Friday, 9 September 2011

امير شهر جا غريب ماڻهو:: بشير آريسر

امير شهر جا غريب ماڻهو بشير آريسر


طوفانن،زلزلن ء ٻوڏن سميت ڪيترن ئي قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ بدين ضلعو هن وقت به برساتن جي ڪري پاڻي هيٺ آهي ۽ امير ترين ضلعي جو غريب ترين عوام روڊن تي بغير ڇت جي امداد جي آسري ۾ ويهي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي.روزانو اربين رپين جي تيل جي اپت ڏيندڙ بدين ضلعو جنهن جي عوام جو گذر سفر آهي ئي زراعت تي انهن سان هن دفعي برسات اهڙا ويل وهايا آهن جو هاڻي هتان جي ماڻهن جي چٻي ٿيل چيلهه کي سڌي ٿيڻ تائين گهڻو وقت لڳندو، تيستائين وري ڪو نه ڪو عذاب اچي ڪڙڪندو.چون ٿا ته قدرت واري ائين ڪيو آهي قدرت وارو اگر ايترو اسان تي ناراض هجي ها ته اربين کربين رپين جو تيل اسان جي پيرن هيٺان زمين ۾ نه ڏئي ها، جنهن تي حق ته اسان جو آهي پر ان جو پيسو ڪيڏانهن ٿو وڃي ڪا خبر ناهي؟ رائلٽي ته پري جي ڳالهه پر اهو تيل اسان کي به ان اگهه سان ملي ٿو جنهن اگهه سان پنجاب جي رهواسين کي ملي ٿو جن کي قدرت تيل جي نعمت کان محروم رکيو آهي.بدين جي تيل جي کوهن مان تيل ائين تيزي سان ڪڍيو پيو وڃي جئين آمريڪا افغانستان تي حملي بعد ان جي معدني ذخيرن کي خالي ڪرڻ پويان لڳي ويو ته جئين آمريڪا جي بيٺڪيت تائين معدني وسيلن کان افغانستان خالي ٿي وڃي.بدين جي اٻوجهه عوام جن وٽ سڀ ڪجهه هوندي به ڪجهه به ناهي. اهي امداد جي آسري ۾ ويٺا آهن ء انهن سان واهر لاءِ نه ئي ڪو ايڌي پهتو آهي نه ئي عمران خان..اڳ ئي ٻوڏ ۾ به امداد ڏيندڙ قومپرستن کي شايد فوٽو سيشن لاءِ ٻيو ڪو مسئلو هٿ اچي ويو آهي. انڪري هيل انهن به بدين واسين ڏانهن پنڌ ڪرڻ جي تڪليف نه ڪئي.بدين جو عوام جيڪو پوڇڙ ۾ هئڻ ڪري سدائين غربت ۽ مفلسي واري زندگي گهاري پيو ان لاءِ هي ڪو عذاب نئون ناهي پر حڪومت پاران ايل بي او ڊيءَ آر بي او ڊي ٺاهي ڄڻ بدين وارن لاءِ ڊيٿ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.غلط انفرااسٽڪرچر سان ٺهيل گندي پاڻي جي ڇوڙ وارا هي ٻه وڏا نالا جڏهن ابتا وهڻ شروع ڪندا آهن تڏهن بدين واسين جي قسمت به ابتي وهڻ لڳندي آهي.۽ الهه تلهه لڙهي ويندو آهي.هن وقت به بکن ۾ پاهه بڻيل بدين واسين جي ڪو پرگهور ڪري گندي پاڻي جي ڪري بيمارين ۾ وچڙيل ماڻهن لاءِ ڪي ميڊيڪل ڪيمپون لڳڻ گهرجن ته جئين مصيبتن جي ماريل ماڻهن جي زخمن تي ڪو مرهم لڳي سگهي.
محترم بشير آريسر

Sunday, 4 September 2011

سنڌ جي غلاميءَ جو حل منظم ھٿيار بند جدوجھد ۾ ئي آھي! حاجي الله جڙيو

سنڌ جي غلاميءَ جو حل منظم ھٿيار بند جدوجھد ۾ ئي آھي!
حاجي الله جڙيو


سامراجي قوم جڏھن ڪنھن غلام قوم جو استعمال ڪندي آھي ته ھڪ اھڙو مخصوص علم يا مذھبي علم مرتب ڪندي آھي جنھن جي ذريعي ھڪ طرف غلام قوم جي ڦرلٽ جاري رکندي آھي ته ٻئي طرف ان جي ھزارين سالن جي تھذيب ، ثقافت ، ٻولي ۽ تاريخ کي مسخ ڪري ڇڏيندي آھي.پوءِ غلام قوم ائين محسوس ڪندي آھي ته ڄڻ انھڻ جي ڪا شاندار تھذيب ، ثقافت ، ٻولي ۽ تاريخ رھي ئي نه آھي. منھجھن بھادري ۽ ارڏائپ جي بجاءِ نماڻائي ۽ عاجزي جو ڪلچر ڪجھ سوايو پيدا ٿيندو آھي، لاشعوري طور سامراجي قوم کي پنھنجو محسن ۽سڄڻ سمجھي ان سان گڏ ھجڻ جي ۽ ان کي پاڻ سان گڏ ھڪ ٿالھي ۾ کارائڻ جي خواھش رکندي آھي،نتيجي ۾ انھن کي سامراج طرفان ڦرلٽ ۽ استحصال جو طويل سلسلو سمجھ ۾ نه ايندو آھي. ڦر لٽ جي ان سلسلي کي سموري قوم ته پوءِ آھستي آھستي محسوس ڪندي ويندي آھي پر غلام قوم جا باشعور فرد ان ڦرلٽ ۽ استحصال جي سلسلي جي سمورين ڪڙين کان بروقت با خبر ھوندا آھن ۽ ھو ان ڦرلٽ ۽ استحصال جي سلسلي جي سمورين ڪڙين کان بروقت با خبر ھوندا آھن ۽ ھو ان ڦرلٽ ۽ استحصال کي روڪڻ لاءِ پاڻ کي ذميوار سمجھندا آھن .پوءِ ھو تاريخ جي ورقن ۾ دفن ٿيل انقلابي دورن ، انقلابي ۽ جنگجو ڪردارن جو روپ وٺي مزاحمتي جنگ جوٽيندا آھن ۽پنھنجي قوم کي آزادي ڏياري ، مھذب ۽ ڪامل بڻائي ، دنيا کي مھذب کان مھذب بنائڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.
دنيا ۾ غلام قومن جا آزادي ماڻڻ لاءِ ويڙھ جا مختلف طريقا رھيا آھن جن منجھان ھٿياربند جدوجھد جو طريقو نھايت اثرائتو رھيو آھي جنھن لاءِ لطيف چيو آھي ته :
سورھيه مرين سوڀ کي ، ته دل جا وھم وسار،
ھڻ ڀالا ، وڙھ ڀاڪرين ، آڏي ڍال م ڍار
مٿان تيغ ترار ، مار ته متاريو ٿئين .
(شاھ)
ڇو ته سامراج ۽ ظالم قوم ڦرلٽ ۽ استحصال ڪرڻ لاءِ صرف ۽ صرف تشدد کان پر تشدد واقعن جو سلسلو دھرائيندي رھندي آھي . موٽ ۾ غلام قوم کي به ھٿياربند جدوجھد جو ئي دڳ وٺڻو پوندو،جنھن سان ئي ان کي آزادي نصيب ٿيندي. پر جيڪڏھن غلام قوم سامراج جي تشدد کي تشدد سان منھن ڏيڻ جي بجاءِ سائين ميان، صبر و تحمل ۽ امن واري سياست جو طريقو اپنايو ته ظالم قوم جا ارادا ٽٽڻ جي بجاءِ مضبوط ٿي ويندا آھن. جيئي سنڌ متحدا محاذ به پنجاب سامراج طرفان سنڌي قوم سان  65 سالن جي تشدد ، ڦرلٽ ۽ استحصال جو نتيجو آھي.جنھن پڻ ھٿيار بند جدوجھد جو دڳ ورتو آھي ھن پارٽي وٽ فڪر ۽ عمل جي ھڪجھڙائي آھي. جسمم جيڪا سنڌ جي ھزارين سالن جي دورن ۽ جنگجو ڪردارن جو روپ وٺي ظاھر ٿي آھي جنھن کي جڙي 10 سال مَسَ  ٿيا آھن. ايتري عرصي ۾ رياست طرفان جيترو ھن پارٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي ظلم ، تشدد، ٽارچر ، اغوا ڪري گم ۽ شھيد ڪيو ويو آھي مان نه ٿو سمجھان ته شايد ڪنھن ٻي پارٽي تي ايترو آپريشن ڪيو ويو ھجي.پر ھن پارٽي جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ اھو ڀلي ڀت سمجھن ٿا ته سختين ۽ سھادتن کانسواءِ آزادي نه ملندي آھي تنھن جي ڪري ھو پوئتي ھٽڻ وارا نه آھن.
جئان وھي تئان واٽ ، ڪَپَر پُڇن ڪوڙيون،
جن کي سِڪ ساھڙ جي ، سي گھيڙ نه پُڇن گھاٽ،
جن کي عشق جي اُساٽ ، سي واھڙ ڀانئين وکڙي.
جسمم جي اڳواڻن جي شھادتن ۽ ارادن جي ڳالھ ڪبي ته يقين ٿي ويندو ته اسان آزادي ھر حالت ۾ ماڻينداسين. شھيد اعجازسولنگي کي قتل ڪيو پئي ويو ته ان جي چپن تي اھي لفظ ھئا ته : ” منھنجي سنڌ جي پارت اٿئو.“ شھيد ذوالفقار ڪولاچي،شھيد روپلو چولياڻي ۽ شھيد سرائي قربان کھاوڙ جڏھن آريسر صاحب کي ڇڏي جسمم ۾ شموليت پئي ڪئي ته انھن پريس ڪانفرنس ۾ اھو چيو ھو ته: ” اسان پنھنجا ھي سر ڌرتي جي آزادي جي جدوجھد جي راھ ۾ پيش ڪيو ٿا.“ ۽ بلڪل ٿيو به ائين. شھيد سرائي قربان کھاوڙ جا ذوالفقار ڪولاچي جي ٽيجھي ته اھي لفظ ھئا ته : ” مون کي دعا ڪريو ته مون کي به ذوالفقار ڪولاچي جھڙو عزت جو موت نصيب ٿئي.“۽ سچ پچ ان کي عزت جھڙو موت نصيب ٿيو. اھو اھي پنھنجي پارٽي ۽ ڌرتي سان سچائي ۽ محبت جو ثبوت . اسان کي پڪ آھي ته شھيدن جا ھي لفظ تاريخ جي ورقن ۾ سونھري لفظن سان لکيا ويندا. اسان کي پورو پورو يقين آھي ته ھنن جھونجھار جا اھي لفظ تاريخ ۾ آزادي کان پوءِ دنيا جي ٻين غلام قومن جي آزادي جي جدوجھد ۾ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ سونھان ثابت ٿيندا.شھادتون انھن کي نصيب ٿينديون آھن جيڪي سِرن سان ڪفن ٻڌي حقيقي ۽ انقلابي جدوجھد ڪندا آھن نه ڪي انھن کي نصيب ٿينديون آھن جي سڌڙيا ھوندا آھن.
اسان کي انھن دوستن تي عجب ٿو لڳي جيڪي ھڪ پاسي پنھنجي تقريرن ۾ باربار اھو چون ٿا ته سنڌ ۾ ھٿ وٺي بلوچستان جھڙي صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي . بلوچستان جتي اتان جا نوجوان پنھنجي ديس جي آزادي جي لاءِ وڙھندي جانين جا نظرانا ڏئي رھيا آھن. اتي ھڪ گريجوئيٽ ڇوڪري ” سحرش بلوچ“ کان بي بي سي جو نمائندو اعجاز مھر سوال ٿو ڪري ته توھان بلوچستان پئڪيج کي ڪيئن ٿا ڏسو ؟  ته ڇوڪري جواب ۾ چيو ته اسان کي اھا ويھن ھزارن جي نوڪري نه کپي ، اسان کي صرف پنھنجي ڌرتي کپي،جنھن لاءِ ڪيتريون به قربانيون ڏيڻيون پيون ته اسان ڏينداسين.اھي آھن بلوچن جا مضبوط ارادا،پر جڏھن بلوچن جيان سنڌ جا قومي ڪارڪن آدم شماري جي عام مھم ۾ وڌي چڙھي پيش ٿيڻ بجاءِ، آزادي لاءِ سرن جو قربانيون ڏين ٿا ته ان کي غلط چيو وڃي ٿو. ڇو ته جڏھن قومي آزادي جي ويڙھ حقيقي انقلابي جدوجھد جو روپ وٺندي آھي ته غير انقلابي اڳواڻ جا بت ڊھڻ شروع ٿيندا آھن. ٻئي پاسي اھي دوست ھميشه جسمم ۽ ان جي پاليسين تي تنقيد ڪندا رھيا پر جڏھن جسمم جا اڳواڻ شھيد ٿين ٿا ته اھي شھيدن جي وارثي جي دعوا ڪن ٿا. اھا جسمم ۽ ان جي اڳوان جي سياسي ۽ اخلاقي فتح آھي. ان مان صاف ظاھر آھي ته شھيدن جي ڇڏيل ڪم تي ھلڻ جي بجاءِ صرف شھيدن جي مالڪي جي دعوا ڪندڙ دوست رد انقلابي آھن جن جي سياست آزادي جي راھ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آھي.
پاڪستان ۾ فاشست تنظيم ISI جيڪا سڄي دنيا ۾ دھشت گردي ڪندي رھي آھي. جيڪا روس کي ٽوڙڻ ، اسپين ۾ بم ڌماڪا ، برطانيه ۾ بم ڌماڪا، عراق ۾ آمريڪا جي اچڻ کان پوءِ بم ڌماڪا ۽ بمبئي ۾ بم ڌماڪا ڪري لکين ماڻھو مارڻ جي ذميوار آھي ، مڊل ايسٽ عرب ملڪن ۾ جمھوري ۽ مظلوم ماڻھن کي ڪچلڻ ۽ اتان جي جابر ۽ ظالم بادشاھن جي پُٺ ڀرائي به آءِ ايس آءِ جو ڪم آھي. روس جي ٽٽڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين پاڪستان ۽ افغانستان ۾ مذھبي انتھاپسند تنظيمن جي پرورش به آءِ ايس آءِ ڪري رھي آھي. جنھڻ جي ڪري ھاڻي آمريڪا ۽ پاڪستان جو لَٽِ  ۽ ڄَٽ وارو واسطو بدلجي سڌي دشمني جي صورت ۾ تبديل ٿي رھيو آھي ، ڇو ته آمريڪا رميڊ ڊيوس جي مسئلي کان پوءِ اھو سمجھي چڪي آھي ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ مذھبي انتھاپسند تنظيمن القائدا ۽ طالبان کي آءِ ايس آءِ ئي ھٿي وٺرائي رھي آھي . اھا ڳالھ تڏھن چٽي ٿي پئي جڏھن آمريڪا پاڪستان جي ڪنھن سياسي ماڻھو جي بجاءِ آءِ ايس آءِ جي سربراھ شجاع احمد پاشا کي پاڻ وٽ گھرائي دَٻَ ڏني ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ القائدا ۽ طالبان سپورٽ بند ڪيو نه ته ٻي صورت ۾ اسان پاڪستان کان ھر قسم جو واسطو ختم ڪنداسين. موٽ ۾ شجاع احمد پاشا آمريڪا آڏو ٻه شرط رکيا ، جن مان ھڪ ھي ھو ته پاڪستان ۾ موجود ( سي آءِ اي CIA ) جي اھلڪارن کي ڪڍيو وڃي ۽ اھو ٻڌايو وڃي ته پاڪستان ۾ انھن جو تعداد ڪيترو آھي. ( جنھن تعداد جي ڄاڻ ISI کي نه ھئي)
ٻيو شرط اھو ھو ته ڊرون حملا بند ڪيا وڃن، جي نه ٿا بند ڪيا وڃن ته اسان کي ٽائيم ۽ جڳھ کان واقف ڪيو وڃي. انھن شرطن مان آمريڪا ھڪ شرط کي مڃي پاڪستان مان 150 سي آءِ اي جا اھلڪار گھرائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ان کان علاوه تازو برطانيه جي اخبار دَ گارڊين The Guardian شايع ڪيو آھي ته آمريڪا آءِ ايس آءِ کي دنيا جي 36 دھشتگرد ۽ مذھبي انتھاپسند تنظيم جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آھي . ڇو ته آمريڪا اھڙا ثبوت 2002ع ۾ گوانٽانامو بي جيل مان دھشت گرد ۽ مذھبي انتھا پسند تنظيم جي ڪارڪنن کان جاچ پڙتال Interrogation ذريعي معلوم ڪيا ھئا. ان لاءِ آمريڪا ۽ ان جا ساٿاري ملڪ اھو سمجھي چڪا آھن ته دنيا ۾ جيڪا به جتي به دھشتگردي ٿي رھي آھي ان ۾ پاڪستان ۽ ان جي تنظيم آءِ ايس آءِ ملوث آھي ۽ آمريڪا اھو پڻ سمجھي رھي آھي ته پاڪستان سالن کان سنڌي ۽ بلوچ قومن ته ظلم ، ڏاڍ ، جبر ، ٽارچر ، ڦرلٽ ۽ استحصال ڪري انھن جي پئسي تي مچي مواڙ ٿيو آھي. جيسيتائين اھي قومون آزاد نه ٿيون ٿين ۽ پاڪستان نه ٿو ٽٽي تيسيتائين دنيا ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگھي.اھا ڳالھ پاڪستان به ڀلي ڀت سمجھي ٿو ته ٻاھريون ماحول اسان لاءِ سازگار ناھي تڏھن ئي پاڪستان جي چيف آف آرمي اسٽاف تازي ڪنھن تقرير ۾ اھو چيو ته ” پاڪستان جي داخلي ۽ خارجي حالتن تي اسان جي ڪَڙِي نظر آھي.“ ھي جيڪو سنڌي ۽ بلوچ قومن تي آپريشن ڪيو پيو وڃي ۽ تازو جيڪو شھيد اعجاز سولنگي ، شھيد ذوالفقار ڪولاچي،شھيد سرائي قربان کھاوڙ ، شھيد روپلو چولياڻي ۽ شھيد نادر بگٽي کي گوليون ھڻي ساڙي ماريو ويو آھي اھو ان ڳالھ جو نتيجو آھي ته پاڪستان اھو سمجھي ٿو ته اسان تي ھاڻي ڪھڙي ٽائيم تي به ٻاھريان خطرا پئجي سگھن ٿا . ان لاءِ پاڪستان ۾ اندر موجود بلوچ ۽ سنڌي جي قومي تحريڪن جي سنجيده پارٽين ۽ ڪارڪنن کي ماري ختم ڪري ڇڏجي ته جيئن پاڪستان کي بچايو سگھون. ھاڻي جڏھن پاڪستان کي دنيا ختم ڪرڻ لاءِ تيار آھي ، تڏھن اسان کي به سائين ميان واري سياست جي بجاءِ ان ھٿياربند جدوجھد جو پاسو وٺڻو پوندو ۽ ان کي مضبوط ۽ سنجيده ڪرڻو پوندو جيڪا شروع ٿي چڪي آھي. ان جدوجھد ۾ سور، سختيون ، ٽارچر سيل ۽ شھادتون ته آھن پر انھن ئي تڪليفن جي پويان آزادي مسڪرائيدي نظر ايندي آھي.

کاھوڙي جيئي سنڌ متحدا محاذ جو ترجمان
پيج نمبر : 47 کان 48 تائين

جسمم ۾ يڪجاءِ ٿيندڙن جسقم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس

 جسمم ۾ يڪجاءِ ٿيندڙن جسقم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس

معزز صحافي ڀائرو، قومي ڪارڪنو ۽ ساٿيو،
جيئي سنڌو ديش ، جيئي سائين جي ايم سيد
صحافي ڀائرو:
اڄ مان پنھنجي سياسي دوستن ۽ ساٿين سميت جنھن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي باڊي جا عھديدار ، جيئمسٽ ڪائونسل جا اڳواڻ ۽ سموري سنڌ جي ضلعن ۽ تعلقن جي ذميوار دوستن سميت جيئي سنڌ متحدا محاذ ۾ ” يڪجاءِ“ ٿيڻ جو اعلان ٿو ڪريان ۽ ان سان گڏوگڏ اھا وضاحت پڻ ڪندو ھلندس ته منھنجي ۽ منھنجي دوستن جي ھيءِ پريس ڪانفرنس سنڌ جي قوم پرست سياسي تاريخ ۾ شايد اھا پھرين پريس ڪانفرنس ھوندي، جنھن ۾ اسان ڪنھن به اڳواڻ ۽ دوست تي ڪابه شخصي ، سماجي ، اخلاقي ۽ مفني الزام تراشي ڪرڻ کانسواءِ انتھائي پنھنجائپ وارين روايتن ۽ ڀائيچاري واري ماحول کي برقرار رکندي الوداع چئي جيئي سنڌ متحدا محاذ ۾ شموليت جو اعلان ڪري رھيا آھيون.
معزز صحافي ڀائرو:
      توھان جي ميڊيا ان ڳالھ جي چٽي گواھ آھي ته ھن کان اڳ جڏھن به ۽ جتي ھڪ سياسي ڌر کي الوداع چئي ڪنھن ٻي سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آھي ته ان کان اڳ انھن فردن يا گروھن طرفان ھڪ ٻئي مٿان اوچتو رات پيٽ ۾ بي پناھ الزام تراشين ۽ بھتانن وارو ڪردار ڪشين جو وڏو طوفان کڙو ڪري وڏي ڄنڊاپٽ  ۽ سياسي بدنظمي پيدا ڪري پوءِ ھڪ ٻئي کي ڇڏيو ھوندو. پر اسين ھتي ان سياسي ، منفي روايت کي ڌڪاريندي پنھنجي انھن ساٿين ۽ اڳواڻ کان موڪلايون ٿا جن سان گڏجي اسان ڪجھ وقت سياست ڪئي آھي. انھي جذبي اتساھ ۽ اميد سان ته قومي سياست جي ڪنھن موڙ تي اسان اڳتي ھلي ھڪ ٻئي جا اتحادي ۽ ڀرجھلا ٿي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته اسان جي چھرن تي ڪابه پريشاني ۽ پيشماني نه ھجي.
معزز صحافي ڀائرو:
بنيادي سبب ۽ ڪارڻ جنھن جي ڪري اسان اڄ پنھنجي پارٽي جيئي سنڌ قومي محاذ کان الوداع ٿي جيئي سنڌ متحدا محاذ ۾ شموليت اختيار ڪري رھيا آھيون ، جيڪو اسان سميت سنڌ جي سمورن سياسي قومي ڪارڪنن جي اڳيان ھڪ سوال جي صورت ۾ پئي رھيو آھي، اھو آھي ” قومي فڪر کي انقلابي حڪمت عملي ڏيڻ جو سوال“ جيئن ته سنڌ جي قومي تحريڪ فڪِر جي ايم سيد کي گھڻي وقت کان فڪري بنيادن سان ملندڙ ۽ ٺھندڙ حڪمت عملي ڏيڻ ۾ ڪامياب تن ويئي ھئي، اھو ئي ڪارڻ آھي جو سنڌ ۾ قومي تحريڪ صرف اھي گھربل نتيجا نه ڏئي سگھي آھي پر قومي ڪارڪنن ۾ اتساھ ۽ جذبي جو فقدان پيدا ٿيڻ شروع ٿيو ۽ سنڌي قوم پنھنجون ھمدرديون ، اميدون ۽ مجموعي دعائون جيڪي ھو سائين جي ايم سيد کي ڏيندا ھئا پر قومي تحريڪ جي جدوجھد ۾ جھول ۽ انقلابي حڪمت عملين ۽ تدبيرن کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪرڻ سبب قوم پرست سياست عام سنڌي ذھني ۽ دلي طرح ڄڻ مڪمل طرح ڳنڍجي نه سگھيا ھئا. مان ھتي ڪنھن به فرد تي ان جو الزام ھڻڻ ۽ تنقيد ڪرڻ کان پاسو ڪندي ، صرف انھن اصولن جي وضاحت ڪرڻ ٿو چاھيان ته ماضي ۾ اسان سمورن قومپرستن اڳواڻن کان جيڪي جھول ۽ ڪمزوريون ٿيون ھيون ھڪ وقت اھڙو آيو جڏھن توھان صحافي دوست سميت سموري سنڌ جا قومي ڪارڪن باشعور سنڌين کي اھو چٽو ۽ واضح نظر اچڻ لڳو ته ھاڻ سنڌ جي اندر قومي آزادي جي ھڪ سنجيده ، انقلابي ۽ قرباني سان ڀرپور جدوجھد جي اميد پيدا ٿي ۽ اھڙي اميد جيئي سنڌ متحدا محاذ ۽ ان جي قيادت طرفان قومي آزادي لاءِ قومي مزاحمت تي انتھائي دانشمندي ، بھادري ۽ ثابت قدمي سان بيھي ڏيکارڻ واري عمل ۽ جذبي تحت پيدا ٿي ۽ سموري سنڌ جي باشعور سنڌين کي اھو محسوس ٿيو ته جيئي سنڌ متحدا محاذ اھا واحد سياسي ڌر ٿي سامھون آئي جنھن انقلابي مزاج ، عمل ، ڪردار ۽ ڪلچر سموري سنڌ کي نه صرف ھڪ بھادر ۽ غير متنازعه قيادت فراھم ڪئي پر قومي ڪارڪنن کي فڪر جي ايم سيد تي پختگيءَ سان بيھاريندي جدوجھد جي اھڙن پيچرن تي ھلائڻ جو حڪم ڏنو. جنھن تي دنيا جي سمورين قومي آزادي جي تحريڪن ۽ انقلابي پارٽين جا ڪارڪن ڄمي بيھندا آھن. نتيجي ۾ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي خلاف ان فڪري سچائي ۽ جدوجھد تي ثابت قدم ٿي بيھڻ سبب رياستي ادارا مٿن ڏمر جي پيا قومي تحريڪ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ۽ سنڌ جي ويجھڙا واري تاريخ ۾ حُر تحريڪ کان پوءِ وڏو آپريشن شروع ڪيو ويو. جنھن ۾ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي سنيئر وائيس چيئرمين محترم سميع الله ڪلھوڙي کي شھيد ٿيو، جيئي سنڌ متحدا محاذ جي قيادت مظفر ڀٽو شبير ملاح ۽ ٻين جي روپ ۾ رياستي عتابن گرفتارين گمشدگين ۽ ٽراچر جي حوالي ڪئي وئي.سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ھڪ ٻيو مثال اھو پڻ سامھون آيو جو رياستي ادارن جيئي سنڌ متحدا محاذ جي چيئرمين شفيع محمد برفت جي سر جي قيمت ڪروڙين رپيا مقرر ڪئي کين قومي سياست ۽ قومرست ڪيڊر کان پري رکڻ جي سازش آءِ ايس آءِ طرفان ڪئي وئي.
معزز دوستو،
اھا ھڪ اھڙي صورتحال ھي جنھن ۾ پھريون پھريون سموري سنڌ جي باشعور فردن جي دلين جي دڙڪڻ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي دوستلاءِ دڙڪڻ لڳي . سموري سنڌ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي قيادت ۽ لاپتا دوستن کي سنڌ جي حلالي پُٽن جو درجو ڏيڻ لڳي ، جيئي سنڌ متحدا محاذ جي سياسي قومي ۽ مزاحمتي جدوجھد جي ترزي واردو ۾ سنڌ جي قومي ڪارڪنن ميڊيا معرت پھريون ڀيرو سنڌو ديش لبريشن آرمي جو نالو پڻ ٻڌو.جنھن سموري سنڌ جي نوجان قپمي ڪارڪنن جي خوني گرمائي ۽ جذبن کي توانائي بخشي ڇڏي، ڇو ته رياست خران جيئي سنڌ متحدا محاذ خلاف اختيار ڪيل ان آپريشن جي پويان انھن سمورين انقلابي گوريلا ڪارواين ۽ رياست مخالف حقيقي سرگرمين کي جيئي سنڌ متحدا محاذ جي اڳواڻن سان منسوب پئي ڪيو ويو. جنھن جي ڪري پڻ سنڌ ئي خواب ڏسڻ شروع ڪيا ته ھاڻي غلامي جا زنجير ڄاڻ ٽٽڻ وارا آھن ۽ اھڙن خوابن ۾ سنڌ جي سمورن قومي ڪارڪنن سان اسان جا جذبا پڻ شامل ھئا. اھو ئي سبب آھي جو اڄ ان نتيجي تي پھتا آھيون ھڪ اھڙي پارٽي جيڪا پنھنجي قول ۽ فعل ۾ ھم آھنگين جي لازوال تاريخ ۽ مثال رکي ٿي. ھڪ اھڙي قيادت جيڪا روپوش رھي نفسياتي ۽ اعصابي جنگ ۾ پڻ رياست کي مات ڏئي سگھي ٿي ، ھڪ اھڙي ڌر جنھن کي سنڌ جي قومي آزادي جي شھيدن جو قافلو سمجھيو وڃي ٿو. ان ڌر کي مضبوط ڪرڻ واري فيصلي سان اسان سمورن دوستن جو ذھن ۽ ضمير مخمئن آھي ان ڪري اڄ اسان جيئي سنڌ متحدا محاذ  ۾ باضابطه شموليت جو اعلان ڪري رھيا آھيون.
معزز صحافي ڀائرو:
مان پنھنجي سمورن ساٿين جي روبرو توھان اڳيان ھڪ ڀيرو ٻيھر وضاحت ڪرڻ مناسب سمجھان ٿو ته اسان جي جيئي سنڌ متحدا محاذ ۾ شموليت جو مطلب ڪنھن به فرد يا ڌر جي خلاف نه سمجھيو وڃي ، اسان سڀ دوست ان سادي اصول تي عمل ڪريون ٿا ته سنڌ جي مفاد لاءِ جيڪو ڪجھ لازمي ۽ ضروري آھي اھو ڪرڻ گھرجي.
آخر ۾ مان انھن سمورن قومي ڪارڪنن کي جيڪي قومي آزادي لاءِ قومي مزاحمت ۽ انقلابي حڪمت عملي کي درست سمجھن ٿا، انھن کي پڻ اپيل ڪندس ته ھو جيئي سنڌ متحدا محاذ پنھنجي عملي جدوجھد ۾ ثابت ڪيو آھي ته ھو ھڪ انقلابي پارٽي آھي . آخر ۾ آئون ھي ٻه لفظ چئي پريس ڪانفرنس ختم ڪندس ته منھنجن سمورن دوستن سميت منھنجو ھي سِر سنڌ جي امانت آھي جنھن کي عزت سان قربان ڪرڻ لاءِ جيئي سنڌ متحدا محاذ ۾ شموليت ڪري رھيو آھيان.
”منھنجي ڌرتي جي پھاڙن کي چئو ، 
ھا اڃان اوچا رھن ڇو ته منھنجو ڪنڌ جھڪڻو ڪونه آ ....!“

توھان سمورن دوستن جي مھرباني
سنڌو ديش زنده آباد قوم پرست زنده آباد
شموليت ڪندڙ:
سرائي قربان کھاوڙ، لالا اسلم پٺاڻ ، خفيظ آزاد ھڪڙو، ذوالفقار ڪولاچي ، لال بخش گھوٽو، ستار ھڪڙو ، روپلو چولياڻي ، وحيد مراد سيال ،ڊاڪٽر نظير سولنگي ، سجاد شر، حفيظ پيرزادو، سھيل ڀٽي ۽ ٻيا ضلعن ۽ تعلقن جا اڳواڻ.

کاھوڙي جيئي سنڌ متحدا محاذ جو ترجمان

Saturday, 27 August 2011

راجا ڏاھر بن راجا چَچ (برھمڻ گھراڻو سنڌ) ـ ڪتاب سنڌ جا سورما سائين جي ايم سيد

راجا ڏاھر بن راجا چَچ
(برھمڻ گھراڻو سنڌ)


سورھيه مربن سوڀ کي،ته دل جا وھم وسار،
ھڻ ڀالا،وڙھ ڀاڪرين،آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيخ ترار،مار ته متارو ٿئين.
(شاھ)
 
سرزمين سنڌ دنيا جي قديم مھذب ۽ متمدن ملڪن مان ھڪ آھي،ان دنيا جي عام دستور موجب گھڻا لاھا چاڙھا ڏٺا آھن. ان جي قديم عظمت جا نشان، آمري ، ڪوٽ ڏيجي ۽ موھن جي دڙي جي يادگارن ۾ اڃان تائين موجود آھن. ان تي ڪجھ وقت ملڪي حاڪمن جي حڪومت پئي رھي آھي ته ڪو وقت ڌارين جي قبضي ھيٺ اچي ان کي ڏکيا ڏنھن ڏسڻا پيا آھن. ان جي تاريخ جي پوريءَ طرح خوجنا نه ٿي سگھي آھي،پر نزديڪ سنڌي تسلط جو دور راءِ سھلسي ۽ چچ گھراڻي حڪومتن جو ھو.
چچ گھراڻي کي برھمڻ حڪومت به سڏين ٿا.ان گھراڻي جو آخري حاڪم راجا ڏاھر چچ جو ننڍو فرزند ھو. راجا چچ 52 ھ مطابق 672ع تي وفات ڪئي. ان بعد راجا چندر ، سنڌ جو والي ٿيو. جنھن اَٺ سال حڪومت ھلائي 60ھ مطابق 680ع تي وفات ڪئي. ان کان پوءِ راجا ڏاھر سنڌ جي حڪومت گاديءَ تي ويٺو ، جنھن نھايت دانشمندي ، ھمت ۽ خوش اسلوبيءَ سان 32سال حڪومت ڪئي. جنھن کان عرب بنو اميه سامراج جي سپھ سالار حجاج بن يوسف ثقفي جي نياڻي محمد بن قاسم حڪومت وٺي سنڌ تي ڌاريون تسلط قائم ڪيو.راجا ڏاھر حڪومت جي واڳ وٺندي ھڪ سان اندر چئو طرف حڪومت کي مظبوط ڪرڻ لاءِ قدم کنيا. سندس گاديءَ جو شھر لور ھو.اتان ھن پھرين اڀرندي سنڌ ڏي برھمڻ آباد ۾ اچي سندس ڀاءُ ڏاھر سين کي مڪاني حڪومت سپرد ڪري پوءِ مڪرار طرف روانو ٿيو، جتي مڪاني حاڪم سان لاڳاپا قائم ڪري موٽي الور آيو. اھڙي طرح ھن سندس پيءُ راجا چچ جي ڏينھن واري ساري سلطنت تي ملتان سوڌو تسلط قائم ڪري ورتو. سندس دور حڪومت ۾ سنڌ اندر مضبوط حڪومت قائم ٿي ۽ امن امان رھيو.ان وقت عرب ۾بني اُميه گھراڻي جي حڪومت ھئي،جن جي ھڪ حاڪم يزيد بن معاويه رسول صلعم جي ڏھٽي امام حسين عليه السلام کي شھيد ڪرائي ان جي لاش گھوڙن کان چٿرائي سندس سر مبارڪ نيزي تي چاڙھي مھينن تائين ملڪن ۾ گھماريو ھو.امام حسين عليه جي فرزند ۽ خاندان جي عورتن کي قيد ڪرائي دمشق گھرايو ھو.انھئَ گھراڻي عبدالله بن زبير کي حرم ڪعبه ۾ قتل ڪرايو ھو،از انسواءِ ڪيئي ظلم ڪيا ھئا.راجا ڏاھر جي ڏينھن ۾ انھئَ گھراڻي جو حاڪم عبدالملڪ بن مروان عرب جو بادشاھ ھو. ان جو سپھ سالار حجاج بن يوسف ثقفي وڏو ظالم ، قاتل ۽ بي رحم ھو جنھن اھل بيت رسول تي اڪيچار ظلم ڪيا ھئا ۽ بيشمار مسلمانن جو سندس ھٿان خون وھيو ھو.انھن ڳالھين کا تاريخ دان بخوبي واقف آھن.امام حسين عليه السلام جي شھادت کان پوءِ جي مڪاني رد عمل پيد ٿيا تن کي سختيءَ سان دٻائڻ بعد جڏھن بني اُميه گھراڻي جو تسلط ساري عرب تي ويھي ويو ته ھنن سندن سامراج کي وڌائڻ لاءِ چئوطرف حملا ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا.عربستان جو گھڻو حصو ريگستاني آھي،اتي جا رھاڪو سواءِ ٻن مکيه شھرن مڪي ۽ مديني جي بدويانه زندگي گذاريندا ھئا. ان ۾ رھندڙ قبيلا اڪثر پاڻ ۾ وڙھندا رھندا ھئا. ان ڪري جنگجويانه ذھنيت سندن سرشت ۾ سمايل ھئي. اتي جا رھاڪو گھڻو ڪري قديم قبيلائي مذھبن جا پوئلڳ ھئا جن جي خدائيءَ جا بت ڪعبي ۾ رکيل ھئا .پر ڪي منجھانئن ڪرستان ۽ يھودي ھئا.ضرورت زندگيءَ لاءِ ھو شام ۽ عراق سان قافلن ذريعي واپار ڪندا ھئا.رسول مقبول صلعم جي پيدا ٿيڻ کان اڳ به ھنن مان روم ۽ ايران جي شھنشاھن طرفان جنگي لشڪر لاءِ ڀرتي ٿيندي ھئي.ھتي جي رھاڪن جو زياده تر گذران مال چارڻ تي ھوندو ھو.سندن زندگي اڪثر ڪري تنگ گذرندي ھئي.رسول مقبول جي پيدا ٿيڻ تي ھنن کي نئين مذھب جي نالي ۾ متحد ڪري ھڪ مرڪزي حڪومت ھيٺ منظم ڪيو ويو.جنھن ڪري ھنن جي طاقت ۽ حوصلو وڌي ويو.
حضرت رسول ڪريم جن جي رسالت جا ٻه مقصد ھئا:

ھڪ ماڻھن جي ذھني تربيت ، نفسياتي اصلاح ۽ اخلاقي درستئَ جو ھو. 
ٻيو امن امان رکڻ ، ملڪي نظام ۽ ماڻھن جي گذراني مسئلن جي حل ڪرڻ جو ھو. پيغمبر خدا جي موجودگئَ ۾ ٻئي ڪم خوش اسلوبئَ سان سرانجام ٿيندا رھيا ان جي انتقال کانپوءِ سندس پوئلڳ ٻن راين ۾ ورھائجي ويا. ھڪڙي جو رايو ھو ته مٿين ذڪر ڪيل پھرئين مقصد کي جو مذھب جو بنيادي متو ھو ترجيح ڏني وڃي. ٻين جي راءِ ھئي ته عرب جا ماڻھو اڃا سندن بدويانه عادتون،قبيلائي اختلاف پراڻا اعتقاد ۽ رسم رواج پوريءَ طرح بدلائي نئين مذھب جي عقيدن ۽ دستور سان مانوس نه ٿي سگھيا ھئا. تاريخ ۾ پھريون دفعو انھن ۾ اتحاد ۽ مرڪزيت قائم ٿي ھئي جنھن جي قائم ڪرڻ ۾ طاقت جي استعمال کي گھڻو دخل ھو ان ڪري سڀ کان زياده توجھ ٻي مقصد جي سرانجامئَ طرح ڏيڻ گھرجي. پھرئين جو واسطو مستقبل جي ڳالھين سان ۽ ٻئي جو حال سان ھو. مستقبل جو مدار حال تي رھي ٿو،ان ڪري ٻئي گروھ کي ڪاميابي حاصل ٿي. عرب جا ماڻھو غريب ھئا ، انھن جي يڪشت رکڻ ۽ قبيلائي اختلافن کان سندن توجھ ھٽائي ٻئي طرف ڪرڻ لاءِ راءِ جي ڪارڪنن ضروري ڄاتو ته ڀر وارن آباد ۽ سرسبز ملڪن کي قبضي ۾ آڻي انھن جي سرمائي سان ھتي جي رھاڪن جي گذران جو انتظام ڪجي. نئين مذھب انھن ۾ اتحاد ۽ جذبه جنگ اڳي پيدا ڪيو ھو از انسواءِ ٻين سرسبز ملڪن جي ملڪيت ۽ پيدائش گذران لاءِ ھٿ ڪرڻ جي خيال منجھن ٻاھرين ملڪن فتح ڪرڻ جي خواھش پيدا ڪئي. حضرت عمر رضه جي ڏينھن ۾ ڀروارا سکيا ملڪ شام،عراق،مصر ۽ ايران فتح ٿي چڪا ھئا.انھن فتحن عرب جي تنگدست ماڻھن کي سکيو ھڪ طرف بنايو ته ٻئي طرف ھنن جي جنگي قوت ، قومي وقار ۽ عزت جو ڌاڪو وھاري ڇڏيو. پھرين ٻن خليفن جي ڏينھن ۾ ڪي اخلاقي معيار ۽ رسول مقبول سلعم جي روايات قائم رکڻ جي ڪوشش ٿي . ليڪن مل ۾ ناراضگي ايتري وڌي جو ان مان ھڪ خليفو قتل ٿي ويو. پئسا ، ملڪيت ۽ گذر جي فراواني جيڪڏھن زندگيءَ کي سھل بنائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ته انھن جي ڪري ڪي خرابيون به پيدا ٿين ٿيون. نتيجو اھو نڪتو ته حضرت علي عليه السلام جي شھادت کان پوءِ قبيلائي اختلافن ۽ اقتدار جي حصول عربن ۾ خانه جنگي پيدا ڪري ڇڏي. نيٺ بني اُميه خاندان ٻين سڀني گروھن کي زور سان دٻائي سمري طاقت جو مالڪ بنجي ويٺو.
شيخ سعدي عليه الرحمته چيو آھي ته :

ھفت اقليم ازبگيرد بادشاھ ، ھم ڇنان در بند اقليم دگر،
نيم نان گر خورد مرد خدا،بزدل درويشان کندنيم دگر.

(معنيٰ : بادشاھن جي ستن ملڪن فتح ڪرڻ بعد به طمع جھڪي نٿي ٿئي ۽ وڌيڪ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو،ليڪن درويش ھڪ مانئَ مان اڌ کائي ٻئي لاءِ اڌ بچائي رکي ٿو.)
عبدالملڪ جي ڏينھن ۾ خانه جنگي گھٽ ٿي اندروني انتظام درست ٿيڻ بعد ھن بني اُميه سامراج کي وڌائڻ لاءِ رٿون رٿيون. نالو اسلام جو ھو ، مقصد فتح ڪرڻ ،ڦر لُٽ ڪرڻ ملڪيت ھٿ ڪرڻ جو ھو. ڪن مسلم تاريخدانن جو چوڻ آڳي ته رسول مقبول کان پوءِ خلافت ۽ اسلامي حڪومت ئي ڪانه ٿي آھي. پر ڪن جو چوڻ آھي ته خلفاءِ راشدين جي ڏينھن ۾ ٿورو گھڻو رسول مقبول جي روايات کي خيال ۾ رکيو ويندو ھو.ان کان پوءِ حڪومتون اسلامي نه رھيون.بلڪ نالي ۾ سلطان بادشاھن جي ھٿن ۾ پئي رھيون جن سندن شخصي ، قبيلائي ۽ گروھي مفاد لاءِ پئي حڪومتن کي ھلايو.
عبدالملڪ جي دور ۾ ان پوئين گروھ جي مفاد خاطر حڪومت ھلي رھي ھئي،تاريخدانن کي پتو آھي ته سندن سپھ سالار حجاج بن يوسف جيڪي ظلم ۽ قتل عام ڌارين ملڪن کي غلام بنائڻ ، ڦر لٽ ڪرڻ ، آزاد ماڻھن کي غلام بنائڻ جا ڪيا ھئا. ٻئي گروھ جو چوڻ ھو ته اسلام ھڪ نئون مڪمل عالمگير دين ٿي آيل ھو.ان جي اچڻ بعد ٻيا سڀ دين رد ٿي ويا ھئا ھن نئين دين جا مکيه متا توحيد،نماز،حج ،زڪوات ۽ روزو ھئا. انھن متن ۾ ان دين جي شريعت (دستور العمل) کي زوريءَ دنيا ۾ ماڻھن مٿان مسلط ڪرڻ ھو جنھن عمل کي جھاد جي نالي سان سڏيائون ٿي ان ۾ ٻين ملڪن تي چڙھائي ڪري خونريزي ڪرڻ ، ان تي قبضو ڪرڻ ، ڦر لٽ ڪرڻ ، مردن ۽ عورتن کي غلام ڪري ٻڪرين وانگر وڪڻڻ وغيره ڪمن کي جائز ڄاتو ٿي. انھن ٻن گروھن مان پوئين جي عقيدن ۽ ڪارگذاري کي ڏسي غير مسلم عالمن ۽ تاريخ دانن اسلام کي ڊاڪن،لٽيرن،عيش پرستن جو مذھب ظاھر ڪيو ٿي. ھنن جو چوڻ ھو ته ماڻڳو ان ۾ تلوار جي آڌار تي زور زبردستئَ سان داخل ٿيا ھئا ورنه ان مذھب ۾ ڪھڙي سٺي ڳالھ ھئي جو اھڙي مذھب ۾ شامل ٿين ھا.ان قسم جي غلط فھمين کي دور ڪرڻ لاءِ مسلم عالمن ۽ درويشن ظاھر ڪيو ته صحيح اسلام اھو آھي جو پھرئين گروھ ٿي ظاھر ڪيو. پوئين دور ۾ سر سيد احمد خان ۽ خواجه ڪمال الدين جا ڏنل جواب پڙھڻ جي لائق آھن. سندن چوڻ ھو ته اسلام جو فروغ تلوار ۽ تشدد جي ذريعي ڪونه ٿيو ھو بلڪ تاليف قلوب،بھترين اصولن ڪري اھو ماڻھن قبول ڪيو ھو. مسلمان حاڪمن طرفان جيڪا ملڪ گيري ، ڦرلٽ ۽ ٻيا ظلم ٿيا ھئا انھن جو اسلام سان تعلق ڪونه ھو.ملا جي اسلامي تشريح صحيح نه ھئي. اڃان تائين مسلمان ساڳئَ طرح ٻن راين ۾ ورھايل آھن. جن مان ھڪ کي ملا جو گروھ ۽ ٻئي کي در ويشن جو گروھ سڏجي ٿو.اسان جو واسطو درويشن جي گروھ سان آھي تنھن ڪري محمد بن قاسم جي ڪارنامن کي اسلام سان واسطو رکندڙ نٿا تسليم ڪريون نه ان کي عازي نه اسلام جو علمبردار سڏڻ لاءِ تيار آھيون. بلڪ ان کي غاصب،سنڌين جي آزادي ، عصمت ، مال ،ملڪيت جو دشمن ۽ لٽيرو سمجھون ٿا.جنھن نه صرف سنڌ جي مردن ۽ عورتن کي غلام ڪري وڪرو ڪيو ۽ ملڪيت ڦري ملڪ تي زوريءَ قبضو ڪيو پر اھلبيت رسول جو دشمن ، عياش،اسلام جي بنيادي اصولن جي خلاف ۽ مسلمانن جو قتل عام ڪرائيندڙ ھو.

اسان رسول مقبول صلعم کي رحمته العالمين سمجھون ٿا. ان جا ٻه قول اسان جي ڪنن ۾ اڃان تائين گونجي رھيا آھن .
ھڪ ! ” حب الوطن من الايمان“ وطن جي محبت ايمان جو جزو آھي.
ٻيو ته ” سنڌ جي طرف کان کيس ٿڌي ھير ٿي لڳي.“
ڇا ان تعليم ھوندي اسان سنڌ جي محبت کي جائز ٺھرائيندي ان تي ڌارين جي تسلط ۽ ٿيل ظلمن کي جائز قرار ڏئي سگھون ٿا؟

اسان ان راءِ جا آھيون ته ھر ماڻھوءَ لاءِ وطن جي حب لازمي آھي ، جو وطن دوست نه آھي سو بي ايمان آھي ، ايمان کان سواءِ صحيح مسلمان ئي نه ٿي سگھبو.

سنڌ پنج ھزار ورھين کان تھذيب ۽ تمدن جو مرڪز رھي آھي، رسول مقبول جي ڏينھن ۾ سنڌ ۾ ھڪ به مسلمان ڪونه ھو بلڪ سڀ ماڻھو ھندو ۽ ٻڌ ھئا.پوءِ به سندن اظھار ته ان مان کيس ٿڌي ھير ٿي آئي ڪا ته معنيٰ رکندڙ آھي.اھڙي حالت ھيٺ اسان ڪھڙي طرح ان ملڪ جي ماڻھن تي زوريءَ قبضو ڪري انھن جي آزادي سلب ڪرڻ اُتي جي مردن ۽ عورتن کي غلام بنائڻ ڪروڙھا روپين جي ملڪيت کي لٽي ٻاھر ڪڍڻ جي ڪم کي صحيح اسلام مطابق جائز سمجھي سگھون ٿا.جيڪڏھن ڪي ماڻھو سندس اھڙن ڪمن کي عين اسلام سمجھن ته مرضئَ جا مالڪ آھن. ھر ڪنھن جي سندن راءِ جو حق آھي. آخر ڪي اھڙا ماڻھو به ھئا ۽ اڃا تائين آھن جي امام حسين عليه السلام کي ناحق تي ۽ يزيد کي حق تي سمجھن ٿا. اھي ماڻھو يزيد ۽ انھئَ گھراڻي جي ھر ڪارروائي عين اسلام سمجھن ٿا. ان گروھ ۾ نه صرف ان زماني جا عالم ۽ حافظ قرآن شامل ھئا پر آڄ ڪلھ به ڪيئي ماڻھو ملي سگھن ٿا.کين اھڙيءَ راءِ رکڻ جو ھر ڪو حق آھي ليڪن اسان کي به پنھنجي راءِ رکڻ جو اھڙو ئي حق ھئڻ گھرجي جھڙو ھنن کي ڏيڻ گھرون ٿا. اسان محمد بن قاسم جي حملي کي صحيح اسلامي تشريح جي خلاف ۽ غاصبانه سمجھون ٿا سنڌ جو جيد عالم ۽ بزرگ مولانا ابو الحن به ڏاھري سڏائڻ ۾ عيب نه سمجھندو ھو. اسان کي اعتراض نه آھي . سنڌ ۾ محمد بن قاسم گروھ جا طرفدار ڀلي پاڻ کي يزيدي سڏائين . ماڻھو نطفه مان پيدا ٿئي ٿو جو رت مان جڙي ٿو،رت کاڌي مان ٺھي ٿو.کاڌو اناج ، ڀاڄين ۽ گوشت مان ٺھي ٿو. اھي سڀ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح ملڪي زمين ۽ پاڻيءَ جي پيدائش آھن.
مثال طور کڻي ڏسنداسين ته ھڪ ان جي داڻي زمين ۾ پوکڻ بعد سوھا داڻا پيدا ٿين ٿا. جي مٽي ۽ پاڻيءَ مان ٺھن ٿا.تنھن ڪري ھر شيءَ ملڪ جي مٽي ۽ پاڻيءَ مان پيدا ٿئي ٿي. ھر ماڻھوءَ جي حقيقي ماءُ پيءُ آھن.
قرآن شريف به شاھدي ڏي ٿو ته:

” ولقد خلقنا الانسان من سلالهّ من طين.“
(معنيٰ : تحقيق اسان ماڻھن کي مٽئَ جي جوھر مان پيدا ڪيوآھي.)

انھي نقط نگاھ کان جيڪو ماڻھو وطن سان وفادار نه آھي سو حلالي ٻار نه آھي.انھئَ کي مدنظر رکندي آءُ راجا ڏاھر کي سنڌ جي آزادي، عزت ۽ ناموس لاءِ لڙي سر ڏيندڙ کي شھيد اول سڏڻ کان نٿو ڇرڪان ، پوءِ ڀلي ڪن يزيدي گروھ جي طرفدارن کي مرچون لڳن.اھڙن ماڻھن جي دشمنئَ کان امام حسين عليه السلام نبي صلعم جو ڏھٽو ڇُٽي نه سگھيو آھي ، آءُ ته ان جي در جي خاڪ مثل آھيان.ڪي ماڻھو راجا ڏاھر تي بھتان رکي سندن غازيءَ جي برن ڪارنامن لاءِ جواز پيدا ڪن ٿا. اچو ته انھن چند بھتانن جي جاچ ڪريون. ان مان مکيه ھيٺيان آھن:

1 ـــ ھن ڀيڻ سان شادي ڪئي ھئي.
2 ـــ ھن عربن جي ڪن ماڻھن کي قيد ڪيو ۽ ڦريو لُٽيو ھو.
3 ـــ ھن ٻُڌ ڌرم ۽ غير برھمڻن سان ظلم ڪيا ھئا.
(3) ٽين ڳالھ ھن جي خلاف اھا چئي وڃي ٿي ته ھن ٻُڌ ڌرم ۽ ٻين غير ھندن تي ظلم ڪيا ھئا، ان ڳالھ جو ثبوت ڪونه ٿو ملي. اھا تاريخي حقيقت آھي ته راجا چچ جو ڀاءُ راجا چندرسين جڏھن تخت تي ويٺو ته ھن ٻُڌ ڌرم کي زور وٺائڻ طرف رخ رکيو. ھن ٻُڌ جي بڪشن ۽ پوڄارين سان خاص رعايتون ڪيون ھيون، ھر ھڪ کي معلوم آھي ته برھمڻن جو مذھبي تعصب ملن جي تعصب کان به ڪي رتيون ڪٽر آھي. سندن انھئَ پاليسئَ ڪري ٻُڌ ڌرم مرڳو ھندستان مان نڪري ويو. پر اھو سنڌ جو ملڪ ئي ھو جتي ھن راجا جي ڏينھن ۾ ٻُڌ ڌرم پوري زور تي ھو. جن جي موجودگي بنسبت ٻين ھندو حاڪمن جي راجا ڏاھر جي رواداريءَ جو ثبوت ڏي ٿي.سندس دور حڪومت ۾ ٻه گورنر ٻڌ ڌرم جا ھئا نه رڳو ايترو پر ھڪ مسلمان عرب محمد علافي نالي ساري قبيلي سان بني اُمين جي ظلم کان لڏي سنڌ ۾ اچي راجا ڏاھر جي پناھ ھيٺ رھيو. ان سان راجا ڏاھر اھڙو سلوڪ ڪيو جو سندس سڪي جي ٻي طرف ھن جي نالي اڪيرڻ جي اجازت ڏني . اھڙي رواداري جو سلوڪ تاريخ ۾ ڪو ڇڊو نظر ايندو.

اھڙي منصف مزاج راجا تي متعصب ھئڻ جو بھتان اھڙن ماڻھن طرفان لڳائڻ جن جي تاريخ جو ڪيترو حصو تعصب ۽ ڪٽرپڻي سان گريو پيو ھجي. بدديانتئَ کان سواءِ ڪجھ نه آھي.

(4) چوٿون بھتان راجا ڏاھر تي اھو لڳايو ٿو وڃي ته ھو عياش ۽ ظالم حاڪم ھو. خبر نه آھي انھن لفظن مان بُھتان لڳائيندڙ ماڻھو جو مقصد ڪھڙو آھي. ڇا راجا ڏاھر جي ٻن نياڻين جيڪي بادشاھ لاءِ تحفو ڪري موڪليون ويون ھيون جن سان زنا ڪرڻ جي جرم ۾ سزا کائيندڙ ماڻھو راجا جي زال ، ڇوڪرين جي ماءُ سان زوريءَ شادي ڪندڙ ، سنڌين جي عورتن کي ٻانھيون بنائي بنا نڪاح جي انھن سان صحبت ڪرڻ کي جائز ڄاڙڻيدڙ ھزارھا سنڌي عورتن ۽ مردن کي وڪرو ڪندڙ زياده گناھگار آھي يا وطن جي حفاظت لاءِ سِر ڏيئي سرھو ٿيندڙ ڏوھاري آھي؟راجا ڏاھر 92 ھجري مطابق 712ع تي سنڌ خاطر لڙي شھيد ٿيو . ھر ھڪ سچي سنڌيءَ کي ان جي ڪارنامي تي فخر ٿيڻ گھرجي . ان لاءِ آءُ کيس سنڌ لاءِ سِر ڏيندڙ سورھين جي قطار ۾ پھريون ھيرو شمار ڪريان ٿو.ان کان پوءِ سنڌ 340ورھيه غيرن جي غلامئَ ھيٺ رھي جيسيتائين ڪه سنڌ جي ھڪ سومري گھراڻي 1351ع ۾ وري سنڌ ۾ خالص سنڌي حڪومت قائم ڪئي.

ڀڳو آءُ نه چوان ، ماريو سين وسھان،
ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونھان،
ته پڻ لڄَ مران جي ھونسِ پُٺ ۾ ...

(شاھ)
ڪتاب سنڌ جا سورما سائين جي ايم سيد