ٿي. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ پنجاب پنھنجي بيروڪريسئَ طاقت جي زور تي نه رڳو حڪمرانئَ تي قبضو ڪيو پر پاڪستان ۾ شامل سمورن ملڪن کي غلام بڻائي ڇڏيو.

پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ شروعاتي دور ۾ سنڌ ۾ ٿوري گھڻي صنعتي ترقي ٿي بعد ۾ انھئَ جو مڪمل رُخ پنجاب طرف موڙيو ويو ۽ اڄ پنجاب صنعتي ملڪن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائڻ جھڙو اچي ٿيو آھي. پاڪستان ۾ شامل ٻين قومن جا وسيلا به ڦري مرڪز جي نالي ۾ پنجاب جي حوالي ڪيا ويا آھن ۽ خاص طور سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ جي ڀرمار آھي. نتيجي طور نه رڳو سنڌي قوم پٺتي پيل رھجي ويئي آھي ،ھوندي سوندي ، بُک، بيروزگاري ۽ مھانگائي آڳي پر ھاڻ ته سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو ڊپ آھي. ڌاري آبادڪاري نه رڪجي سگھي ته سنڌي پنھنجي وطن ۾ ھڪ ننڍڙي اقليت بڻجي ويندا.

سائين جي ايم سيد پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ڪوشش ڪئي ته پاڪستان ۾ سنڌي قوم کي پنھنجا حق حاصل ٿين، ليڪن ھتانجي حڪمرانن ، ڊڪٽيٽرشپ مڙھي ، يا عددي اڪثريت جي بنياد تي جمھوريت جو ڍونڍورو وڄائي ھتان جي قومن جو استحصال جاري رکيو. سائين جي ايم سيد شروعاتي دور ۾ سنڌ سان ٿيندڙ مڙني ناالصافين جي خلاف اسيمبلين جي ايوانن ۽ ٻين مختلف پليٽ فارمن تان آواز بلند ڪيو ، ليڪن جيئن پوءِ تيئن صورتحال اھڙي بڻجندي وئي جو سائين جي ايم سيد انھئَ نتيجي تي پھتو ته سنڌ جي مڪمل آزاديءَ کان سواءِ سنڌ جو مسعلو حل ٿي نه سگھندو. انھئَ لاءِ سائين جي ايم سيد . “ سنڌو ديش جي آزاديءَ جو نظريو ڏنو ۽ چيو ته سنڌ ھزارن سالن کان وجود رکي ٿي، سنڌي قوم کي پنھنجي ڌرتي ، ٻولي ڪلچر ، قومي ڪردار ۽ تاريخي روايتون آھن، قومن جي عالمي چارٽر موجب کيس آزاد رھڻ جو حق حاصل آھي.”

ڪي سياسي ورڪر اھو چوندا آھن ته سنڌو ديش لاءِ جدوجھد ڇو ؟ سنڌ جي حقن لاءِ يا پاڪستان ۾ ڪي آئيني رعايتون وٺڻ لاءِ جدوجھد ڇو نه ڪرڻ گھرجي؟ انھن لاءِ ھن ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد لکيو آھي ته :

“ سنڌين گھڻو صبر ڪري ڏٺو ته پاڪستان ۾ شامل ٿيل ملڪن خاص طور سنڌ سان انصاف ڪيو ويندو ۽ انھن جي حقن سان دست درازي نه ڪئي ويندي ، سندس سياسي آزادي اقتصادي خوشحالي ۽ ڪلچرل ترقئَ جي راھ ۾ رڪاوٽ نه وڌي ويندي ته پوءِ سڀ ملڪ گڏجي ھڪ ڪامن ويلٿ طور باھمي تعاون سان رھي سگھندا پر گذريل سالن جي تلخ تجربي ثابت ڪيو آھي ته پاڪستان جو حڪمران طبقو ( مھاجر پنجابي مستقل مفاد) يا انھن جا مڪاني ايجنٽ حالتن جو ضحيح اندازو ڪررائي سنڌين جي درد دکن کي دور ڪري سندن فلاح ۽ بھبوديءَ لاءِ ڪو قدم کڻندا، سان اميد ختم ٿي وئي آھي. ھو راه راست تي اچڻ يا سنڌين جي دانھن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھن، ھو سواءِ سندن سامراجي فسطائي نظرئي جي ٻي ڪابه ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھن.

ڪي وري اھو سوال اٿاري سگھن ٿا ته مھاجرن کي سيد “ مھاجر پنجابي مستقل مفاد ” سڏيو آھي ۽ وري مھاجرن کي ڳنڍڻ جي ڳالھ به ڪري رھيو آھي انھئَ لاءِ ھن ڪتاب ۾ لکيل آھي ته،

“جيڪي ماڻھو سنڌ جي سياسي آزاديءَ لاءِ مدد ڪندا پوءِ ڀارت ۾ رھاڪو سنڌي ھندو ھجن يا موجده آيل مھاجرن مان سنڌي قوم ۾ شامل ٿيڻ جا خواھشمند ٻاھريان ھجن ، تن کي سنڌ جو دوست ۽ خيرخواھ شمار ڪري سگھبو، پر جيڪي به ماڻھو سنڌ جي پاڪستان سامراج کان ٻاھر نڪرڻ ۾ رنڊڪون وجھندا پوءِ سنڌي مسلمان ھجن ، مھاجر ۽ پنجابي ھجن ، اھي سڀ سنڌ دشمن شمار ڪري سگھبا.”

سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ ۾ سيد لکيو آھي ته ، “ مھاجر ٽن حصن ۾ ورھائبا ، ھڪڙا سنڌين سان ملي سنڌي قوم جو حصو بڻجندا ، ٻيا سنڌين سان تصادم ۾ ايندا ۽ ٽيان ٻين ملڪن ڏانھن ( يورپ ۽ آمريڪا) لڏي ويندا.” اھڙي ريت سائين جي ايم سيد مھاجرن ۾ سنڌيت جي پرچار جاري رکي ھئي.

ڪنھن به انقلاب لاءِ ٻن ڳالھين جي ضرورت ھجي ٿي، ھڪ نظريو ۽ ٻي پارٽي، سائين جي ايم سيد ٻئي شيون ڏئي ويو آھي ، ان سان گڏوگڏ اھو به ٻڌائي ويو آھي ته جدوجھد جو طريقئه ڪار ڪھڙو ھوندو.

ھي ڪتاب جنھن جو نالو “ رھبر ” آھي اھو انھئَ سلسلي ۾ لکيل آھي. سائين جي ايم سيد ھن ڪتاب ۾ لکيو آھي ته اھي ڪھڙي معيار جا ھجڻ گھرجن ۽ انھن کي ڪيئن ڪم ڪرڻو پوندو. انھن جي تربيت ڪيئن ٿيڻ گھرجي ۽ کين ڪھڙا ڪھڙا مرحله طئي ڪرڻا پوندا. سنڌ ۽ پاڪستان جي باري ۾ انھن جا خيال ڪھڙا ھجڻ گھرجن، مذھب ، اسلامي رياست جو تصور، ٻه قومي نظريو انھن تي مختصر پر چٽئَ ريت بحث ڪيل آھي.

ھن ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ اھا ڳالھ بلڪل واضح ۽ چٽي ٿي بيھي ٿي ته سائين جي ايم سيد سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ھر طريقه ڪار ڪتب آڻڻ ٿي چاھيو، سائين جي ايم سيد دنيا جي انقلابن جو ڳوڙھو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ ئي ھي ڪتاب “رھبر” لکيو ھيو. سائين جي ايم سيد جي سامھون مھاتما گانڌيءَ جي عدم تشدد جي بنياد تي ھلايل تحريڪ به ھئي ته ويٽنام ، انگولا ۽ آئرلينڊ ۽ دنيا اندر ھلندڙ ٻيون آزادي لاءِ ھلايل گوريلا تحريڪون به ھيون. ھاڻ ھتي سوال اھو ٿو پئدا ٿئي ته سائين جي ايم سيد مھاتما گانڌيءَ کان تمام گھڻو متاثر ھيو ۽ پاڻ به عدم تشدد جي بنياد تي جدوجھد ڪندو رھيو. انھئَ جو جواب اھو آھي ته آفريڪا ۾ ھلندڙ سمورين آزاديءَ جي تحريڪن وٽ مھاتما گانڌيءَ لاءِ تمام وڏو احترام ھيو، مجھ تحريڪن ته جدوجھد لاءِ بنيادي روشنائي گانڌي جي کان حاصل ڪئي ھئي . پر پوءِ به ھنن جو جدوجھد جو طريقئه ڪار گوريلا جنگ وارو ھيو. ٻيو اھيو ته سائين جي ايم سيد سنڌو ديش جي آزادي لاءِ ٽي طريقئه ڪار ٽن الڳ الڳ نالن سان ۽ الڳ الڳ طريقن سان جدوجھد ڪرڻ واسطي ٻڌايا آھن انھن مان سائين پاڻ ، جيئي سنڌ محاذ جو صدر ۽ واحد مک پرچارڪ ھيو. جنھن لاءِ ھن ڪتاب ۾ ٻڌايو اٿس ته انھئَ کي عدم تشدد واري طريقئه ڪار سان ڪم ڪرڻو پوندو . پرچارڪن واري صيغي ۾ لکيل آھي ته انھن کي گفتگو ۽ رھڻي ڪرڻِ عدم تشدد تي عمل ڪرڻو آھي ۽ باقي ٻيون تنظيمون به قائم ٿيڻيون ھيو جنھن لاءِ سيد ڪوشش ه ورتي پر اھي قائم ٿي نه سگھيون. انجو ھڪ سبب اھو ھيو ته سيد پاڻ مسلسل نظر بند ھيو. ساڻس مالاقات تي به بندش وڌل ھئي ۽ اُن وقت نه ته سيد وٽ ليڊرن جي کيپ ھئي ۽ نه وري قوم ۾ شعور ھيو. اھو ئي سبب آھي جو سيد سڀ کان پھريان قوم ۾ قومي جاڳرتا پئد ا ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪئي ، نظربنديءَ واري دور ۾ ڪيئي ڪتاب لکيا ۽ جڏھن آزاد ٿيو ته عوام سان رابطي واري مھم تي نڪر پوندو ھيو ۽ پوءِ وري گرفتار ڪيو ويندو ھيو. ڪيترائي نوجوان جڏھن سائين جي ايم سيد وٽ ايندا ھيا ۽ اچي چوندا ھيا ته تشدد جي اجازت ڏيو. اھي تشدد جي اجازت ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ساڻن ڪم ڪندڙ شاگردن سان وڙھن لاءِ گھرندا ھيا. لازمي آھي ته سيد اھڙي اجازت ڪيئن ٿي ڏئي سگھيو. ڪن حالتن ۾ نوجوان اسلحو کڻي اچي جلسن ۾ نمائش ڪندا ھيا ته انھئَ لاءِ به سيد منع ڪندو ھيو. نه رڳو منع ڪندو ھيو پر ناراض به ٿيندو ھيو. اھو انھئَ ڪري ته اھا اسلحي جي نمائش ھوندو ھئي. صرف شو بازي ڪرڻ،لئي ڪرڻ ۽ علائقائي طور دٻدٻو قائم ڪرڻ واسطي. انھي ۾ نه ايمانداري ھوندي ھئي ۽ نه سچائي ۽ نه وري گوريلا جنگ جو طريقئه ڪار انھئَ جي اجازت ڏئي ٿو. ٻيو اھو ته انھئَ نمائش ڪرڻ لاءِ کين پارٽئَ پاران به اھڙو ڪو به حڪم ڏنل نه ھيو. ته پوءِ اھي اسلحو ڇو کڻي ايندا ھيا؟ ڇو اچي نمائش ڪندا ھيا؟ انھئَ سوال جو جواب به ھن ڪتاب جي مطالعي مان پاڻ مرادو ملي سگھندو . ھي ڪتاب بلڪل واضح ڪري ٿو ته سائين جي ايم سيد آزاديءَ جي جدوجھد لاءِ دنيا اندر مروج سمورن طريقه ڪارن کي ڪتب آڻڻ جو خواھان ھيو ۽ جدوجھد جو ڪو به دروازو بند ڪرڻ نٿي چاھيو.

ھي ڪتاب بلڪل واضح نموني ٻڌائي ٿو ته ھٿياربند جدوجھد ۽ شوبازيءَ ۾ ڪيئن فرق آھي. انقلابي ڪارڪن جو طريقئه ڪار ڇا ھجڻ گھرجي؟ اھو ھن ۾ واضح آھي.

سنڌ ۾ ڪجھ نوجوان اسلحي جي نمائش کي انقلابي جدوجھد سان ڀيٽيندا رھيا آھن، خاص طور 1983ع کان پوءِ 1989ع تائين اھي جلسن ، جلوسن ۾ پنھنجي روءِ سوءِ اسلحي جي نمائش ڪندا رھيا. اھو ڪو پارٽي فيصلو نه ھيو،نه ئي اھي ڪارڪن پارٽئَ جي انقلابي ھٿيار بند جٿي جا مبصر ھُيا. ڇو ته پارٽئَ انھي وقت اڃان اھڙو ڪوبه جٿو قائم نه ڪيو ھُيو ۽ عدم تشدد واري رستي تحت جدوجھد ڪري رھي ھئي. ھن ڪتاب ۾ انھئَ سلسلي ۾ لکيل آھي ته “ ھن ڪارڪنن کي پنھنجي ويجھي کان ويجھي عزيزن کي به پنھنجي سرگرمئَ کان واقف نه ڪرڻو آھي.” ھونءَ به انھئَ جٿي جا ڪارڪن ڪڏھن به ڏيکاءُ وارو ڪم نه ڪندا آھن. پر ھتي سنڌ ۾ جيڪي انقلابي جٿي جا ڪارڪن نه ھيا اُھي اسلحي جو نماءُ ڪري ڏاڍا لطف اندوز ٿيندا ھُيا يا اھڙو ڏيک ظاھر ڪندا ھيا ۽ اھو رجحان ھڪ مخصوص عرصي تائين رھيو ۽ بعد ۾ انھن مان ڪيترا ته سنڌو ديش جي آزاديءَ واري تحريڪ سان ئي لاتعلق ٿي ويا آھن. ھٿياربند جدوجھد ۽ ڀوڳ،مذاق يا شوبازيءَ ۾ فرق آھي. ھر ماڻھوءَ پاران اسلحو ڳچئَ ۾ وجھي گھمڻ ۽ “ ٺا ٺا ” ڪرڻ کي ھٿيار بند جدوجھد ھڪ انقلابي طريقئه سان ئي وڙھي سگھجي ٿي.

ڪي وري ڇڙواڳ نموني اسلحي جي ڪيل نمائش شوبازي ، ٽرڙپائي کي بنياد بڻائي مورڳو ھٿاربند جدوجھد جي ئي مخالفت ڪندا آھن. اھي مڪمل طور عدم تشدد وارورستو اختيار ڪرڻ لاءِ سرد جنگ جي خاتمي کي مثال طور پيش ڪن ٿا.

سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ دنيا اندر مسلح جدوجھد ۾ ڪمي ضرور آئي آھي. پر اھا مڪمل طور ختم نه ٿي آھي. اڄ به ڪشمير کان چيچنيا تائين انھئَ جا ڪيترائي مثال ڏئي سگھجن ٿا.اڄ به آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪندڙ پنھنجن گوريلا ڪار روائين ۾ مصروف آھن. ھونءَ به حالتن جي تبديلئَ سان ڪوبه طريقئه ڪار مڪمل ختم نه ٿي ويندو آھي پر انھئَ ۾ وقتي ماٺار ٿيندي آھي.

مظلوم قومن جي آزاديءَ واري جدوجھد ۾ ڪنھن به طريقئه ڪار کي گناھ سمجھڻ خود ھڪ نئين گناھ ڪرڻ جي برابر آھي. انڪري حالتن جي مناسبت سان عدم تشدد واري جدوجھد يا مسلح جدوجھد جو طريقئه ڪار اختيار ڪري سگھجي ٿو.

سائين جي ايم سيد سنڌو ديش جو نظريو ڏنو ۽ ان سان گڏوگڏ جدوجھد جي سلسلي ۾ رھنمائي ڪرڻ واسطي ھي “ رھبر ” لکيو جيڪو قومي تحريڪ جي ڪرڪنن جي جدوجھد جي حوالي سان رھنمائي لاءِ قدر بھتر ثابت ٿي سگھي ٿو. جيئن ته اداري جو مقصد سائين جي ايم سيد جون لکتون ، سائين جي ايم سيد متعلق لکيل لٽريچر، يا سيد جي نظرئي جي حق ۾ لکيل مواد کي ڇپائي عام خلق جي آڏو آڻڻ آھي. انڪري اداري سيد صاحب پاران قومي تحريڪ جي ڪارڪنن لاءِ لکيل “ رھبر ” کي ڇپائڻ ضرورو سمجھيو ته جيئن سائين جي ايم سيد پاران. سنڌ جي آزاديءَ جي جدوجھد واسطي طريقئه ڪار متعلق به ڪارڪنن ۽ عام خلق کي معلومات ملي سگھي. سائين جي ايم سيد جي زندگي ۾ ھن طريقئه ڪار تي ڪيترو عمل ٿي سگھيو ۽ ھاڻ به ڪير اھو طريقئه ڪار اخيتار ڪري ٿو يا نٿو ڪري اھو سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪندڙ پارٽين جو پنھنجو مسئلو آھي. اھو اداري جو مسئلو نه آھي. اداري جو ڪم صرف سائين جي ايم سيد جو اڻ ڇپيل مواد ڇپائي پڌرو ڪرڻ آھي ۽ اھو انھئَ ڪري به ضروري آھي ته سائين جي ايم سيد جي ڪيل ھر ڪاوش کان ھر عام و خاص واقف ھجڻ گھرجي ، ھونءَ به عالمي پائي جا جيڪي اڳواڻ آھن، انھن جي تحريرون ، تقريرون ۽ ڪيل جدوجھد کي عام خلق ۽ مظلوم قومن جي رھنمائي واسطي ڇپائڻ ھڪ چڱو ڪم آھي بلڪ اھو تاريخ جو ھڪ رڪارڊ آھي جيڪو ڇپائڻ ضروري ھجي ٿو.
                                        
                                                                      ليکڪ آزاد قاضي