Thursday, 10 November 2011

شھيد ھيمون ڪالاڻي : ڪتاب سنڌ جا شھيد

شھيد ھيمون ڪالاڻي : ڪتاب سنڌ جا شھيد


ڀڄ مست چريا ٿا اچنئي ...... ( ھيمون ڪالاڻي)
ڪتاب سنڌ جا شھيد : ليکڪ : ناز سنائي ـ

تواريخ ۾ لکيو ويو آھي ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته انگريز ” فيل مست “ ھئو. ھن جو ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ ظلم ۽ بر بريت ، ڊپ ۽ ڊاءُ ، شان ۽ شوڪت جاھ و جلال ايڏو ھو جو ماڻھو ڇرڪندا ھئا.
تواريخ ۾ لکيل آھي ته انگريز سنڌ تي ڪاھ ڪا نه ڪئي ھئي سنڌ کي فتح ڪونه ڪيو ھئائين پر واپار ڪرڻ جي اجازت ورتائون ۽ پوءِ ” آئي ٽانڊي ڪاڻ بنجي ويٺي بورچياڻي“ جيئن انگريز سنڌ جو حڪمران بڻجي ويھي رھيو ـ
انگريز ھندستان کي ڪيئن غلام بنايو ھو ڪھڙي طريقي سان حڪمران بڻيو، ڪھڙي نموني ھن سنڌ کي غلام بنايو؟ اچو ته ان جي پس منظر تي ڪجھ نظر وجھون.1613ع ۾ شھنشاھ جھانگير ھڪ حڪم جاري ڪيو جنھن ۾ ھن انگريز کي سورت ۾ واپاري ڪوٺين کولڻ جي اجازت ڏني ۽ پوءِ آھستي آھستي واپاري يعني ماڻھن جي گذر معاش جي ذريعي تي قبضو ڪري ھندستان ۽ سنڌ کي محڪوم بنائي ويھي رھيو ـ
بنگال کي نشانو بنايو ۽ شڪار ٺاھيو ويو ته بنگال جي باغي شھزادي سراج الدوله جي دوربين نگاھ تاڻي ورتو ته انگريز ڪيڏو چالاڪ آڳي ۽ ھو ڪھڙي نه طريقي سان ملڪ تي قابض ٿيندو پيو وڃي انڪري ھن بغاوت ڪئي حڪم ڪيائين ته ” قبضي ھيٺ آيل ايراضيون خالي ڪري وڃو “ انگريزن اھا ڳالھ نه قبولي ۽ نه ان تي عمل ڪيو . باغي سراج وڙھيو ، ٻئي طرف انگريزن مير جعفر جھڙا ديس دروھي ۽ دلال خريد ڪري ورتا جنھن ڪري جنگ ۾ سراج کي شڪست ڏئي وڌائون .
انگريز نه رڳو بنگال تي قبضو ڪيو پر چالاڪي ۽ عياريءَ کان ڪم وٺي آھستي آھستي سموري ھندستان جو ڌڻي ٿي ويھي رھيو ۽ سوا سئو سالن تائين ھندستان جي ماڻھن کي لٽيندو ۽ ڦريندو رھيو ماڻھن کي ستائيندو رھيو، وقت آيو ماڻھو جاڳيا ماڻھن ھندستان کي آزاد ڏسڻ ٿي گھريو انگريز سامراج کان نجات وٺڻ ٿي گھري چوطرف ھل ھنگاما ٿيا ، شور ٿيا ، جھيڙا ٿيا ، قتل عام ٿيا ماڻھن ھندستان ۾ آزديءَ جي سج اڀارڻ لاءِ جدوجھد ڪئي!
ھندستان جي مھا اڳواڻ مھاتما گانڌي ھندستان خالي ڪريو (Quit-India) تحريڪ شروع ڪئي ۽ ان سان گڏ ماڻھن کي ” ڪرو يا مرو “ جي ھدايت ڏني 1942ـ41ع زمانو ھئو. ماڻھن جي دلين ۾ فرنگين جي خلاف نفرت جا آڙاھ پئي ٻريا ، ماڻھن ان جو سڏ جو جواب ھر ھنڌان ڏنو، انگريزن کي مستي ھئي ، غرور ۽ تڪبر ھيو ۽ ان آڌار تي ھنن ڏاڍ ڪيا ، سورمن جي قربانين راگ لاتو ۽ انگريز ھندستان ڇڏي ھليو ويو ۽ ھندستان کي آزدي ملي وئي ـ
مھاتما گانڌي ھندستان خالي ڪريو نعرو ھنيو ته ماڻھن ھيءُ راءِ قائم ڪئي ھاڻي انگريز کي برصغير مان ٽپڙ ٻڌڻا پوندا.
ھندستان خالي ڪريو مراد اھا ھئي ته فرنگين جي جھنڊي جي جاءِ تي آزاد ھندستان جو جھنڊو ڦرڪي ، ھندستان خالي ڪريو جو مطلب اھو ھيو ته ھندستان جي آزدي ملڪ جي حيثيت ۾ پنھنجي فوج ٺھي.
ھندستان خالي ڪريو مان مطلب اھو ھو ته گوري ڪاري جي مٿان حڪمراني بند ڪري ۽ گوري جي، ڪاري جي ملڪ ۾ ڪابه دست اندازي نه رھي ۽ انگريز ھندستان کي مڪمل طور ڇڏي وڃي ، سندس ڪو به واسطو نه ھجي. لڳ لاڳاپو نه ھجي.
ھندستان خالي ڪريو سڏ جي پڙاڏي کي محسوس ڪندي ھندستان اڳواڻ شري پنڊت جواھر لال نھروءَ ماڻھن کي صلاح ڏيندي چيو :
” گھڻي وقت کان اسان پرڀات جو انتظار پئي ڪيو آھي ليڪن ڊگھي رات پوري نه ٿي آھي ۽ اڃا شايد پوري نه ٿئي.... گھڻو وقت .... ان جي مونکي خبر ناھي . ديش جي آزديءَ جي لڙائي جا ڪيترائي سپاھي شايد اُھا پرڀات نه ڏسي سگھن . پر اھا پرڀات ايندي ضرور! تيسين سوتنرنا جي راھ رُسن رکڻ لاءِ جوت جلائيندو ئي رھڻو آھي ... ۽ مان ڄاڻڻ گھران ٿو ته توھان مان ڪيترا بھادر اھا جوت ڪرندڙ ھٿن مان وٺڻ لاءِ تيار آھن.“
۽ پوءِ ڪئين آيا ، جن ڪرندڙ ھٿن مان جوت کڻي ورتي ۽ ان جوت کي کڻي اڳتي وڌيا. سرن جو نذرانو ڏنائون. ڳچين سندا ڳچ وڃائي ويٺا ، جانيون قربان ڪيائون . جنھن لاءِ ساڳئي نھروءَ جيل مان ڇٽڻ وقت چيو : ” ... 1942ع ۾ جيڪي ٿيو ان لاءِ مونکي فخر آھي ، ماڻھو جيڪڏھن ڪانئئر ٿي گھر وڃي ويھن ھا ته مونکي سخت افسوس ٿئي ھا ...“
1942ع ۾ ان کان اڳ ۽ پوءِ ” فيل مست “ فرنگيءَ کي ھندستان مان ٽپڙ ٻڌائڻ لاءِ جيڪو ڪجھ ٿيو ۽ سنڌ جي چرين جيڪو ڪم ڪيو ان تي سرسري طور تي ڪجھ نظر وجھجي.
سنڌ ۾ مقولو آھي: ” ڀڄ مست چريا ٿا اچنئي“ فرنگي ” فيل مست “ ھئو ته آزديءَ جي طالبن سنڌي چرين ان کي ڇتو ڪرڻ ، ڀڄائڻ ۽ بڇڙو ڪري ھندستان خالي ڪري وڃڻ تي جھڙي نموني مجبور ڪيو ان کي فراموش ڪيو ويو آھي. تاريخ لکندڙن سنڌ جي انھن چرين کي وساري ڇڏيو آھِ ، جن ” فيل مست “ فرنگيءَ کي ھندستان ڇڏڻ تي مجبور ڪيو.
ھندستان مان انگريز کي ڪڍڻ ۽ ملڪ کي آزدي ڪرائڻ ۾ جيڪڏھن ڪانگريس قربانيون ڏنيون ھندستان جي ماڻھن ڪنڌ ڪوري ڪلن تي رکيا ته سنڌ جا جوڌا به پٺتي ڪونه پيا . ” حر تحريڪ “ ۽ شھيد صبغت الله پاڳاري انگريزن کي جھڙي نموني ٽوٽا چٻايا ۽ سندن بت مان جيڪي ٺڪائو ڪڍيا ، جيڪي پاسراٽيون ٽوڙيون ، اھي ٽڙڪاٽ ڪنھن کان وسريا آھن؟ انگريز کي ” حر تحريڪ “ جيڪا ماءُ جي ٿڃ ياد ڏياري ، ان جي پنھنجي حيثيت آھي ، پنھنجي تاريخ آھي . جنھن جو ذڪر مون پنھنجي مضمون ” شھيد پاڳاريو“ ۾ ڪيو آھي .
اھو زمانو آھي جو ” فيل مست فرنگي“ کي ڀڄائڻ لاءِ ھڪڙو ٻيو چريو ، ڪن ٻين چرين کي ساڻ ڪري ان ” فيل مست “ فرنگيءَ جي پويان ڪاھي پيو . سندس نالو راھي ھيمن ھو پر کيس ” ھيمون “ چيو ويندو ھو . ھو 11 مارچ 1924ع ۾ پراڻي سکر ۾ ڄائو ھو . سندس پيءُ پيسومل ٺيڪيداري ڪندو ھو . جنھن وقت ” ھيمون “ ريل جي پٽڙي اکيڙڻ ڪري گرفتار ٿيو ته سندس عمر اوڻيھ سال ھئي. سکر جي تلڪ ھاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ پڙھندو ھو ريل جي پٽڙي اکيڙڻ کان اڳ ھيمون ۽ سندس ٻيا ساٿي انقلابي سرگرمين سان وسطيدار ھوندا ھئا. ھٿن سان پمفليٽ لکي ورھائيندا ھئا گرفتاري کان پوءِ جڏھن ھيمونءَ جي گھر جي تلاشي ورتي وئي ھئي ته سندس گھر مان ڪافي انقلابي مواد ھٿ آيو ھو.
پمفليٽن ۽ ننڍڙن خبرن کي اخبار جي نموني لکي ورھائڻ کانسواءِ ھنن ” ساڙ ٻاڙ “ تحريڪ شروع ڪئي جنھن ۾ ھنن پاران سنڌ جي ڪافي شھرن ۾ سرڪاري رڪارڊ ساڙيو ويو ۽ ھن جي ھڪ ساٿي پوليس جي انسپيڪٽر جنرل جي ڪوڙي صحيح ڪري پنھنجي ھڪ انقلابي ساٿيءَ کي جيل مان آزاد ڪرايو ھو ان کانسواءِ ھو ڪن خاص اسڪولي شاگردن کي گڏ ڪري شھيد ڀڳت سنگھ بابت ٻڌائيندو ھئو. ان کانسواءِ پنھنجي چاچي ڊاڪٽر منگھارام جي کوليل سوراج سئنا منڊل ۾ پڻ ھو سرگرم ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو ھئو.
پاڻ پنھنجي چاچي ڊاڪٽر منگھارام ڪالاڻي جي اڳواڻي ھيٺ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪافي بھرو وٺڻ لڳو ان کانسواءِ دادا ٿانور داس گلومل جي اڳواڻي ھيٺ بغاوت جي پئي تياري ڪيائين. پر ھيمون اجائي شوربازي کي ڪڍائڻ ۽ ليڊريءَ جو شوقين ڪونه ھئو. ھن وٽ عمل وڏي شئيءَ ھئي ۽ ھن اندر ئي اندر رھي گھڻو ڪجھ ڪرڻ ٿي چاھيو . ننڍپڻ کان وٺي انگريزن سان نفرن ھئس پير علي محمد شاھ راشديءَ پنھنجي مضمون ۾ لکيو آھي ته ” ظاھري طرح سياست سان ڪو واسطو ڪونه ھئس ، توڙي جو آءُ ورھين جا ورھيه سکر ۾ رھي چڪو ھئس پر سندس نالو ڪڏھن به منھنجي ڪن تي ڪونه پيو . معلوم ٿئي ٿو ته اندر ئي اندر ۾ پئي سڙيو ۽ ٻريو ... “
ظاھر آھي ريل ڪيرائڻ لاءِ به ڪو ذھن ئي سوچي سگھي ٿو ” ھيمون “ اُپھرو ڪونه ھئو ۽ نه وري ھرو ڀرو اجائي شوق خاطر ائين ڪيو ھئائين جيڪڏھن شوق خاطر ائين ڪري ھا ته ھو پنھنجي حياتي بچائي ھا . دوستن ۽ ساٿين جا نالا پيش ڪري انھن کي ڦاسائي پاڻ ڇڏائي سگھيو ٿي ۽ اھو ھڪ ڀيرو نه پر ھزار ڀيرا کيس چيو به ويو ھئو ان ڪري تشدد جو نشانو بنايو ويو . اصل ۾ ريل جي پٽڙي اکيڙڻ جو قصو ھئين آھي ته 23 آڪٽوبر 1941ع تي ھيمونءَ شھيد کي خبر پئي ته انگريز فوج سان ڀريل ھڪ ريل گاڏي جنھن ۾ بارود پيل آھي سار روھڙي سکر کان ٿيندي ڪوئيٽا وڃڻ واري آھي. جنھن وسيلي سرحد جي جوانن کي ڪچليو ويندو. ھيمونءَ پنھنجي ساٿين سان پرگرام ٺاھيو ته ريل جي اچڻ کان اڳ پٽڙي اکيڙينداسون . مقرر وقت تي پراڻي ۽ نئين سکر جي وچ ۾ ريل جي پٽڙي اکيڙڻ ويا پر ” ھيمون“ پڪڙجي پيو ، سندس ٻيا ساٿي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ريل ڪانه ڪري سگھي ! ھيمونءَ ريل ڪيرائڻ جو تڏھن سوچيو جڏھن انگريزن سان نفرت اوج تي ھئي ۽ کيس ملڪ ڇڏڻ جو چيو ويو ھندستان جو عوام انگريزن جي ڏاڍ ۽ ظلم جي جانڊاھ ۾ پيسجي پيسجي ٿڪجي پيو ھئو ۽ ھاڻ ان ظلم مان نجات ٿي چاھيائون.
مھاتما گانڌي (Quit-India) جو نعرو ھنيو ته ھيمون ان سڏ جو پڙاڏو بنجي ويو. ھيمونءَ ان سڏ جو جواب ڏنو ۽ پنھنجي طريقي ۽ سوچ سان انگريز کي ملڪ خالي ڪرائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو نوجوان شھيد ھيمون ڪالاڻي نٿي سمجھيو ته انگريز جھڙو حڪمران جنھن سوا سئو سالن تائين وڏي ڏاڍ ۽ڏھڪاءُ سان انسا جي ملڪ کي ٻنھي ھٿن سان لٽيو ۽ ڦريو آڳي اھو ائين شرافت سان ملڪ ڇڏيندو ۽ جيڪڏھن کيس ٽپڙ ٻڌي وڃڻ تي راضي به ڪيو وڃي ته ھيمون جي دل اھو نٿي چاھيو ته فرنگي بنا وياج جي موٽي وڃي!
چرئي ھيمون ان وقت ” فيل مست “ انگريز کي پريشان ڪرڻ لاءِ ريل ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي ، جڏھن انگريز مست کي سنڌ ۾ ” حر تحريڪ “ جي چرين اڳئي چڱو ڊوڙايو ھئو ۽ ميدان ماريو ھئو . اھي چريا اھڙي نموني سان ان جي پويان لڳا ھئا جو ” فيل مست “ انگرز ڇتو ٿي پيو ۽ پنھنجي ڇتپڻ جي عروج تي ھئو. ماڻھن جي سرجري پئي ڪيائين . قتل عام ٿي ڪيائين ماڻھن کي وڏا عذاب ۽ صدما ٿي ڏنائين ۽ سندس انھيءَ ڇتپڻ جي زماني يعني 1942ع ۾ جڏھن سنڌ سان مارشل لاڳو ٿيو مارشل لا ان ڪري لاڳو ڪيو ويو ته ” حر تحريڪ“ کي ڪچلجي ۽ انھن حرن کي سزائون ڏنيون وڃن جن آزديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتو آھي . ڪورٽ مارشل قائم ڪري حرن کي سزائون ڏنيون پئي ويون ھيمونءَ کي به ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. مقدمو ھليو . سکر جي مارشل ڪورٽ کيس جنم ٽيپ ڏني ۽ اھو فيصلو حيدرآباد جي مارشل ڪورٽ ڏانھن موڪليو ويو جتان جي مکيه انگريز آفيسر ڪرنل رچرڊسن کيس ڦاسيءَ جي سزا ڏني!
مارشل ڪورٽ ۾ ڪيس ھلندي ھڪ دفعي چيائين ” مون ريلوي لائين ان لاءِ ٿي پٽي جو فرنگين جي ٽرين کي ناس ڪرڻ جو ارادو ھوم ليڪن بدقسمتي آھي جو ان رٿا ۾ ناڪامياب ويس.“
ٽي سال ساندھ ڪيس ھلايو ويس ان وچ ۾ ملٽري جا ڪمانڊر ۽ آفيسر روزانو ھن وٽ جيل تي وڃي مختلف طريقن سان آزمائيندا رھيا ته ھو پنھنجي ڪئي تي پيشماني ڏيکاري معافي وٺي پنھنجي ٻين ساٿين جا نالا کڻي پر :
مون سھڻا تنھنجا ساک کنئي ۽ لوئيءَ تنھنجي لاک ھنئي،
ستي ڪانئر ٻئي ڪنھن ڪڙم منجھان جي پيار ڪري پڇتائين .. (اياز)
ھن سنڌ ڌرتي سان نيھن نڀائڻ جو قسم کنيو ھئو ھن انگريز سامراج جا پنھنجي ڌرتيءَ تان پير اکيڙڻ جو وچن ڪيو ھئو. ھن ان ڌرتيءَ ۽ مقصد جي ڪري پنھنجي ماءُ پيءُ جن جو اڪيلو آسرو ڏڍ ھئو ته ڇڏي ڏنو . ھن ان ڳالھ ڪري پنھنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏ ڏني ھئي ۽ پوءِ ھو ڪيئن غداري ڪري سگھيو ڪيئن ٿي ٻين لاءِ نقصانڪار عمل ڪري سگھيو .
” ھيمون“ ريل جي پٽڙي اکيڙڻ وارن مان اڪيلو ئي ھئو جيڪو گرفتار ٿيو ٻيا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ھئا ۽ ھيمون تي ھر تشدد جو اوزار ان لاءِ آزمايو پئي ويو ته ھو پنھنجي ساٿين جا نالا ٻڌائي پر ھن جو ھر دفعي اھو جواب ھوندو ھيو . ” مون سان ھر ھندستاني ، برصغير جو ھر ماڻھو گڏ آھي جيڪو چاھي ٿو ته انگريز سامراج ملڪ ڇڏي وڃي آءُ ڪھڙن جا نالا کڻان؟“
اھو جواب لانگ بوٽن جي ٿڏن تي به ڏنائين ته برف جي نادين تي سمھڻ سان به ،ڪوڙي لڳڻ سان به ته سچ پتري سان به اگھاڙي ٿي ٽنگجي مارجڻ سان به ته لٺين جي وسڪاري سان به! ھر وقت سندس اھو ئي جواب ھئو:
جي لوڻ لڱيڻ لائين ، چيري چيري چم،
مون ڪر اڳي نه ڪيو اھڙو ڪوجھو ڪم،
جان جان دعويٰ دم ، تان تان پرت پنھوارسين! ( شاھ )
انگريز جڏھن تشدد جي سمورن اوزارن کي مڏو ٿيندي ڏٺو ۽ پنھنجي ھر وار سان ھيمونءَ جي عزم کي فولاد ٿيندي ڏٺائين ته ساٿين جي نالن پڇڻ واري ڳالھ تان ھٺ لھي آيو ۽ پوءِ ھي ڳالھ ڪرڻ لڳو ته ” ھيمون “ پشيمان ٿئي ، معافي وٺي ته کيس معاف ڪيو ويندو . پر ھيمونءَ سوچيو ته سر وڃي ۽ ملڪ کي ڌارئي سامراج مان آزادي ملي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي سستي شئي آھي.
کيس ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي معافي گھرڻ لاءِ چيو ويو ، سندس پوڙھي ماءُ پنھنجي مامتا ۽ سندسن پيرسن پيءُ پنھنجي پيار کان مجبور ٿي اھڙيون درخواستون ڪيون. ھيمون کي مائٽن پاران چيو ويو پر ” ھيمون “ ڄڻ انھن لاءِ جيئرو ئي نه رھيو ھئو . ھن صاف انڪار ڪري ڇڏيو۽ چوندو رھيو ، ” آءُ پنھنجي عمل تي ڪڏھن به پيشمان ناھيان، مون جيڪي ڪجھ ڪيو آھي صحيح ڪيو اٿم. اھو وطن لاءِ ڪيو اٿم . وطن جي آزديءَ ۽ نجات لاءِ ئي سڀ ڪجھ ڪيو اٿم مونکي پڇتاءُ ڪونھي . مون اھو ڏوھ ڪونه ڪيو آھي جو آءُ معافي وٺان. جيڪڏھن آءُ معافيءَ جي درخواست تي ڪندس ته ڄڻ انگريز کي ھتي رھن جي مھلت ڏيڻ واري دستاويز تي صحيح ڪندس! آءُ ته انگريز کي ڪڍڻ ٿو چاھيان ۽ جيستائين جيئرو آھيان ايستائين وڙھندو رھندس.“ اھو ھو ھيمون شھيد جو جواب جيڪو سڀني کي پئي ڏنائين ۽ انگريز سامراج جي منھنج تي ڦھڪائي ٿي ڪڍيائين ـ
آخر انگريز ملٽري جي ڪمانڊر ” ھيمون “ کي چيو ته ” توکي آزد ٿا ڪريون پر آئيند لاءِ واعدو ڪر ته ٻيھر اھڙي سرگرمين ۾ حصو نه وٺندين .“
ھيمون شھيد ھڪڙو ٻيو وعدو ڪيو اھو ھيءُ ته ” جيڪڏھن مونکي آزد ڪيو ويو ته ٻيھر به اھڙا ڪم ڪندس ۽ ايستائين ڪندو رھندس جيستائين انگريز سامراج ھندستان خالي نه ڪيو آھي ! “ نيٺ انگريز ” فيل مست “ اھڙن چرين کان تنگ اچي ھندستان خالي ڪري ھليو ويو ـ
ھيمونءَ جو جسم اروڙ جي مٽيءَ مان جڙيل ھئو سندس پگھر مان اھڙو ھڳاءُ ايندو ھئو وطن سان وڏي محبت ھئس وڏو بھادر ۽ ھمت ڀريو ھوندو ھئو ڪاڪي تيرت داس ڪراچي واري ھڪ ڀيري سندس باري ۾ ٻڌائيندي چيو ” پاڻ “ ھيمون “سان گڏ جيل ۾ ھوندو ھئو ، کيس ورزش ڪرڻ جو شوق ھوندو ھئو ۽ سدائين پنھنجي جسماني قوت وڌائڻ لاءِ محنت ڪندو ھئو. ورزش ڪرڻ وقت پنھنجي ڏورن تي ھٿ ھڻي چوندو ھو ته ھنن ڏورن کان ڪم وٺڻو آھي جسم کان انگريز ملڪ مان ڀڄائڻ وارو ڪم وٺڻو آھي ھو ڏاڍو ماٺيڻو ، خاموش طبع ۽ سلجھيل ذھين ھوندو ھو . وطن سان ڏاڍو پيار رکندو ھو ۽ ھر ڀيري اسان کي چوندو ھئو ته جڏھن آءُ آزد ٿيندس ته ان کان وڌيڪ ڪم ڪندس . ۽ ايستائين ڪندو رھندس جيستائين انگريز ملڪ نٿو ڇڏي ، ھن جي زبان تي ” سنڌ “ ، ” سنڌ “ ھوندي ھئي ۽ چوندو ھئو ته ھند جي تاريخ ۾ سنڌ کي نمايان حيثيت ڏيارڻي آھي!“.
مرحوم محمد امين کوسي ھڪ انٽرويو ۾ ھيمون بابت ٻڌايو : ” ھيمون سان منھنجا قريبي تعلقات ھئا . ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان سکر ۾ گڏ ڪيل شاگردن جي ڪانفرنس ۾ ھو منھنجي قريب آيو ۽ تقرير کان پوءِ سڄي رات ھو ۽ مسٽر ھشو ڪيولراماڻي مون وٽ ويٺا ھئا. مون ھن وٽ مھاتما گانڌيءَ جو ماٺاڻو فلسفو پيش ڪرڻ بجاءِ سامراجين سان مقابله آرائي جو فلسفو پيش ڪيو ... ڪراچيءَ جيل ۾ ھيمون مون کي ٻڌايو ته ” ھو موت جي ڪري لڄي نه ٿيندو پر ھڪ بھادر جي موت مرندو “ واقعي ائين ڪري ڏيکاريائين ـ ڦاسيءَ جي ڦندي کي چمي ڏئي ڳچيءَ ۾ وڌو ھئائين ۽ ڦاسي جي تختي تي ” انقلاب زنده باد “ ۽ ” ھندستان خالي ڪريو “ جا نعرا ھڻندو رھيو ۽ آخري خواھش اھا ڏيکاري ھئائين ته عملدار ” انقلاب زنده باد “ ۽ ” ڀارت ماتا جي جئه “ جا نعرا ھڻن ۽ نيٺ ھنن ائين ڪيو ؟
جيل آفيسرن جي رپورٽ موجب ته ھيمونءَ جو آخريءَ 21 ڏينھن ۾ ست پائونڊ وزن وڌيو ھئو ڇاڪاڻ ته کيس خوشي ھوندي ھئي ته ھو وطن لاءِ قربان ٿيندو ـ
21 جنوري 1943ع جي صبح جو اسر ويلي کيس سکر جي اسپيشل جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي ـ ان کان اڳ سکر سينٽر جيل ۾ سندس ماءُ پيءُ جڏھن سندس ملاقات تي آيا ته ھو روئي رھيا ھئا ، رڙيون ۽ دانھون ڪري رھيا ھئا . سندن اھڙي حالت ڏسي شھيد ھيمونءَ پنھنجي عزيزن کي گيتا جو حوالو ڏيندي چيو : ” ڀڳوان شري ڪرشن گيتا ۾ صاف صاف چيو آھي: ” آتما امر آھي ۽ جنم مرڻ کان پري آھي اُھا نه فقط روپ بلديندي رھندي آھي. ان ڪري مان به مرندس نه پر پنھنجو روپ بدليندس. اوھان مونکي آشيرواد ڏيو ته مان وري پوتر ڀومي ۾ ئي جنم وٺان ھن پشت ڀوميءَ کي آزدي ڏسان . سکيو ۽ ستابو ڏسان! “
اھا ھئي شھيد ھيمونءَ جي خواھش ۽ تمنا ـ
21 جنوري 1943ع جي ڏينھن مارشل لاءِ ۽ قلم 144 ھوندي به ماڻھو پنھنجي ھن دلير سورمي جي زيارت لاءِ وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيا ۽ سندس عظمت کي سلام ڪيائون.
شھيد ھيمونءَ جي جسم جي رک ، سڀني لاءِ ھو پوتر نعمت ھئي ، ڪافي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ھيمون کي سون ۽ چاندي جي لاڪيٽ ۾ وجھي پوڄا ڪندا ھئا. ڪيترن کيس پنھنجي سيني تي لڳايو ۽ ھندستان جي مکيه مکيه شھرن ۾ اھا رک موڪلي وئي جيڪا وڏي عزت ۽ آبرو سان پوتر ندين جي حوالي ڪئي وئي .
شھيد ھيمون جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان بابت تمام ٿورو احوال ملي سگھيو آھي. اڄ تائين صرف ڪي نالي ماتر مضمون لکيا ويا آھن جن مان مون ھن مضمون کي تيار ڪيو آھي. اسان جا تاريخ نويس پراڻا ته ٺھيو پر جيڪي نوان ساماڻا آھن اھي به ھيمونءَ جي تاريخ لکڻ ته پري پر ان جو نالو لکڻ به مناسب نٿا سمجھن ، ڇا ڪاڻ ته ” ھيمون “ ھندو ھئو. ھن جو مذھب اسلام ڪونه ھو ۽ ھي اسان جا سڀئي تاريخدان مسلمان سڳورا آھن . ڪن کي عالم جي پڳ مٿي تي رکيل آھي ته ڪن کي وري ” مولويت “ جو چولو پاتل آھي. سندن اندر ۾ نفرت جا آثار پيا ٻرن مذھبي نقطئه نگاھ کان تاريخ لکڻ کي تاريخ نه چيو ويندو. اھڙي نموني جي تاريخ لکندڙن جي نظر ۾ ابن قاسم سنڌ جو فاتح خدا جو موڪليو بندو ، ارڙھن سالن جو جنت جو گلمان ھوندو آھي ته مھاراجا شھيد ڏاھر دوزخ جو ڌڻي ۽ خدا جو ڌڪاريل!
منھنجي ھڪ محترم دوست عبدالواحد آريسر جيڪو نئون تاريخ نويس آھي ان پنھنجي ڪتاب ” جي ايم سيد “ ۾ ھڪ ھنڌ لکيو آھي ته :
” سن 1942ع ۾ سنڌ جو ھڪ انقلابي نوجوان انگريزن جي خلاف مصلح ڪاروائيءَ جي جرم ۾ سر زمين سنڌ اندر ڦاسي تي چڙھڻ وقت ” جئي ھند “ جو نعرو ھڻي ٿو ان ڳالھ مان ھيءَ خبر پوي ٿي ته انھيءَ دور ۾ ” سنڌ “ کي انقلابين ، ڪميونسٽن ، دھشت پسندن ، انارڪسٽن ، قوم پرستن ۽ رجعت پسندن سڀني وساري ڇڏيو ھئو ( ص 108)
سڄو ھندستان انگريزن جي قبضي ھيٺ ھئو ۽ پوري ھندستان جي ڇوٽڪاري ۽ نجات لاءِ جدوجھد ڪئي وئي ھئي ” ھندستان خالي ڪريو “ مان مراد اھا ھئي ته انگريز پوري ھندستان مان ٽپڙ ٻڌي ھليو وڃي . ان وقت جي مھا ليڊرن ، ڪانگريخي ۽ مسلم ليگي جماعتن جي اھا راءِ ھئي ته انگريز ھليو وڃي ۽ سڀني جي ويڙھ انگريز سان ھئي سڀني جو نشانو انگريز ھئو ۽ سڀني جو دشمن ۽ ويري انگريز ھئو . ملڪن جي ورھاست جو معاملو پوءِ جو ھئو جيڪو انگريز جي سازش جو ئي نتيجو ھئو ۽ اھو ورھاڱو دراصل انگريز جي ئي ڪاميابي ھئي.
ان وقت ھڪڙي طرف انگريز جھڙي چالاڪ ۽عيار حڪمران ان سان ويڙھ ھئي ٻئي طرف ھيءَ سازش ڪئي وئي ھئي ته مذھبي طور تي ملڪ ٺاھيا وڃن يعني جتي مسلمانن جي گھڻائي ھجي اتي جدا ملڪ ” پاڪستان “ ٺاھيو وڃي ۽ جتي ھندن جي گھڻائي ھجي اتي ” ھندستان “ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ سان سنڌ جي پڙھيل لکيل طبقي سنڌي ھندو کي سنڌ ڇڏڻي پئي يعني سنڌين جي اڪثريت کي ختم ڪيو ويو . ورھايو ويو. ظاھر آڳي ته ھيمون ڪالاڻي جھڙي قومپرست ، وطن دوست ۽ سوشلسٽ نوجوانن کي ان وقت سنڌ جي مڪمل آزدي جو نعرو ھڻڻو ئي ڪونه ھو. ڇا ڪاڻ ته ھن پڙھيل لکيل طبقي کي سنڌ مان ويندي ڏسي ، باقي سنڌ کي آزاد ڪرائي سنڌ ايوب کھڙي ، ميرن ، پيرن ۽ وڏيرن حوالي ڪانه ڪرڻي ھئي ۽ ھن کي اھڙي آزدي به پسند ڪانه ھئي . ھن نٿي چاھيو ته سنڌ جي ڏاڙھي اھڙن استن جي حوالي ٿئي ان وقت ھن يا ٻين آزديءَ پسند جوڌن جي نظر ۾ سڀ کان اول سنڌ ۽ ھند مان انگريزن کي ڪڍڻ ھو ۽ ان کان پوءِ ئي ٻي آزديءَ لاءِ سوچڻو ھئو يعني ساڳي آريسر جي تحريڪ جي موجوده نظرئي واري ڳالھ ھئي ته اول ڌارئي سامراج جا ٽپڙ ٻڌائجن پوءِ ٻي ڳالھ ـ مونکي افسوس ٿو ٿئي ته تاريخ نويس ، ان نوجوان جي قرباني کي رائگان ڪرڻ جي ڇو ڪوشش ڪئي آھي ۽ سندس نالو به نه لکيو ! ۽ ان ڪاروائي کي جرم ٿو سڏي ڄڻ انگريز سامراج جي پاران اھا ڳالھ لکي اٿس ڇاڪاڻ ته ان فرنگي جي نظر ۾ اھا ڳالھ ڏوھ ئي ھئي.
ائين به ناھي ته ھيمونءَ کي پنھنجي سنڌ وسريل ھئي ھن جي نظر ۾ انگريز سامرا ج کي ھندستان مان ڪڍڻ واري ڳالھ مان سنڌ جي مڪمل آزديءَ کي ھٿي ملڻي ھئي.بمبئيءَ کان نڪرندڙ ” نئين دنيا “ جي جنوري ۽ فيبروري 1948ع جي پرچي ۾ ” اندر ڀوڄواڻي “ ” ھيمونءَ“ تي مضمون لکيو ته ” اي ھيمونءَ ! تو جنھن وطن لاءِ دار کي چميو ھئو. ھاءِ! افسوس سنڌ انھيءَ نقشي تي موجود ناھي. نقشي تي تنھنجي سنڌ جو نشان موجود ناھي . اي ھيمون! توڻ ھاڻي زنده جاويد شھيدن جي سامھون فخر نه ڪر...““ ان مان صاف ظاھر ٿو ٿئي ته ھندستاني اديب چواڻي ته ھيمون شھيد سنڌ کي به ھندستان جي گڏيل نقشي تي ڏسڻ ٿي گھريو ۽ ھن جيڪا انگريز سامراج کي ڀڄائڻ ۾ قرباني ڏني ان کي ته وساري نٿو سگھجي امين کوسي جي بقول : ” ھيمون جي بھادريءَ جو موت ڪنھن جي به ميٽجڻ ۽ ميسارجڻ جو نه آھي.“
ھڪ ٻئي مضمون نگار ھيمونءَ قاضي پنھنجي مضمون ۾ ھيمونءَ جي ڦاسي تي لکي ٿو : ” ھيمون واري ٽولي کي دشمن جي صحيح ڄاڻ ھئي ، سي سياسي دھشت پسند بڻجي ويا ، ڇا ڪاڻ ته انھن کي صحيح سوچ جو صحيح استعمال نه آيو.“
مان ان ڳالھ سان اتفاق نٿو ڪريان ته ھيمونءَ جي ٽولي پنھنجي سوچ کي صحيح نموني استعمال نه ڪيو جيڪڏھن ھيمون ” حر تحريڪ “ تشدد واريون ڪاروايون نه ڪري ھا ته اڄ انگريز اسان جي ڇاتي تي ديو جيان سوار ٿيو ويٺو ھجي ھا ملڪي نجات ۽ انگريزي سامراج سان لڙائي ۾ رڳو مھاتما گانڌيءَ جي عدم تشدد ڪم نه ڪيو پر ” حر تحريڪ “ ۽ ھيمون جي ڪارنامن به انگريز کي گوڏا کوڙايا ھئا. سياست ۾ ضروري ناھي ته رڳو عدم تشدد ئي ھجي ، لڙائي ڌار.ي حڪمران سان ھجي ظلم فرنگيءَ سان ھجي ان وٽ ھٿيار ، بارود ۽ ٽينڪون ھجن ۽ ٻئي طرف رڳو عدم تشدد ھجي! حقيقت ۾ اھي ڪاروايون ئي ھيون جن انگريزن کي جنگ ۾ ڀڄائي شڪست ڏني ھئي !.
” ھندستان خالي ڪريو “ مھاتما گانڌِيءَ جي نعري ھڻڻ سان سڀئي ڪانگريسي ليڊر جيلن ۾ ٻوساٽيا ويا ھئا ان ڪري ڪانگريس ھندستان مان فرنگيءَ کي ڀڄائڻ ۾ واضع ڪابه پاليسي تيار نه ڪري سگھي ۽ جيڪي به عدم تشدد يا تشدد واريون ڪاروايون ھيون اُھي ماڻھن جي طرفان ھيون. انھن حالتن ۾ اھو چوڻ ته ھيمونءَ وارن پنھنجي سوچ کي صحيح نموني استعمال نه ڪيو اھو ھيمونءَ جي قرباني کي وسارڻ برابر آھي.
ھڪ ڪانگريسي اڳواڻ جي ڪرپلاڻي 1946ع جي ميرٺ واري ڪانگريس جي اجلاس جي صدارتي خطبي ۾ چيو ھيو ” مان عدم تشدد تي قطعي عقيدو رکڻ وارو ماڻھو آھيان، پر مان مٿو چئي سگھان ته مشرقي بنگال ۾ ماڻھن تي جو دٻاءُ پيو آھي اھو جيڪڏھن مون تي پوي ھا ته نٿو ڄاڻان ته منھنجي دماغ تي ان جو ڪھڙو ردعمل ٿئي ھا.“
ھيمون شھيد جيڪو ڪجھ ڪيو اھو ردعمل ھئو ۽ ھن جيڪي ڪجھ ڪيو ان جي حيثيت ۾ اھميت کان لنوائڻ وارا فقط مذھبي ڄار ۾ ڦاٿل سمجھڻ گھرجن.
”ھيمون“ پنھنجي دور ۾ ان وقت جي سياسي پاليسيءَ ۾ پنھنجي الڳ حيثيت رکندڙ نوجوان ھو جنھن ان تاريخي معرڪي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو . ڇا ڪاڻ ته ڪانگريسي اڳواڻ ، ھندستان جي مھاپرش مھاتمام گانڌي جنھن حڪم ڪيو ” ھندستان خالي ڪريو“ اھو عدم تشدد جو حامي ھئو ۽ سندس عدم تشدد ۾ ايمان ھئو. پاڻ چيو ھئائين : ” مان ھتي ٿورو پنھنجي اعتماد جو به اظھار ڪري ڇڏيان . ھڪ ڪانگريسيءَ جي حيثيت سان ھن خيال کي آڏو رکي ته ڪانگريس مضبوط رھي . مان عدم تعاون جي تحريڪ کي بند ڪرڻ جو مشورو ڏيان ٿو. ڇاڪاڻ ته مان ڏسان ٿو ته ملڪ ھن لاءِ تيار ڪونھي. ليڪن ھڪ فرد جي حيثيت سان مان ان وقت تائين ائين ڪري نٿو سگھان ۽ نه ئي ڪندس.
جيستائين حڪومت اھا ئي رھي ٿي ... منھنجي لاءِ ھيءَ پالسي نه پر منھنجو پڪو ايمان آھي ته عدم تعاون ۽ سول نافرماني ھڪ ئي وڻ جون مختلف شاخون آھن... مان تمام نفرت ۽ تشدد کي ان کان پري ٿو ڄاڻان. ڇاڪاڻ ته مان انگريزن سان نفرت ڪري نٿو سگھان ۽ نه ئي وري ڪڏھن مان انھن سان نفرت ڪندس. مان انھن جي جوا کي برداشت نه ڪندس. مان پنھنجي موت تائين ھندستان تي برطانوي طريقن ۽ برطانوي ادارن جي نفاذ جي خلاف وڙھندس البته مان ھيءَ لڙائي عدم تشدد سان وڙھندس. مان ھندستان جي ھن قابليت جو اعتراف ٿو ڪريان ته ھو پنھنجي حڪمرانن جي خلاف عدم تشدد سان جنگ وڙھي سگھي ٿو.“
1924ع ۾ ڪانگريس جي بلگام واري اجلاس جي ڪيل صدارتي تقرير مان ) مون مھاتما گانڌيءَ جي مٿين مثال کي پيش ڪري غلطي ڪئي آھي . حقيقت ۾ مھاتماگانڌي جي عدم تشدد واري پاليسيءَ کان انڪار ڪرڻ ٿيندو. ڄڻ سچ کي کاري ھيٺان لڪائڻ جي برابر ٿيندو انڪري مھاتماجي عدم تشدد جي حامي ھئڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪو به ھڪڙو مثال ڏيڻ ئي غلط آھي.
”ھندستان خالي ڪريو“ تحريڪ جيڪا انگريزن کي چئليج ھئي للڪاري ھئي. اھا به سموري عدم تشدد تي ٻڌل ھئي. تشدد واري ھر تحريڪ ۽ ھر عمل جا ھو مخالف ھئا شھيد ھيمون ڪالاڻيءَ جي ڦاسيءَ تي ھنن جو ڪھڙو ردعمل ھئو، اھا ڳالھ به ڳجھي ڪانه آھي! ھندستان خالي ڪريو کي ” ھيمون “ پنھنجو ڪيو . پر پنھنجي انداز ۽ پنھنجي سوچ سان ۽ ” ھيمونءَ“ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اھو سنڌ جي تاريخ ۾ لافاني ۽ لاثاني ڪردار آھي جنھن کي وسارڻ سنڌ کي وسارڻ جي برابر ٿيندو!!!
” ھيمون“ نوجوان ھئو ڳڀرو ھئو انگريزن جو دشمن ھئو . ھن چاھيو ٿي ته انگريز جلدي جلدي ھندستان خالي ڪري وڃي. ھن انگريز سان ويڙھ لاءِ سوچيو چريو ھئو پر بين چرين کي گڏ ڪيو ھئائين . ” فيل مست فرنگي “ کي ڀڄاڻي لاءِ ، ۽ پوءِ ” ڀڄ مست چريا ٿا اچنئي “ جي قول جيان مست کي اھڙو تنگ ڪيائون جو ڪيڏانھن وئي سندس مستي،
ڪيڏانھن ويو سندس عروج! چريا اھڙا لڳس جو ھندستان مان ” فيل مست “ انگريز ائين ڀڳو ، ڄڻ آيو ئي ڪونه ھئو.!
تاريخ پنھنجو پاڻ کي دھرائيندي آھي ورجائيندي آڳي پنھنجو پاڻ اُٿلائيندي آھي ”فيل مست “ رڳو انگريز ڪونه ھئو چريو به رڳو ” ھيمون “ ڪونه ھئو ھيمون شھيد سان گڏ ٻيا به چريا ھئا ۽ انگريز کان پوءِ سندس روحاني اولاد به پنھنجي مستيءَ ۾ رھيو آڳي ۽ واري واري سان ھيمونءَ جھڙا آيا آھن جن انھن مستن کي ڊوڙايو آھي. پنھنجي ڌرتيءَ تان پير اکوڙيا آھن. انگريز کان اڳ به ائين ھئو ۽ پوءِ به ابراھيم منشيءَ ھڪڙي شعر ۾ چيو آھي:
” ويا گورا وريا ڪارا، فڪر بدليو نه فن بدليو “
اھا شئيءَ آھي انگريز ۽ سندس روحاني اولاد لاءِ ۽ شيخ اياز وري ھڪڙي شعر ۾ چيو آھي :
جي راھ اجل ڪنھن ورتي آ، ھن ڀونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ،
ھي ڌرتي توکي پرتي آ، مھمان ھزارين مان نه رڳو!
اِھا شئي آھي ” شھيد ھيمون“ ۽ سندس وارثن لاءِ منھنجو مطلب آھي ھر شئيءَ پنھنجو ويس بدلائيندي رھي آھي ولي دائود پوٽي جو ھڪ شعر آھي:
ساڳيا اوٺي ساڳيا اُٺ، ساڳي اُٺن واڳ،
ڀينر ھن ڀنڀور سان ، ڀيري ڀيري ڀوڳ!
ڀنڀور سان ڀيري ڀيري ڀوڳ ان حالت ۾ آھن، جڏھن ڀنڀور جي رھواسين کي پروڙ ڪونھي ته سندس ويري ڪير آھي ، دشمن ڪھڙو آھي؟ سڄڻ ۽ محسن ڪھڙو آھي؟ رھبر ۽ رھزن ڪھڙو آھي؟ اسان جي رھبري ، اسان جي بزرگن ڪئي آھي، اسان جي قومي شاعر سائين عبدالطيف چيو آھي:
” ڀينر ! ڀنڀوران ، ڀڄو ته اُبھو“
اڳي ان ماڳان ، سرتين سور پرائيا!“
اِھي شيون اسان وٽ موجود آھن. جيڪي قومون پاڻ کي زنده رکڻ جون طالبون ھونديون آھن. انھن کي پنھنجي شھيدن سان ، سورمن سان پيار ھوندو آھي، پنھنجي ماضيءَ جي تاريخ کي آڏو رکي ھو شاندار مستقبل جي تعمير ڪنديون آھن غلاميءَ جا ڳٺ ڇنيديون آھن ۽ پيرن ۾ پيل ڏنڊا ٻيڙيون چڪن سان ڇني ڇڏينديون آھن.
شھيد ھيمون ڪالاڻي اسان جي سنڌ جي ماضي ، حال ۽ مستقبل جو ھيرو آھي. ھو اسان جي محبت ۽ پيار جو مرڪز ھئڻ گھرجي ، جيترو سندس پنھنجو پنھنجي پيار سان.
اسان جي نوجوانن کي ھيمون شھيد جي مستقبل ۽ سبق آميز زندگيءَ مان پرائڻ گھرجي ، اھائي اسانجي وڏي ۾ وڏي حاصلات آھي جنھن کي اسان فخر سان لڳائي سگھون ٿا.
ھيمونءَ جو روح به تڏھن خوش رھندو جڏھن کيس يقين ٿي ويندو ته سندس ڌرتيءَ تي سامراج موجود ڪونھي!!!

( ھيمون ڪالاڻي ڪتاب تان ورتل )

Wednesday, 9 November 2011

شھيد ھوش محمد شيدي


شھيد ھوش محمد شيدي
ليکڪ :ـ منصور قادر جوڻيجو

سنڌ جي جڳ مشھور دانشور جي الانا صاحب پنھنجي ڪتاب ، ” اسان جي آزاي ءَ  جا اڳواڻ “ ۾ لکي ٿو ته  ” ھوشوءَ  جي ڄمڻ   جي صحيح تاريخ جي ڪابه ڄاڻ ڪانھن پر مير فتح علي خان جي فرزند مير صوبدار خان جي ڄم جي تاريخ جو علم آھي جيئن ته ھوشو شھيد ، مير صوبدار خان جو ھم عمر ھئڻ سان گڏ سندس سٺو ساٿي ۽ دست پڻ ھو تنھن ڪري ان مان اندازو ڪڍي سگھجي ٿو ته ھوشو شيدي 1801ع ڌاران ڄائو ھوندو . “ جي الانا جھڙي بلند پايي جي دانشور ان ڳالھ جي پڻ تصديق ٿو ڪري ته ” سنڌ جي تاريخ ۾ ھوشوءَ جي حياتيءَ بابت ڪو گھڻو احوال نٿو ملي پري ٿورا  اشارا ملن ٿا . “ ھيڏي بھادر سنڌ جرنيل جو سنڌ جي تاريخ ۾ اشارن ۾ ذڪر ملي ٿو ان کان وڌيڪ ناانصافيءَ جو تصور به نٿو ڪري سگھجي . سنڌ جي تاريخ سنڌين جي معاملي ۾ گونگي رھي آھي پر تاريخدان به گونگا رھيا آھن. نه صرف ھوشو شھيد جي ذڪر پر سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنھن به اھڙي عظيم ۽ بھادر اڳواڻ جو ذڪر چند سٽن کان مٿي ملڻ مشڪل آھي پوءِ اھو ھوشو شھيد ھجي ، پير پاڳارو سورھيه بادشاھ ھجي ، ھيمون ڪالاڻي ھجي ، دولھ دريا خان ھجي ، دودو سورو ھجي يا روپلو ڪولھي ھجي. پر سنڌ جي تارريخ ۽ تاريخدان انھن جي حق انصاف ، سچائي ۽ آزاديءَ واري جنگ ۾ ڏنل جان جي قربانيءَ تي به خاموش آھن ٿي سگھي ٿو ته ٽالپرن ڄاڻي واڻي ھوشوءَ جي بھادري ۽ سورھيائپ کي لڪائڻ جي سازش ڪئي ھجي ته مان ” ھڪ غلام جو ڌرتيءَ سان پيار محبت ۽ سچائي نروار ٿي پوي ۽ ٽالپر حڪمرانن جي غداري ۽ ڪپت مٿان ھڪ غلام ۽ ٻانھي جي سچائي ۽ وفاداري ظاھر ٿئي ۽ ھو ڏٺا ٿين . “
پر ڪاري ٻاٽ اونڌاھيءَ ۾ به سج جو ھڪ ڪرڻو روشنيءَ جي علامت بڻجي ويندو آھي ، حقيقت اھا ئي آھي ته سنڌ جي تاريخ جا صفحا انھن ڦورن لٽيرن ۽ استحصالي فاتحن کان حق ، انصاف ۽ سچائيءَ سان سنڌ جي بچاءُ ڪندڙن کي تاريخ صفحن مان جلاوطن ڪيو ويو آھي.

جنرل ھوشو۽ ڌاريو ڪيپٽن :ــ

شھيد ھوشو شيديءَ نه ڪي ڪتاب لکيا آھن ۽ نه ئي ڪا قومي شاعري ڪئي پر ھن پنھنجي ڌرتيءَ ماءُ جي آزادي جو بچاءُ ڪندي انگريز سامراج خلاف ھڪ سٽ چئي ته ” مر ويسون سنڌ نه ڏيسون “ . ۽ اھا سٽ سوين ڪتابن ۽ شعرن کان وڌيڪ اثرائتي بڻجي ھر ھڪ آزدي پسند جي زبان جي جنبش ۽ دل جو ڌڙڪو بنجي ويئي . ۽ ھوشو جي اھڙي بھادري جي ساراھ پڙڳي ھڪ ڌاريو ڪيپٽن معين الدين ھزارين ميل پري کان ھوشوءَ جي قبر تي سلامي ڏيڻ آيو . گلن جي چادر وٺي جڏھن حيدرآباد واري پڪي قلعي ته پھتو ته سندس حيرت جي حد ئي نه رھي ڇو ته ڪنھن ٻڌايس ته ” ڪھڙو ھوشو ۽ ڪنھن جي قبر ؟  قلعي ۾ ڪنھڻ ھوشو نالي واري ماڻھو جي قبر ناھي.“ ۽ ٿوري گھڻي معلومات ۽ ڄاڻ حاصل ڪري ” جنھن ڏينھن ھوشو شھيد ٿيو “ جي غنوان سان ھڪ مضمون 28 مئي 1975ع واري ”ڊان“ اخبار ۾ لکيائين ته ” ھڪ سپاھيءَ جي حيثيت سان شھيد ھوشو شيدي جي بھادريءَ ۽ سورھائپ منھنجي دل ۾ ھڪ خواھش  کي جنم ڏنو ته اھا جڳھ وڃي ڏسان جتي ھوشو شھيد قومي آزدي ۽ انصاف لاءِ وڙھندي ڪنڌ ڪپايائيو پر جھڪايو نه..۽ ان مقدس ڌرتيءَ تي عقيدت جي گلن جي ورکا ڪريان جنھن ھوشوءَ جھڙي بھادر انسان کي جنم ڏنو ۽ جتي ئي دفن آھي... ! پر حيدرآباد قلعي تي پھچي ڏک ٿيو ته ھتي ھوشو شھيد جي قبر جو ڪو به نشان موجود ناھي!!“ ھڪ ڌارئي ماڻھوءَ کي ھوشوءَ جي قبر جو ايترو فڪر ۽ ڳڻتي جيتري اسان کي به ناھي آخر ڇو ؟ ساڳئي ئي مضمون ۾ ڪيپٽن صاحب لکي ٿو ته ” ھي عجب جھڙي ڳالھ آڳي ته انگريز لشڪر جا سمورا علمدا ، نان ڪميشنڊ توڙي سپاھي جيڪي جنگ ۾ مارجي ويا تن کي ميدان جنگ ۾ ئي پوريو ويو ۽ سندن قبرن جي وچ ۾ ھڪڙو ئي يادگار ٺھرايو ويو . پر جيڪو انگريزن جو جاني دشمن ھو ، جنھن سموري سنڌ ڌرتيءَ ۾ انگريزن خلاف سخت جنگيءَ جذبو پيدا ڪيو ھو جنھن سنڌ جي پسگردائي وارن پرڳڻن جي مسلمانن قبيلن ۾ جھاد جو روح ڦوڪيو ھو جنھن سنڌ جي عياش ، سست  ڪاھل ۽ آرام پسند اميرن کي پنھنجي ڌرتيءَ جي آزاديءَ جي بچاءُ لاءِ پنھجو سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو ھو جنھن ھڪ ٻئي پٺيان ٻن لڙاين ) مياڻي ۽ دٻي ۾ انگريز فوجن کي گھڻي کان گھڻو نقصان پھچايو اھو ئي شينھن ۽ بھادر انسان خود انگريزن ھٿان مڪمل فوجي اعزاز سان دفنايو ويو ۽ کيس مڪمل فوجي سلامي ڏني وئي ۽ سندس مزار تي ھڪ توب پڻ نصب ڪئي وئي .“

ڇا ھوشو شيدي ، مصر جي ميدان جنگ تي به وڙھيو ھو ؟

” سنڌ جي فتح “ نالي ڪياب ۾ ايستائين به لکيل آھي ته جڏھن انگريز جنرلن ۽ فوجي ماھرن مياڻي ۽ دٻي واري جنگ جا نقشا ڏٺا تڏھن وائڙا ٿي ويا ڇو ته ( مصر جي فتح وقت ) نپولين بونا پارٽ جي حملي دوران ، مصر جو جنگي نقشو ۽ سنڌ جو جنگي نقشو بلڪل ھڪ جھڙو ھو. تڏھن انگريز جنرلن ۽ جنگي ماھرن کي اچي فڪر ۽ ڳڻتي ورايو ته آخر اھو ڪھڙو ماڻھو آڳي جيڪو مصر جي ميدان جنگ تي به آزاديءَ خاطر ۽ ھتي به وڙھي رھيو آھي . جڏھن ھوشو ٿيو. تڏھن انھن کي ان سوال جو جواب مليو ۽ کين پڪ ٿي ته ھي ماڻھو ھوشو ئي ھيو جنھن اتان جو نقشو ٺاھيو.“
يعني ھوشو شھيد نه رڳو سنڌ جي آزاديءَ جو بچاءُ ڪيو پر لڳي ٿو ته دنيا ۾ جتي به قومي آزاديءَ کي خطرو محسوس ٿيو آھي ھوشو اتي وڃي وڙھيو آھي ـ ھن ويھن صديءَ ۾ ” چي گويرا “ ھڪ اھڙو ديومالائي ڪردار آھي جيڪو دنيا جي غلام قومن ۽ غلام ملڪن جي آزاديءَ لاءِ پنھنجي ملڪ جي سرحدن کان ٻاھر وڃي وڙھيو آھي پر چي گويرا کان به ھڪ صديءَ اڳ سنڌ ڌرتيءَ جو ھي عظيم جوڌو ھوشو شيدي ھو جيڪو غلام قومن ۽ غلام ملڪن جي آزاديءَ لاءِ پنھنجي ڌرتيءَ کان به ٻاھر وڃي وڙھيو آھي ـ
۽ اھو ڪتاب يعني ” سنڌ جي فتح “ سنڌي ادبي بورڊ وارن ترجمو ڪرايو ھو پر اڄ تائين قلمي صورت ۾ ڪنھن الماڙيءَ ۾ اڏوھيءَ جي آسري تي آخري پساھن ۾ آھي ان ڪري نٿو ڇپايو وڃي ته ان ۾ وقت جي حاڪمن ( ٽالپرن خلاف سچيون حقيقتون لکيل آھي ) . آخر ۾ اھو ڪھڙو انصاف آڳي ته جيڪو سچ انگريزي ڇپل ھجي اھو سنڌي صورت ۾ نه اچي . وقت جي ضرورت آھي ته اھو انگريزيءَ کان سنڌيءَ ۾ به ظاھر ٿيڻ کپي ـ 

جنرل ھوشو شھيد جي قبر ڪٿي آھي ؟

ھن اھم تاريخي مسئي جي ابتدا ۽ شروعات ڪيپٽن معين الدين واري ” ڊان اخبار “ ۾ لکيل مضمون کان ٿي ، ان کان پوءِ ” عبرت اخبار “ ۾ آچر 12 جنوري 1979ع ۾ سنڌ جي نامياري محقق ۽ تاريخدان پير علي محمد راشدي ” رند ۽ پنڌ “ نالي ڪالم ۾ ان سوال کي ٻيھر اٿاريو ته ھوشو شھيد جي قبر ڪٿي آڳي ....؟ پير صاحب لکيو ته ” جيسيتائين منھنجي مطالعي جو تعلق آھي ته حيدرآباد واري قبر ھوشو محمد شھيد جي نه پر ٽالپرن جي ھڪ توبچيءَ جي تربت آھي . جنھن جي نالي جي خبر ناھي ...! “ مسٽر ايڇ ٽي ليمبرڪ جي ھڪ مقالي جو حوالو ڏيندي جيڪو ايڇ ٽي ليمبرڪ 24 فيبروري 1934ع تي سنڌ ھسٽاريڪل سوسائيٽي آڏو پڙھيو پير صاحب لکي ٿو ته شير سنڌ ، مير محمد خان ٽالپر جي ھڪ ٻئي سپاھي کي جيڪو توب انداز ھو ، ھي اعزاز ميسر ٿيو اھو ئي پھريون Unknown Warrior نامعلوم جوڌو شمار ٿئي، سر چارلس نپيئر جي حڪم سان ان سپاھيءَ جو لاش ميدان جنگ مان کڻي آڻي حيدرآباد جي قلعي ۾ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر تي ھي قطبو لڳايو ويو ته :
” ھي آخري آرام گاھ ميرن جي ھڪ اھڙي بھادر سپاھيءَ جي آھي جيڪو حيدرآباد واري جنگ ۾ ڏاڍي بي جگري ۽ بھادري سان وڙھيو . “
پر ڪجھ ڏينھن کان پوءِ سنڌ جي ھڪ ٻئي دانشور ۽ محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا راشدي صاحب جي ان راءِ سان اختلاف ڪندي ڪيپٽن معين الدين جي راءِ سان اتفاق ڪندي ظاھر ڪيو ته ” شھيد ھوشو شيدي جي قبر قلعي ۾ اندر آھي . “ پاڻ ڳوٺ باغ ، ڦليلي جي ويٺل ھڪ ٻڍڙي ” جيئي ڀٽي “ سان ٿيل ملاقات جو ذڪري ڪندي ڄاڻائي ٿو ته ” ان ٻڍڙي جيئي ڀٽي جي چوڻ موجب ته ھوشوءَ جي قبر پڪي قلعي ۾ آھي ، جنھن کي انگريزن وڏي شان ۽ شوڪت سان دفن ڪرايو ھو ، يعني مڪمل فوجي اعزاز ۽ سلاميءَ سان ھن ٻڌايو ته سندس پوئينرن مان اڃان تائين محبوب شيدي جيئي شاھ حاجي لکانو شيدي ۽ حاجي عثمان شيدي ھوشو جي خاندان منجھان آھن.“
اڳتي ھلي ڊاڪٽر الانا صاحب لکي ٿو ته ” ھوشوءَ کانسواءِ ٻيو ڪير ھو جيڪو انگريزن خلاف ايڏي بي جگري ۽ بھادري سان وڙھيو ، اھو بيان ٻيو ڪھڙي ڪتاب ۾ لکيل آھي ته سر چارلس نپيئر ان نامعلوم جوڌي جي لاش کي قلعي ۾ کڻي اچي دفن ڪرڻجو حڪم ڏنو. جيستائين مسٽر ليمبرڪ جي انھيءَ دعويٰ جو دليل نٿو ملي تيستائين ڪئپٽن معين الدين جي راءِ وزندار پئي معلوم ٿئي. ھي ڳالھ سوچڻ جھڙي آھي ته جنھن شخص ھوشو شيدي جي بھادري جي خود چارلس نپيئر ايڏي تعريف ۽ ساراھ ڪئي ھجي تنھن کي قلعي ۾ دفن ڪرڻ جو اعزاز ڇو نه بخشيو ھوندائون ۽ آخر ڪار بغير ڪنھن نتيجي تائين پھچڻ جي ۽ حقيقتن کي ڳولھي لھڻ جي پير علي محمد شاھ راشدي ھي لفظ چئي بحث کي پڄاڻي تي پھچايو ته :
” ھوش محمد جي قبر صوبدار واھ تي ٺھرائڻ يا قلعي واري قبر تي پوڄا پاٽ ڪن منھنجو ان سان ڪو به واسطو ناھي مون اڳتي ھوشوءَ بابت ڪجھ به لکڻ کان بس ڪئي ..!!“ ۽ اھو بحث اتي ئي ختم ٿيو .
پر اڄ واري ساڳئي دفن ٿيل مسئلي کي ٻيھر جياريو ويو آھي اھا ھڪ حقيقت آھي ته انگريز بھادر جو قدر ڪندا ھئا پر بنيادي طرح پاڻ بزدل ، ڊڄڻا ۽ ڀاڙيا ھئا. اسين مڃون ٿا ته انگريزن اسان کي علم جي ميدان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڇنڊي ڦوڪي صاف ۽ خوبصورت بنيائي ڏنو ۽ لطيف جي شاعريءَ کي موجوده روپ ۾ سجائي ۽ سينگاري ڏنو . ٻئي طرف انگريز ايترو ته بزدل ۽ ڊڄڻا ھئا جو ھنن ھيمون ڪالاڻي ، ھوشو شيدي ۽ پير صبغت الله شاھ ” سورھيه بادشاھ “ جي سدا زنده لاشن کي سنڌي ماڻھن جي حوالي ڪرڻ بجاءِ انھن کي نڌڻڪو سمجھي الائي ڪھڙي ماڳ تي موڪلي ڇڏيو. الائي ڪھڙي حالت ۾ دفنايو ...!!؟
شايد کين ڊپ ھو ته لاشن ڏيڻ کان پوءِ وڌيڪ جوش ۾ اچي ھو وڌيڪ وڙھن.
پر اڄ به ساڳئي مسئلي تي سڀني تاريخدانن ۽ دانشورن کي حيرت آھي ته آخر ھوشو شھيد جي قبر ڪٿي آھي ؟ ڇو ته جيڪي قومون پنھنجي تاريخ جو بچاءُ نٿيون ڪن انھن قومن جو تاريخ بچاءُ نٿي ڪري. تاريخ ۾ اھي قومون زنده رھن ٿيو جيڪي پنھنجي تاريخ جو رت جي ريج سان آبياري ڪن ٿيون پر جيڪي قومون پنھنجي ھٿن سان تاريخ کي برباد ۽ تباھ ٿيون ڪن اھي به تاريخ جي ھٿان تباھ ۽ برباد ٿيو وڃن ـ
مان به ڪئپٽن معين الدين جي ھن راءِ سان متفق آھيان ته ھوشوءَ جي قبر حيدرآباد واري پڪي قلعي ۾ آھي ، ڇو ته جيڪو ماڻھو ھڪ بھادر جرنيل جي بھادريءَ جو داستان ٻڌي ان جي قبر مٿان گلن جي ورکا ڪرڻ لاءِ اچي ٿو ۽ اچي ھوشوءَ جي قبر جي ڳولا ٿو ڪري. اھو ماڻھو انھن ماڻھن کان وڌيڪ سچي راءِ ڏئي ٿو سگھي. جيڪي پنھني گھڙ جي ايئر ڪنڊيشنڊ ، ڊرائنگ رومن ۾ ويھي ھوشوءَ جي قبر ڳولڻ جي ڪوشش ٿا ڪن ـ لطيف چواڻي ته ” رندن مٿان رت ھار ته پسين ھوت کي ! “ تاريخ ھڪ اھڙو حساس شعبو آڳي جنھن کي گھر ۾ ويھي نه ته ٺاھي ٿو سگھجي ۽ نه ئي ڊاڳي ٿو سگھجي . نادان دوستن کان داناءَ دشمن بھتر آھي  .گوئٽي انسٽيوٽ ۾ ملھايل ” سنڌ جي مشھور سخصيتن “ بابت سيمينار ۾ مون جڏھن ھوشوءَ جي قبر بابت ڪئپٽن صاحب جي راءِ کي سچ ثابت ڪيو ته ڊاڪٽر جي ايم مھڪري چيو ته توکي خبر آھي ته ” ھوشوءَ “ جي قبر کي انگريزن آخر ۾ ڊائنا مائيٽ سان تباھ ڪيو ھو .“ مون چيو ” نه تاريخ ۾ نه اھڙي ڪنھن به قسم جي شھادت موجود ناھي . “ چيائين ته ” پوءِ توکي ڪا به خبر ناھي“ !.....
سو جي ڳالھ ھيءَ آھي ته جنھن بھادر انسان جي لاش کي انگريز مڪمل فوجي اعزاز ۽ سلامي سان دفن ٿا ڪن، ان جي قبر کي بم سان اڏائڻ ڇا معنيٰ ٿو رکي . پري تاريخ ۾ اھڙي ڪا به شاھدي موجود ناھي.
ڪئپٽن صاحب لکي ٿو ته ” ھڪ ڪاري ھيرو کي دفنايو پئي ويو ، اھو ھيرو جيڪو پاڻ انگريز نه ھو ، پر انگريزن جو خطرناڪ دشمن ھو جنھن ھڪ شينھن جيان انگريز دشمنن جي فوجي صفن ۾ ٽاڪوڙو وجھي انھي جي جنگي ارادن کي درھم برھم ڪري ڇڏيو . جيڪو ھڪ بھادر ۽ جنگي ماھر ھو جنگ کان پوءِ انگريزن ان سنڌ جرنيل جو لاش حيدآباد واري پڪي قلعي ۾ مڪمل فوجي اعزاز ۽ احترام سان دفنايو . اھو ڪاريو ھيرو ” ھوشو شيدي “ ھو .

لاھور وارو قلعو ۽ حيدرآباد وارو قلعو ـ

لاھور واري تاريخي شاھي قلعي کي ڏسڻ کان پوءِ  جڏھن حيدرآباد واري قلعي کي ڏٺو ٿو وڃي ته ڏک ۽ افسوس ٿو ٿئي ، لاھور جي قلعي جا فاتح به انگريز ھئا ته حيدرآباد واري قلعي جا فاتح به انگريز ....... ٻنھي ۾ بنيادي فرق ھي آھي ته لاھور جو قلعو انگريزن سک حڪمران راجا رنجيت سنگھ کان فتح ڪيو جيڪي مذھبي لحاظ کان مسلمان نه پر سک ھئا. ۽ حيدرآباد وارو قلعو انگريزن ميرن ٽالپرن کان فتح ڪيو جيڪي مسلمان ھئا، پر ورھاڱي کان پوءِ به سچائي ءَ کي وري ڪوڙ جي چادر ڍڪائي لڪايو ويو . لاھور جي قلعي جو تحفظ ۽ بچاءُ ته ڪيو ويو جيڪو سکن جي تاريخ بڻيل ھو پر حيدرآباد واري تاريخي قلعي تي ڪو به ڌيان ڪونه ڏنو ويو جيڪو حقيقت ۾ مسلمانن جي تاريخ ھو .
شعوري توڙي لاشعور طور سوچ جي اھڙي لاڙي حقيقت جو روپ ڌاريو آھي ٿيڻ ته ائين کپي ته حيدرآباد واري قلعي ۾ رھندڙ آبادي کي سرڪار پنھنجي خرچ پکي تي ڪو ٻيو بندوبست ڪري ڏئي ۽ ھوشوءَ جي قبر کي بحال ڪيو وڃي ۽ ان ئي جذبي ھيٺ قلعي ۾ ھڪ عاليشان ھوشو يادگار بنائي ان کي آزاديءَ جو مرڪز بڻايو وڃي ڇو ته ھوشو انگريزن خلاف آزاديءَ جي ويڙھ وڙھيو ھو .
جنرل ھوشو شھيد جي بھادري حقيقت ۾ بھادري ۽ سورھيائپ اھا آھي جنھن دشمن به تسليم ڪري جيڪو پنھنجي دشمن جي بھادري جي مڃتا ڪري اھو به پنھنجي جاءِ تي بھادر آھي . ڇو ته جھڙي نموني سچ ڳالھائڻ بھادري آھي تھڙي نموني سچ کي مڃڻ به بھادري آھي انگريز فاتح سَر چارلس نپيئر جو ڀاءُ  وليم نپيئر جيڪو پنھنجي ڀاءُ جي ڪيل فتحن ۽ جنگين جو احوال قلمبند ڪندو وتندو ھو تنھن لکيو ته:
” ھن بھادر شخص ( ھوشو شيدي ) جنگ جي فني مھارت جو اھڙو بھترين مظاھرو ڪيو جيڪو ھڪ يورپي جنرل کي ئي سونھين ٿو ، ھو پنھنجي ٻين شيدي ڀائرن ساڻ ائين ميدان جنگ ۾ بيٺو رھيو جيئن ڪو اڏول پھاڙ ، جنگ ۾ سڀني کان اڳرو رھيو، آخر تائين جڏھن فتحياب نه ٿيو ۽ دم به اھڙي حالت ۾ ڏنائين جو تلوار سندس ھٿ ۾ انتھائي مضبوطيءَ سان پڪڙيل ھئي ۽ ھڪڙو به قدم پٺتي نه ھٽيو، مرڻ کان پوءِ به ڪنھن انگريز سندس ويجھو وڃڻ جي جرائت ڪانه پي ڪئي ڇو ته مرڻ کان پوءِ به پنھنجي ھٿ مان تلوار کي ڪرڻ نه ڏنو ھئائين.“
وڌيڪ لکي ٿو ته مياڻي وانگر دٻيءَ ۾ اھو ساڳيو حبش جو ٻانھو ” ھوچي“ (ھوش محمد) شيدي جنگ کي کنيو بيٺو ھو، سندس بھادريءَ جي جيتري ساراھ ڪجي ٿوري آھي ، ھڪ اعليٰ دل دماغ ۽ صلاحيت جو مالڪ ھو، ھن بھادر انسان دٻي واري جنگ ۾ به ھڪ بھادرانا ۽ دليرانا شان شوڪت سان وڙھندي 22 ريجمينٽ جي سنگينن ھيٺان پنھنجو سر ڏنو...!!
شھيد ھوشو شيديءَ ڄاتو ٿي ته ” شڪست “ يا ” ھار “ عارضي ھوندي آھي ۽ غداري دائمي...!!  ھن ڄاتو ٿي ته شڪست جي عمر زندگي جھڙو ٿوري ھوندي آھي پر غداريءَ جو لعنتاڻو موت جي عرقي جيڏو وڏو ۽ وسيع ھوندو آھي . تنھن ڪري ھر بھادر انسان کي کپي ته ھو غلاميءَ جي زندگي کي آزديءَ جي موت ۾ بدلائي ڇڏي ڇو ته شينھن جي ھڪ ڏينھن جي زندگي گدڙ جي ھزارين ورھين جي زندگيءَ کان بھتر آھي . اڄ سنڌ جي تاريخ ۾ غدار حاڪمن جو ذڪر موجود ھوندي به ماڻھن جي دلين مان تڙيل آھن پر ڌرتيءَ سان وفادار غلام به اڄ ماڻھن لاءِ عزت ۽ احترام جي حد تائين پوڄا جي لائق آھن . ھوشو شھيد غلام ضرور ھو پر ھو پر ھو آزديءَ جي رھن تي غلام مانھن ، قومن ۽ ملڪن جو رھبر ھو آزديءَ جو سمبل ھو ـ
ايڇ ٽي ليمبرڪ لکي ٿو ته ، ” ھوش محمد قمبراڻي ۽ ھن جا ٻيا ساٿي جيڪي مير صوبدار جا نوڪر ھئا. اتي ئي وڙھندي شھيد ٿيا پر پنھنجي ڌرتيءَ جو ھڪ انچ به دشمن حوالي نه ڪيائون ـ“
ان  دور ۾  ڪو به ڏيھي اديب ۽ شاعر موجود نه ھو جيڪو حقيقت پسندانه ۽ سچائي واري جذبي سان قلم کڻي سچائي واري تاريخ لکي ، فاتحن جا ڀاڙيتا ۽ درٻاريءَ تاريخدان ته کوڙ ھئا، جن جي قلم ڪنھن وحشي ۽ خوني فاتح جي تلوار مان ٺاھيل رستي پٺيان پنھنجو سفر شروع ڪيو پر ان دور ۾ به ڪي باضمير ماڻھو ھئا جن پنھنجي قلم کي تلوار جي گھڙيل رستي تي ھلائڻ بجاءِ ڌرتيءَ جي آزدي لاءِ مرندڙ شھيد جي رت جي رندن پٺيان ھلايو . ان ۾ ھڪ ڳوٺاڻو شاعر عليءَ نالي ھو جنھن لکيو ته :
ھوشوءَ پنھنجي جان آزديءَ جي رھن تي قربان ڪئي،
ھو پنھنجي جان پنھنجي خوشي ۽ چاھ سان ڏئي ويو .
ھو سوين سورھيه ۽ سرويچ ساٿين سان،
ھڪ سرويچ وانگر وڙھندو وڙھندو رھيو ...
۽ ھڪ بھادر وانگر مري ويو.
ھڪ ٻئي نامعلوم شاعر پڻ ھڪ ھنڌ لکيو :
” ھلي ھوشو آڻيو ، ڪري قمبراڻي ڪاھ،
ايندي به ارن ۾ گھوٽ وڃايا گھاءُ،
قلوبان ڪڙو ڪيو شيديءَ پنھنجو ساھ ،
سئو لشڪر سان شيدي ماريو ميار مٿن ناھ .

جنرل ھوشوءَ جي شھادت :

۽ آخرڪار سنڌ جي آزديءَ لاءِ وڙھندي عظيم سورھيه سرويچ ۽ بھادر انسان خنرل ھوش محمد شيدي 24 مارچ 1843ع تي دٻيءَ واري جنگ ۾ انگريز سامراج سان وڙھندي شھيد ٿيو. شھادت وقت سندس زبان تي دشمن جي بندوق جي ڌن تي ” مر مر ويسون سنڌ نه ڏيسون “ وارو گيت گونجي رھيو ھو ـ
ڪئپٽن معين الدين لکي ٿو ته ، جڏھن ھن عظيم ڪاري ھيرو کي دفنائڻ واري رسم پوري ٿي ته فوجي پلٽون واپس موٽڻ لڳيون ، تڏھن ھڪ انگريز جنرک کي ھي گيت جھونگاريندو ٻڌو ويو ته :
جيڪو دشمن بي خوف ٿي،
موت جي اکين ۾ اکيون وجھي،
پنھنجي ڌرتي جي آزدي خاطر،
دشمن جي سامھون ٿئي،
پنھنجي اھڙي دشمن کي مارڻ مھل،
ان آڏو ادب سان نوڙي جھڪي سلام ڪريو ...!!!
ڪيپٽن صاحب اڳتي وڌي لکي ٿو ته” افسوس ڇا ھيئن اسان پنھنجي شھيدن جي باقيات جي عزت ڪندا آھيون، ڇا ھيئن اسان سندن ياد کي جيئرو رکندا آھيون. ھيءُ ( ھوشو) محب وطن ۽ عظيم انسان ھو، جنھن پنھنجو سر ، سچ ، غيرت ، آزدي ۽ خود مختياري خاطر صدقي ڪيو سو ھتي ائين وسريو پيو آھي ، جو سندس قبر جو سندس ئي ڌرتيءَ تي ڪو نشان موجود ناھي ، اي لالچ تو ماڻھو کان سندن عقل ڦري ورتو آھي کين ڪائنر ۽ ڌاڙيل بڻائي ڇڏيو آھي ـ 

( ماھوار  ” پارس “  تان کنيل )

Friday, 21 October 2011

جيئي سنڌ متحده محاذ جي چيئرمين محترم شفيع محمد برفت جو ورلڊ سنڌي ڪانگريس کي موڪليل پيغام

جيئي سنڌ متحده محاذ جي چيئرمين محترم شفيع محمد برفت
 جو ورلڊ سنڌي ڪانگريس کي موڪليل پيغام 


جناب صدر ، حاضرين ۽ مھمان
جيئي سنڌو ديش جيئي سائين جي ايم سيد ۽ جيئي دنيا جون مظلوم قومون.

سڀ کان پھريان مان نه صرف سنڌ جي قومي تحريڪ بلڪ پوري سنڌي قوم خصوصي طرح پنھنجي پارٽي جيئي سنڌ متحدا محاذ جي طرفان ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي چيئرمين محتم حليم ڀٽي ھن پروگرام کي آرگنائيز ڪندڙ ڊاڪٽر ھدايت ڀٽو، لکو مل لوھاڻي ، ڊاڪٽر صغير شيخ ۽ ٻين کي واڌايون ڏيندس جن اڄوڪي ماحول حالتن ۽ عالمي سياسي تبديلين کي مدِ نظر رکندي ھن ڪانفرنس کي منعقد ڪيو آھي ۽ لکين مبارڪن جا مستحق آھيو توھان سمورا دوست جن ” سنڌ جي آزادي عالمي امن لاءِ ڪيئن ضروري آھي“ جھڙي موضوع جي چونڊ ڪري اھو ثابت ڪيو آھي ته سنڌ جا ھي باشعور فرزند جيڪي پنھنجي ماتر ڀومي سنڌ کان پري ھوندي به پنھنجي سياسي بصيرت دور انديشي ۽ قومي آزاديءَ جي مقصد بقا جي سوال قومي وجود ۽ ڌرتيءَ جي سلامتيءَ لاءِ سخت اونو ۽ ڳڻتي رکن ٿا.
معزز حاضرين ... اڄ بنياد پرستي مذھبي ڪٽرپڻو ، نام نھاد جھاد انسانيات کي نفرت ، تفاق ، بدامني دھشتگردي غير يقيني سياسي انتشار،معاشي تباھي سماجي انارڪيءَ ۾ مبتلا ڪري 11_9 جھڙا واقعا سموري دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مذھبي جھادي جنونين طرفان اتي جي پر امن شھرين جمھوري مزاج سيڪيولر سوچ ، رواداري سھپ ۽ برداشت جھڙن انساني گسن خلاف حملا ڪيا پيا وڃن. اڄ دنيا جي ڪا به اھڙي ڪنڊ خطو،ملڪ ۽ شھر انھن تنگ نظر مذھبي جنونين دھشتگردن کان محفوظ ناھن رھيا. اھو ئي سبب آھي جو نيٽو ۽ آمريڪي فوجون اھڙي مذھبي دھشتگردي خلاف افغانستان ، عراق يا پاڪستان سميت سموريدنيا ۾ جمھوريت ، سيڪيولرازم ۽ دنيا جي سياسي آزادي معاشي استحڪام لاءِ ۽ انساني وقار جي سربلديءَ لاءِ ويڙھ ۾ مصروف آھن جيڪڏھن منھنجي مٿين ويچارن کي ڪو ٻن لفظن ۾ پيش ڪري ته ائين چئي سگھجي ٿو ته مذھب ملڪ اسلامي ويچارن کي ڪٽرپڻي ، تنگ نظريءَ سبب انسان ذات جي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي نمبر ٻه گھڻ قومي ريسات جي سامراجي عالمگيريت سبب مظلوم ۽ پيڙھيل قومن کي انھن سامراج مفاد لاءِ قائم ڪيل گھڻ قومي رياست ۾ غلام بڻائي تاريخي قومن جو سياسي معاشي جاگرافيائي قومي استحصال ڪري انسانذات سان سڀ کان وڏي بربريت ظلم ، ناانصافي ۽ جارحيت ڪئي پئي وڃي معزز حاضرين ... آءُ کليل لفظن ۾ پنھنجي ويچارن جو اظھارڪندي اھو پڻ چوندس ته ھي جيڪي United Nation جو ادارو آھي اھو پنھنجي نالي ۾ ته اتحاد ۽ ايڪي جو ادارو سڏجي ٿو پر حقيقت ۾ اھو ادارو سامراجي ناانصافين تي مشتمل گھن قومي ريساسيت تي مشتمل آھي جن رياستن ۾ سوين قومن کي قيد غلام ۽ استحصال جو اڄ به شڪار بڻايو پيو وڃي. مثال: جيئن پاڪستان جي فحاشي ، ظالم نا انصافين تي مشتمل غير فطري نام نھاد ٻه قومي نظري جي آڌار تي قائم ٿيل ھڪ اھڙي رياست آھي جيڪا ھڪ طرف ھزارين سالن جي تاريخ تمندن ، ڪلچر ۽ سڀيتا جي مالڪ سنڌي قوم ۽ بلوچ قوم کي غلام بڻائي اسان جو قومي استحصال ڪرڻ سان گڏ اسان سنڌين ۽ بلوچن جي قومي وجود لاءِ 63 سالن جي تجربي جي آڌار تي زھر قاتل ثابت ٿي آھي . ھڪ طرف ھيءَ غير فطري فاشي ، غير ذميوار رياست ( پاڪستان ) نه صرف پنھنجي جاگرافيائي حدن ۾ غلام ۽ قيد ڪيل سنڌي بلوچ قومن جي وجود خلاف سازشن ۾ جڻيل آھي ڇاڪاڻ ته پاڪستان دراصل پنجابي سامراج جي مفادن لاءِ قائم ڪيل ھڪ اھڙي ظالم رياست آھي جيڪا مذھبي جنونيت ، جھادي ڪلچر ۽ دھشتگردي جي ھڪ عالمي نرسري جو ڪردار ادار ڪندي سموري دنيا لاءِ فتني فساد ، مذھبي نفرت نفاق ۽ جھاد جي جاھلاڻي ترغيت رھي آھي ۽ رھي ٿي .
معزز حاضرين!... ھي غير ذميوار ، غير فطري ، فاشي رياست جنھن کي پاڪستان چيو ٿو وڃي ان جي پنجابي فوج ۽ خفيه ايجنسي آءِ ايس آءِ ھڪ مڪمل غير مھذب جارح ۽ انسانيت ۽ قومن جا ويري ادارا آھن جيڪي نه صرف پاڪستان ۾ غلام ۽ قيد ڪيل سنڌي ۽ بلوچ قومن جي قومي مفادن جي خلاف ڪريل ، ڪڌين ۽ خطرناڪ سازشون ڪندا رھن ٿا بلڪ سنڌي ۽ بلوچ قومي ڪارڪنن خلاف آءِ ايس آءِ جھڙو غير مھذب ادارو مڪل نازي ۽ فاشي طرز عمل اختيار ڪندي سنڌي ۽ بلوچن جي سياسي زندگيءَ ۾ زھر ملائيندا رھن ٿا. اسان جا ڪيترائي سياسي قومي ڪارڪن گرفتار ڪري انھن مٿان غير انساني تشدد ڪرڻ سان گڏ ساڻن جسماني ، نفسياتي ۽ جنسي تشدد ۽ زيادتيون پڻ آءِ ايس آءِ طرفان مظلوم قومن جي سياسي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان ڪندا رھيا آھن.

معزز حاضرين ....... سنڌ جي ڳڀرو نوجوانن مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڏينھن ڏٺي جو ڪراچيءَ جھڙي عالمي شھر ۾ آءِ ايس آءِ طرفان شھيد ڪرڻ جھڙي ڪڌي ڪم کان ويندي جسمم جي قومي دانشور ۽ سينئر وائيس چيئرمين سميع الله ڪلھوڙو کي گرفتار ڪري سخت غير انساني تشدد بعد شھيد ڪري سندس لاءِ اڇلائڻ تائين ۽ بلوچ قوم جي سياسي فڪري ۽ نظرياتي رھبر جناب محترم خير بخش مري جي خيالن ۽ ويچارن کي مڃيندي پنھنجي وطن بلوچستان جي آزاديءَ ۽ قومي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ھزارين بلوچ قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي نه صرف لاپتا ڪيو ويو بلڪ ڪيترن ئي اھم بلوچ سياسي اڳواڻن کي آءِ ايس آءِ جي درندن سنڌ جي سياسي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وانگر بيدرديءَ سان غير انساني ازيتن ۽ عقويتن ۽ فوجي چڙھايون ڪري شھيد ڪيو ويو جنھن ۾ شھيد اڪبر بگٽي ، شھيد بالاچ خان مري ، غلام محمد بلوچ ،لالا منير بلوچ،شير محمد بلوچ ۽ شھيد رسول بخش مينگل سميت ڪيترائي شامل آھن ايتري قدر جو مان سنڌ جو ھڪ سياسي قومي ڪارڪن ۽ فرزند آھيان منھنجي مٿان پڻ ھن پاپي پاڪستان جي غير مھذب اداري آءِ ايس آءِ طرفان ڪروڙين روپيه انعام رکي مونکي گذريل 21 سالن کان روپوش رھڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي جيئن مان پنھنجي سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن جي قومي آزاديءَ لاءِ پنھنجو گھربل سياسي ، قويم ۽ انقلابي ڪردار ادار ڪري نه سگھان . سنڌ جي قومي تحريڪ جي سياسي تاريخ ۾ آءِ ايس آءِ طرفان اسان جي پارٽي جيئي سنڌ متحد ا محاذ خلاف 2004 کان غير انساني آپريشن شروع ڪيو ويو آھي جيڪو اچ سوڌو جاري آھي ٻيو ته ٺھيو مان ايتري قدر جو سنڌ جي ھڪ ڏاھي دانشور رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سياسي رفيق ۽ جسقم جي چيئرمين عبدالواحد آريس جي مٿان بم ڌماڪن جا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن . ٻئي طرف جسمم جي مک اڳواڻن اصغر شاھ ، مظفر ڀٽو۽ ستار ھڪڙو سميت 25 اڳواڻن کي آءِ ايس آءِ طرفان گرفتار ڪري سالن تائين لاپتا ڪرڻ سان گڏ سخت غير انساني اذيتون ڏئي جسماني ۽ ذھني طرح مفلوج ڪيو ويو آھي ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪارڪنن کي پڻ سميع الله ڪلھوڙو ، ممتاز ڀٽو، اسد عباسي ، مشتاق خاصخيلي کي شھيد ڪيو ويو آھي . ان کان پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جا سوين قومي ڪارڪن اڄ به روپوشين ۽ جلاوطني جي زندگي گذاري رھيا آھن. جن ۾ بلوچ قومي اڳواڻ مير حيربيار مري بلوچ ريپبلڪن پارٽي جي سربراھ برھمداغ بگٽي ۽ سنڌ جي عظيم قومي ڏاھي محترم دادا ڪيرت باباڻي ، قومي ڪارڪن ڊاڪٽر گھنشام پرڪاش ۽ نور لغاري سميت ڪيترائي سنڌي ۽ بلوچ اڳواڻ جلاوطن بڻيل آھن ۽ جلا وطن زندگي گذارڻ تي مجبور آھن.

معزز حاضرين ... ھن سموري ماجرا کي سامھون رکندي اسان جڏھن ھن تاريخي موضوع جي گھرائيءَ تي غور ڪنداسين ته اڄ جي حالتن ۾ واقعي به دنيا جي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ انسان ذات سان لاڳو ان ٻن ڳنڀير مسئلن يعني مذھبي ڪٽرپڻي ، نفرت ، نفاق کان انسان ذات جو ڇوٽڪارو ۽ ڌرتيءَ جي گولي تي رھندڙ ھزارين سالن جي تاريخ ، تمدن سڀيتا جي وارث قومن جي آزادي جي اھم ترين مسئلي کي فوري Address ڪرڻ اڄ سموري دنيا لاءِ کليل چئليج بڻيل آھي مان ھن فورم تان UNO جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون کي پڻ اپيل ڪندس ته ھو ان ڳالھ تي غور ڪري ته UNO جي اداري جي ميمبر رياستن جي قيد ۾ اڄ به ڪيتريون ئي حقيقي قومن واڙيل آھن جن کي غلام بڻائي انھن جو قومي ، سياسي ، معاشي ۽ جاگرافيائي استحصل ڪيو پيو وڃي . ان کانسواءِ مان ھن فورم جي معرفت سموري دنيا جي جمھوري ۽ سيڪيولر ملڪن جو ڌيان ان ڳالھ طرف ڇڪائيندس ته 1952ع ۾ رھبرسنڌ سائين جي ايم سيد ويانا امن ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ان قت يورپ ۽ خاص ڪري آمريڪا کي پنھنجي ڏاھپ ۽ دورانديشي جو مظاھرو ڪندي ۽ خبردار ڪندي صلاح ڏني ھئي ته مذھبي ڌرين جي مدد حمايت ۽ تائيد ڪري رھيا آھيو ھڪ ڏينھن اھِ ساڳيون ئي مذھبي جمائتون سموري دنيا خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا لاءِ ڏچر ۽ مصيبت پيدا ڪنديون .. سائين جي ايم سيد جي ڳالھين تي ان وقت ته يورپ ۽ آمريڪا طرفان ڌيان نه ڏنو ويو پر اڄ سموري دنيا انھن جھادي جاھلن جي تنگ نظريي ۽ دھشتگردي جو شڪار آھي اڄ مان 2009ع ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي فورم تان رھبرسنڌ سائين جي ايم سيد جي ھڪ عدنا سياسي پيروڪار جي حيثيت ۾ اھا ڳالھ يورپي ملڪن ۽ آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما جي اڳيان ھڪ ڀيرو ٻيھر دھرايان ٿو ته توھان پاڪستان جھڙي غير ذميوار ۽ غير فطري رياست جي لاءِ فرينڊس آف پاڪستان ٺاھي ان جي مالي مدد ڪري ھڪ سنگين غلطي کي ورجائي رھيا آھيو ڇا ڪاڻ ته آءِ ايس آءِ ۽ پنجابي فور ان مالي امداد ٽيڪنيڪل سھائتا ۽ فوجي مدد کي نه صرف پاڪستان ۾ قيد مظلوم قومن سنڌين ۽ بلوچن جي مفادن ھر پاسي جي جمھوري ملڪن جي خلاف استعمال ڪندي پر سموري دنيا جي مذھبي جھادين ۽ اندروني خانه افغانستان ۾ طالبانن ۽ سموري دنيا جي مذھبي جھادين کي ٻيھر منظم ڪندي جنھن سبب نه صرف وچ ايشيا ڏکڻ ايشيا پر سموري دنيا جي امن سلامتي ۽ سياسي معاشي استحڪام ۽ رواداري سخت خطر جي ور چڙھي ويندي اسان سنڌي شاھ لطيف جي ھن دعا وانگر ته .....

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين..

جيئن سموري دنيا جو امن سلامتي جا ھزارين سالن کان وارث ۽ راھي رھيا آھيون . اسان جي سنڌ ھزارين سالن کان پنھنجي اندر ۾ ھڪ فلسفو ، پيغام ۽ سنيھو سانڍيندي آئي آھي جنھن کي اڄ اسين سياسي حوالي سان فڪر جي ايم سيد پيغام سنڌ چئون ٿا جنھن جا بنيادي نڪتا اتحاد ، انساني امن ، عالم ۽ ترقي بني آدم رھيا آھن اسان جي بزرگن ڏاھن ۽ مفڪرن جي ھزارين سالن جي تعليم رھي آھي . شاھ ، سچل ، سامي کان ويندي سنڌي قوم پرستي جي باني ھوشو ،ڪيول راماڻي ، علامه آءِ آءِ قاضي ،دادا ڪيرت ٻاٻاڻي ، گوھند مالھي نارائڻ شيام ، ڀڳت ڪنور رام کان رھبرسنڌ سائين جي ايم سيد تائين سنڌ جي انھن عظيم مفڪرن طرفان سنڌ جي ھزارين سالن جي ان پيغام کي نه صرف پنھنجي سيني ۾ سانڊيو آھي پر نسل در نسل ان پيغام کي ايندڙ پيڙھين تائين منتقل ڪندا رھيا آھن اسان جي وڏن سنڌو درياءُ جي ڪناري تي ويھي جڏھن رگويد لکيو ۽ ڌرتيءَ جي بھترين تھذيبي ، ثقافتي ۽ انساني دوست ھندو مت جو بنياد وڌو انھن ويدن جي ھر ھڪ سٽ ۾ ڌرتيءَ جي نقا سلامتي ، انساني دوستي ۽ رواداري جو پيغام سمايل آھي اھو ئي سبب آھي جو سنڌ مختلف مذھبن جي وچ ۾ رواداريءَ ۽ ڀائپي جو ھڪ سنگم ۽ گلدستو رھي آھي . سنڌ جا جوڳي ۽ صوفي بزرگ اڄ ڌرتي ءَ جي ويديانتي ۽ آفاقي وحاني فڪر کي ملائي انھن منجھان انسانيت جھڙو عالمگير مذھب خيال ۽ فڪر جي نه صرف بنياد وجھي چڪا آھن بلڪ ان جي واڌ ويجھ لاءِ نئين سوچ يا نئين مذھب Humanitarian کي حقيقي معنيٰ ۾ دنيا تائين عام ڪرڻ لاءِ اسان رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي National Machine ۽ Political Wisdom جي پھرين ڏاڪي طور پنھنجي مادري وطن سنڌو ديش جي آزادي جي سوال کي دنيا اڳيان رکي رھيا آھيون ڇاڪاڻ ته اسان جو وطن سنڌو ديش جيڪو پنھنجي سيني ۾ ھزارين سالن کان انسان ذات جي غظمت ، وقار ۽ سربلنديءَ لاءِ پنھنجي تھذيبي ارتقا لاءِ وڏو حصو ۽ ڪردار نڀائيندو رھيو آھي اڄ موھن جي دڙي کي ڏسجي ٿو ته واضح ٿو ٿئي ته مذھب انساني تھذيب ، تمند ۽ سڀيتا جو ڏاڏو آدم اسان کي سنڌ معلوم ٿئي ٿي پر افسوس جو اڄ اسان جي سنڌي قوم اسان جو سنڌ وطن مذھبي ڪٽرپڻي جي ڍونگ ۾ پنجابي سامراج طرفان غلام بنايو ويو آھي. اسان جي قومي سياسي معيثت جاگرافيائي حدون ايتريقدر جو جنھن سنڌو درياءُ جي ڪناري اسان جي ابن ڏاڏن جنھن رگويد لکي دنيا کي امن سلامتي ، سک ۽ شانتي جي خوشخبري ڏني ھئي ۽ تھذيبي مذھب جو بنياد رکيو ھو ان سنڌو درياءو کي پڻ فتني پاڪستان رياست جي پنجابي سامراج جي طرفان سڪائي قيد ڪري ڇڏيو آھي...

معزز حاضرين ... اسان جي وطن سنڌوديش جي آزادي عالمي امن لاءِ ان ڪري به ضروري آھي ڇاڪاڻ ته سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن دنيا ۾ اھو واحد ملڪ آھي جنھن مذھبي ڪٽرپڻي نفرت ،نفاق ۽ تنگ نظرئي کي مات ڏيڻ لاءِ پنھنجو ھڪ الڳ انسان دوست رواداريءَ ۽ ڀائيچاري وارو سياسي روحاني ۽ سماجي ۽ فڪري سوچ ۽ مسلڪ آھي مان نيٽو اتحاد وارن ملڪن ، آمريڪا جي سربراھ ۽ حڪمت عملي ترتيب ڏيندڙ Intellectual کي آگاھ ڪرڻ ٿو چاھيان ته دنيا جي امن لاءِ فقط ملٽري فوجي ذيعا استعمال ڪري ڪاميابي حاصل ڪري نه ٿا سگھون پر ان مذھبي تنگ نظري جھالت ۽ جنون کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي روحاني ۽ فڪري رواداري جي پيغام ذريعي ئي حقيقي معنيٰ ۾ سوڀ ماڻي سگھجي ٿي. يورپي ملڪن ، آمريڪا ، برطانيه ، روس ، ڀارت ، اسرائيل ۽ جرمني سميد دنيا جي جمھوري ۽ سيڪيولر ملڪن کي اپيل ڪندي چوان ٿو ته سنڌو ديش جي آزادي ۾ اسان جي مدد ڪن ، اسان سنڌي پنھنجي روحاني ۽ فڪري سگھ ذريعي دنيا مان مذھبي ڪٽرپڻي ۽ جنون جي پاڙ کي ھميشه لاءِ دنيا مان ختم ڪري سگھون ٿا ان طرح اسان جي قومي آزادي نه صرف دنيا جي امن ۽ سلامتي ۾ اھم ڪردار ادا ڪندي بلڪ يورپ ، نيٽو ۽ آمريڪا جي فوجن طرفان بنيادي پرستي خلاف جنگ جا خرچ گھٽجي ويندا ـ

معزز حاضرين ... دنيا کي اھا ڳالھ واضع طرح سمجھڻ گھرجي ته پاڪستان رياست ۾ جھڙي طرح بندوق جي ڏاڍ ۽ زور تي واڙيل قومن سنڌي ۽ بلوچ قومون مذھبي رواداري انسان دوستي ۽ بقا ۽ باھمي جون حامي آھن . جڏھن ته پنجابي ۽ پٺاڻ مذھبي ڪٽر پڻي جنوني جھاد جون حامي رھيون آڳن ان ڪري جيستائين پاڪستاني رياست جو فتنو رھندو ان وقت تائين اسان سنڌي ۽ بلوچ جو نه صرف قويم وجود فنا ٿيڻ جو خطرو اسان کي لاحق ھوندو پر پنجابين ۽ پٺاڻن جي ڪٽرپڻي جو اثرآھستي آھستي سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي صاحلن معرفت سڄي دنيا تائين ڦھلجي ويندو جيڪو اسان جي تاريخي شعور قومي وجود سموري دنيا لاءِ ھڪ سنگين خطرو ثابت ٿيندو ان ڪري مان دنيا جي سمورن ملڪن کي اپيل ڪندس ته جيڪڏھن توھان آزادي ، انصاف ، جمھوريت ۽ سيڪيولرام ، رواداري۽ انساني ڀائيچاري ۾ ويساھ رکو ٿا ۽ جھادي جھالت جاحقيقي معنيٰ ۾ مخالف آھيو ته توھان کي سنڌو ديش جي قومي آزاديءَ ۽ آزاد بلوچستان جي کليل حاميت ۽ تائيد ڪرڻ گھرجي ان سلسلي ۾ مان به ھڪ ڳالھ ھن فورم يان عالمي ڪميونٽي تي پڻ واضح ٿو ڪريان ته فڪر جي ايم سيد پيغام سنڌ اڄ جي عالمي حالتن ۾ اتحاد انساني ، امن عالمي ۽ ترقي بني آدم لاءِ ھڪ اڻ ٽو حقيقت بڻيل آھي دنيا جيڏھن ان فڪر جي وارث سنڌي قوم جي آزادي لاءِ وقتائتو ڪردار ادار نه ڪيو ته سموري دنيا ڄڻ ته اسان جي قومي غلاميءَ جي ڏوھ ۾ اڻ سڌي طرح شامل ھوندي بلڪ اسان جي قومي غلامي ڄڻ ته مھذب دنيا لاءِ ھڪ معيارھوندي آخر ۾ ائين چوندس ته آمريڪا زنده آباد ، يورپ ايشيا زنده آباد ، آفريڪا ۽ آسٽريليا زنده آباد ، عرب دنيا زنده آباد ،سنڌو ديش زنده آباد ۽آزاد بلوچستان زنده آباد ....

سنڌ مقدس عقيدو ۽ ايمان آ، سنڌ انجيل گيتا ۽ قرآن آ،
سنڌ جيتري مٿي آ اجھو ۽ امن پاڻ کي ھاڻ آزاد گھرجي وطن ..

Saturday, 15 October 2011

قومپرستن جي سنڌ ۽ سنڌ جا قومپرست، جادم سنڌو

قومپرستن جي سنڌ ۽ سنڌ جا قومپرست:
جادم سنڌو

اوڻويھ سئو ٽيهتر جو آئين پاڪستان جي هر جائز توڙي ناجائز شهريء کي اهو حق ڏئي ٿو ته هو سنڌ ۾ اچي آباد ٿئي،سنڌ ۾ ملڪيت وٺي،سنڌ جو شانختي ڪارڊ ٺهرائي،سنڌ جو ڊوميسائيل حاصل ڪري،سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺي،سنڌ جي سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ روزگار ڪري،پنهنجون ڪالونيون جوڙي،پنهنجي نسل جي ماڻهن جي لاء نئون تڪ جوڙي سنڌ اسيمبليء ۾ اچي پنهنجي سامراجي نسل جي نمائندگي ڪري. پاڪستان جي سامراجي رياست جنهن جو بنياد لاهور جي 1940 واري قرارداد تي هيو انهيء قرارداد ۾ اهو مڃيل هيو ته پاڪستان جي اندر شامل رياستون آزاد ۽ خودمختيار هونديون جن جو برابريء جي بنياد تي هڪ الحاق ٿيندو جنهن ۾ سموريون قومون پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار قومي سڃاڻپ قائم رکنديون. پر پاڪستان جي ٺهڻ کان پوء سنڌين، بنگالين ۽ بلوچن جي قومي حيثيت ختم ڪري پنجاب سامراج جو تسلط قائم ڪيو ويو. پهريان ته ون يونٽ جوڙي سنڌ ۽ بلوچستان جي جاگرفيائي حيثيت ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي پوء سنڌ ۽ بلوچستان جا قومي وسيلا پنجاب سامراج جي حوالي ڪيا ويا. سنڌ جي زرعي زمين پنجابي فوجين جي حوالي ڪري پنجابي ماڻهن جي آبادڪاري ڪري سنڌ جي خوشحال زرعي علائقن گهوٽڪي، خيرپور،نوابشاھ،نوشهروفيروز ،سانگهڙ،بدين ۽ ميرپور خاص ۾ پنجابين جي آبادڪاري ڪئي وئي. جڏهن سنڌين،بنگالين ۽ بلوچن جي قومي تحريڪن جي نتيجي ۾ ون يونٽ ٽٽو ته پنجابي سامراج پنهنجي سرڪاري سرپرستيء هيٺ هڪ سنڌي اقتدار پرست سياستدان ذوالفقار ڀٽي جي هٿان اوڻويھ سئو ٽيهتر جو نام نهاد آئين تيار ڪرائي سنڌ ۽ بلوچستان جي زرعي،معدني توڙي معاشي وسيلن تي قبضو قائم رکڻ جي لاء پنجاب ۽ پختونخواھ جي گڏيل سامراج کي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گهر وٺڻ،دوڪان کولڻ،ڪاروبار ڪرڻ،سراڪاري نوڪريون ڪرڻ،اسيمبليء جي اليڪشن ۾ بيهڻ جو حق ڏنو ويو. هندوستان جي ورهاڱي کان پوء جيڪي پناهگير چوڏهن لک آيا سي هينئر صرف هڪ ٻڙيء جي واڌاري سان هڪ ڪروڙ چاليھ لک ٿي چڪا آهن ۽ نادرا جو رجسٽريشن عملو جن تيرهن لک پٺاڻن جو سنڌ ڏانهن لڏي اچڻ جو اعتراف ڪري ٿو سي به صرف هڪ ٻڙيء جي واڌاري سان هڪ ڪروڙ ٽيھ لک ٿي سنڌ کي ٽه لساني صوبي ۽ خانا جنگيء جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي چڪا آهن. سنڌ جون قومپرست پارٽيون ۽ انهن پارٽين جا پيٽ پرست اڳواڻ جن جي اڪثريت لاهور ۽ راولپنڊيء جي دلالي ڪن ٿا،انهن جي وائڙائپ به هڪ سواليه نشان بڻيل آهي،قومپرست تنظيمون ته پنهنجي ڌرتيء تي آيل هر هڪ ڌارئي جو منهن ٽوڙ مقابلو ڪري کين پنهنجي ڌرتيء تان تڙي ڪڍندا آهن پر سنڌ جا قومپرست نه صرف لاهور ۽ راولپنڊيء جي چانهن پارٽين ۾ نڪ ٻوڙائي اچن ٿا پر ان سان گڏ ڪابل ۽ قنڌار مان آيل نسوار خور نسل جي ماڻهن جي جلسن جلوسن ۾ وڃي سندن رهائش ۽ روزگار جو حق مڃڻ سان گڏ مهاجرن جي ڀيٽ ۾ سندن مدد ڪرڻ جو اعلان ڪن ٿا. هڪ نسلي ۽ دهشتگرد تنظيم ايم ڪيو ايم جو ٽوڙ ڪڍڻ جي لاء سنڌ جا قومپرست اڳواڻ هڪ ٻي نسل پرست ۽ دهشتگرد تنظيم اي اين پيء جا ڪلها ٺپين ٿا. سنڌ جي آزادي پسند شهيد ذوالفقار ڪولاچيء جي تڏي تي ويندي سنڌ جي قومپرستن کي موت اچي ٿو پر اهي ساڳيا قومپرست هڪ پٺاڻ منشيات فروش امين خٽڪ جي لاش جا ڪانڌي ٿيڻ پهچي وڃن ٿا. هڪ مظلوم قوم ٻي مظلوم قوم جي اتحادي هوندي آهي جيئن سنڌي بلوچن جا اتحادي آهن،هڪ ظالم قوم ٻي ظالم قوم جي اتحادي هودي آهي جيئن پٺاڻ پنجابين جا اتحادي آهن. هڪ قومپرست ٻئي قومپرست جو اتحادي هوندو آهي،هڪ آزادي پسند ٻئي آزادي پسند جو اتحادي هوندو آهي،پر هي سنڌ جا ڪهڙا قومپرست ۽ آزادي پسند آهن جيڪي جهادي ملن حيد گل،عمران خان،قاضي حسين،نواز شريف،وفاق پرست پليجي ۽ قادر مگسيء سان ته گڏ ويهي سگهن ٿا پر سنڌ جي آزادي پسند شفيع برفت ۽ آريسر سان گڏ ويهي نه ٿا سگهن ـ

ڊاڪٽر جادم سنڌو

هڪڙي چٺي تنهنجي نالي....! شفيع محمد برفت چيئرمين جيئي سنڌ متحدا محاذ

سنڌ جا اديب، دانشور ۽ اهلِ دل ماڻهو

اسلام عليڪم! سموري سنڌ جي ساڃاهه وند اهل ادراڪ (دانشور)، اديبن، شاعر، ليکڪن ۽ اهل دل ماڻهن جو ڌيان جيئي سنڌ متحدا محاذ جي ڳڀرو پٽ، مظفر ڀٽو جي هڪ مهيني کان مٿي وقت تائين رياستي ادارن هٿان گرفتاري، گمشدگي، تشدد اذيت ۽ ظلم طرف ڇڪائڻ چاهيان ٿو. جنهن کي رياستي ادارن پاران بغير سبب جي اغواه ڪري ويا. مظفر ڀٽو جي گمشدگي کان پوءِ ان جي ماءُ، وني ۽ ٻار ڪيئن زندگي گذاريندا هوندا، اگر ان آهه کي سنڌ محسوس نه ڪيو ۽ ان پيڙاهه جي احساس ۾ انهن کي اڪيلو يا تنها ڪري ڇڏيو ويو ته ڇا پوءِ اسان ۾ ڪو به باضمير، باغيرت ۽ باشعور سنڌ واسي اهو سوچي ۽ سمجهي نٿو سگھي ته ڪٿي اسان پنهنجي قومي ٻڌي، قومي احساس ۽ حب الوطني جي فرض ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ غلفت جو شڪار ته نه ٿيا آهيون.
معزز دانشور: اخبارون ان سڄي ڳالهه جي گواهي ڏين ٿيون ته ڪهڙي ريت گم ٿيلن جي مائٽن انساني حقن جي تنظيمن، سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي واهر ڪرڻ لاءِ پڪاريو آهي. اڄ مان پارٽي چيئرمين جي حيثيت ۾ گرفتار ڪيلن جي مائٽن پاران گڏيل طور سنڌ جي ڏات ڌڻين کي مخاطب آهيان ته اسان ڀٽائي جي سٽ “اڳي پوءِ مران مرمران مارڳ ۾” وانگر اڄ سيد جي ڏسيل واٽ تي سنڌ جي آس، عزت وقار، محفوظ مستقبل لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. هي سنڌ جا ڳڀرو پٽ ڌرتي خاطر پنهنجيون حياتيون ۽ جوانيو ارپي چڪا آهن. ۽ جسمم اڳواڻن کي ان ڪري ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي جو حاڪمن ۽ آقائن جي ابتڙ هلڻ جي پاڻ ۾ عادت وجھي چڪا آهن. سنڌ ۾ هر طرف خاموشي، سانت ۽ سناٽو آهي، اڄ جڏهن آقا اسان سنڌين کي غلامي واري زندگي گذارڻ جي عادت وجهي رهيا آهن، هن وقت خوف، آپشاهي ۽ دهشت جو هي راڪاس سنڌ جي قومي وجود، قومي وسيلن، ٻولي ۽ سياست کي ڳڙڪائي اسان سنڌين کي مجبور، لاچار، ويڳاڻو، ويچارو ۽ دائمي غلام ٿي رهڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن. ان وقت اگر حاڪمن جي ڪنن تي آزادي جا ٺڪاءُ پرلائن جي صورت ۾ سندن گهيرو ڪندي نظر پيا اچن ۽ جڏهن فڪرِ جي ايم سيد جي سوڳن کڻي آزاديءَ عشق جي قيمت چڪائڻ لاءِ جسمم جي ڳڀروئن جي چونڊ ڪئي وئي آهي. جيئن ڪلهه انگريز سامراج خلاف پير سائين پاڳاري جي حرن جي چونڊ ڪري انهن کان سنڌ جي عشق ۽ آزادي جي قيمت وصول ڪئي هئي اهڙي نموني اڄ جي سنڌ جي قومي تحريڪ کي حوصلو همٿ، بخشڻ لاءِ جسمم “مرڻ مون سي هل، پٺيءِ تو پنڌ ڪيان”، وارو رستو اختيار ڪيو آهي. ته پوءِ ڇا سنڌ جي سڃاهه ۽ شعور کي جڳائي ٿو ته هو ڌرتي جي پٽن کان لاتعلق ۽ اوپرو ۽ پري ٿي رڳو تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري؟ اڄ جڏهن سنڌ جا نوجوان ۽ فڪرِ جي ايم سيد جا پيروڪار غلامي جي صورتحال قبول ۽ برداشت ڪرڻ کان انڪار ڪري ۽ نروار ٿي بيٺا آهن. سنڌ جي سرفروش پٽن اهي اعلان ڪيا آهن ته “هوتن لاءِ هاڙ هو اجائيندس رت” ڪيو اٿن ته ٻئي پاسي رياستي ادارا نازي ۽ فاشي طريقي سان سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ قافلي خلاف روش اختيار ڪري رهيا آهن اهڙي موقعي تي قوم جي حقيقي دانشورن ۽ اديبن جو ڪردار ڪهڙو هجڻ گھرجي؟ ڇا آزادي جي مقصد ۽ منزل ماڻڻ لاءِ سر جو سانگو لاهي بيهندڙ هي سنڌ جا نوجوان پٽ ايترو به نه لهڻن جو اسان جا قومي اديب ۽ دانشور هڪ ڪلاڪ جي علامتي بک هڙتال ڪرڻ انفرادي ۽ اجتماعي طرح پاڻمرادو پريس ڪلب تي اچي اهو چون ته اسان گم ٿيلن جي ونين، مائرن، ڀينرن ۽ ٻارڙن سان انهن جي پيڙاهه ۾ برابر جا شريڪ آهيون. مان سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن کي جسمم ڪارڪنن جي لڳاتار گمشدگي واري عمل معتلق ٻڌائندي واضع ٿو ڪريان ته سنڌ امڙ جي لاءِ اسان جيڪو شمع کڻي روشن ڪرڻ لاءِ اڳتي نڪتا آهيون. ان منزل تي هلندي سنڌ ۽ سيد جي فڪر کي گواهه بڻائيندي، ساڳي طرح سنڌ جي سمورن دانشورن کي آئون گم ڪيل ۽ گرفتار ٿيل جسمم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وارثن طرفان اپيل ٿو ڪيان ته مظفر ڀٽو جيئن ته سنڌ جو سچو پٽ آهي انهن جي آزادي ۽ حياتي بچائڻ لاءِ سمورا اديب، دانشوراڄ وچن ڪن ته هو هڪ ڏينهن ڪڍي صرف پنج منٽ پريس ڪلب حيدرآباد يا پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ علامتي بک هڙتال لاءِ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو. جيڪڏهن ائين ٿيندو ته اسان سمجهنداسين ته سنڌ کي دانشورن ۽ ڏاهن، دهشت ۽ خوف واري ماحول باوجود سنڌ جو ساٿ ڏيڻ ناهي ڇڏيو.



شفيع محمد برفت
چيئرمين جسمم

حوالو؛ تعميرِ سنڌ 14 نومبر 2005

Friday, 14 October 2011

War of National Liberation قومي آزادي جي ويڙه


قومي آزادي جي ويڙهه، سامراجي بيٺڪي، ڌاري قوتن خلاف مظلوم، محڪوم قومن، محبِ وطنن جي پنهنجي وطن جي آزادي جي ويڙهه آهي. جيڪا آزادي لاءِ وڙهندڙ ۽ هٿيار بند تنظيم Gorilla Organization جي اڳواڻي ۾ وڙهي ويندي آهي.

ڪابه سياسي، سماجي، انقلابي تحريڪ، تبديلي ۽ قومي آزادي جي ويڙهه خودرو ۽ حادثن مان پيدا ناهي ٿيندي، پر ان لاءِ سياسي، معاشي، سماجي ۽ نفسياتي دٻاءَ ۽ ڇڪتاڻ جي شدت ۽ گهرائي ۾ هجڻ لازمي هوندو آهي. جڏهن سماج ۾ موجود سامراجي، بيٺڪيتي ڌاري قوتن ۽ مقامي آبادي ۽ مهڪوم قوم وچ ۾ اهڙو دٻاءُ، ڇڪتاڻ، تضاد شدت سان موجود هجي ۽ ان کي گهرائي سان محسوس ڪيو وڃي ته اهڙي حالتن ۾ ڪو ننڍڙو واقعو ۽ حادثو انقلابي تبديلي جو سبب پڻ بڻجي ويندو آهي.
حقيقت ۾ انقلابي جدوجهد ۽ قومي آزادي جي ويڙهه هڪ عوامي مذاهمت هوندي آهي، جنهن ۾ عوام جي شعور، فهم ۽ سگھه کي بنيادي اهميت هوندي آهي. بهترنتيجا وٺڻ لاءِ ويڙهاڪ تنظيمون پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ تشدد Violence جو منظم طريقو استعمال ڪنديون آهن جنهن سان سامراجي نظام ڪمزور ٿيڻ لڳندو آهي. 20 صدي ۾ سموري دنيا ۾ قائم ظالم، جابر، سامراجي، بيٺڪيتي Colonial ۽ قومي غلاميءَ خلاف دنيا جي ڪمزور، نٻل ۽ مظلوم قومن وڏي جرئت، همٿ ۽ بهادري سان پنهنجن وطن جي آزادي لاءِ ويڙهيون ڪيون. انهن ويڙيهين ۾ مذاهمت جي نتيجي ۾ صدين کان قائم بيٺڪيتي Colonial ۽ سامراجي Imperialism نظام ٽٽي ويو هو.

دراصل 15 صدي ۾ سامراجي Imperialist ۽ بيٺڪيتي نظام Colonialism جي جڙڻ جي نتيجي ۾ سموري دنيا جون اڪثر قومون غلامي ۽ بيٺڪيت جو شڪار ٿي ويون هيون. اسپين، پورچوگال، هالينڊ، برطانيه، آمريڪا هن نظام کي قائم ڪرڻ ۽ معاشي ڦرلٽ، جبر ۽ ڏاڍ ڪرڻ جا اڳواڻ هئا. سامراجي ۽ بيٺڪيتي ڄار ۾ ڦاسڻ ڪري انهن مظلوم ۽ محڪوم قومن جو سُک، امن، خوشحالي، اخلاقي سماجي قدر هن نظام ۾ ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويا هئا. هزارين سالن جي قدامت رکندڙ تهذيب ۽ ثقافت، سياسي ۽ سماجي نظام، سامراجي نظام جي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري ڊانواڊول ٿي ويو. صدين کان قائم هن نظام مظلوم ۽ ڪمزور قومن لاءِ تشدد، ظلم، جبر، ڏاڍ، ايذاءُ، ٽوڙڦوڙ، قبائلي تضاد، فرقيواريت، نسلي فرق ۽ مذهبي انتهاپسندي پيدا ڪئي. هن ڊگھي غلامي ۾ مظلوم ۽ محڪوم قومن کي قتل، غارتگيري، ڦاهيون، تشدد، ڪمزور ۽ نٻل انسان، چچريل چيٿاڙيل انساني وجود، بک، بدحالي، خوف و حراس، استحصال، ڦرلٽ، غربت، جهالت، نفرت، ڪٽرپڻو تعصب، لالچ، بيوسي، نااميدي، پرماريت قومن جي زندگي جو حصو بڻجي ويا. مظلوم ۽ محڪوم قومن جي وطن تي قبضي ڪرڻ لاءِ چڙهايون، حملا، انهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڌاريون آباديون منتقل ڪرڻ جون سازشون ڪيون ويون. غلام قومن جي وسيلن، معاشيات جي ڦرلٽ ۽ ان کي پنهنجي ترقي لاءِ استعمال ڪرڻ هن نظام جي اهم خصوصيت هئي. هي سمورو سامراجي نظام ۽ بيٺڪيتي نظام هزارين سالن کان قديم قومن جي تهذيب، وطنن، قومن ۽ انسانيت دشمن نظام آهي جنهن ۾ قومن جي سونهن ڀريون خوبصورت زندگيون، بدصورت، بدزيب ۽ ڪِرڀ جهڙيون بڻجي ويون هيون.

اها حقيقت آهي ته صدين کان قائم سامراجيت جو خوف، دهشت، حراس، گوليون، ڦاهيون، بمباريون، ڏاڍ، تشدد ۽ ڦٽڪا قومن کي آزادي جي جدوجهد کان روڪي نه سگھيون ۽ نه ئي قومن مان آزاديءُ جو جوش ۽ جذبو ختم ڪري سگھيون آهن. محبِ وطنن، انقلابين، بهادرن ۽ سرفروش انسانن جو جوش، ولولو، همٿ، جرئت ۽ بهادريون سامراجي نظام کي اُکيڙڻ لاءَ ڪافي هيون.

ٻي عظيم جنگ کان پوءِ هڪڙي پاسي ظالم قومن جو معاشي استحصال، ڦرلٽ، ڏاڍ، جبر شدت اختيار ڪئي ته ٻئي پاسي مظلوم ۽ محڪوم قومن به پنهنجي وجود جي بقا لاءِ پاڻ کان وڌيڪ طاقتور سامراجي قوتن خلاف سينو سُپر ڪري بيٺا، سوين سالن کان قائم ڏاڍ تي ٻڌل نظام جنهن کي ڪو لهر، لوڏو ڪونه هو تن کي ڪمزور قومن هٿياربند جدوجهد جي ذريعي شڪستون ڏئي حُب الوطني ۽ پنهنجي ڌرتي سان محبت جي نئين تاريخ لکي. ايشيا، آفريڪا، لاطيني آمريڪا بلڪه دنيا جو ڪوبه اهڙو کنڊ نه هو جتي سامراجيت خلاف مظلوم قومن وطن جي آزادي جي ويڙهه وڙهي نه هجي.

آئرلينڊ (21-1919) جي برطانوي سامراجيت مان آزادي 20 صدي جي پهرين ڪامياب جدوجهد هئي. بعد ۾ الجير (62-1954) ۾ فرانس جي غلامي مان آزاد ٿيو. ويٽنامي جيتامڙن (54-1946) ۾ هٿياربند ويڙهه ذريعي اول فرانس ۾ بعد ۾ (75-1959) دنيا جي سُپر پاور آمريڪا کي تاريخي شڪست ڏني، ان کان علاوه لاطيني آمريڪا ۾ ڪيوبا، نڪارگو، آفريڪا ۾ موزمبيق، گني بسائو Guinea Bissau انگولا ۽ اريٽريا Eritrea ۾ ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي قومي آزادي جي جدوجهد ڪامياب ٿي.

ماضي ۾ سموري دنيا ۾ هليل قومي آزادي جي تحريڪن ۽ ويڙهه جو سرسري جائزو وٺڻ کانپوءِ اگر سنڌ جي موجوده صورتحال جو تجزيو ڪجي ته اها ڳالهه بلڪل واضع ۽ چٽي نظر اچي ٿي ته سنڌ اسانجي ڌرتي ماتا تاريخ جي بدترين، غلام، معاشي ڦرلٽ، پسماندگي، بدحالي، ظلم جي دور مان گذري رهي آهي. جڏهن برطانوي سامراج برِصغير خالي ڪيو هو ته تڏهن ٿيڻ ايئن کپندو هو ته انگريز سنڌ کي اڳوڻي آزاد حيثيت ۾ بحال ڪن ها، پر ان جي ابتڙ سنڌ کي غلاميءَ ۾ ڌڪيو ويو. گذري 64 سالن جي دور ۾ هن نام نهاد انتها پسند سامراجي رياست ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڪنهن کان به ڳجھو نه آهي. سنڌ جي قديم تهذيب ۽ ثقافت خلاف سازشون، سنڌي ٻولي خلاف سازشون، سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهي پاڻي بند ڪرڻ جون سازشون، قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ، سنڌ جي روينيو تي قبضا، هڪ منصوبي تحت ڌاري آبادي کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون، مذهبي تعصب ۽ قبيلائي جھيڙا سڀ اسان جي سامهون آهن. ان کان علاوه خوف، حراس جيڪو نام نهاد رياست پيدا ڪيو آهي اهو به اسان جي سامهون آهي. هن نام نهاد رياست جي پيدا ڪيل صورتحال خلاف جھيڙيندڙ ۽ مزاحمت ڪندڙ سنڌ جي محب وطن، حلالي فرزندن جون گرفتاريون، تشدد ۽ گمشدگيون به سڄي دنيا جي سامهون آهن.

هڪ ڳالهه سوچڻ جي آهي ته 64 سالن کان قومي وجود خلاف ٿيندڙ سازشن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي تحريڪ 38 سالن جي ڊگهي عرصي دوران ڪا واضع حڪمت عملي ۽ پاليسي نه جوڙي سگھي آهي. اڃا تائين قومي تحريڪ اهو طئي نه ڪري سگھي آهي ته هن جابر، غير مهذب، سفاڪ، وحشي صفت، بي رحم، انتها پسند سامراج خلاف جدوجهد جو ڪهڙو رستو ۽ طريقو اختيار ڪرڻ گھرجي. اڃان تائين اهو طئي نه ٿي سگھيو آهي ته جدوجهد پارلياماني هجي، عدم تشدد تي ٻڌل هجي يا هٿياربند ويڙهه هجي. هن فيصلا ڪن مرحلي تي جابر، ظالم ۽ قوم دشمن سامراج ۽ ان جي اتحادين خلاف اسان کي واضع ۽ چٽي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گھرجي. جنهن سان سامراج کي شڪست ڏئي قومي وجود بچائي سگھجي. هن صورتحال ۾ اها ڳالهه سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته تجزيا، تقريرون، حوال، سکڻيون ڳالهيون، اعلان ۽ بي مقصد ڌرڻا، جلسا جلوس سنڌ کي هن بدترين غلامي مان آزادي ڏياري نه ٿيون سگھن. سنڌ جي وجود جي بقا لاءِ جدوجهد ڪندڙ، پاڻ پتوڙيندڙ، جان ڏيڻ لاءِ تيار، سنجيده ۽ محب وطن ۽ حلالي فرزندن کي ڌرتي کي ڌارئي سامراج جي غلامي مان آزادي لاءِ مزاحمتي تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۽ نئين صف بندي ڪرڻ گھرجي. قومي ڪارڪن، محب وطن مٿان اها ذميواري ٿئي ٿي ته سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن، سامراجي قوتن ۽ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جون ذميواريون نڀايون ۽ وجود جي بقا لاءِ مزاحمتي تحريڪ جو حصو بڻجي تاريخ جو 
فرض ادا ڪريون.

Strategy and Tactics

حڪمتِ عملي ۽ گُرَ

سالن کان طاقت، سگھه، خوف ۽ دهشت تي ٻڌل سامراجي بيٺڪيتي ۽ غلامي واري نظام جي ڪوشش هوندي آهي ته اهو هميشه قائم رهي ۽ مظلوم ۽ محڪوم قومن جي معاشي ڦرلٽ ڪري پنهنجي علائقي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ واڌارو ڪندو رهي. ان لاءِ سامراجي نظام جون فوجون پيراملٽري فورسز ۽ جاسوسي ادارا ان نظام کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. انهن جي هميشه ڪوشش هوندي آهي ته مظلوم ۽ محڪوم قومن ۾ مزاحمت جو عنصر پيدا نه ٿئي. جنهن لاءِ سامراج قوتون هميشه فوج ۽ طاقت جو استعمال ڪري آزادي جي جذبي ۽ جوش کي ڪچلڻ جون ڪوششون ڪنديون آهن، نتيجي ۾ قتل غارتگيري، معاشي ڦرلٽ ۽ سامراجي طاقت خلاف مزاحمت ڪندڙ تنظيم ۽ نظريا پڻ جنم وٺندا آهن. طاقتور، فاشي سامراجي فوج خلاف اهي تنطيمون هٿياربند ويڙهه جون حڪمت عمليون ۽ گُرَ استعمال ڪنديون آهن. حقيقت ۾ هٿياربند ويڙهه، گھٽ افرادي قوت ۽ هٿيارن جي اڻ هوندي به مظلوم ۽ محڪوم قومن جو وڏو هٿيار رهي آهي. سامراجي قوتن خلاف هٿياربند ويڙهه جي حڪمت عملين ۽ گُرن جو بنيادي مقصد گھٽ متحرڪ قوت جو استعمال ڪري دشمن کي گھڻو نقصان پهچائڻ ۽ ملڪ نيڪالي ڏيڻ هوندو آهي. هٿياربند ويڙهه ۾ ڌڪ هڻڻ ۽ نڪري وڃڻ Hit and Run جي اصول جو استعمال ڪيو ويندو آهي. جنهن جو مقصد دشمن کي نقصان پهچائڻ ۽ پنهنجو بچاءُ ڪرڻ هوندو آهي. بنيادي طور هي اصول قديم دور ۾ ڪمزور فوجون طاقتور فوجن خلاف ڪنديون رهيون آهن. حڪمت عملي جو واسطو ڪمانڊر جي تخليقي صلاحيتن، رٿابندي ۽ سپهه سالاري Art of Generalship فوج ۽ ويڙهاڪن جي تربيت سان هوندو آهي. جڏهن ته گُرن Tactics جو واسطو جنگ جي ميدان ۾ فوجي سگھه ۽ هٿيار جو استعمال هوندو آهي.

Guerrila Organization

هٿيار بند تنظيم

هٿيار بند ويڙهه وڙهڻ لاءِ هٿياربند تنظيم جو هجڻ لازمي هوندو آهي. هٿيار بند تنظيم جو مقصد عوام ۾ مزاحمتي سگھ پيدا ڪرڻ هوندو آهي. گوريلا تنظيم ننڍن يونٽن ۽ اسڪاڊ تي ٻڌل هوندي آهي جنهن ۾ 1 کان 9 تائين ويڙهاڪ هوندا آهن. حالتن ۽ افرادي قوت جي حساب سان اهو تعداد وڌيڪ به ٿي سگھي ٿو. ان کان علاوه علائقائي ڪمانڊر، ڊويزنل ڪمانڊر ۽ ان جي هاءِ ڪمانڊ گوريلا تنظيم جي جوڙجڪ جو حصو هوندا آهن. ذميواريون بهتر طريقي سان نڀائڻ لاءِ گوريلا تنظيم ۾ شعبا پڻ جوڙيا ويندا آهن. هٿياربند تنظيم جو نظم و ضبط Discipline انتهائي سخت هوندو آهي.

Stages of National Liberation War

قومي آزادي جي ويڙهه جا ڏاڪا.

انقلابن ۽ سماجي تبديلين جي تاريخ تي نظر وجھبي ته معلوم ٿيندو ته دنيا ۾ ڪيتريون ئي سياسي، سماجي ۽ انقلابي تحريڪون اڀريون آهن جن تاريخ جي مخصوص دورن ۾ سماجن اندر اهم سياسي ۽ سماجي تبديليون آنديون آهن، انهن سماجي تبديلين مان ڪيتريون ڪامياب ٿيون آهن ۽ ڪجھ وري مختلف سبب جي ڪري ناڪام ٿيون آهن ڪابه تحريڪ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تائين جدوجھد جي مختلف دورن ۽ ڏاڪن مان گذرندي آهي. انقلابي اڳواڻ مائوزيتنگ موجب انقلابي تحريڪ جدوجهد جي ٽن دورن مان گذرندي آهي، مخصوص حالتن موجب اها وڌيڪ دورن مان به گذري سگھي ٿي. تحريڪ جا دور هي آهن:
پهريون دور First Stage

پهريون دور بنيادي طور قومي آزادي جي تحريڪ جي جنم ۽ اڀرڻ جو دور هوندو آهي، هن دور ۾ تحريڪ ۽ تنظيم منظم ٿيندي آهي ۽ عوامي تحريڪ ۽ اڀار جي صورت اختيار ڪندي آهي. هن شروعاتي دور ۾ قومي مسئلن کي سمجھڻ، رٿابندي ڪرڻ، تنظيم سازي ڪرڻ، ڪارڪنن جي تربيت، پروپيگنڊا ڪرڻ لاءِ مظاهرا ۽ احتجاج ڪرڻ اهم هوندا آهن. هن دور ۾ تنظيم دشمنن خلاف حڪمت عمليون ۽ جدوجھد جي رٿابندي ۽ تحريڪ کي ڊگھي عرصي تائين هلائڻ لاءِ انتظام ۽ بندوبست ڪندي آهي، هن ئي دور ۾ صحيح قدم کڻڻ ۽ درست حڪمت عملين، اڳواڻن جي ڏاهپ جي ڪري تحريڪ طاقتور ۽ سگھاري ٿيڻ شروع ٿيندي آهي.
ٻيو دور Second Stage

پهرين دور کان پوءِ جڏهن قومي آزادي جي تحريڪ ٻئي دور ۾ داخل ٿيندي آهي ته ان ۾ ايتري قوت پيدا ٿي ويندي آهي جو اها سامراج مخالف عمل ڪرڻ ۽ اڳرائي Agressive جي قابل ٿي ويندي آهي، هن دور ۾ تحريڪ هٿيار بند ويڙهه Guerrilla Warfare جي حڪمت عملي ۽ گُر Tactics استعمال ڪندي دشمن تي ذهني ۽ نفسياتي دٻاءَ وجھندي آهي، جنهن سان دشمنن جي جرئت ۽ سوچڻ جي صلاحيت تي ضرب لڳندي آهي. حقيقت اها آهي ته هي دور ئي هٿياربند ويڙهه جو متحرڪ، سرگرم ۽ اهم دور هوندو آهي. هن دور ۾ دشمنن جي اهم آمدرفت جي ذريعن، رسد، ٺڪاڻن، اهم عملدارن ۽ ڪارندن کي نشانو بڻايو ويندو آهي. جنهن سان دشمن جو معاشي نقصان ٿيندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ رياست جو عوام مٿان ضابطو ۽ خوف ختم ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. ٻئي دور ۾ عوامي طاقت قومي آزادي جي تحريڪ لاءِ ڀرجھلو ٿيندي آهي.
ٽيون دور Third Stage

هي دور ڪنهن به انقلابي ۽ آزادي پسند تحريڪ لاءِ اهم ۽ فيصلا ڪن دور هوندو آهي. ڪنهن به تحريڪ جي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جو دور هوندو آهي. اهو تنظيم جي حڪمت عملي، رٿابندي تي دارومدار رکندو آهي ته اها هن دور ۾ ڪاميابي ۽ دشمنن کي شڪست ڏيڻ لاءِ اثرائتا ۽ سگھارا قدم کڻندي آهي. هن دور ۾ هٿياربند تنظيم کي گھرجي ته دشمن کي گھڻو معاشي، سياسي ۽ فوجي نقصان پهچائي ته جيئن دشمن علائقو خالي ڪرڻ تي مجبور ٿئي.
محرڪ قوتون Serving Forces

قومي آزادي جي جدوجهد ۾ مظلوم، محڪوم ۽ غلام قوم جو پيڙهيل عوام پنهنجي سياسي شعور جي آڌار تي ڀرپور ڪردار ادا ڪندو آهي، قوم جا سمورا طبقا جيڪي قومي غلامي جو شڪار هوندا آهن، غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ قومي آزادي جي ويڙهه ۾ متحرڪ ۽ سرگرم ڪردار ادا ڪندا آهن. هاري مزدور، محبِ وطن، سرمائيدار وچولو طبقو ۽ هيٺيون وچولو طبقو قومي آزادي جي ويڙهه جا حمائتي ۽ ساٿاري هوندا آهن. انهن طبقن جا ڪجھ فرد اهڙا هوندا آهن جيڪي سامراجين جا ساٿاري ۽ ڏيهي دلال جو ڪردار ادا ڪندا آهن.

“جي سين”

Goal of National Liberation

قومي آزادي جو مقصد

مجموعي طور قومي آزادي جي ويڙهه قومي آزادي جي تحريڪ جي اوچي شڪل آهي، جيڪا تحريڪ دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم قومن کي ڌارين سامراج جي Oppression خلاف سياسي ۽ معاشي آزادي جي لاءِ وڙهي هئي. قومي آزادي جو بنيادي مقصد ٻاهرين سامراج جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ نظرياتي تسلط ۽ قبضي کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست جو قيام هوندو آهي.

ڪنهن به سماجي ۽ قومي آزادي جي انقلاب لاءِ سياسي طاقت حاصل ڪرڻ اهم مسئلو هوندو آهي. قومي آزادي جي انقلابن کان پوءِ اختيار ڌاري سامراج کان قومي محبِ وطن ۽ جمهوري قوتن ڏانهن منتقل ٿي ويندا آهن.

قومي آزادي جي انقلاب جي خصوصيت ۽ Tasks ان جون متحرڪ قوتون Motive Forces طئي ڪنديون آهن. قومي آزادي جي ويڙهه جون محرڪ قوتون هاري، مزدور، پيٽي بورجوازي، عوام ۽ فوجي داستا رهندا آهن. قوم جا سمورا طبقا ۽ سماجي گروهه سامراج جا حمائتي ڏيهي دلال، جاگيردارن، سرمائيدارن کان علاوه قومي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ دلچسپي وٺندا آهن. قومي آزادي جي جدوجھد دوران قومن جون سياسي ۽ معاشي حالتون ۽ سطحون مختلف رهيون آهن، تنهن ڪري مزدور تنظيمون ۽ سياسي شعور جي سطح مختلف ۽ غيرهموار رهيون آهي. تنهنڪري انهن جو انقلاب ۾ ڪردار به مختلف رهيو آهي. ڪٿي مزدور طبقو گھڻائي ۾ رهيو آهي جنهن ڪري ان انقلابي فڪر ۽ جدوجھد جي سرواڻي ڪئي، پر جتي اهو ڪمزور، غير اهم، منتشر، گھٽ تعداد، غير منظم رهيو آهي جنهن ڪري اتي انقلابن ۾ ان جو ڪردار فيصلا ڪن نه رهيو آهي.
هاري ڪيترن انقلابن ۾ اهم ۽ فيصلا ڪن ڪردار ادا ڪيو آهي. جتي انهن جو تعداد گھڻو آهي. بيٺڪي نظام ۾ هاري جاگيردارن ۽ ڌاري سامراج جي ٻٽي استحصال ۽ ڦرلٽ جو شڪار رهيو آهي.
ڏيهي دلال سرمائيدار جيڪو سامراج جو ساٿاري هوندو آهي، حقيقت ۾ قومي آزادي جي لاءِ ويڙهه ۾ انهن سامراجن جو سڌوسنئون حمائتي ۽ ساٿاري هوندو آهي. محبِ وطن سرمائيدار، ڌاري ۽ ڏيهي دلال سرمائيدار جي ابتڙ قومي آزادي جي جدوجھد جو ساٿاري ۽ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.
آزادي جي ويڙهه ۾ محبِ وطن دانشور، اديب پڻ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، (خاص پيٽي بوزواجي) وچولو طبقو، ڪاريگر، هنرمند ۽ ننڍا واپاري پڻ آزادي جي جدوجھد ۾ سرگرم ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪندا آهن.
20 صدي ۾ قومي آزادي جا انقلاب هڪ نئين سماجي قوت ٿي اڀريا. اهي انقلاب سڄي دنيا ۾ سامراج جي ٺاهيل ڦرلٽ جي استحصالي نظام کي ٽوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

Saturday, 8 October 2011

An appeal to united nations and international community to help my flood effected (sindhi) nation.


An appeal to united nations and international community to help my flood effected (sindhi) nation.
I also appeal to political leadership and Government of United States of America, British , Germany, France , India , Isreal,Afghanistan,Russia,African countries and all countries of European Union Arab world to immediately help of flood effected my ( Sindhi ) nation.

اسان ھن اشتھار جي ذريعي سموري دنيا جي مھذب، جمھوري ۽ سيڪيولر ملڪن جي حڪومتن، عوام،دانشورن کي آگاھ  ڪرڻ چاھيون ٿا ته اسان جي سنڌي قوم (Indus civllization) جي خالق آھي ۽ ھزارن سالن کان اسان سنڌي انساني ماڻھپي ، رواداريءَ،ڀائيچاري،سيڪيولر روايتن ۽ ڪلچر جي امين ۽ وارث قوم رھيا آھيون . موھن جي دڙي جي عمارتي آثارن ، ناچڻيءَ جي مورتي ، شو مھراج جي مورت ، ڏاند گاڏيءَ ۽ ڪڻڪ جي وسيع گدامن جي ملڻ مان صاف ظاھر آھي ته سنڌي قوم خوشحال،واپاري ، مھذب ، باشعور ۽ قومن جي درميان بقاءِ باھميءَ واري اصول کي مڃيندڙ قوم رھي آھي.پر افسوس جو اسان جي قوم کي جيڪا انساني سڀيتا،تھذيب ، ڪلچر جي شاندار اثاثن جي مالڪ قوم آھي، جنھن تاريخ ۾ ڪڏھن به ڪنھن جي خلاف اڳرائي ، جارحيت ۽ جنگ ناھي ڪئي. منھنجي ان سيڪيولر ۽ مھذب قوم کي ھن مذھبي رياست ۾ قيد ۽ غلام بنايو ويو آھي. جنھن رياست جو نظرياتي بنياد مذھبي فرسودا قوميت تي رکيل آھي. جنھن رياست جي ادارو آءِ ايس آءِ سموري دنيا ۾ مذھبي فتني ، فساد ، دھشتگردي، رتوڇاڻ، جنونيت ۽ نام نھاد جھاد جي نالي ۾ جھالت ۽ انساني ڪوس ، بربريت کي منظم ڪندي عالمي امن،سلامتي ، استحڪام خلاف مسلسل جارحيت ۽ سازشون ڪندو رھي ٿو. سموري دنيا جي مھذب ماڻھن کي چڱيءَ ريت خبر آڳي ته ھن رياست جا خفيه ادارا مذھبي انتھا پسند گروپن جي مدد ڪري رھيا آھن. جيئن ته اسين سنڌي ھڪ سيڪيولر مھذب قوم رھيا آھيون ان ڪري پنجابي سامراج ان جي ايجنسي آءِ ايس آءِ اسان جي قوم کي مذھب جي نالي تي غلام بنائي اسان جي قدرتي معدني وسيلن تيل،گيس،ڪوئلي،سمنڊ.درياءِ ۽ وطن تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي سنڌي ۽ بلوچ سياسي ۽ قومي ڪارڪنن کي روز روز آءِ ايس آءِ جي ڪارندن ھٿان  اغوا ڪري چيچلائي ماريو ، ساڙيو قيد ڪري مٿن غير انساني وحشت ۽ بربريت ڀريو تشدد ڪيو ٿو وڃي. اڄ جڏھن منھنجي سنڌي قوم رياستي بي ڌياني مجرماڻي غفلت ، ڪرپٽ حڪمرانن جي نااھلي نالائقيءَ سبب ٻوڏ جي تباھ ڪارين جي ڪري بي يارو مدد گار کليل آسمان ھيٺ زندگيءَ ۽ موت جي ٻه واٽي تي مھذب دنيا جي انساني مدد لاءِِ واجھائي رھي آھي ان صورتحال ۾ مان سنڌي قوم جي ھڪ سياسي فرزند جي حيثيت ۾ سموري دنيا کي کليل اپيل ٿو ڪريان ته اڳتي وڌي منھنجي قوم کي ٻوڏ جي تباھيءَ ، بک ، بيمارين ۽ بي وسيءَ جي مت کان بچايو. منھنجي قوم جون نياڻيون، معصوم ٻار،پيرسن بزرگ حاملا عورتون موت جي منھن ۾ آھن ھيءَ بنياد پرست رياست اسان جي غلامي ، ذلت ، بدحاليءَ جي ذميوار آھي اسان کي ان ۾ ڪا به اميد ۽ آسرو نه آڳي ان ڪري دنيا جي سمورن مھذب ملڪن ، حڪومتن عوام ۽ دانشورن عالمي ادارن کي اپيل ٿو ڪريان ته منھنجي قوم جي ھن ڏکيءَ گھڙيءَ ۾ سڌي ريت مدد ڪيو ـ

شفيع محمد برفت چيئرمين جسمم