Thursday, 12 January 2012

Peace for World.! – G.M Syed امن دنيا لاءِ: سائين جي ايم سيد

Peace for World.! – G.M Syed
 امن دنيا لاءِ: سائين جي ايم سيد

(سن 1952ع ۾ ويانا ۾ عالمي امن ڪانفرنس ٿي هئي. جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جي سربراهيءَ ۾ پاڪستاني وفد پڻ شريڪ ٿيو هو. هيٺ ڏنل تقرير پاڻ اتي وفد جي اڳواڻ واري حيثيت ۾ ڪئي هئائون.)

جناب چيئرمين ۽ اجلاس ۾ شريڪ ساٿيو!

پاڪستان کان آيل هڪ عيوضي جنهن جي حيثيت ۾ توهان سان مخاطب ٿيندي آءُ تمام گھڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن جي عمر پنج سال مس آهي انڪري آئون ڪوشش ڪندس ته توهان کي ان جي باري ۾ ڪجھه ٻڌايان.
14آگسٽ 1947 کان اڳ پاڪستان برصغير جو هڪ حصو هو ۽ ممڪن آهي توهان منجهان ڪيترن کي ان جي قيام جي سببن ۽ تاريخ جي باري ۾ ڪافي ڄاڻ نه هجي. ان امڪان جي مد نظر آئون ضروري ٿو سمجھان ته ان نئين مالڪ بابت ڪجهه حقيقتون توهان جي آڏو رکان. برصغير هند ۾ ٻه تمام وڏا مذهبي گروهه رهندا هئا، هڪڙو هندو ۽ ٻيو مسلمان. هندستان ۾ انگريز راڄ قائم ٿيڻ کان اڳ ۾ ان جي اڪثر علائقن تي مسلمان حڪومت ڪندا هئا. انگريزن پنهنجي سامراجي پاليسي تحت مسلمانن کي دٻائڻ ۽ هندن کي همٿائڻ شروع ڪيو ۽ هندو، تعليمي، اقتصادي ۽ سياسي طور تي طاقتور ٿيڻ لڳا. طاقت اچڻ سان فطري طور انهن ۾ قومي معاملن تي دسترس حاصل ڪرڻ جو جذبو جاڳڻ شروع ٿيو. (ان وقت) انگريزن پنهنجي پاليسي ۾ فوراً تبديلي آندي ۽ مسلمانن جي سرپرستي ڪرڻ شروع ڪئي. واضع رهي ته مسلمان تعداد جي لحاظ کان هندن جي چوٿين حصي جي برابر هئا. انگريزن جي ان پاليسي جو لازمي نتيجو اهو نڪتو ته ٻنهي گروهن جي وچ ۾ مذهبي تعصب ۽ سياسي اختلافن جنم وٺڻ شروع ڪيو ۽ اها ڪشيدگي ڏينهن به ڏينهن وڌندي رهي تان جو هڪ اهڙو مرحلو آيو جو ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ کان سواءِ ڪو چارو نه رهيو. هڪ حصي يعني پاڪسان ۾ اقتدار مسلمانن جي سڀ کان وڏي جماعت مسلم ليگ کي ڏنو ويو ۽ ٻئي حصي يعني ڀارت ۾ اقتدار انڊين نيشنل ڪانگريس جي حوالي ڪيو ويو.
آگسٽ 1947ع واري ان فيصلي جي وقت اهي توقعات هيون ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سان سمورا مذهبي اختلاف ختم ٿي ويندا ۽ ٻنهي برادرين جا ماڻهو ترقيءَ ۽ باعزت قومي بقا جي راه تي پنهنجو پرامن سفر جاري رکي سگھندا. پر افسوس، اهوئي ورهاڱو فرقيوارانه هنگامن جي باهه ڀڙڪائڻ جو سبب بڻيو ۽ ان سان ٻنهي برادرين لاءِ ڏکن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيو.
خواتين و حضرات! انهن ڏکن جو اندازو انهن حقيقت منجھان لڳائي ٿا سگھو ته تاريخ جي سڀ کان وڏي حيرت انگيز هجرت دوران اٽڪل ڏهه لک ماڻهن کي نهايت بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن کي پنهنجا صدين جا اباڻا ڪک ڇڏي مختلف علائقن ڏانهن هجرت ڪرڻي پئي. تقريباً اڍائي لک عورتن کي اغوا ڪيو ويو. ڪروڙن رپين جون ملڪيتون لٽيون ويون يا تباهه ڪيون ويون يا (مالڪن کي) ڇڏڻيون پيون. ڪيترن ماڻهن کي اها اميد هئي ته اهڙي زبردست تباهي کان پوءِ ماڻهون ڪجهه سبق حاصل ڪندا ۽ امن ۽ گڏيل ترقي لاءِ ڪوششون ڪندا. پر مون کي نهايت ڏک سان اهو تسليم ڪرڻو ٿو پوي ته قومي زندگي ۾ ڪنهن به قسم جي ترقي ڪرڻ جي بجاءِ اسان ٻنهي ملڪن جا ماڻهو اڃان تائين جھيڙن ۾ ڦاٿا پيا آهيون. اهو امن جنهن لاءِ اسان منجھان گھڻين کي آس هئي سو اڃان تائين حاصل نه ٿي سگھيو آهي. اهڙا ڪيترائي مسئلا جيڪي اصل ۾ سمورن اختلافن ۽ دشمنين جو سبب آهن انهن جو اڃان تائين معقول حل نه ٿي سگھيو آهي. مهاجرن جي بحالي، آبادڪاري، درياهي پاڻي جو مسئلو، ڇڏي ويلن جي ملڪيت جو نيڪال، مواصلات جي پر امن ۽ عام رواجي بحالي ۽ واپار جھڙا مسئلا اڃان تائين حل نه ٿي سگهيا آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ ڏکيو ۽ منجھيل ڪشمير جو مسئلو آهي جنهن ۾ خطرو آهي ته ٻئي پاڙيسري ملڪ هڪ تباهه ڪن جنگ ۾ ڦاسي سگھن ٿا. انهن مسئلن جي موجودگي ٻنهي حڪومتن جي عقل تي پردو وجھي ڇڏيو آهي ۽ اهي چرين وانگر پنهنجا پنهنجا قومي خزانا دفاع جهڙي اجائي ڪم تي وڃائي رهيا آهن. نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن اختلافن سبب ئي ملڪ سامراجي طاقتن جي منصوبن جو شڪار بڻجي رهيا آهن جيڪي ٻين ملڪن جي تڪليفن مان فائدو وٺڻ جو ڪو به موقعو هٿان نه وڃائيندا آهن. خير جناب چيئرمين ايترو چوڻ کان پوءِ آئون هتي موجود ٻڌندڙن جي آڏو پنهنجي ملڪ جي ڪجهه حقيقتن بابت وضاحت ڪندس.
پاڪستان ٻن حصن ۾ ورهايل هڪ ملڪ آهي ٻنهي حصن جي وچ ۾ اٽڪل 1500 ميلن جو فاصلو آهي ۽ اهو سڄو سارو فاصلو مملڪت ڀارت ۾ آهي. مشرقي پاڪستان ورهاڱي کان اڳ واري صوبي بنگال جي هڪ حصي ۽ آسام جي ضلعي تي مشتمل آهي. ان ايراضي 53920 چورس ميل ۽ آبادي41930000 آهي. ورهاڱي کان اڳ واري پنجاب جو حصو، سنڌ جو صوبو، صوبو سرحد، بلوچستان ۽ ڪجهه هندستاني رياستون گڏجي مغربي پاڪستان کي ٺاهن ٿا. اسان جي ملڪ ان جي حصي جي پکيڙ 13298 چورس ميل ۽ آبادي 23710000 ماڻهن تي مشتمل آهي. ملڪي آبادي جو 52 سيڪڙو زراعت تي دارومدار رکي ٿو ۽ مٽيءَ ۽ ڪکن جي جھوپڙن ۾ رهي ٿو. 88 سيڪڙو اڻپڙهيل آهن. پاڪستان ۾ 3461870 شاگرد پرائمري اسڪولن ۾ 1014348 سيڪنڊري اسڪولن ۾ ۽ 41028 ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا. اسان وٽ هر پنجاهه هزار ماڻهن لاءِ هڪ ڊاڪٽر اسي هزار ماڻهن لاءِ هڪ نرس آهي. اسان جي 364218 چورس ميل ايراضي لاءِ رڳو ڏهه هزار ميل روڊ ۽ چار هزار ميل ريل آهي. اسان جي ماڻهن جي ماهانه في ڪس آمدني چار رپيا آهي. اسان جي ملڪ ۾ تقريباً هڪ ڪروڙ اهڙا ماڻهو آهن جن جو ڪو به مستقل اَجھو ناهي.
جناب چيئرمين! ورهاڱي وقت انگريزن حڪومت مسلمانن جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي مسلم ليگ کي منتقل ڪئي ۽ اڄ ڏينهن تائين اقتدار انهن وٽ آهي. پنجن سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي پر اڃان تائين اسان جي ملڪ ۾ نه ته آئين ٺهيو آهي نه اسيمبلي لاءِ چونڊون ٿيون آهن. مسلم ليگي حڪمران سمجھن ٿا ته مذهبي عقيدن جي ڪري هڪ قوم آهن ۽ خدا مسلمانن کي دنيا جي اڳواڻي ڪرڻ جو ڪم سونپيو آهي. دنيا ۾ رڳو سرمائيدار ۽ سوشلزم جا ٻه نظريا ڪونهن پر عالمي اهميت رکندڙ هڪ ٽيون نظريو به آهي ۽ اهو آهي اسلامي نطريو، ان ئي ڳالهه کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي قرارداد مقاصد پاس ڪئي جنهن ۾ چيل آهي ته:
”شروعات الله جي نانءَ سان جيڪو مهربان ۽ رحم وارو آهي.“
جيئن ته سموري دنيا تي اختيار الله تعالي جو آهي ۽ اختيار جيڪو هن پاڪستان جي رياست ڏانهن ان جي عوام جي معرفت منتقل ڪيو آهي ته جيئن (اختيار) کي سندس (الله) ٻڌايل حدن اندر استعمال ڪيو وڃي، سو هڪ مقدس امانت آهي. جتي اسلام جي ٻڌايل جمهوريت، آزادي، برابري، رواداري ۽ سماجي انصاف جي اصولن تي سختيءَ سان عمل ڪيو ويندو. جتي مسلمانن کي اهي موقعا فراهم ڪيا ويندا ته اُهي انفرادي ۽ اجتماعي طور تي پنهنجون زندگيون اسلام جي تعليم ۽ گھرجن مطابق بڻائي سگهن جھڙي نموني قرآن شريف ۽ سنت ۾ ٻڌايو ويو آهي. جتي مناسبت بندوبست ڪيو ويندو ته جيئن اقليتن جا ماڻهو آزادانه نموني پنهنجي پنهنجي مذهبن مطابق عبادت ڪري سگھن ۽ پنهنجي ثقافتن کي ترقي وٺرائي سگھن. جيڪي، علائقا هيئنر پاڪستان ۾ شامل آهن يا ان سان گڏ آهن ۽ اهي پڻ جيڪي آئيندا پاڪستان ۾ شامل ڪيا ويندا يا ان سان گڏبا اُهي گڏجي هڪ اهڙو وفاق ٺاهيندا جنهن ۾ وحدتون خودمختيار هونديون پر سندن اختيارن تي اهڙيون پابنديون هونديون جن جو تعين وقت به وقت ڪيو ويندو. جتي بنيادي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو جن ۾ حيثيت ۽ موقعن جي برابري، سماجي، اقتصادي ۽ سياسي انصاف، قانون ۽ عوامي مفادن جي دائري ۾ رهندي سوچ، اظهار، عقيدي، عبادت ۽ تنظيم سازي جي آزادي هوندي. جتي اقليتن، پوئتي پيل ۽ دٻايل طبقن جي مفادن جي تحفظ لاءِ مناسب گنجائش رکي ويندي.
جتي عدليه جي آزاديءَ کي مڪمل طرح يقيني بڻايو ويندو. جتي وفاق ۾ شامل علائقن جي سالميت، ان جي آزادي ۽ زمين سمنڊ ۽ هوا تي ان جي خودمختياري سميت سمورن علائقن امن، ترقي ۽ انسانيت جي خوشي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگھي.
موجوده وقت ۾ پاڪستان جي قيادت اهڙن ماڻهن تي مشتمل آهي جيڪي انگريزن واري سيڪيولر جمهوريت ۾ يقين رکن ٿا پر جن اصولن جي بنياد تي پاڪستان ٺاهيو ويو ۽ اهي اصول جن مسلمانن جي علحده قوم وارو فيصلو ٻڌل ۽ ان سان گڏوگڏ قرارداد مقاصد جا لفظ ۽ روح انهن سڀني گڏجي لازمي طور مسلم ليگ جي اندر ۽ ان کان ٻاهر ماڻهن جا اهڙا گروهه پيدا ڪيا آهن جيڪي صاحب اقتدار ماڻهن تي اهڙيون پاليسيون اختيار ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن جن جو لازمي نتيجو هڪ بنياد پرست ۽ ڀارت سان جنگ جي صورت ۾ نڪرندو. ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته هن وقت تائين اهي رجعت ٽولا پنهنجن ڪوششن ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيا آهن ۽ صاحب اقتدار انهن جي آڏو جھڪيا ناهن. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته عام عوام جي غربت ۽ نظر انداز ٿيڻ سبب، وڌندڙ بيروزگاريءَ سبب، ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ بدگمانين ۽ اختلافن سبب عوام صورتحال مان خوش ناهي. تمام گھڻا اهڙا ماڻهو آهن جيڪي حڪومت طرفان کينل غيردانشمندانه قدمن کان مايوس آهن. ان ڳالهه جو تمام گھڻو امڪان آهي ته رجعت پسند ۽ نيم مذهبي گروه ان صورتحال کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪن ۽ ٿي سگھي ٿو ته (ان سان) اهي اقتدار ۾ اچي وڃن. ان جو مطلب ٿيندو ته اسان ترقيءَ بجاءِ تنزلي ڏانهن وينداسين . جيڪي ماڻهو مذهب جي نالي مان فائدو وٺن ٿا انهن مان اڪثريت جو خيال آهي ته اسان کي قانون ۽ انصاف جا رومن ۽ انگريز ـ آمريڪي طريقا ترڪ ڪرڻ کپن ۽ انهن جي جاءِ تي قانون جو هڪ پراڻو ۽ مدي خارج سسٽم رائج ڪرڻ گھرجي جنهن مطابق چورن جا هٿ وڍيا ويندا، زانين کي سنگسار ڪيو ويندو ۽ مذهبي معاملن ۾ اختلاف رکندڙن کي قتل ڪيو ويندو. حڪومت جو واڳون نام نهاد الله جي ٻانهن ـ ملن جي هٿن ۾ هونديون ۽ ان کي مذهبي ڪتابن جي تشريح مطابق هلايو ويندو. جمهوريت ۽ راءِ جي آزادي لاءِ ان مذهبي جوڙجڪ ۾ ڪابه جڳهه ڪانه هوندي. مذهب بابت سندن تشريح مطابق اهي اڳ ۾ ئي زمينداري ۽ قومي دولت جا غير مساوي ورهاست ۽ طبقاتي فرق کي جائز ڏئي چڪا آهن. اهي چاهين ٿا ته موجوده سمورين عدالتن کي ختم ڪيو وڃي ۽ خصوصي عدالتن هٿان انصاف مهيا ڪيو وڃي. بئنڪن کي ختم ڪيو ويندو. اسلام تي بالادستي ۽ دنيا جي اڳواڻي حاصل ڪرڻ جي ڪوششش ۾ اُهي جهاد جي ڳالهه ڪندا ۽ مسلمانن جي هڪ هلڪڙي ۽ شاونسٽ قسم معاشري ۾ تبديل ڪيو ويندو. اهي سموريون بين الاقوامي پاليسيون ۽ حڪمت عمليون جي پاڻ اسلام ازم ۽ وچ اوڀر جي ايڪتا کي همٿائي رهيون آهن سي دراصل انهن مذهبي گروهن جي اميدن ۽ خواهشن کي هٿ ڏئي رهيون آهن جيڪي اسان جي قومي زندگي کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. اسان سڀئي ڄاڻون ٿا ته بين الاقوامي سطح تي اهڙيون قوتون به آهن جيڪي مسلمانن ۽ مسلم ملڪن کي ان ايندڙ جنگ ۾ صرف هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪا سندن خيالن ۾ نه رڳو اڻٽر آهي پر سندن سامراجي مقصدن جي ڪاميابي لاءِ شايد ضروري پڻ.
مونکي نهايت ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ملڪ کي پڻ دنيا جي مسلم ليڊرن جي چمڪندڙ واعدن تي هرکايو ٿو وڃي ۽ انهن غير ملڪي طاقتن جو آله ڪار بڻايو پيو وڃي جن کي مسلمان ملڪن ۾ سياسي ۽ اقتصادي غلبو حاصل آهي. جيئن آئون اڳ ۾ چئي آيو آهيان ته اسان جا حڪومتي اڳواڻ اڃان تائين انهن مذهبي گروهن جي آڏو ناهن جھڪيا پر خوف آهي ته پاڻ اسلام ازم جي مطالبن سان ۽ قرارداد مقاصد جي پاس ٿيڻ سان رجعت پسند جي پروپئگنڊا پنهنجا اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ۽ اهي نام نهاد مذهبي گروپ پنهنجي انهن مطالبن ذريعي صاحبِ اقتدار همراهن کي ڊيڄاري ۽ جھڪائي وجھن ۽ کين پنهنجي مقصدن تي هلائڻ لاءِ مجبور ڪري وجھن.
جناب چيئرمين! هن ڪانفرنس جو مقصد دنيا ۾ امن جي قيام کي هٿي ڏيڻ آهي ۽ آئون هن ڪانفرنس جي عيوضين کي عام طور ۽ برطانيه ۽ آمريڪا جي عيوضين کي خاص طور اها ڳالهه چوندس ته مسلمانن ملڪن کي انهن جي نام نهاد مذهبي عقيدن جي بنياد تي گڏ ڪرڻ وارين برطانوي ۽ آمريڪي حڪومتن جون ڪوششون خطرناڪ امڪانن سان ڀريل انهن کي معلوم هجڻ کپي ته طاقتن جي سرپرستي جي ڪري ئي مذهبي تعصب، ڪٽرپڻي ۽ فاشسٽ رحجانن کي هٿي ۽ تقويت ملي رهي آهي ۽ اها ئي سرپرستي آهي جنهن جي ڪري وچ اوڀر جا ملڪ جمهوريت ۽ هڪ منظم سماج جي تصور کان ڏينهن به ڏينهن پري ٿيندا وڃن. مون کي اهو چوندي پڻ تمام گھڻو افسوس ٿو ٿئي ته ڪيترائي مسلمان ملڪ سامراجي طاقتن جي فوجن لاءِ پنهنجي ملڪ جا اڏا وڪڻي رهيا آهن. اسان جي ”قومي حڪومتن“ جي اهڙن معاهدن جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا تنهن جو اندازو ڪرڻ ڪو گھڻو مشڪل ڪونهي. ڌارين طاقتن جي فوجن جي سندن سرزمين تي اچڻ سان اسان جا اهي ملڪ بي وس ٿي ويندا ۽ سندن قومي خودمختياري ختم ٿي ويندي. اسان کي اهو ڏسي تمام گھڻو شرم ٿو محسوس ٿئي ته اسان جي ملڪن جون حڪومتون قومي عزت ۽ وقار جو سودو ڪري رهيون آهن.
بهرحال، خواتين وَ حضرات! انهن سمورن رجحانن جو نتيجو اهو ٿيو آهي ته اسان جا حڪمران ملڪ ۾ آئيني حدن اندر مخالفت جي به اجازت نٿا ڏين. اهڙن خيالن ۽ جذبن جي اظهار جي پاداش ۾ ماڻهن کي جيلن حوالي ڪيو ٿو وڃي جيڪي حڪمرانن جي (خيالن جا) مخالف آهن ۽ جيڪي نام نهاد مذهبي گروهن جي ناراضگي جو سبب بڻجي سگھن ٿا. ان ڏس ۾ سڀ کان اهم مثال صوبي سرحد مان عبدالغفار خان ۽ بلوچستان مان عبدالصمد خان اچڪزئي جا آهن جيڪي پنجن سالن کان بغير ڪنهن ڪيس جي جيل ۾ سڙي رهيا آهن.
جناب چيئرمين ۽ شريڪ ساٿيو! آءُ توهان کي ياد ڏيارڻ چاهيندس ته اهي ئي ماڻهو آهن جن سالن تائين انگريزن سامراج سان ٽڪر کاڌو ۽ آزاديءَ جي جنگ ۾ اهي صفِ اول جا رهنما هئا.. ۽ ڌارين حڪمرانن جي هٿان هنن کي ڪيڏيون نه مصيبتون برداشت ڪرڻيون پيون!!
اسان جو ملڪ پنهنجي زندگي جي ڏکي دور مان گذري رهيو آهي ۽ اسان کي دنيا جي امن پسند قومن جي همدردي ۽ مدد جي ضرورت آهي. آئون هن ڪانفرنس ۾ شريڪ سڀني عيوضين کي گذارش ڪندس ته مذهب جي نالي ۾ گڏ ٿيندڙ اونداهه جي طاقتن خلاف مهاڏو اٽڪائڻ ۾ اسان جي مدد ڪن.
خواتين وَ حضرات! امن جو ڪاميابيون جنگ جي ڪاميابين کان ڪنهن به طرح گھٽ ناهن. هيءَ امن ڪانفرنس دنيا جي قومن جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگِ ميل آهي. آئون پنهنجي ملڪ جي امن پسند ماڻهن پاران تعاون جو يقين ڏياران ٿو.

امن زنده باد

شاھ عبداللطيف رح ئي سنڌين جو قومي شاعر آھي، نه اقبال يا ڪو ٻيو !ـ ليکڪ : محترم عبدالواحد آريسر ڪتاب : سائين جي ايم سيد


شاھ عبداللطيف رح ئي سنڌين جو قومي شاعر آھي، نه اقبال يا ڪو ٻيو!ـ

اڄ سنڌي ادب ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائي رح جي شاعريءَ جي حيثيت وطن دوستي ۽ قوم پرستيءَ جي لافاني نغمي جي آھي ، لطيف اڄ جي دور ۾ سنڌ جي وطن دوست تحريڪ جي علامت ۽ سنڌي ٻولي جو سرواڻ بنيل آھي. سندس شخصيت کي انسان دوست، عظيم انقلابي جو رتبو حاصل ٿي چڪو آھي. ھن وقت سنڌ اندر لطيف کي جنھن نموني سڃاتو ۽ پڙھيو وڃي ٿو سو نمونو اڄ کان ٽيھ ورھيه اڳ ۾ موجود ڪونه ھو ۽ نه وري سنڌ ۾ لطيف کي وطن دوست ، انسانيت پرست، امن جو پيغمبر ۽ عظيم انقلابي جي روپ ۾ ڏٺو ويندو ھو. لطيف . ھندو خواھ مسلمان مفڪرن جي نظر ۾ ھڪ شاعر ھو، جنھن شاعريءَ کي محض روحاني رازن ۽ رمزن بيان ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيو ويندو ھو. عمر جي ڪوٽ مان مراد جسم ، ملير مان مطلب عالم آخرت ، ۽ تارئي مان مقصد روح ھو. اھڙي طرح لطيف جي تشريح شاھ جي رسالي شايع ٿيڻ کان وٺي  اڄ کان پندرھن ويھه سال اڳ تائين جاري رھندي پئي آئي. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ اردو زبان جي واھپي ۽ ڊاڪٽر اقبال جي شاعريءَ جي پروپيگنڊا ، پوري ملڪ ۾ اصلي زبانن جي شاعري ذري گھٽ ماڻھن کان وسارائي ڇڏي، اردو فلمن جي گانن ، گيتن ۽ منظر نگارين مقامي سادي سودي عوام کي اردو جو مفتون بنائي ڇڏيو، جنھن وقت ڏسو مقامي ماڻھن جا جوانڙا روڊ ، رستي ، ھوٽل، گاڏي، ٽيشڻ، اسڪول ، ڪاليج ، يونيورسٽي مطلب ته ھر جڳھه تي وات ۾ پان چپن تي اردو گانو ڳائي مست پيا ٿيندا ھئا، خطن ۾ اردو عشقيه شعر،  ڪتاب جي شروع ۾ اردو بيت، تقريرن ۾ اقبان جو شاھين. ڌم ڌمان لڳي پئي ھوندي ھئي. گھرن ۾ باجي ، آپا ، اَمي ۽ ابوُ جو چوٻول ٻڌڻ ڪا حيرت جي ڳالھه ڪانه ھئي. انھيءَ وايو منڊل ۾ ھندو توڙي مسلمان مفڪرن ۽ اديبن مان ( جي ايم سيد ) پھريون ماڻھو ھو، جنھن لطيف جي شخصيت ، شاعري ، فن، پيغام ۽ فڪر تي انقلابي انداز ۾ قلم کنيو ۽ سنڌ جي وطن دوست تحريڪ جا سرچشما لطيف جي شاعريءَ مان ظاھر ڪيا !
” پيغامِ لطيف “ سنڌي زبان ۾ اھو پھريون انقلابي ۽ لافاني ڪتاب آھي ، جنھن جي ذريعي ھند ۽ سنڌ جي سنڌين سامھون لطيف ، عظيم انقلابي ۽ انساني دوستي جو پيغمبر بنجي آيو.
    لطيف صرف مونن ۾ منھن وجھڻ وارو صوفي ناھي.، پر سنڌي عوام جو فڪري ۽ ذھني رھبر آھي ، جنھن کي سنڌ جي مارن ۽ ڌنارن، جھانگين ۽ سانگين ، پنھوارن ۽ ڏوٿين ويڙھيچن ۽ کاھوڙين ، گاروڙين ۽ کٿيرن سان بي پناھ محبت آھي. لطيف کي سنڌ جي پھاڙين ، پيچرن ، ٻنين ٻارن، ڀٽين، جھنگلن ، موسمن ، ڪرڙن، ڪنڊين ، لين لاڻن ، ڏٿن ڏونرن ، ڳنڍيرين ۽ ڳاڱين سان بي انتھا پيار آھي. ھن جي اکين  ۾ وطن جي عزيز جي محبت جي جيڪا اُڃ ھئي تنھن کي اجھائڻ لاءِ ھن پوري سنڌ جو پيادل سفر ڪيو ۽ سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافت جي ننڍي کان ننڍي نشانيءَ کي پنھن جي لافاني شعر ۾ ھميشه لاءِ نقش ڪري ڇڏيو.
    لطيف جڏھن سنڌي ماڻھن جي خوراڪ ، ڏٿ ۽ ڏونرا بيان ڪري ٿو. ان وقت حقيقت ۾ ھو سنڌي عوام جي اقتصادي تباھي ۽ بربادي بيان ڪري رھيو آھي . جيڪا غير ملڪي حاڪمن ۽ فاتحن جي اچڻ ، لٽ مار ڪرڻ ۽ بربريت جي راڄ قائم ڪرڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿي ھئي. سنڌ جا سرسبز علائقا ڇڏي سنڌي ماڻھن بيابان ۽ ويرانيون انھيءَ ڪري وسايون جو ھنن کي حاڪمن جي ظلم ءُ جبر پنھنجا وسندڙ ماڳ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو . انھن حالتن ۾ ھو اُھي پراڻا ماڳ ۽ ميدان ، پڊ ۽ پوٺا ڏسي درد ڀرئي لھجي ۾ چئي ٿو ڏئي ته :

ھو ڀنگا ، ھو ڀيڻيون ، ھو مارن جا مڪان
سي سڀ ساري سومرا قھري لڳم ڪان.

    لطيف اھڙو شاعر نه ھو ، جنھن روحاني رازن ۽ رمزن بيان ڪرڻ لاءِ شاعريءَ جو سھارو ورتو، پر ھو ھڪ قومي مفڪر ۽ سنڌ جي ماضيءَ جي تاريخ جو رازدان ھو. جنھن کي خبر ھئي ته ڪھڙي طرح سنڌي جوانن کي سنگھرن ۾ جڪڙي ، ايران جي بازارن ۾ جلادن جي تلوار جو کاڄ بنجڻ لاءِ اڇلايو ويندو ھو. ھن کي خبر ھئي ته ڪھڙي ريت گلاب جي پنکڙين جھڙن جسمن وارين، سج ۽ چنڊ کان سھڻين ۽ ڪومل سنڌياڻين کي گھوڙن جي پڇن ۾ ٻڌي بغداد ۽ بصري جي گھٽين ۾ نيلام ڪيو ويندو ھو.
ھن کي ڄاڻ ھئي ته ڪيئن شام ويلي اروڙ اندر دريا جي ڪپ تي ٻرندڙ ڏيئا آخري ڀڙڪو کائي وسامي ويا.
ھن کي سڌ ھئي ته ڪھڙي نموني گاھي ماھي سنڌ جي سون ورنين شامن ۾ سنڌ جي فضا انساني رت ۽ فاتحن جي گھوڙن جي پيشاب سان ڀرجي رھي ھئي. ھن کي پتو ھو ته ڪھڙي ريت دريا خان ٺٽي جي چپن تي آخري مرڪ برقرار رکڻ لاءِ پنھنجي مقدس لھُو جو نذرانو ڏنو.
لطيف کان ھي ڳالھ به ڳجھي ڪانه ھئي ته ڪھڙي ريت مغل سامراج سنڌ جي معصوم عوام جي سِسِين جو جو لابارو ڪندو رھيو آھي.
ھن کي اھو به پتو ھو ته ھڪ ٻئي پٺيان ڪيئن نه سنڌ جي عوام جي ڳچين ۾ غلامي جا ڳٽ پوندا رھيا آھن ۽ انھيءَ سڀ سان گڏوگڏ کيس سنڌ جي عوام جي تاريخي جدوجھد ۽ قرباني ، ويڙھه ۽  جنگ ، وطن جي ويرين سان نفرت ۽ ڪروڌ ۽ حاڪم جي حڪمن کان بغاوت ۽ سرڪشي جو پورو پورو علم ھو.
لطيف عوام کي  غلاميءَ مان ھميشه ھميشه نڪرڻ،  آجو ٿيڻ، آزدي ماڻڻ ، خوشحالي ۽ خوشي سان ھمڪنار ٿيڻ لاءِ ڪجھه متا ۽ اصول ڏنا.

(1) 
وطن ۽ ان جي ھر شيءَ سان بي پناھ محبت سان گڏ ضمير جي خريداريءَ لاءِ ڌارين حاڪمن ۽ آقائن طرفان آڇيل ھر شي کان نفرت ۽ انڪار .
اھو متو سُرمارئي ۾ پيش ڪيل آھي.

(2)
زبردستي مڙھيل نظام ، نظرئي ، قانون ۽ حڪومت کان بغاوت ، سرڪشي ۽ انڪار ڪري پنھنجي مرضيءَ جي نظام جي
حاصلات لاءِ جاکوڙ.
سھڻي واري سُر جو اھو ئي خلاصو آھي.

(3)
مقصد ۽ مراد سان بي پناھه عشق ۽ ان جي حصول لاءِ ھر ممڪن طريقو اختيار ڪرڻ . پوءِ کڻي ان لاءِ اڪيلو ئي ميدان زندگيءَ ۾ جدوجھد ۽ عمل جو ٻج ڇو نه ڇٽڻو پوي.
” سکن واري سڌ متان ڪو مون سان ڪري،
اندر جنين اڌ ڏونگر سي ئي ڏورينديون.“

اھو سُر سسئي جو بنيادي مقصد آھي. آخر فتح انصاف  ۽ آزادي جي ٿيندي.

(4)
دشمن جي وحشيانه ظلم ، تشدد ، قتل ۽ خونريزيءَ کان ڊڄي ويھڻ جي بجاءِ ان کي دليري ۽ دانائي سان ختم ڪرڻ لاءِ جدوجھد جاري رکجي.
سُر گھاتو ۾ مورڙي جو مثال انھيءَ اصول کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو اٿس.

(5)
مقصد جي حصول لاءِ عيش ، آرام ۽ زندگيءَ کي تياڳي بي مثال ايثار جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي.
مومل جو ڪردار ايثار جي علامت ڪري استعمال ڪيل آھي.

6.حق ۽ صداقت ، آزاديءَ ۽ انصاف جي واٽ ۾ پنھنجي قوم ۽  عوام کي ھم خيال بنائڻ تمام ضروري آھي ۽ انھن جو ئي سھڪار ، ڦورن ، ڌاڙيلن ۽ لٽيرن کي ختم ڪرڻ لاءِ موءثر ھٿيار آھي. پر عوام کي تيار ڪرڻ دعوت ڏيڻ ۽ انھن کي آزاديءَ جي واٽ تي ھلڻ جو ڏس ڏيڻ سان گڏ انھيءَ راھ جي ڏکيائين ۽ مشڪلاتن کان واقت ڪرڻ ضروري آھي، ڇو ته قرباني کانسواءِ ڪابه آزادي حاصل ٿيڻ واري نه آھي.
” سوري سڏ ٿيو ، ڪا ھلندي جيڏيون،
وڃڻ تن پيو ، نالو نينھن ڳنھن جي.“
آزادي لاءِ دعوت ۽ انھيءَ جي مشڪلاتن جي نشاني دھي واري اصول سان پورو سُر ڪلياڻ ڀريو پيو آھي.

(7)
قومي ڇوٽڪاري ۽ آزاديءَ  جو لازوال مقصد ،عوام جي شاندار ۽ مضبوط ٻڌي ، اتحاد ، اتفاق سان ئي حاصل ٿي سگھي ٿو. عوامي اتحاد ۽ قومي ٻڌي ئي اھا باھه آھي جيڪا غلامي جا زنجير پگھاري سگھي ٿي. فرزندان ڌرتيءَ جو اتفاق ئي اھو گولو آھي جيڪو ڏاڍ ۽ ڏمر جي قلعي ۽ ڪوٽ کي جھوري ۽ ڀوري سگھي ٿو.
ڪنھن قوم جي بي مثال وحدت ئي آھي جيڪا غيرقومي حاڪمن کي آڻ مڃڻ يا ڪُتي جو موت مرڻ تي مجبور ڪري ۽ جابر جي جياپي جي ڏينھن کي ختم ڪري سگھي ٿي.

سُر ڏھر ۾ اھو اصول بيان ڪيل آھي.

” وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن ماڻھو نئا ميٺ گھڻو.“

(8)
شاھ صاحب مذھب جي آڌار تي انساني فرقي بازي خلاف آھي. شاھ صاحب جي وحدت الوجودي ھجڻ جو اھوئي مطلب آھي.

انھن سڀني اصولن جي مدِنظر شاھ لطيف رح ئي سنڌين جو قومي شاعر آھي، نه اقبال يا ڪو ٻيو !ـ

ليکڪ : محترم عبدالواحد آريسر
ڪتاب : سائين جي ايم سيد
پيج نمبر:  56 کان 61 تائين

شاھ صاحب جو سنڌين لاءِ سنيھو (ڪتاب: پيغامِ لطيف) ليکڪ: سائين جي ايم سيد

شاھ صاحب جو سنڌين لاءِ سنيھو

ھن کان اڳ به ھڪ ٻن جڳھن تي ھن ڪتاب ۾ مون لکيو آھي ته آءُ شاھ صاحب جي ڪلام جو سياسي مفھوم سمجھائڻ جي ڪوشش لاءِ ھي ڪتاب لکي رھيو آھيان، تنھن ڪري سندس سنڌين لاءِ سنيھي جو به سياسي پھلو بيان ڪندس ـ
شاھ صاحب جي ڪلام کي ، ھن وقت تائين گھڻو ڪري تصوف جي روشنيءَ ۾ پئي ڏٺو ويو آھي ، ليڪن ان جي ڪلام کي ھر پھلو کان ڏسي سگھجي ٿو.
منھنجي سمجھه موجب ، شاھ صاحب جي ڪلام ۾ ، سنڌين لاءِ ڪي خاص پيغام ۽ سنيھا ڏنل آھن ، جي انھن جي پوري کوجنا ڪبي ته ، اھي اڄڪلھه جي گھڻن سياسي مسئلن جي حل لاءِ ، سنڌين جي رھبري ڪري سگھندا .
شاھ صاحب جي ڪلام مان جي پيغام نڪري سگھن ٿا ، تن مان مکيه ھيٺيان آھن ..

(1) حب الوطني :

شاھ صاحب جي ڪلام ۾ حب الوطني کي خاص جڳھه ڏنل آھي ، ھن جي ڪلام جو نچوڙ اھو آھي ته سڄڻ ( ديسي) ساڻيھه  (وطن) ڪنھن بي گڻي کان وسري سگھندا.  مارئي جو سڄو سُر انھيءَ جذبات ۽ خيالات سان ڀريو پيو آھي ، شاھ صاحب حب الوطني کي ايمان جو جزو ۽ مذھب جو بنياد ٿو سمجھي.
شاھ صاحب جي زماني ۽ موجوده دور جي حاڪمن جي سياسي پاليسي گڻھو ڪري ساڳي آھن ، ھو به اسلام ۽ شريعت جو نالو وٺي ڪتا ڌارڻ ، شڪار ڪرڻ ، ملڪي خزاني جو گھڻو حصو ، ذاتي عياشين ۾ خرچ ڪرڻ ۽ پنھنجي طاقتن کي برقرار رکڻ لاءِ خرچ ڪندا ھئا ۽ سندس قول ۽ فعل يڪسان نه ھئا. ھي به ڪم و بيش ساڳئي رستي تي ھلي رھيا آھن . انھن ڏينھن ۾ اسلامي برادريءَ جي نالي ۾ عوام کي آزاد راءِ ۽ آزاد خيالي کان محروم رکيو ويندو ھو . ھن وقت به ساڳي حالت آھي.
تنھن ڪري شاھ صاحب جو سڄو سُر مارئي انھيءَ مضمون تي صرف ڪرڻ بغير ، ڪنھن مطلب ۽ مقصد جي نه آھي . آءُ اڳي به لکي آيو آھيان ته مسلمانن ۾ قديم وقت کان ٻن خيالن جا ماڻھو پي رھيا آھن. ھڪڙا وطن جي محبت جي بنياد تي ، انسانذات جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ جي راءِ جا پي رھيا آھن ته ٻيا مسلمانن کي ھڪ جدا گروھ بنائي ، انھن کي انسانذات جي رھبري ڪرائڻ جا طرفدار پي رھيا آھن ته ٻيامسلمانن کي ھڪ جدا گروھ بڻائي انھن کي انسانذات جي رھبري ڪرائڻ جي طرفدارن کي پنھنجا دليل آھن جن جو مختصر احوال ٻه اڳي ئي ٻڌايل آھي . ھتي صرف ھي ٻڌائڻ ڪافي ٿيندو ته شاھ صاحب پھرين خيال جو ھو ، جنھن ڪري ئي حب الوطني کي ساراھيو اٿس . موجوده وقت جي زبان ۾ انھن ٻنھي نظرين کي نيشنلزم ۽ پئن ــ اسلام ازم سڏجي سگھي ٿو.
شاھ صاحب نيشنلزم جو حامي ھو، نيشنلزم ۽ حب الوطني ساڳي شيءَ آھن . اھو صاف سمجھڻ گھرجي ته جيڪي سنڌي ، شاھ صاحب جا مداح آھن ۽ ڊاڪٽر اقبال جا به پوئلڳ ٿيڻ گھرن ٿا ، تن يا ته ٻنھي جي خيالات جو مقصد سمجھيو نه آھي يا ڄاڻي واڻي ائين ڪن ٿا. مطلب ته شاھ صاحب جو پھريون پيغام سنڌ جي سياسي ، اقتصادي ، ذھني آزادي ۽ ترقيءَ جي مقصد سان محبت رکڻ آھي ۽ حب الوطني جي صحيح معنيٰ به اھا ئي  ٿي سگھي ٿي ــ

(2) پاڻ سڃاڻڻ.

شاھ صاحب جي ڪلام ۾ پاڻ سڃاڻڻ تي پڻ گھڻو زور ڏنل آھي. اڪثر معنيٰ ڪندڙ پاڻ سڃاڻڻ مان صرف روحاني ۽ صوفياڻو مقصد ڪڍندا آھن، وحدت الوجود جي نقطه نگاھ کان ھو چوندا آھن ته “ تو ۾ تنھنجو معشوق يا محبوب لڪل آھي ، ٻاھر نھارڻ بيسود آھي.” ، نائي نيڻ نھارڻ ، اندر اجارڻ ، سان ان کي ڏسي سگھندين. شاھ صاحب چوي ٿو ته:
وڃين ڇو وڻڪار ، ھت نه ڳولين ھوت کي،
لڪو ڪين لطيف چئي ، ٻاروچو ٻي پار،
ٿي ستي ٻڌو سندرو ، پرت پنھونءَ سين پار،
نائي نيڻ  نھار ، ته تو ۾ ديرو دوست جو .
ان جي ھيءَ معنيٰ به ٿي سگھي ٿي ته ٻين يا ڌارين جي درن تي ڇو وڃين رُلين ۽ ڌڪا ٿو کائين ، ھوت ( مقصد ) تنھنجي ھٿ ۾ آھي. رڳو ھمت جي درڪار اٿئي ،ته پاڻ وٽان ئي ھٿ اچي ويندئي.
پنھنجو قومي نالو نشان ، اصل نصل ۽ قديم روايات جي واقفيت قدر ۽ قيمت ، سڀ پاڻ سڃاڻڻ جي معنيٰ ۾ اچي وڃن ٿا. دنيا ۾ انسان ڪنھن خاص مقصد جي لاءِ پيدا ٿيل آھي ۽ ان کي خاص فرض پورا ڪرڻا آھن، انھيءَ مقصد ، مراد ۽ فرض اداين لاءِ ، ھر ھڪ ماڻھو ۽ قوم کي پنھنجو پارٽ ادا ڪرڻو آھي.
اھڙي طرح سان سنڌين لاءِ به ڪو نصب العين ھوندو ۽ انھيءَ جي سڃاڻپ ۾ ئي سنڌين جي پاڻ سڃاڻڻ جو راز لڪيل آھي . سنڌين جو نصب العين اھو آھي ته ، جڏھن اقوام عالم کي پنھنجو “ ڪتيل سُٽ ” جي پرک لاءِ صراف “ عالم ” وٽ سرتين جي سامھون سڏ ٿيندو ، تڏھن انھيءَ کي ڪجھه ھجي ، جو ڏيکاري سگھن ۽ شرم کان ڪنڌ ھيٺ ڪرڻو پوين.
ان جي سڃاڻن تڏھن حاصل ٿي سگھندو ، جڏھن ھر ھڪ سنڌ جو رھاڪو ، پنھنجي شخصي ۽ طبقاتي نفعي کي قوم جي گڏيل مفاد جي لاءِ قربان ڪرڻ سکندو. پاڻ سڃاڻڻ ۾ شخص جي فنا آھي ۽ قومن جي لاءِ بقا آھي . قوم جي نفعي جي لاءِ پاڻ کي ماري يا فنا ڪري ، ھڪ قطري کي قومي قالب ۾ فنا ڪرڻ ، پاڻ سڃاڻڻ جو بنيادي سبق آھي. شاھ صاحب فرمائي ٿو ته:
مر ته موچاري ٿيين ، ويھي جيءَ ۾ جوءِ ،
منڌ! مرڻا پوءِ ، پھچندئن پنھونءَ کي.

شاھ صاحب جو سمورو ڪلام ، غور سان پڙھي ڏسبو ته مقصد ، محبوب ، منزل ، مارن وغيره کي پھچڻ لاءِ ڏکن ۽ ڏاکڙن ، ڪشالن ۽ مصيبتن جو سھڻ ۽ برداشت ڪرڻ ، ضروري امر آھي. گھر ويٺي ، بنا محنت ۽ تڪليف جي ، ان درجي تي پھچڻ ، ڪوڙيون سڌون ڪرڻ آھن.

(3) بي خوفي ۽ ھمت

شاھ صاحب جو سنڌين جي لاءِ ٽيون پيغام ، ھمت ڌارڻ جو آھي ، جنھن ماڻھو يا قوم کي خوف جي بيماري ويڙھي ويل ھوندي ، سي نه آزاد ٿي سگھندا ۽ نه ترقي ڪري سگھندا، جتي ايمان آھي اتي خوف نه آھي، جتي خوف آھي اتي ايمان نه ھوندو. موءمن ايمان کان سواءِ ٿي نه سگھندو . بزدلي ، جھالت ، احساس ڪمتريءَ ۽ بي اتفاقيءَ ڪري خوف پيدا ٿئي ٿو. جڏھن خود مطلب مڪاني حاڪم ، عوام کي ڪمزور ، بزدل بنائي پنھنجي شخصي اقتدار قائم رکڻ گھرندا آھن ته ٻيا وري خود مطلبي ۽ خانه جنگيءَ جو فائدو وٺي ساري قوم کي غلام بنائي ڇڏين ٿا ، مقصد ان راند وانگر سئو لو ڪم ناھين، جا ڳڀرو کيڏيندا آھن ، ھت سسي نيزي جي پاند تي اڇلي اڌ ڪرڻي آھي.
دھشت جا درياھ لنگھڻا آھن، ھت لڙ، لھريون ، لس ليٽ ھوندا آھن ۽ جن درياھن جو سنڌو سيڙھو ڪو نه ھوندو آھي اتي سڄا ٻيڙا سير ۾ ھيٺ ھليا ويندا آھن ، جن سان پرزو به پيدا نه ٿيندو آھي ، جتي بھر جا سٽاڻا سيسار ۽ ھيبتناڪ واڳون ھزارين ھوندا آھن . اتي اڻ تارون کي صرف ساھڙ جي صلاح پار لنگھائي سگھي ٿي ، جا اھا آھي ته :
جئان وھي تئان واٽ ، ڪپر پڇن ڪوڙيون،
جن کي سڪ ساھڙ جي ، سي گھيڙ نه پڇن گھاٽ،
جن کي عشق جي اساٽ ، سي واھڙ ڀائين وکڙي.

شاھ صاحب سنڌين جي جھالت ، احساس ڪمتري ، بي اتفاقي ۽ سستي ڏٺي ۽ انھن جملي مرضن لاءِ ، ھڪ ئي واحد علاج ، ھمت ۽ بھادريءَ جو ڏسيائين …

(4) قرباني :

سنڌين جي لاءِ شاھ صاحب جيڪو چوٿون ، سنيھو ڏنو آھي ، اھو قوم ۽ ملڪ جي آزاديءَ ۽ ترقيءَ جي ، رستي ۾ ھر ھڪ سنڌيءَ کي پنھنجي شخصي ۽ طبقاتي مفاد کي قربان ڪري ، عوام جو ڀلو گھرڻ جو آھي. ڪابه اھڙي قوم يا  ملڪ ترقي ڪري نه سگھندو جنھن جي فردن ۾ قربانيءَ جو مادو نه ھوندو آھي. شاھ صاحب فرمائي ٿو ته :
تون جي ڪالھ مئين ، ته ڪالھ ئي گڏئين پرينءَ کي.
ڪڏھن ڪا سُئي ، ته ڪا سگھين گڏئين سڄڻين.
شاھ صاحب چوي ٿو ته انھيءَ فنا جي القوم جي درجي کي پھچڻ جي لاءِ ، سر جي سٽ ڏيڻي پوي ٿي. کامڻ سنديون خبرون پتنگن کان پڇي ڏسو ، جي پنھنجي جي ءَ کي آڻيو آڳ ۾ جلائن ٿا . ھو پھه پچايو مچ تي مڙن ٿا ۽ لھس ڏسي لچڪن ڪين ٿا، سچ مٿي سڙيو وڃن ۽ ڳچين سندا ڳچ وڃايو ڇڏين . جڏھن باھ ٻري ٿي ته ، ھو چڙھيو پيا چڪاسين ، ۽ ڏسيو پيا وھسن ۽ پاڻ کنيو کوريءَ ۾ وجھن . ڪنھن جاءِ تي اڱرن جو مثال ڏيئي چوي ٿو ته:
ھيءَ پر اڱارن ، ٻه ڏاھين ٻرن جي ،
ھڪ کوري کانئيا ٻو ڌوڌيءَ منجه ڌڳن ،
پاڻ لھارن ، ميڙي رکيا مچ ۾.
انھن کي لھار ٻاريو اجھائين ، وري اجھايو ٻارين ٿا، ته به ھو پنھنجي ڪمن ۾ پورا آھين، وري ملڪ جي خادمن کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته :
جان وڍيو ھيئن تان ويھه ، نه ته وٺيو واٽ وانءُ تون ،
ھي تنين جو ڏيھه ، ڪاتي جنين ھٿ ۾.
انھن کي وري چوي ٿو ته ، جي تون سڪڻ سکيو آھين ته ڪاتيءَ پئي ۾ ڪنجھه ۽ ڪلالن جي ماٽيءَ وٽ پنھنجو مٿو ڪاٽي رکڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃ ۽ سر سٽ ۾ ڏئي پوءِ انھيءَ محبت واري مڌ مان ڪي پياليون پئج ، اڳتي ھلي وري فرمائي ٿو ته :
اصل عاشقن جو ، سر نه سانڍڻ ڪم ،
سو سسنئان اڳرو ، سندو دوستان دم،
ھي ھڏ ۽ چم ، پڪ پريان جي نه ٻڙي.
سوري چڙھڻ جو بيان ڪري چوي ٿو ته:
سوري آھي سينگار ، اصل عاشقن جو،
مڙڻ ، موٽڻ ميھڻو ، ٿيا نظاري نروار.
ڪُسڻ جو قرار ، اصل عاشقن جو.
وري چوي ٿو ته ھڪ ٻه عاشقن جي پيدا ٿيڻ مان ملڪ ۽ قوم جو ڇوٽڪارو ٿيڻ وارو نه آھي ، اتي ته ڪيئي ڪوڙين عاشقن جو پيدا ٿين ضروري آھي . ڇاڪاڻ ته ڪلالڪي گھر ، ڪسڻ جو ڪوپ پيو وھي ، اتي وڍڻ ، چيرڻ ، چچرڻ ، انھن جي پھت ۽ پر ٿي وئي آھي ۽ عاشقن کي وري مرڻ ۾ مشاھدو پيو ٿئي .

(5) ستايلن جي سنگت ۽ ھمايت:

شاھ صاحب جا مٿي ذڪر پيغام ، رواجي طرح ته ھر سنڌيءَ جي لاءِ آھن پر کيس خبر ھئي ته ، انھن ڳالھين تي عمل ڪرڻ اھکو آھي. انھن ذريعن جي وسيلي ، قومي آزاديءَ ۽ ترقي جي مقصد کي پھچڻ جو پنڌ اڻانگو آھي. جتي باري بر ۽ ٿڪائڻ وارا ٿر سڏين ٿا. اتي جبل جلدائي ڪري تک جو تاھ ڏيکارين ٿا. ڪڪر ڪوسا ٿين ٿا ۽ رڻ تتو رائو آھي، جو راڻي جبل جو سفر سٽاڻو آڳي، وڻڪار جي وڻن ۾ نيلا نانگ رھن ٿا، جت ڪڙم قبيلا ساٿ نه ٿا ڏين. اتي سڀڪا سڌ ڪانه ڪندي ، صرف جن جو اندر اڌ ھوندو سي ئي ڏونگر ڏوري سگھنديون، انھيءَ ڪري سندس خطاب پکن، ۾ رھڻ وارن پنوھارن، ڏيھه جي ڏوٿين، مالن چارڻ وارن مارُن، ھر ڪاھن وارن ھارين، ٿرن ۽ برف ۾ رھندڙ سنگھارن پيار ڀرين سيڻن ۽ سرتين، کارن ۽ ڄارن وارن مڇي مارڻ وارن مھاڻن جن جي پاٻوڙا پوشاڪ آھي، وڍيءَ جي واڍ ٻوڙن ٻاروچين ۽ ٻارن ، سڪا سمنڊ ڪڇن ۾ ۽ پرائڻ کٿين ۽ نيڻن ٽمائيندڙ کاھوڙين پگھا پاسي گھاريندڙ ۽ سڙھه سنڀائيندڙن سامونڊين، گوندر ۾ گذاريندڙن پھڙن تي پاسا کوڙيندڙن، سڃ جي سفر وارن ، نه ٻڌي نه سئي جوءِ جي ڏوريندڙن جتي پکيءَ جو پير نه ھجي، اتي باھڙي ٽمڪائيندڙن طرف آھي. انھيءَ کي خبر ھئي ته سندس پيغام ۽ سنيھن تي عمل ، لوڪ جي لياڪن رکڻ وارن، نام نشان پويان ھلندڙن، مال مڏيون گڏ ڪندڙن، سک جي سانڍيندڙن گندي ۽ گرانھن جي گولن، پٽ کڻي پندڙن، سنجھي سمھي رھندڙن، پاڻ جي پوڄا ڪرائڻ وارن، گندي ، مانيءَ ۽ ماڳ موچاري پٺيان ھلڻ وارن ، جسم ۾ جڏا، پر کيڻ ۾ کڙن، مڻئي تي ماڻڪ وڪڻدڙن ، ماڻھن کان منھن ڪيو اٽو ۽ ان پنندڙن ( جن کي اڄ ڪلھ جي زبان ۾ لقبن ۽ لالچن تي ضمير وڪڻڻ وارا ، ميمبرين ۽ وزيرين خاطر قوم کي قربان ڪرڻ وارا، رشوتن مان مال ۽ ملڪيت ڪٺيون ڪرڻ وارا ، ٿوري جوف خاطر، ڌارين جا جوتا صاف ڪرڻ وارا، ڄاڻي سڃاڻي ناحق کان ڊڄي ماٺ ڪرڻ وارا، بداخلاقيءَ جو اڏو ھئڻ جي باوجود دين جو نعرو ھڻڻ وارا، مسڪينن، خانه بدوشن، اڻ ڄاڻن جي ڪمائي تي عيش عشرت ڪرڻ وارا، ظلم ۽ ستم، ذريعي پنھنجي طاقت قائم رکڻ وارا سڏي سگھجي ٿو) کان ڪين ٿي سگھندو، تنھنڪري اھڙن ماڻھن کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته:

“ اڻ ڏکويون ڏکن جي، ڇو ٿيون پٿريون،
ناھ اورراتو ان کي، ٿيون لوڪ ريائون رون،
ڀنڻ ڀيريون ھون، پار تنين جا پڌرا.”

ھو سنڌ جي مظلوم ۽ مسڪين عوام کي غربت ، جھل ، بداخلاقي ، ظلم ۽ ڏاڍائيءَ کان آزادي ڏيارڻ واسطي گڏ ڪرڻ گھري ٿو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر ھئي ملڪ ۽ قوم جي آزاديءَ ۽ ترقيءَ جي موک به انھن وٽان ٿيڻ وارو آھي ۽ چوي ٿو ته:

اچو سورن واريون، ڪريو سور پچار،
ڪن گھڻا ڪن ٿورا، ڪانھي سورن ڌار،
ڏنا جي ڏاتار، سي جھولي پائي مو جھليا.”

ھن کي بنگلن ۽ محلاتن ۾ رھندڙن، پٽ پٽيھر پھريندڙن ، ٻوڙ پلاءَ کائيندڙن، موٽرن ۾ چڙھندڙن ۾ ، عوام لاءِ اٿي ڪا جفاڪشِي ڪرڻ جي ٿوري اميد به نه ھئي، آخر ڪار اھا جا جاءِ ٻرندي اھا جلندي، تنھن ڪري چوي ٿو ته:

سگھن سڌ نه سور جي ، ته گھايل ڪيئن گھارين،
پيل پاسو پٽ  تي ، واڍوڙيل نه وارين،
پر ۾ پچن پرين لاءِ، ھي ھنجون ھارين،
سڄڻ جي سارين، ته رويو وھامي راتڙي.”

ھو محب وطن ماڻھن کي صلاح ڏئي ٿو ته ، جيڪي جھوپڙين ۽ ڪکائن منھن ، ٿرن ۽ برن جيلن ۽ اسپتالن وغيره ۾ دکي حياتي گذاري رھيا آھن، تن جي خبر لھن، انھن جا ڏک ۽ سور ٻڌن. انھن جا مسئلا سمجھن. ملڪ مان بُک ، اگھاڙ، بيماري ۽ مصيبت ڪڍڻ لاءِ رٿو ۽ مشورا ڪن، پوءِ ئي ھو سچا خادم سڏائڻ جا حقدار ٿي سگھندا. چوي ٿو ته:

رھي اچجي راتڙي، تن واڍوڙين وٽان،
جن کي سور سرير ۾، گھٽ منجھاران گھاءِ،
لڪائي لوڪان ، پاڻھين ٻڌن پٽيون.”

ان وقت زماني جي صاحب اقتدار طبقي جي ماڻھن ( جن ملڪ ۽ قوم جي ليڊريءَ جي واڳ به پنھنجي حوالي کڻي ڪئي ھئي ۽ باوجود وڏين دعوائن جي ملڪ ۽ پنھنجي طبقاتي مفاد جي لاءِ مسڪين، بي علم ،مظلوم ۽ ڪسمپرس حالت ۾ رکيو ويٺا ھئا) جي حالت ڏسي انھيءَ طبقي مان قطعا نا اميد ٿي ھو ۽ ظاھر ڪيائين ته:

ڪٺيس ڪُ ويڄن، تن طبيب نه گڏيا،
ڏئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏوکوئيو.”

ھو ساڳي طرح معتصب، تنگ نظر ، خود مطلب ۽ دنيا خاطر دين وڃائيندڙ مُلن ۽ مولوين مان به راضي نه ھو، ھن کي خبر ھئي ته:

“ پڙھيو ٿا پڙھن ، ڪڙھن ڪين قلوب ۾،
پاڻان ڏوھه چڙھن، جيئن ورق وارين وترا.”

ملڪ ۽ قوم جي خادم ٿيڻ جي لاءِ، ھو ڪي شرط مقرر ٿو ڪري، جيڪي انھن پٽاندڙ ھلندا ، سي ئي ان ڪم لاءِ لائق ٿي سگھندا. چوي ٿو ته:

“ سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،
سپريان جي سوڀ، ننڊن ڪندي نه ٿئي.”

جن ماڻھن ۾ اھي ڳالھيون موجود نه آھن، سي مستقبل تي حال ۽ عوامي فائدي تي شخصي فائدو مٽائڻ لاءِ تيار آھن ۽ قوم جي مجموعي نفعي کي پنھنجي طبقاري مفاد تي قربان ڪن ٿا تن لاءِ چوي ٿو ته:

“ وصل تنھن وڃائيو، سينڌ سرمي سئين،
سا لوٺي ليلان جيئن، مڻيو جنھن مٽ ڪيو.”

ھن سنڌ جي صاحب اقتدار طبقي جي خامين جي باوجود ، سنڌي عوام مان اميد ڪانه لاٿي ھئي ۽ انھن مصيبت زده ، ستايل غريب ۽ اڻڄاڻ ماڻھن کي دلداري ڏئي، ھن طرح مخاطب ڪيو آھي:

“ ڏکي ڏک مٿي ڪري، ونءُ ڇپر پيھي،
گڏيئي ڏيھي، سوڌيون ڏيندئي خبرون.”

وري چوي ٿو ته:

ڀيڙي ٻڌ ٻيھار ، سورائتي سندرو،
ڏونگر توھان ڌار، ڪانه ڏوريندي سک سين.”

ھو تڪليفن  ۽ مصيبتن سان عادي ٿيڻ ضروري ٿو سمجھي، ڇاڪاڻ ته جيسين ماڻھو انھيءَ جو عادي ۽ ھيراڪ نه ٿيو آھي، ان وقت تائين ھن کان ڪوبه بلند خيال ۽ اعليٰ مقام وارو ڪم پورو نه ٿي سگھندو، تنھنڪري چوي ٿو ته:

سوء سکن ڏيئي ورھُه، وھايم ھيڪڙو،
مون کي تنھن نيئي ، پير ڏيکاريو پرينءَ جو.”

سورن جا ھيراڪ ٿيڻ بعد ، ملڪ جي خادمن جو جيڪو حال ٿئي ٿو، انھيءَ جا ھيٺيان اھڃاڻ ٿو ڏسي:

ڏکوين اھڃاڻ ، ڪلھي ڦاٽو ڪنجرو،
وڃن گوندر گڏيون، لوڪ نه آڇين پاڻ،
سورن اسان ساڻُ، ننڍي نينھن ڪيو.”
شاھ

ڪتاب : پيغامِ لطيف 
ليکڪ: سائين جي ايم سيد

شاھ صاحب ۽ اسان جون جوابداريون ( پيغامِ لطيف) سائين جي ايم سيد


شاھ صاحب ۽ اسان جون جوابداريون ( پيغامِ لطيف) سائين جي ايم سيد

 ھر قومي شاعر جي ڪلام جي اھا خصوصيت ھوندي آھي، جو ڳوٺاڻن کان وٺي شھر، جاھلن کان وٺي عالمن تائين تي، سندن اثر پوندو آھي.

اسان جي قومي شاعر شاھ صاحب کي اگرچ ٻن سَون ورھين کان به مٿي زمانو گذري چڪو آھي ۽ ملڪ جي ماڻھن ۽ حالات ۾ گھڻي تبديلي اچي ويئي آھي، ايتري قدر جو سندس ڪم آندل سنڌي زبان جا ڪيترائي لفظ به اڄڪلھ غير مورج ٿي چڪا آھن،جنھنڪري ڪيترن ئي بيتن کي سمجھڻ واسطي معني لاءِ لغتن کي ڏسڻ جي ضرورت پوي ٿي. اڄڪلھ وڏن شھرن، ريلن، ھوائي جھازن، تارن وغيره ملڪ جي اڳوڻي زندگيءَ کي گھڻو بدلائي ڇڏيو آھي، ليڪن باوجود ان جي به جيڏانھن نظر ڪندا ته اڃا شاھ صاحب جو ڌاڪو سموري سنڌ تي ويٺل آھي. ڪي نڙ وڄائي ان جا بيت ڏيئي قلب کي سرور پھچائي رھيا آھن، ته ڪيترن عالمن ۽ اھل دل وارن جي مجلسن جي رونق به شاھ صاحب جي ڪلام سان وڌي ٿي.
جيئن سون مان حاڪم سڪا ٺاھي ، ملڪ جي ڏيتي ليتيءَ جي لاءِ ڪم آڻي ٿو ته واپاري پنھنجي مٽا سٽا لاءِ ان کي استعمال ڪري ٿو ، امير ماڻھو ان مان برتن وغيره جو ڪم وٺن ٿا ته خوبصورت ۽ شاھوڪار عورتون ان کي پنھنجي حسن کي وڌائڻ لاءِ زيورن جي طور تي ڪم آڻين ٿيون، حڪيم صاحب ان مان ڪشتو بڻائي دل جي قوت ، خون جي گھڻائي ۽ بدن ۾ طاقت لاءِ ڪتب آڻي ٿو. تيئن ھڪ بھترين شاعر جي ڪلام کي مختلف ڪمن لاءِ ڪتب آڻي سگھجي ٿو.
شاھ صاحب جو ڪلام جيڪڏھن عالمن جي وعظن جي مجلسن جي رونق ، ھڪ طرف بنجي ٿو ته ٻئي طرف اديب ان جي باريڪ نڪتن ، سلاست ۽ بلاغت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سونھن محسوس ڪن ٿا ، اگر صوفي صاحب ان ۾ روحاني رمزون ۽ لذني نڪتا ٿو ڏسي ته ڳوٺاڻو ان جي ٻڌڻ مان غير معمولي دل جو سرور يا درد ٿو محسوس ڪري، مطلب ته جنھن جھڙيءَ نظر سان ان کي ڏٺو اھڙو فائدو حاصل ڪيائين.
منھنجي طيال موجب وقت اچي ويو آھي جڏھن ھن سون جي ڪشتي کي قومي بدن جي صحت ۽ قوت جي لاءِ استعمال ڪجي، انھيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ شاھ صاحب جي ڪلام کي سياسي نقطهء نگاھ سان سمجھڻ جي سخت ضرورت آھي . آءُ انھي نظر سان ڪلام ڏسڻ جي شروعات ڪريان ٿو، ممڪن آھي ته علم جي ڪوتاھي ، وقت جي تنگي ۽ معلومات جي ڪميءَ سبب انھيءَ نئين مھم کي پوري طرح وقت جي ضرورتن جي مطابق ادا ڪري نه سگھيو ھجان، ليڪن مون کي اميد آھي ته ٻيا عالم ۽ فاضل ھن منھنجي ادني ڪوشش مان اشارو حاصل ڪري، انھيءَ مضمون کي زياده واضع ۽ اڻملھه طريقي سان ادا ڪندا. مونکي پنھنجن خامين ۽ ڪوتاھين جي پوري پروڙ آھي، پر ھي ڪتاب صرف سندن علمي غيرت ۽ جذبي کي تازيانه ھڻي چست ڪرڻ جي نيت سان لکيل آھي، اگر اڙدو ـ دان حضرات ڊاڪٽر اقبال ۽ ٻين شاعرن تي سَوَھا شرح لکي ، انکي ھر مجلس ۽ موقع لاءِ ڪتب آڻي سگھن ٿا ته ، اسان سنڌي ڇونه بجا طور تي شاھ صاحب جي ڪلام کي پنھنجي نوجوان طبقي ۾ قومي بيداري ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيون ۽ اھڙي طرح سان سنڌين ۾ قومي احساس پيدا ڪري، پنھنجي قوم کي دنيا جي ٻين قومن جي اڳيان منھن مٿي کڻي، ميدان عمل ۾ بيھڻ جو لائق ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.
اھو ڪم پوريءَ طرح سان تڏھن پورو ٿي سگھندو ، جڏھن اسان پنھنجون جوابداريون سنڌ جي قومي شاعر شاھ صاحب جي طرف محسوس ڪريون.
شاھ صاحب جي راڳ جون مجلسون سڏائڻ يا انھن ۾ وڃي قلب کي سرور پھچائڻ ، سندس ٻارا ملھائڻ ، عرس جي موقعي تي سندس درگاھ تي حاضر ٿي زيارتون ڪرڻ ، مضمون ۽ ڪتاب لکي شاھ صاحب جي پيغا م کي ملڪي يا غير ملڪي ماڻھن تائين پھچائڻ به چڱا ڪم آھن، پر سندس ڪلام جي حقيقت معلوم ڪرڻ ٻي ڳالھ آھي. اھا آھي پنھنجي قوم جي سڃاڻپ ۽ انھيءَ سن گڏ انھيءَ جو نصب العين مقرر ڪرڻ ۽ ان جي مقرر ڪرڻ بعد ، انھيءَ مقصد کي ڪشالا ڪاٽي ، جبل جھاڳي حاصل ڪرڻ آھي. اھو ماڻھو جو پاڻ مٺو ڪري سنڌي قوم ۽ سنڌ ملڪ جي آزاديءَ ۽ ترقيءَ لاءِ قرباني نه ٿو ڪري ، سو حقيقي طرح شاھ صاحب کي محبت نه ٿوڪري.
شاھ صاحب فرمائي ٿو:

”سڪڻ ائين نه سڌ ، جيئن لڪيو ليڪا پائين،
پئي پريان جي نه ٿئين ، مٿي اڱڻ اڌ،
ايءَ پڻ ڪوڙي سڌ، جيئن لڪيو لياڪا پائيين.“

اھو ماڻھو جو پنھنجي قوم جي سڃاڻپ نه ڪري ، ملڪ وانگر دانھون ڪري ٿو ۽ ٻين جا در پيو ڳولي تنھن به شاھ صاحب جي ڪلام کي صحيح طرح نه سڃاتو آھي:

”پاڻيءَ مٿي جھوپڙا ، مورک اڃ مرن،
ساھا اوڏون سپرين ، لوچي تان نه لھن،
دم نه سڃاڻن ، دانھون ڪن ملن جيئن.“

اھو ماڻھو کليو کايو سمھي ٿو ، پاڙي ۾ رنج رسيل جي پروڙ نه اٿس ، سورن وارن جي پچار ڪانه اٿس ، سندس راتيون رويو نه ٿيون وھامن، سگھو آھي، گھايل نه آھي، گندي ۽ گراھ جو انو اٿس، سڃ جو سمر ساڻ نه کنيو اٿس، انھيءَ کان به شاھ صاحب جي حب اڃا اڳاھين آھي. منھنجي خيال موجب ھر ھڪ سنڌيءَ تي جوابداري آھي ته تيسين تائين آرام نه ڪري جيسين تائين ھيٺيان مکيه ڪم پورا نه ٿيا آھن:

1.
شاھ صاحب جو جملي ڪلام مستند نموني ڪٺو ڪرائي ، ان جا بھترين شرح لکرائي سٺي ۽ سستي ڇاپي ۾ ڇپرائڻ ، جيئن ھر سنڌي وٽ اھو پھچي سگھي.

2.
درگاھ عبدالطيف جي ٻاھرين واري ميدان کي فرش ٻڌارائي چوءطرف ميلي جي وقت ايندڙ عوام جي رھڻ لاءِ ھجرن جو انتظام ڪرڻ جيئن شاھ صاحب جون ٻارھه ماھي مجلسون، ختمو ۽ سندس يادگار شين جو ڏيکارڻ ، سھڻي ۽ عمدي نموني ٿي سگھي.

3.
ڪرار جي ڍنڍ جي چوءطرف پڪو فرش، چاڙھين جي ڏاڪڻين سان ٻڌرائي، پارڪ بنارائي ان جي چوءطرف سنڌي تھذيب ۽ فن جي زندھه ڪرڻ لاءِ ڳڪ درسگاھه کولجي، جنھن ۾ بھترين ڪتب خانو به ھجي.

4.
ڀٽ جي ڳوٺ کي سفائي ، سٺائي جو ماڊل ڪري ، از سر نو تعمير ڪرائجي ، جيئن ٻاھريان ھلي اچي ان کي ڏسن.

5.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاھ صاحب جي ڪلام جي کوجنا وغيره لاءِ ھڪ ڪرسي (سيغه) کولجي ، جو سنڌ جا بھترين عالم ان تي وقت به وقت نئين سر کوجنائون ڪندا رھن.

6.
سنڌ جي جملي بھترين ، شاھ کان اڳ ۽ پوءِ جي شاعرن جو ڪلام ڪٺو ڪري ڇپرائجي ، پوءِ شاھ صاحب جي ڪلام تي ، انھن جو اثر يا شاھ جي ڪلام جو انھن تي اثر بابت مطالعو ڪجي.

اھي آھن مختصر طرح اسان سنڌين تي شاھ صاحب جي محبت جا چند فرائض ، جن جي ادا ڪرڻ جي جوابداري ھر ھڪ سنڌيءَ تي آھي !ــ


( پيغامِ لطيف)
سائين جي ايم سيد

Thursday, 5 January 2012

شاھ صاحب سنڌ جو قومي شاعر::: ڪتاب : پيغامِ لطيف ” سائين جي ايم سيد “


شاھ صاحب سنڌ جو قومي شاعر (پيغام لطيف)ـ

شعر اُھا خدائي ڏات آھي ، جا ڪن ٿورن ماڻھن کي نصيب ٿيندي آھي، باھ جو مثال وٺو ته، اھا جيئن ساڙڻ جو ڪم ڏئي ٿي ، تيئن طعام پچائڻ ۽ گاڏين ھلائڻ توڙي ٻين ڪيترن مفيد ڪمن لاءِ پڻ ڪم اچي ٿي. جيڪڏھن اُھا نقصان پھچائي ٿي ته فائدا به منجھس گھڻا آھن. مطلب ته جھڙي مقصد لاءِ کيس ڪتب آڻيو اھو حاصل ٿيندو. اھڙيءَ طرح شعر جي به حالت آھي، ان کي جي قومن ۾ انقلاب ۽ بيداري آڻڻ ، بھادري پيدا ڪرڻ ، اخلاق جي درستي ۽ خوشناسي پيدا ڪرڻ جي ڪم آڻي سگھجي ٿو، ته ساڳيءَ طرح اخلاق بگاڙڻ سستي ۽ ڪاھلي پيدا ڪرڻ ۽ خيالن جي خرابيءَ جو ڪارڻ به شعر ٿي سگھي ٿو. انھي نقطه نگاھ ڪري شاعر گھڻن ئي قسمن جا ٿي سگھن ٿا. شعر جي لحاظ سان سندن جدا جدا قسمن کي پوريءَ طرح سمجھائڻ لاءِ آءُ ھيٺ ٽين قسمن ۾ ورھايان ٿو.

1ـ ادبي شاعر:
 
ھي اھي شاعر آڳن جي زبان تي پورو عبور ھئڻ ڪري ، ملڪ جي ھر سامھون ايندڙ سوال تي شعر چون ٿا. جنھن ۾ پڻھنجي علمي قابليت ، زبان جي خوبين ، دل جي جذبات ، فطرت جي مصوري ، قصن ، ڪھاڻين ، دوستن ۽ محبوبن جي تعريف ، وڏن ماڻھن ، بزرگن ۽ حاڪمن جي ثنا ۾ صرف ڪندا آھن. سندس ڪلام ، توڙي نفاست ۽ نزاڪت گھڻي ھوندي آھي، ليڪن مقصد ۽ ارادن معمولي ھئڻ ڪري ملڪ ۽ ماڻھن لاءِ انھن جي ڪلام مان سواءِ ادبي فائدي جي ٻيو ڪو به وڏو فائدو حاصل ٿي نه ٿو سگھي.

2ـ اخلاقي شاعر:
ھي انھيءَ شاعر جو قسم آھي جي تصوف جي رازن ، فلسفي جي پيچيده سوالن انسان جي اعليٰ امنگن تي غور ۽ فڪرڻ بعد ، پنھنجي خيالن کي نظم جي لڙيءَ ۾ پوئڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پوءِ ڪڏھين اھي راز ۽ خيال ، مثنوي مولانا روم وانگر قصن ۽ ڪھاڻين جي صورت ۾ بيان ڪن ٿا. ڪڏھن حافظ شيرازي ۽ سعدي شيرازي وانگر غزلن ۽ بيتن جي جدا جدا طرزن ۾ ظاھر ٿا ڪن.

3ـ قومي شاعر:
ھن قسم جا شاعر ، ملڪ ۽ قوم سان محبت رکي ڪري ، ماڻھن جي سياسي ، اخلاقي ،اقتصادي حالتن جو غوري سان مطالع ڪرڻ بعد قوم جي ڪمزورين ، خامين، مشڪلاتن ۽ خوبين کي بخوبي واقفيت حاصل ڪرڻ بعد ، انھن جي ڪارڻن ۽ اسبابن تي فڪر ٿا ڪن. قوم جو ماضي ، حال ۽ مستقبل سندن اڳيان رھي ٿو. پوءِ ھو قوم لاءِ ڪو نصب العين مقرر ڪن ٿا ۽ انھي تي پھچڻ لاءِ ، جي خيال ۽ تجويزون سندن دماغ ۾ وھن ٿيون، تن سڀني ڳالھين کي ھو پنھنجي ڪلام ۾ قوم اڳيان پيغام جي صورت ۾ پيش ڪن ٿا.

جيڪڏھن شاھ صاحب جي ڪلام تي نظر ڪبي ھت ، ھن ۾ پوين ٻن قسمن جي شاعرن جون خاصيتون خاص طرح ڏسڻ ۾ اينديون.

جنھن صورت ۾ شاھ صاحب اخلاقي توڙي قومي شاعري جي حيثيت ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آھي ۽ انھي صورت ۾ ٻنھي پھلوئن مان ھر ھڪ تي جدا ڪتاب لکي سگھجي ٿو. تنھن ڪري سندس شعر جي تصوفي ۽ اخلاقي ڪمالات جو بيان ڪرڻ تصوف جي ماھرن ۽ فلسفي جي عالمن لاءِ ڇڏي. آءُ صرف سندس قومي شاعر جي پھلوءَ کي پنھن محدود معلومات ۽ وسائل مطابق بيان ڪرڻ جي وس آھر ڪوشش ڪندس.

منھنجو اھو پڪو ويساھ آھي ته شاھ عبدالطيف سنڌ جو قومي شاعر آھي سندس اڳيان سنڌ ملڪ جو خاص تخيل ھو.اھڙي طرح سان کيس سنڌي قوم جو به خاص تخيل ھو. جنھن جو احوال به جدا جڳھ تي آندو ويندو، ھتي صرف ھي ٻڌائڻ مقصود آھي ته کيس جنھن ملڪ ۽ قوم جو تخيل ھو، انھيءَ ملڪ جو گھڻو ڀاڳ، ھن پيرين پنڌڪري گھمي ڏٺو ، اتي جي ماڻھن سان گڏ گذاريائين ، سندس عادتن ۽ اخلاقن کان واقف ٿيو ، سندس جھونا قصا ۽ ڪھاڻيون ٻڌائين، سندن رسمن ۽ رواجن جو غور سان مطالع ڪيائين ، سندس سياسي ، معاشرتي ، اخلاقي، اقتصادي حالتن کي نظر مان ڪڍيائين ، انھن جي ڏکن ۽ سورن ۽ مستقبل تي غور ڪيائين. انھن جي ڪمزورين ۽ خامين کي معلومات حاصل ڪيائين.

مطلب ته انھيءَ زماني جي سنڌ جي حالات جو کيس پورو پورو مطالع ٿي ويو ھو. ايتري ساري معلومات بعد ھن پنھنجي شعر ۾ جيڪي چيو آھي، انھيءَ تي جيڪڏھن قومي نقطه نگاھ سان غور ڪبو ته ھيٺيون ڳالھيون نمايان طور آھن:

1. وطن جي حب :ـ

شاھ صاحب جي ڏينھن ۾ جيتوڻيڪ ڪلھوڙن جھڙن ڪٽر مذھبي خيالن جي حاڪمن جي حڪومت ھئي ۽ اورنگزيبي سياست جو دور چالو ھو، ليڪن شاھ صاحب تي نه اونگزيبي سياست اثر ڪيو ۽ نه گھڻي قدر اڪبري سياست جو اثر ٿو، بلڪه ھن تي قديم سنڌي سياست جو اثر پيو، ھن وطن جي حب کي عين اسلام جي احڪام پٽاندر ايمان جو جزو سمجھي سنڌ کي پيار ۽ محبت ڪئي . ( پئن اسلامزم ) جو خيال سندس وھن ۽ گمان ۾ به نه آيو . ھن بين الاقواميت کي پئن اسلامزم کان جدا ٿي سمجھو. سندس ڪالم ۾ ڪٿي به مسلمان ملڪ يا مسلمان قوم ڏي اشارو ڪو نه آھي . سندس سڄو ڪلام وطن جي محبت ، آزدي ، ترقي ۽ اقتدار جي جذبات سان ڀريو پيو آھي.

چوي ٿو ته:
” سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار.“
ٻئي ھنڌ چيو اٿس ته ؛

واجھائي وطن کي ، ساري ڏيان ساھ ،
بت منھن جو بند ۾ ، قيد م ڪريجاه،
پر ڏيھياڻي پرينءَ ري ڌار م ڌريجاه،
ٿڌي مٽي ٿر جي ولھيءَ وسائجاه،
پويون ٿئي پساھ، ته نجاه مڙھ ملي ۾.
شاھ سائين

2ـ ديسين جي محبت: ـ
شاھ صاحب جي ڪلام مان ٻي جا نمايان ڳالھه ڏسڻ ۾ ايندي ، سا سنڌ ديس جي رھاڪن جي اُڪير ۽ محبت آھي . ھن وٽ ھندن ۽ مسلمانن جي تميز وطن ۽ قوم جي لحاظ کان ڪا به ڪا نه آھي . جي سندس ڪالام تي نظر وجھندئو ته :
”ديسي سيڻ ڪجھن پرديسي ڪھڙا پرين“

جو آواز ھڪ طرف ٻڌڻ ۾ ايندو ته :
”جيھا جي تيھا مون مارو مڃيا.“

ٻي طرف ڪن تي پوندو :

باوجود ان جي ته ھو محمد ڪارڻيءَ جو مڃڻ ضروري ڄاڻي ٿو . ھو صاف چئي ڏئي ٿو ته سچي مسلماني ، تڏھين ئي ماڻي سگھبي ، جڏھن دو بينائي دور ڪري اشھد جي اک سان ، دنيا جي شين ۽ ماڻھن کي ڏسبو . ھو پيغمبر اسلام کي رحمت العالمين سمجھي ٿو ۽ حق کي اسلام سمجھي چوي ٿو ته :

”ڏسڻ ڏسين جي ، ته ھمه کي حق چئين،
شارڪ شڪ م ني ، انڌا انھيءَ ڳالھه ۾.“

مسلمانن جي جدا گانه قوم جي نظريي کي اميراڻي ذھنيت جو نتيجو سمجھي ٿو. ھن جي خيال موجب جھڙيءَ طرح سج جي روشني ۽ ھوا کي ، چند شخصن ۽ طبقن جي ملڪيت تسليم ڪرڻ ۽ بنائڻ انسان ذات جي گھڻائي سان ظلم ۽ دشمني ڪرڻ جي برابر ٿيندو. اھڙيءَ طرح حق کي به محدود ڪري ، ڪنھن مخصوص گروه جي ملڪيت يا ورثو بنائڻ ، ساڳي ذھنيت جو نتيجو ٿيندو. ھو ھندن ۽ مسلمانن جي موجوده مصنوعي تفاوتن تي جڏھين نظر ڪري ٿو ته به اختيار ٿي چوي ٿو ته :

ان پر نه ايمان، جو ڪلمي گو ڪوٺائيين ،
دُعا تنھن جي دل ۾ ، شرڪ ۽ شيطان.
ساڳيءَ طرح ھندن کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته:

ڪوڙو تو ڪفر سين ، ڪافر نه ڪوٺائين،
ھندو ھڏ نه آھئين ، ڄڻيون تو نه جڳاءِ،
تلڪ تنھين کي لاءِ ، سچا جي شرڪ سين .

ڪفر ۽ اسلام کي روحاني دنيا جون ٻه حقيقي منزلون يا حالتون سمجھي بحث ڪري ٿو. تنھن ڪري ملن ۽ پنڊتن جي انسان ذات جي وچ ۾ پيدا ڪيل بي معنيٰ فرقن ۽ تفاوتن کي ھو حق جي سامھون پردا ۽ حجاب ٿو سمجھي.

آخر اھڙو اندر جو اُجريل ۽ صاحب نظر ، اھي منصوعي فرق جا نظريا ڪيئن قبول ڪري ٿي سگھو ؟

3. ملڪ جي آزادي ـــ خوش حالي ۽ ترقي:ـ
شاھ صاحب جي ڪلام ۾ ٽين خاص ڳالھ ملڪ جي آزاديءَ ، خوش حالي ۽ ترقيءَ جو تصور ، اُميد ۽ آرزو آھي، اوڳان جيڪڏھن سندس ڪلام تي غور سان نظر ڪندا ته ڪيترن جڳھن تي زنجيرن جي ٽٽڻ، قلعن ۽ ڪوٽڻ جي ڪرڻ ، قيدن ۽ بندن کان آزادي ٿيڻ لاءِ دعائون گھريل ڏسندا..
ھڪ ھنڌ چوي ٿو ته :
جسو زنجيرن ۾ راتو ڏينھان روءِ،
ڳچيءَ ڳانا لھ جا ، زيريون، زنجير.
ٻئي طرف چوي ٿو ته:
منھن جي آس اھا ڪڏھين ڪيرائيندي ڪوٽ کي.

جڏھين سرتين جيڏين ۽ ڀر وارين قومن کي آزاديءَ ۾ خوش حالي جي زندگي گذاريندو ڏسي ٿو ۽ پنھنجي ملڪ ۽ ماڻھن کي غلام ۽ پٺتي پيل ڏسي ٿو ته به اختيار زبان مان نڪريو ٿو وڃيس.
مون جيڏيون ملير ۾ ، ٿيون چونڊن موڪ مھا.

شاھ صاحب سنڌ جي سھسين سينگارن، پلر جي پالوٽن، پٽن جي پاھن، کٿوري خوشبوءِ ، مندائتن مينھن جو ته شائق ٿو ڏسجي ، سنڌ ۾ سڪار لاءِ خاص دعائون ٿو گھري، ڏڪارين ۽ موزين جي ڏيھه مان پاڙ پٽڻ جي پٺيان آھي. جڏھن جڳ ۾ مانڊاڻ ن جي وار، اتر پار ڏي ڪڪر ڪارو نڀار ۽ مندائتن مينھن جي وسڻ جا ويس ڏسي ٿو ته، ھڪ انقلابي وانگر خوش ٿئي ٿو. کيس خبر آھي ته مھانگو ميڙڻ ۽ پنجن مان پنڌرھن ڪرڻ وارا ( چور بازاري) جلد ختم ٿيڻ وارا آھن ۽ سگھوئي ھاري ھر جو مٺيو ھٿ ۾ ڪري، ملڪ جي سياسي جمود واري زمين کي کيڙي ، ان ۾ آزاديءَ جو ٻج پوکڻ وارا آھن. جلد ئي سک جي ساوڪ ٿيندي ڏولائي جا ڏينھاڙا ويندا، سينگھار سکيا ۽ ستابا ٿيندا.

شاھ صاحب جي باريڪ بيتن نظر سنڌين جا عيب به سندس اڳيان پڌرا ڪري ڇڏيا ھئا ۽ کيس انھن ۾ ھيٺيون خاميون ڏسڻ ۾ آئيون.

1. احساس ڪمتري :

ھن ملڪ ۾ ھيءَ عام چوڻي آھي ته ( ولايت جي ڪٻر سنڌ ۾ سينا) سا حقيقت شاھ صاحب ھو بھو اکين اڳيان ڏٺو ڏٺي. ان وقت سنڌ اندر ھر صديءَ ۾ ڌرتيءَ جي ڌٻڻ، سنڌونديءَ جي ڦيرن گھيرن ، لوڏن ۽ سوڪن جي واقعات، آبپاشيءَ جي واقعات، آبپاشي جي ذريعن جي پوري انتظام نه ھئڻ ، بارش جي گھٽ ھئڻ ، اندروني ۽ بيروني ڌاڙيلن جي حملن(پوءِ اھي حاڪمن طرفان ھئا يا ڌاڙيلن طرفان) حالتون غير تسلي بخش بنائي ڇڏيو ھيون.

شھري زندگي تمام ڇٽي ھئي. ماڻھن جو گھڻو تعداد مال تي گذران ڪرڻ ڪري خانه بدوش زندگي گذاريندو ھو. آبادي به سدائين ساڳ زمين تي نه ھئڻ ڪري آبادگار پيا پٽ بدلائيندا ھئا. ان ڪري علم ۽ بي ترقيءَ لاءِ سندن واسطي حالتون سازگار نه ھيون. ان جي مقابلي ۾ دھلي ، گجرات ۽ پنجاب طرف حالتون مختلف ھيون، بارش گھڻي، آبادي جام، خانه بدوش زندگي گھٽ ھئڻ ڪري امن امان وڌيڪ ، شھري زندگيءَ جوي زياده ھئڻ ڪري اتي جا رھاڪو علم ۽ آسودگيءَ ۾ سنڌين کان وڌيڪ ھئا. نتيجو اھو نڪتو ٿي ته، ھر ٻاھران آيل ماڻھو سنڌ ۾ اچڻ بعد معتبر شمار ٿيڻ ۾ ٿي آيو، پنجاب جا پير افغانستان جا حمله ڪندڙ، دھليءَ جا نواب تن جو ملڪ ۾ ڌاڪو ويھي ويو، اڪبر جي قومي سياست، اورنگزيب جي مذھبي پاليسي ، مھدوي طريقت دھليءَ جي نوابن جي طرز معاشرت، مغلن جي فارسي ، سنڌ کي ون ويڙھي جيان ويڙھي ويل ھئي. ننڍو دماغ (i) ۽ گڏھن ۽ اٺن جي ھلائڻ واري قوم (ii) طعنا سنڌين کي صرف ھن وقت ڪونه ٿا ڏيڻ ۾ اچن پر ان وقت به وڏيرن ۽ ملن جو ڪثير طبقو پاڻ وساري ويھي رھيو.

(i) سن 1938ع ۾ سردار پٽيل چيو    (ii) لياقت علي خان 1948ع ۾ چيو:

سنڌي قوم جي تھذيب ، زبان ، آزاديءَ ۽ ترقيءَ جون ڳالھيون وسري ويون ھين.
شاھ صاحب نھايت درد دل سان ، اھي حالتون محسوس ڪيون ٿيون ڏسجن ۽ انھن کي نظر ۾ رکي سنڌي کي مخاطب ڪيو اٿس ته:
ايءَ نه مارن ريت جئڻ سيڻ مٽائين سون تي.

وري ٻئي ھنڌ چوي ٿو ته؛

پکين جي پريت ماڙين سين نه مٽيان.
2. ابن الوقتي:

سنڌين ۾ ٻي وڏي خامي جا شاھ صاحب ڏٺي ھئي، سا ھئي ، سندس وڏيري ڪلاس جي ا بن الوقت ھني مثال مشھور ٿي ويو آھي ته:
جيڪو واءُ لڳي ان کي سامھون ٿجي.

ھتي جا وڏا ماڻھو ڍنڍ جي پکين وانگر، ھميشه پاڻي يعني سُک سان ٻڌل ھئا. جيڪو پاسو زور ڏسندا ھئا وڃي ان جو طرف وٺندا ھئا. اصولن ۽ مقصدن خاطر جيئڻ ۽ مرڻ جي سُتي ئي ڪانه پيل ھين.
جيئن اڄڪلھ جي حالت آھي ته ، جڏھن انگريزن جي حڪومت ھئي ته سنڌي وڏيرن ، انھن جي غلاميءَ وارا لقب ۽ عزتن حاصل ڪرڻ ۾ فخر ٿي سمجھيو. ھاڻ جڏھين ھوا بدلي آھي ته گورن جي جاءِ ڪارن ولاري آھي ته اسانجا اھي ماڻھو وري ھنن بدليل حاڪمن جي ڪنجڪ جھلڻ ۾ مشغول آھن. اھڙي ساڳي حالت شاھ صاحب به ڏٺي ۽ ڏاڍو درد ٿيو ٿو ڏسجيس، اھڙِي حالت ۾ چوي ٿو ته:
ھي منھن ڏيئي ٻن ، تون وھه کائي نه مرين؟
تان جي ملير جھائيون، توسين سڱ نه ڪن،
تون ڪيئن منجھان تن، پاڻ ڪوٺائين مارئي!

ان وقت فحط الرجان ڏسي ، کيس سنڌين جي قديم بھادري ۽ غيرت جا ڪم ياد اچن ٿا. سومرن جو مرندي مري وڃڻ پر غير سنڌي اقتدار اڳيان ڪنڌ نه نمائڻ ، دريا خان جو پٽن سوڌو قربان ٿي وڃڻ، ليڪن خوشيءَ سان ڌارين جي غلامي قبول نه ڪرڻ، کيس ھن شعر چوائڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا.
اڄ نه اوطاقن ۾ ، تازا پٿر ڪک،
آديسي اٿي ويا ، پئي اُڏامي رک،
سامي کڻي سنک، وجھائي واٽ ٿيا.

اھو مٿين طبقي جي ماڻھن جو حال ھو. ليڪن جڏھين ھن ڳوٺن جو سير ڪيو، عام غريب ماڻھن سان مليو ، مارئيءَ جي حب الوطني ، سسئيءَ جي وفاداري، سھڻيءَ جي سرويچيءَ جا قصا ٻڌائين ٿي ته وري دل نٿي لوڙھيائين ۽ چئي ٿي ڏنائين ته:

اڇا سي آھن، سزاوار سنڱين جا،
ويٺا وجھائين ، جي سناسي سڻئين.
3. خانه جنگي:
سنڌين ۾ شاھ صاحب وڏي خامي (نفاق) جي ڏٺي. بدويانه زندگيءَ جو اھو ھڪ مکيو جزو ٿيندو آھي ته قبيلا قبيلن ۾ ، مائٽ مائٽن ۾ حسد ۽ اڻ سھائيءَ ڪري وڙھيا ويٺا ھوندا آھن. خود مطلبي سندن زندگيءَ ۾ گھر ڪري ويھي وڃڻ ڪري، منجھانئن سڀڪو سياري جي سوڙ پيو پاڻ سوريندو آھي. جيتوڻيڪ بھادريءَ ۽ قربانيءَ جو مادو گھڻو ھوندو اٿن پر شير شاھ جو شڪرو گھر جا ڪڪڙ ماري، وانگر سڀڪو اوزار پاڻ تي پيا آزمائيندا آھن، پنھنجي تي آيا رھندا . ڌارين تي ھمت ئي ڪانه ٿيندي اٿن ۽ انھن جي غلامي ڪرڻ تي فخر پيا سمجھندا آھن. انھيءَ ڳالھ سندن قومي شيرازو ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ھو. نه قوم ۾ اتحاد ۽ اتفاق رھيو ھو ۽ نه وري متحد نصب العين ئي رھيو ھئن. قومن جي ھستي مقصدن جي قائم رکڻ سان رھي سگھي ٿي اھڙين نفاق وارين حالتن کي ڏسي شاھ صاحب سنڌين کي ھيٺين طرح مخاطب ٿئي ٿو.
وڳر ڪيو وتن ، پرت نه ڇنن پاڻ،
پسو پکيئڙن ماڻھئان ميٺ گھڻو.
ٻئي ھنڌ فرمائي ٿو.
ڌڻ ڌارڻ ڌار رھڻ ، اي نه سنگھارن سٽ.

ورا جڏھن قديم اوج ۽ نفاق ياد پونس ٿا ته بي اختيار چيو وھي ته:

ڪڻا منجھ قرار ، ھئا ھيڪاندا سنگ ۾ ،
ڳاھي ڳاھ فراق جي ، ڪيا ڌارون ڌار،
نڄاڻا ڪيھار ، ميلو ٿيندو سجھڻين.

4. آرام طلبي:
چوٿين خامي جا شاھ صاحب سنڌين ۾ ڏٺي، سا ھئي سستي، ڪالھلي ۽ آرام طلبي جي . ھر ڪنھن مشڪلات کي منھن ڏيڻ کان پئي گسايو. (سک جا سانگي) ٿيڻ جي عادت منجھن ويھي ويئي ھئي. گذر به سکيو ملي، گھڻي تڪليف نه ھجيس. ترقي به بنا مشقت جي حاصل ٿئي. آزادي به آسمان مان ڪڙڪي اچي، دوست به گھر ويٺي ملي، باقي پاڻ ڪوشش ڪونه ڪندا ھن جڏھين چوطرف نظر ڊوڙائي ته دنيا جون ٻيون قومون ۽ ملڪ ترقي ڪندا وڃن ٿا. ھتي اڃان سستي لڳي پيئي ھئي، نڪو ٿا پاڻ سڃاڻن، نڪو ٿا نصب العين مقرر ڪن، نڪو جفاڪشي ڪرڻ تي پاڻ کي ھيرين. ماڻھن جون اھي حالتون ڏسي ڏاڍو ڏک ٿي ٿئيس ۽ چئي ٿي ڏنائين ته:
جڏھين ستيون جي ، پٿر پير ڊگھا ڪري،
تڏھين تنھين کي ، ساٿ ستي ئي ڇڏيو.


ٻئي ھنڌ چوي ٿو ته:

غافل غفلت ڇوڙ ، تون ڪيئن اڻاسي اوجھرين،
چپانا چڙھي ويا، وڃي پھتا توڙ،
نيڻن ننڊا کوڙ ، ورن ۾ واڪا ڪرين.

وري چوي ٿو ته:

وھين ۽ ويلا ڪرين ، اي نه اڪنڊ آھه،
سي لاڳاپا سڀ لاھ، اوريان اڀارين جي.

ھن جيڪڏھن مٿي ذڪر ڪيل عيب ۽ خاميون سنڌين ۾ ڏٺيون ، ته منجھن ڪي خوبيون به محسوس ڪيائين ، جنھن ڪري خوش ٿي ٿيو ۽ اميدون ۽ آسرا پيدا ٿي ٿين.

سنڌين جون خاص خوبيون جي کيس ڏسڻ ۾ آيون سي ھيٺيون ھيون:

1. حب الوطني:
شاھ صاحب سنڌين ۾ جي خوبيون ڏٺيون ، تن مان پھرين سندس ديس سان پيار ۽ محبت ھو. ھن عام ڀٽن ۽ مڱڻھارن کان وطن لاءِ بھادريءَ سان ڪٽجي مرڻ وارو قصو ۽ ڪھاڻي، دودي سومري جو ماڻھن کي چاھ سان ٻڌندي ڏٺي، شادين ۽ خوشيءَ جي موقعن تي مارئيءَ جي وطن ۽ مارن جي اڪير جا گيت گھرن ۾ زالن ۽ ڳائيندڙن کان دلچسپي سان ڳائيندي ٻڌا. عام سنڌين جي ڳوٺن ۽ پٽن جي محبت جا داستان ٻڌائين ۽ ڏٺائين. ھن ڏٺو ته سنڌ جا ماڻھو اڪثري وطن ڇڏي ٻين ملڪن ۾ وڃي گھڻي وقت تائين رھڻ لاءِ خوشيءَ سان تيار نه ھئا. جيڪڏھن ڪي مسافرين ۾ ويندا ھئا ته سرھن وانگر اکيون ھميشه جبل (سنڌ) کنيون پيا نھاريندا ھئا ۽ سندن آس اميد ھميشه اھا پئي رھي آھي ته ڪڏھين ٿو ملا واڳ وطن تي وارين، انھن ڳالھين مٿس ڏاڍو اثر ڪيو ٿو ڏسجي. مارئي جي سر ۾ شاھ صاحب جھڙي نموني وطن جي اُڪير ۽ پيار کي ظاھر ڪيو آھي، سو ڄڻ ته سنڌي دھقاني زندگيءَ جي حقيقي اکين ڏٺي تصوير چٽي اٿس. ھن تي ڌارين جي تھذيب، تمدن ، پيسي ، علم ۽ ترقيءَ وغيره جو ڪو به اثر نٿو ٿئي. ھو ٻين جا بنگلا ڏسي پنھن جون جھوپڙيون مٽائڻ عيب سمجھندا ھئا، ھن وٽ ڌارين جي لباس (ٺاٺ) محلاتن (تمدن) کاڌن خوراڪن (شاھوڪاري) قلعن ۽ ڪوٽن (لشڪر ۽ سپاه) کان پنھنجي ملڪ جي ماڻھن جي سادگي، خانه بدوشي، مسڪيني ، بي سرو ساماني، بي علمي ، اٻوجھائي ھزار ڀيرا وڌيڪ پسند ھئي. ھو ور ور ڪريو عمر ( حڪمران قوم) کي چئي ٿو ته:

پٽ نه پھريان سومرا، جا ڪي تسان جيان،
آءُ ڪيئن لوئي لاھيان، ڪارڻ ٻن ڏينھان،
جيسين ٿي جيان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو.

2. قومي محبت:
ٻي خوبي جا شاھ صاحب سنڌين ۾ ڏٺي، سا ھئي ديس واسين ۽ مارن جي پياس، ھنن تي مسئلئه وحدت الوجود جو اثر قديم وقت کان ، مختلف درويشن ذريعي پئي پيو آھي. تنھن ڪري انھن تي اورنگزيبي سياست ۽ مسلمانن جي جداگانه قوميت جي نظريي جو ڪو اثر ڪونه پيو. سندن انھيءَ حقيقت کي مارئيءَ جي واتان، ھيٺين طرح بيان ڪري ٿو:
الست بربڪم جڏھين ڪن پيوم
قالو بليٰ قلب سين، تڏھين تت چيوم
تنھين وير ڪيوم، وچن ويڙھيچن سين.
3. سرويچي:
ٽين خوبي جا شاھ صاحب کي عام سنڌين ۾ خاص طرح ڏسڻ ۾ آئي، سا سندن ھمت، قرباني ۽ سرويچيءَ جي مادي جي ھئي، اگرچ سندن وڏيري ڪلاس خود مطلبي، بزدلي جي خرابين ۾ غرق ٿيو پيو ھو، ليڪن غريب طبقو ھر قسم جي مشڪلاتن، مصيبتن ۽ تڪليفن کي منھن مقابل ٿيڻ جو عادي ٿي چڪو ھو، جنھن ڪري منجھن برداشت ۽ قربانيءَ جو عظيم الشان مادو موجود ھو. راءِ ڏياچ جو سخا ۾ سر ڏيڻ، سسئيءَ جا پنھونءَ خاطر جھنگ ۽ جبل جھاڳڻ ، مومل جون راڻي لاءِ تياريون وھائي ڏينھن ڪارڻ ، ليلان جو چنيسر لاءِ ليلائڻ، سھڻيءَ جو ميھار لاءِ ڪاريءَ رات ڪنن ۾ گھڙڻ، وڻجاي جي ونيءَ جو ور لاءِ جر تڙ ڏيا ٻارڻ ۽ وڻ ٽڻ وائٽيون ٻڌڻ، سنڌين جي صداقت ۽ قربانيءَ جا مثال سندس اکين اڳيان ھئا، تنھن ڪري ساري رسالي ۾ اڪثر اھڙي قسم جي واقعن کي پسند ڪري ، انھن جو ذڪر ڪيو اٿس، ھن کي سر مڱڻ ، سر گھرڻ ، سر ڏيڻ جي ڳالھ راءِ ڏياچ جي آکاڻيءَ خاص اثر ڪيو ٿو ڏسجي. اھڙي طرح سسئي جو گھر ٻار پنھنجي ور ( مقصد) لاءِ قربان ڪري جبل جھاڳڻ کيس پسند آيو آھي، چوي ٿو ته:
وريتيون ورو ، آءُ نه ورندي ورريءَ،
جا ڏي ھن جبل جو، تانگھينديس ترو،
جتن ساڻ ذرو، نينھن نيبرڻ نه ٿئي.

مومل جي قصي ۾ راڻي بنا ڪاڪ ڪڙھي، وڻ ٽڻ جلي وڃڻ ٿا . مومل جي جان پيئي جھري ، جيستائين راڻو نٿو مليس، سھڻيءَ جي سر ۾ چوي ٿو ته:
تڙتڪڻ ، تار گھڙڻ، اي ڪاڻيارن ڪم.

ٻئي ھنڌ چوي ٿو ته:

جنھن کي ساڻ پريان جا سور،
تنھن کي ندي ناھ نگاھ ۾.


وري چوي ٿو ته:

ائين ھوندي مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.

4. رواداري:
چوٿين خاصيت ۽ خوبي جا شاھ صاحب سنڌين ۾ ڏٺي سا ھئي مذھبي ڪٽر پڻي ۽ تعصب جي گھٽ ھئڻ جي ھو پاڻ کي بھترين سنڌيءَ جو نمونو تصور ڪري انھن جي فلاسفي ھيٺين طرح ادا ٿو ڪري:
پريان سنڌي پار جي مڙيئي مٺائي.
ان ڪري ھن جيڏانھن نظر ٿي ڪئي تيڏانھن سڄڻ سامھون پئي آيس. ھو چوي ٿو ته کر ڀلي جيئن ۽ سندس پرين جي ملڻ جون اميدون ڏسي ساڙ ۾ سڙن ، ھن کي کر جي کارڻ جو ذرو به خطرو نه ھو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر ھئي ته کر آھي کاري سگھندو، جن جو پريتڻون ماٺو ھوندو . ھن ڏٺو ته سنڌي دوستيءَ ۽ محبت جي بنياد تي ھر ڪنھن سان سٺو برتاءُ ڪرڻ لاءِ تيار ھئا، مذھب جو مطلب ھنن وٽ پريت ۽ محبت ھئو ۽ نه ڪفلت ۽ نفاق.

ھن ڏٺو ته جيتوڻيڪ ڪيترائي ڏسڻا وائسڻا مذھب جي نالي ۾ ظاھر داري ڪيو ، منھن اجرو رکيو اچن، پر دل ۾ ھچارا آھن ۽ وصال کي ويجھا نه آھن.تنھن ڪري ھن ھيٺين اصول کي پسند ٿي ڪيو:
 
جيڏانھن ڪريان پرک ، تيڏانھن سڄڻ سامھون.

مٿي ذڪر ڪيل ڳالھين مان اوھان پروڙي سگھيا ھوندا ته شاھ صاحب سنڌ ملڪ جي ماڻھن جي عادتن ۽ حالتن جو غور سان مطالع ڪرڻ بعد، ھڪ طرف قوم جي ڪمزورين ۽ خامين کان واقف ٿيو ته ٻئي طرف انھن جون خاصيتون ڏٺائين ، جنھن تي ويچار ڪري ھن سنڌين لاءِ ڪي سنيھا ۽ تجويزون سوچيائين جن تي تفصيلوار بيان ٻئي ھنڌ ڪيو ويندو. جي خاصيتون ھڪ قومي شاعر جون ٿيندو آھن، سي سڀ شاھ صاحب ۾ موجود ھيون ۽ ھو ھر نقطي نگاھ سان سنڌ ملڪ ۽ قوم لاءِ نياپي ۽ پيغام ڏيڻ جو حقدار آھي.
ڪتاب: پيغامِ لطيف
ليکڪ؛ سائين جي ايم سيد

Wednesday, 4 January 2012

شاھ صاحب جي زندگيءَ جو احوال (شاھ جو رسالو)

شاھ صاحب جي زندگيءَ جو احوال (شاھ جو رسالو)

شاھ عبدالطيف ڀٽائي سنه 1689ع ۾ حيدرآباد ضلع جي ھلا تعلقي ۾ ، ھالا حويليءَ جي ڳوٺ ۾ ڄائو. شاھ عبدالطيف ، سيد حبيب الله شاھ جو پٽ ، سيد عبدالقدوس شاھ جو پوٽو ۽ سيد جمال شاھ جو پر پوٽو ھو. سيد جمال شاھ، شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ٽيون پٽ ھو. شاھ ، تاڃيءَ پيٽي سيد ھو. سندس والده به مخدوم دياني جي خاندان مان ھئي. مخدوم دياني جو مقبرو، پراڻن ھالن جي اڀرندي طرف آھي. شاھ جي ڄمڻ کان ٿورو ئي پوءِ، شاھ حبيب ھالا حويليءَ مان لڏي ، وڃي ڪوٽڙيءَ ۾ رھيو. ھالا حويلي، ڀٽ کان نوَ ڪوه پري آھي ۽ ڪوٺڙي ٻه ڪوه . ٻئي ڳوٺ ھاڻ ويران پيا آھن.

چون ٿا ته شاھ حبيب، پنھنجي پٽ کي وائي ڳوٺ جي مشھور عالم آخوند نور محمد ڀٽيءَ وٽ علم پرائڻ لاءِ موڪليو. وائيءَ جو ڳوٺ، ڀٽ کان ڇھ ۽ اُڏيري لعل کان ٻه ڪوه پري آھي. چون ٿا ته شاھ (الف) اُچاري (ب) چوڻ کان نابري واري. شاھ صاحب اُمي (اڻ پڙھيل) ھو يا نه، تنھن بابت جدا جدا عالمن جدا جدا رايا ڏنا آھن. ڪن صاحبن جو رايو آھي ته ھو ھڪ يگانو عالم ھو، ۽ ڪن صاحبن جو رايو آھي ته مٿس “ علم لدني ” نازل ٿيل ھو، جو ڌڻيءَ جي طرفان ڪامل ولين کي عطا ٿيندو آھي.
شاھ صاحب سان اڪثر ٽي ڪتاب ھمراه ھوندا ھئا. قرآن شريف ، مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي ۽ شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو رسالو.
اِنھن ڪتابن تي ڪنھن به ھنڌ ڪجھ لکيل ناھي ، جنھن کي شاھ جو دستخط چئجي. مير علي قانع ٺٽوي ، جو شاھ جو معتقد ھو ۽ سندس ئي زماني ۾ رھندو ھو. سو پنھنجي ڪتاب ( تحفت الڪرام ) ۾ لکي ٿو ته:
“ اگرچه حضرت شاه عبدالطيف اڻ پڙھيل ھو ته به ساري عالم جو علم، سندس دل ۾ لڪل تختيءَ تي لکيل ھو.” “ تحفت الڪرام” ، شاه صاحب جي وفات کان صرف سورنھن سالن پوءِ، يعني 1768ع ۾ لکيل آھي. اِنھيءَ ڪري ڪي عالم ، اُن کي ھڪ اھم سند ٿا سمجھن . حقيقت ۾ ، عارفن ۽ اوليائن جو ذڪر ڪندي ، مير علي شير وڃي ڪرامتن ۽ معجزن جي عشق ۾ گرفتار ٿيو آھي. سندس دفتر مان ڪو خاص تواريخي يا شخصي احوال خير ٿو ملي.
روايت آھي ته شاه ويھنن ورھين جو ھو ته کيس مجازي محبت جا ڪان لڳو. چون ٿا ته ڪوٽڙيءَ جي مرزا مغل بيگ جو شاه حبيب ۾ ڪامل ويساه ھو ۽ کيس دعا ڦيڻي لاءِ اڪثر پنھنجي گھر ۾ وٺي ويندو ھو. ھو اَرغون ھو ۽ سندس گھر ۾ سخت پردو ھوندو ھو. سندس گھر ۾ ڪو اَگھو ٿي پوندو ھو ته مرشد کي عرض ڪري دعا لاءِ وٺي ويندو ھو. قضا سان، ھڪ دفعي سندس نياڻي بي چاڪ ٿي پيئي . اتفاق سان ، ساڳئي وقت شاه حبيب جي طبيعيت به ناساز ھئي. اِنھيءَ ڪري مرزا بيگ جي عرض تي ، پنھنجي پُٽ عبدالطيف کي ساڻن وڃڻ جي ھدايت ڪيائين. شاه ، مغل جي دختر جو حسن ڏسندي بيخود ٿي ويو، ۽ سندس آڱر پنھنجي ھٿ ۾ جھليندي ، چيائين : “ جنھنجي آڱر سيد ھٿ ۾ ، تنھن کي لھر نڪو لوڏو.”
اِھي سخن سڻي، مرزا ۽ سندس عزيز غضي ۾ لال ٿي ويا، پر ٻاھرين صبر اختيار ڪيائون. اُن کان پوءِ اندران ئي اندران ، سيدن کي اھڙو تپائي کنيائون جو ھو لاچار ٿي ، ڪوٽڙي ڇڏي، اُتر طرف ڪجھ مفاصلو پري، وڃي ڌار حويليءَ اَڏي ويٺا.
عشق جي ڪان لڳڻ کان پوءِ ، شاھ ھرڻ ۽ ھما وانگر ، صحرائن ۽ بيابانن ۾ سرگردان ۽ حيران ٿي پيو ڦرندو ھو. ھڪ دفعي ته ٽي ڏينھن سانده ، ھڪ ھنڌ غش ئي غش پيو ھو. سندس جسم تي واريءَ جا تھه چڙھي ويا ۽ رڳو سندس ھڪ ڪپڙي جو پلاند ٻاھر پئي ڏٺو. قضا سان ھڪ پنوھار جي وڃي مٿس نظر پيئي، جنھن سارو احوال وڃي شاه حبيب کي سڻايو. شاھ حبيب اُڏامندو اَچي اُنھيءَ ھنڌ پھتو ۽ ڏاڍي سوز مان چيائين:
“ لڳي لڳي واءُ ، ويا اَنگڙا لٽجي.”
شاھ بيخوديءَ جي حالت مان ڇڙڪ ڀري اُٿيو ۽ ٺھه پھه جواب م چيائين:
“ پيئي کڻي پساه ، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي”
ڪي شعوري ماڻھو ان خيال جا آھن ته ھن شعوري زماني ۾ ، اَھڙي روايت کي “ ڏند ڪٿا ” ڪري شمار ڪرڻ جڳائي ۽ انھي کان گريز ڪرڻ يا ڪنارو ڪرڻ واجب آھي.
ھڪ ڏينھن ، شاه ، اوچتو ئي اوچتو ، بنا ڪنھن کي ٻڌائڻ چتائڻ جي ، جوڳين جي سنگ ۾ ، ھنگلاج ڏانھن ھليو ويو. ڏسجي ٿو ته ساڻن گنجي ٽڪري واري واٽ وٺي ويو ھو ، ۽ سندس صحبت ۾ ٽي ورھيه سفر ۽ سياحت ۾ رھيو. جوڳين جي صحبت ۾ ، جيءَ کي اَنيڪ جفائون ڏنائين، جھاني تجربا پرايائين ۽ املھه آتمڪ خزانا ھٿ ڪيائين. ھنگلاج ڏانھن ويندي جيڪي ھنڌ ۽ مڪان ڏٺائين ، تن جو ذڪر سسئي وارن سرن، کاھوڙي ، رامڪلي وغيره ۾ ڪيو اٿس. ھنگلاج کان موٽندي ، شايد ٺٽي کان سنڌو نديءَ وارو پتڻ اُڪري ، مغلين، لکپت ، ھالار، دوراڪا، پوربندر، جھونا ڳڙھ، گرنار ۽ کنڀاٽ گھميو آھي. چون ٿا ته ٺٽي ۾ مخدوم معين ۽ ٻين عالمن فاضلن سان به رھاڻيون ڪيائين. مخدوم معين کي ” مخدوم تارو“ به چوندا ھوا. وطن ڏانھن ورندي، جلسمير ۽ ٿر به گھمندو آيو ٿو ڏسجي. ” سر مارئي “ ۾ ٿر جي نظارن ۽ ٿرين جي زندگيءَ جو اکين ڏٺو احوال ڏنو اٿس. ممڪن آھي ته جليسمير کان پنج ڪوه پري ، لڊاڻو ٽڪري ۽ ان سان لڳل ڪاڪ ڪنڌي به ڏسي آيو ھجي. ” سر مومل راڻو“ اھڙي شاھدي ڏئي ٿو.
ساري ڏج، سيد چئي ، لڊاڻي تان لاه.
ننگر ٺٽي ڏانھن ورندي ، ھڪ غار ۾ ھڪ شخص کي ڏٺائين ته ھيءَ مصرع ، نھايت دردناڪ نوع ۾ پيو چوي:
ھيڪليائي ھيل ، پورينديس پنھونءَ ڏي.
پُڇڻ تي معلوم ٿيس ته ھو ھڪ جت ھو، ھالن جي ڀرسان لنگھندي ، فقيرن جي واتان اِھا مصرع ٻڌي ھوائين. شاه چيس ته ” جي چاھين ته بيت جون باقي ٻه مصراعون به سڻاياءِ.“ انھيءَ تي جت خوشي ڏيکاري. شاھ تنھن تي ٻي مصرع چئي ٻڌايس:
آڏا ڏونگر لڪيون، سوريون سڄن سيل
ٻي مصرع ٻڌندي ئي ، جت وجد ۾ اچي ويو ۽ ٽي مصرع ٻڌڻ لاءِ بيتاب ٿيو، جنھن تي شاه ٽي مصرع چئي ٻڌايس:
ته ڪري ٻيلي آھن ٻيل، جي سور پريان جا ساڻ مون.
شاھ جو بيت ختم ڪرڻ ۽ جت جو فوت ٿيڻ. شاه جي ارمان ۽ عجب جي حد نه رھي. پوءِ جت کي اُتي دفن ڪيائين. اُنھيءَ جت جي قبر اڃان تائين واٽھڙن کي ڏسڻ ۾ ايندي آھي. شاھ اڪثر چوندو ھو ته ” انھي جت جھڙو درد وارو انسان، مون ڪڏھن ڪونه ڏٺو.“
شاه حبيب ، پٽ جي فراق ۾ بيحال ٿي پيو ھو ، ۽ رات ڏينھن ، پيو ڌڻيءَ در ٻاڏائيندو ھو، ته سندس پٽ کيس وري سلامت اچي ملي.
مخدوم نوح جي درگاھ به ، ھر روز اِھائي دعا پنندو ھو. ھڪ ڏينھن اوچتو ئي اوچتو ، شاھ عبدالطيف اچي پنھنجي گھر سھڙيو. پيءُ جون اکيون ٺري پيئون، ورھين جو وڇوڙو ھڪ کن ۾ لھي ويو.
شاھ جي گھر موٽي اچڻ کان سست ئي پوءِ ، مٿس شاديءَ جو ٻنڌن پيو. جنھن جي ڪارڻ، گھڻو وقت بي تاب ٿي، جھنگ واديون ۽ رڻ ڦريو ھو، تنھن سان ئي قدرت سندس ناتو جوڙيو. اھا ھئي مرزا مغل بيگ جي نياڻي، بيبي سيده بيگم ، جنھن کي شاھ صاحب جا مريد، پوءِ اَدب وچان، تاج المخدرات (ستين جو ڇٽ) سڏيندا ھئا.
شاھ جي شادي ڪيئن ٿي، سا به ھڪ حيرت جھڙي ڳالھ آھي . ھڪ ڏينھن اتفاق سان ائين ٿيو جو ڪي دَل ذات جا رھزن ،مردن جي غير حاضريءَ جو فائدو وٺي، مرزا مغل بيگ جي گھر ڪاھي آيا، سارو قيمتي سامان ٻھاري رمندا رھيا. پوءِ مغل ھٿياربند ماڻھو ساڻ ڪري، ڌاڙيلن جي ڪڍ لڳا، ۽ اچي شاھ جي پاڙي مان لانگھائو ٿيا. اھا روئداد ڏسي ، شاھ سچي نيت سان پنھنجون ۽ پنھنجن ماڻھن جو خدمتون آڇين، پر مرزا، ان کي حقارت سان ٿو ڪاري ڇڏيو. شاھ کي انھيءَ تان ڏاڍو رنج رسيو. چون ٿا ته سندس زبان مان بي اختيار بد دعا نڪري ويئي ، مرزا پنھنجن ماڻھن سميت شاھينگن ھٿان مارجي ويو. اھو حادثو 1124 ھه مطابق سنه 1813ع ۾ ٿيو. مغلن جي زالن، سيدن جي رنج مٽائڻ لاءِ اچي کانئَن معافي ورتي. پوءِ مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ جي شادي شاھ سان ڪرايائون. بيبي صاحبه ھڪ نھايت پاڪ دامن، پارسا ۽ نيڪ اطوار عورت ھئي. شيخ سعديءَ جو فرمودو آھي:
زن نيک و فرزانه وپارسا ــــــــ کنند مرد درويش راپادشا.
يعني: نيڪ ،سياڻيءَ عورت ، فقير مرد کي به بادشاھ بنائي ٿي ڇڏي،ھنجي سڳوريءَ صحبت ، شاه کي ھڪ روحاني بادشاھ بنائي ڇڏيو ته ڪھڙو عجب! ھوءَ پاڻ سان پنھنجو ننڍو ڀاءُ گولو وٺي آھئي ھئي. جو جلدئي گذاري ويو.
شاھ کي ڪو اولاد ڪونه ٿيو. چون ٿا ته بيبي صاحبه کي ھڪ وار اميدواري ٿي ھئي ، پر پوءِ ڪيھاءِ ٿي پيس. انھيءَ جو ڪارڻ ، ھن ريت ڄاڻايل آھي: ھڪ ڏينھن شاه پنھڻجي ھڪ فقير کي پري کان سھڪندو ايندي ڏٺو، پڇڻ تي معلوم ٿيس ته بيبي صاحبه کي پلي تي دل ٿي ھئي، ۽ اھو فقير ، ڊوڙندو وڃي گھڻي پنڌ تان پلو ھٿ ڪري آيو ھو. اھو حال ڏسي، شاه چيو ته ” اھڙو اولاد ئي گھوريو، جو ڄمڻ کان اڳي ئي منھنجي فقيرن کي ٿو رُلائي.“ شاه ھميشه چوندو ھو ته ” ھي فقير ئي منھنجو اولاد آھن، جنجون دليون عشق کان گھايل آھن.“
تحقيق ، درويشن جا مريد سندن نوري پٽ آھن.
ھاڻ شاه جي زندگيءَ ھموار ۽ موزون نموني ۾ گذرڻ وقت ، رياضت ،عبادت ، شعر گوئي ۽ قدرت جي جمال پسڻ ۾ صرف ڪندو ھو. قدرت جا من موھيندڙ نظارا ، کيس وجد ۾ آڻي ڇڏيندا ھئا. اڪثر اونھي ويچار ۾ گذاريندو ھو. ” انسان ڇا آھي؟ عالم ڇا آھي؟ حق ڇا آھي؟ “ جي باريڪ مسئَلن تي غور ڪندو ھو. ويدانت ۾ به انھن ئي باريڪ نڪتن تي ويچار آيل آھن: ” جيو ، جڳت ۽ ايشور ڇا آھن؟“
شاه جي ٻاجھاري طبيعت ، نيڪ اطوارن ۽ پاڪدامنيءَ ڪيترن ئي انسانن کي مٿس مفتون ڪري ڇڏيو. ھڪ ھو اڳيئي سيد ،ٻيو سڀاءُ جو ھو سٻاجھو سو ته باقي به ماڻھن کي موھي وڌائين. شاه پاڻ پوڄائڻ کان پري ھو، پيري ۽ شيخي، دل کي نه وڻندي ھيس:
پوڄا ڪَرم پاڻکي، جوڳي! رکج جوڳ،
خلق خادم جئَن ڪرين، اي راول! وڏو روڳ.
پر خلق خود ڏانھنس ڇڪجي ٿي آئي. ماڻھن وٽ شاھ جي ايڏي عزت ، آسپاس جي پيرن ۽ ميرن کان سٺي نٿي ويئي. مطلب ته سمورو حسد پيريءَ مخدوميءَ تان ھو. شاھ ذاتيءَ طرح پاڻ به ان جي خلاف ھو، پر جنجي اکين ۾ موريسر ، سي ڪئَن سچ ڏسن! سڀني پنھنجي پر ۾ ، کيس تنگ ۽ پريشان ڪرڻ سان گھٽايو ڪين. بلڪ، ميان نور محمد ته کيس صفحه ھستيءَ تان اڏائڻ جي به ڪوشش ڪئَي ، پر شاه جي مڙيئَي دشمن کيس ذرو به ضرر رسائي نه سگھيا.
شاه کي اچي خيال ٿيو ته شاه عبدالڪريم جو مقبرو جوڙايان ، سو ڪاشيءَ جي سرن آڻڻ ڪاڻ ، ملتان ڪھي ويو . موٽندي جڏھين خدا آباد پھتو ، تڏھين ڪئَين ماڻھو سندس قدم بوسيءَ لاءِ آيا. ميان نورمحمد ڪلھوڙي ھڪ معجون جي دٻلي نذراني طور ڏياري موڪليس . شاه ، دٻلي وٺندي درياه ۾ اڇلي ڇڏي ۽ چيائين ته ” ڀل ته سارو عميق ، ھن معجون جو فيض وٺي.“ معجون ۾ زھر قاتل ملايل ھو. چون ٿا ته پاڻيءَ ۾ اوڏي مھل ئي ، مئل مڇيون ترندي نظر آيون . ٻئي دفعي وري دعوت ڏيئي . ھڪ سرڪش گھوڙي ، سونن سنجن سان سينگاريل ، تحفه طور ڏنائينس .شاه لغام کي پري اڇلي ، گھوڙيءَ کي اڙي ھڻي اتان طوفان جيان نڪري ويو . ۽ ٿوري وقت کان پوءِ صحيح سلامت ساڳي منزل تي موٽي آيو. ميان نورمحمد ڪلھوڙي پنھنجي ڪئَي تي ڏاڍو پيشمان ٿيو ۽ دشمن مان ڦري سندس معتقد ٿي پيو . چون ٿا ته ميان نور محمد کي ميان غلام شاه ڪلھوڙو شاھ جي دعا سان ڄائو.
شاه کي ھاڻ خلوت جي عشق ، ڪوٽڙيءَ ۾ آرام نه ڏنو . پنھنجي سير جي دوران ۾ ، نون ھالن کان ٻن ڪوھن جي مفاصلي تي ، ڪڙار ڍنڍ نزديڪ ، ھڪ دٻن ۽ دٻين جي وچ ۾ بيٺل ، ۽ ڪرڙن ۽ ڪنڊن ۾ ويڙھيل ، واريءَ جو دڙو چتائي ڇڏيو ھوائين . سندس نظر ۾ ، اِھو سڃھرو ، عبادت لاءِ ھڪ آدرشي آستان ھو. نھايت ڪشالي ۽ محنت سان انکي پنھنجي محبوب ” ڀٽ “ جي صورت ڏنائين. فقيرن سان گڏ ،انھيءَ واريءَ جي دڙي مٿان چيڪي مٽي وڌائين ۽ پوءِ پنھنجي لاءِ ھڪ جھوپڙو اڏيائين . ھڪ ننڍڙي مسجد ۽ پنھنجي اَبي ۽ اَمڙ لاءِ ھڪ حويلي به اڏرايائين ، ۽ فقيرن کي به رھڻ لاءِ حدون مقرر ڪري ڏنائين . مينھن جي موسم ۾ ، ڀٽ ، ھڪ رونقدار ويس پھريندي ھئي . شاھ ” سر سارنگ “ ۾ اُن رونق ڏانھن ڪي اِشارا فرمايا آھن.
چون ٿا ته شاه عبدالڪريم، ھڪ لڱا انھيءَ ھنڌان لنگھندي ، اتي نماز پڙھي ھئي ۽ پڻ فرمايو ھوائين ته ” اسانجي اولاد مان ھڪ ولي ۽ وڏو شاعر ، ھن ھنڌ پنھنجو آستانو جوڙيندو.“ اُن وقت شاه عبدالڪري ، ھالن واري مخدوم نوح کي ملڻ لاءِ وڃي رھيو ھو ڇو ته مخدوم صاحب ۽ شاه عبدالڪريم پاڻ ۾ گھرا دوست ھوندا ھئا.
شاه اڃان ڀٽ کي تيار ڪرڻ ۾ ئي لڳل ھو ته پنھنجي والد سڳوري جي سخت بيماريءَ جي خبر مليس . شاه حبيب قاصد ھٿان پٽ ڏانھن ھي نياپو ڏياري موڪليو:
ڪنھن جنھن نينھن ننڌاه ، جي مون واجھائيندي نه ورو،
جيڪي مئَي ڪنداه ، سو جانب ڪريو جيئري.
شاه پنھنجي والد کي آخرين طرح گڏجڻ لاءِ بيحد بيتاب ٿيو ۽ قاصد کي جواب ۾ ھي بيت ڏنائين.
متان ٿئين ملور ، ڪين اڳاھون آھيان،
ڏسڻ ۾ ڪر ڏور ، حد ٻنھي جي ھيڪڙي.
شاه حبيب کي پٽ جو نياپو مليو ته اندر کي آرام اچي ويس . شاه نياپي موڪلڻ کان ترت ئي پوءِ پنھنجي والد سڳور کي ملڻ لاءِ روانو ٿيو. افسوس جو سندس پھچڻ کان اڳيئي شاه حبيب جو روح وڃي حق سان ھڪ ٿيو. پيءُ جي وفات ڪري شاه کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ھو ڪيترا ڏينھن ماتم ۾ رھيو.
شاھ حبيب جي وفات کانپوءِ کيس شاه جي ھدايت موجب محمود فقير جي سيرانديءَ کان دفن ڪيائون. ھاڻي مقبري مٿان گنبذ ٺھيل آھي. اِھو گنبذ شاه صاحب جي مقبري کان اتر طرف اَٺن نون وکن جي مفاصلي تي آھي. شاه حبيب سنه 1842ع ۾ وفات ڪئي. اھا تاريخ محمد صادق نقشبنديءَ جي عربي مصرع مان نڪري ٿي: اَلموت جسر يوصل الحبيب لييٰ لقاءِ الحبيب“ يعني: موت ھڪ پل آھي، جنھن تان ھڪ دوست لنگھي وڃي ٻئي دوست کي ملي ٿو.
شاھ صاحب ، پيءُ جي وفات کان پوءِ رڳو ڏھ وريھه زنده رھيو. پيءُ جي گذرئي کان پوءِ اٽالي سميت ، ڪوٽڙي ڇڏي وڃي ڀٽ تي رھيو. سندس ھاڪ ، ھينئَر ماڳين پکڙجي ويئي ۽ ڪٿان ڪٿان جا ماڻھو سندس ديدار لاءِ آيا ٿي.


وٽس سارو ڏينھن سرود ۽ سماع جاري ھوندو ھو. دھليءَ جا ٻه مشھور گويا ، اَٽل ۽ چنچل به اَچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا. راڳ ، شاه صاحب جي جان ھو، موسيقي يا گائن وديا جو ڪامل ڄاڻو ھو. پاڻ به پنھنجو چيل ڪلام ڳائيندو ھو. چون ٿا ته وفات کان ٿورو اڳ گھڻو ڪري ھيٺين ڪافي چوندو رھندو ھو. ” سر سھڻي“ جي پھرئين داستان کان پوءِ اَچي ٿي.

ڪھڙي منجھ حساب؟ ھئَڻ منھنجو ھوت ري لا!......
حياتيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ اچي سڪ ٿيس ته ڪربلا جي زيارت ڪري اچان . قضا سان واٽ ۾ ھڪ خدا رسيدو مريد گڏيس . جنھن چيس ته ” سائين سڳورا! اوھين ماڻھن کي چوندا آھيو ته اوھانجو ڪفن دفن ڀٽ تي ٿيندو. پوءِ ھينئَر ڪئين پڇاڙيءَ جي وقت ھيڏي سفر تي نڪتا آھيو؟.“ شاه جي دل ۾ ، اِھي سخن تير مثل پيھي ويا ۽ ڪربلا شريف جي زيارت جو خيال ترڪ ڪري ، ڀٽ ڏانھن واپس وريو. ڀٽ تي پھچڻ سان ڪارو ويس ڪري ، امامن جي ماتم ۾ ” سر ڪيڏارو “ چيائين. پورا ايڪيھين ڏينھن ايڪانت ۾ رھيو. ۽ اُنھيءَ عرصي ۾ ٻن ويلن جيتري ماني مس کاڌائين. جڏھن ٻاھر نڪتو ، تڏھين غسل ڪري ھڪ چادر مٿان وجھي، مراقبي ۾ ويھي رھِو. پوءِ سرود ۽ سماع جو اِشارو فرمايائين. ٽي ڏينھن برابر فقيرن جو راڳ روپ پئي ھليو. آخر راڳ ختم ٿيو، پوءِ شاه صاحب جي ويجھو ڇا وڃي ڏسن ته سندس روح مبارڪ پرواز ڪري وڃي رب سان مليو ھو! شاھ صاحب صفر مھيني جي چوڏھين تاريخ سنه 1125ھ مطابق 1752ع ۾ جھان مان لاڏاڻو ڪيو. سندس عمر حضرت محمد صلعم ۽ حضرت عليءَ جي عمر جيتري ٿي يعني 63 ورھيه.
شاھ صاحب جو لاش مبارڪ سندس وصيت موجب ڀٽ تي ، محمود شاه جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو. ميان غلام شاه ڪلھوڙي پنھنجي خرچ سان سندس تربت مٿان سنه 1754ع ۾ ھڪ عاليشان مقبرو وقت جي نامياري عيدن رازي کان جوڙائي راس ڪرايو. ميرن جي صاحبيءَ ۾ مير نصير خان ، انھيءَ مقبري ۽ مسجد جي عمدي مرامت ڪرائي. سندس سوٽ مير محمد خان، قبي کي چانديءَ جو دروازو وجھايو. جو اڄ تائين قائم آھي . دروازي مٿان توڙي ديوارين تي ڪيترائي سھڻا فارسي بيت نقش ڪيل آھن جن مان شاھ صاحب جي وفات جي تاريخ ملي ٿي.
شاه حبيب جي تربت سڳوري، ھينئَر عام و خاص لاءِ ھڪ زيارتگاھ آھي. اُن جو ديدار قلب کي آرام ڏيندڙ آھي.
ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
اُن جي عبدالطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙيين ڪن سلام ، آڳھ اچيو اُن جي.
ھر جمع رات ڀٽ شريف تي فقير شاھ صاحب جو ڪلام ڳائيندا آھن ، ڪلام رات جو ڏھين بجي ڌاري شروع ٿيندو آھي ۽ صاف صبوح تائين ھلندو آھي.
شاھ جو رسالو ڪلام وجد واري حالت ۾ چيل آھي. شاه صاحب جڏھين انھيءَ حالت ۾ ايندو ھو. تڏھين ويندو ھو شعر چوندو. جو سندس فقير بروقت قلم بند ڪندا ويندا ھئا. ھڪ روايت آھي ته وفات کان ٿورو وقت اڳ ، سارو رسالو ڪراڙ ڍنڍ ۾ داخل ڪري ڇڏيائين ، ڇو ته اھو خيال اچي ٿيس ته متان ماڻھو سندس رمزون نه سمجھي وڃي گمراھيءَ ۾ پون. چون ٿا ته شاه جي ائين ڪرڻ تي فقيرن کي ماتم وٺي ويو، ۽ پاڻ مٿن رحم آڻي ، ھڪ مريدياڻي مائي نيامت (نعمت) کي فرمايائين ته فقيرن کي اھو لکرائي ڇڏي ، چون ٿا ته اِنھيءَ مائي کي شاھ جي ڪلام جو ڳچ حصو ياد ھو. پوءِ انھيءَ نئين سر تيار ٿيل رسالي ” گنج “ ڪري سڏيائون ۽ تمر فقير جي حفاظت ۾ ڇڏيائون. فقير جا پويان اڃا تائين اُنجي حفاظت ڪندا اچن.
شاه جو ڪلام سندس سيرت جو آئينو آھي. جن ۾ گڻن کي پنھنجي ڪلام ۾ واکاڻيو اٿس. تن مڙني جو مجسم ھو. سندس متو ھو ھر حال ۾ تواضع ۽ خاڪساري ڪرڻ ۽ ” سڀني سين ، من ماري ميڻ “ ڪرڻ. جيڪي خاڪ ۾ ڏٺائين ، سو عالم جي ٻي ڪنھن به شي ۾ نه ڏٺائين: سو نه ڪنھن شي ۾ ،جيڪي منجھ تراب. شاه صاحب جي واٽ ، نيستيءَ واري ھئي ، نه ھستي واري. نيستيءَ ۾ ھستي ۽ نابوديءَ ۾ بود ڏٺائين.
شاھ صاحب کائيندو پيئندو ۽ پھريندو سادو ھو. اِلاھي محبت ۾ رڱيلن جي ، نه ڪڏھين پوشاڪ سان پيئي آھي نه خوراڪ سان. شاھ صاحب جي ظاھري لباس ، سينڌ سرمي ۽ ٺاه ٺوه سان نه پوندي ھئي.
شاھ صاحب جي پوشاڪ، ڪاري ڌاڳي سان سبيل ھڪ گيڙوءَ رتي ڪفني ھوندي ھئي. مٿي تي سفيد رنگ جي وڏي ٽوپي يا ڪلاه ۽ اُن جي مٿان ڪاري رنگ جي ڪپڙي جو ٽڪر ويڙھيل ھوندو ھوس. ھٿ ۾ جوڳين جي بيراگڻ جھڙي لٺ کڻدو ھو. کاڌي پيتي لاءِ ھڪ ڪشتو يا ڪشڪول ھوندو ھوس. اھي شيون اَڃان تائين ڀٽ شريف تي پوري حفاظت ۾ احترام سان ساڍيل آھن. پور ھوندو ھوس ته جتي پائيندو ھو، نه ته پيرن اگھاڙو پنڌ ڪندو ھو. اوچي بستري تي نه ، پر ھڪ پراڻيءَ کٿائينءَ گودڙي تي سمھندو ھو. ڪڏھين به ڪنھن دنيوي فرحت کي اوڏو نه ويو. ننڊ به نھايت ٿوري ڪندو ھو. جھڙيون رياضتيون شاه صاحب ڪڍيون ، تڙيون ڪنھن ورلي ڪڍيون ھوندو. سمھندو به ھڪ صندل تي ھو ، جو اڃان تائين موجود آھي. شاه لاطمع به ھڪڙو ئي ھو. ڪڏھين به ڪنھن جو ٿورو کڻڻ نه چاھيندو ھو. پاڻي به پنھنجن ھٿن سان ڀري پيئندو ھو، ڇو جو ڪنھن کي پاڻي آڻڻ جو چوڻ به سندس خيال ۾ سوال ۾ داخل ھو.
چون ٿا ته سندس ھڪ مريد، ھر سال جڏھين زيارت لاءِ ايندو ھو تڏھين ھڪ کٿو پاڻسان نذراني طور آڻيندو ھو. ھڪ سال ، مسڪينيءَ سببان ويچارو کٿو ڳنھي نه سگھيو. تنھنڪري شاه صاحب وٽ لڄ وچان آيو ئي ڪين. ٻئي سال دستور موجب کٿو کڻي، شاه صاحب وٽ آيو. شاه صاحب پڇيس ته ” پر سال ڇو نه منھن ڏيکاريءَ ؟“ جواب ڏنائين ته ” پر سال توفيق نه ھيم جو سائين جن لاءِ کٿو کڻي اچان، چيم ته ھٿين سکڻو ڪئين اچان“. اِنھيءَ تي شاه صاحب فرمايو ته ” اھو کٿو ئي گھورو ، جو دوست کي دوست کان سڪائي.“
شاه صاحب جو قلب نھايت ڪومل ھو. نه رڳو انسان ذات لاءِ ، پر پکين ۽ پسن سان اٿاه قرف ھوس. حياتيءَ ۾ ڪڏھن ڀُلئي ڀُلائي به ڪنھن پرندي ۽ پسونءَ کي ڪو ڏک نه رسايائين. شڪارين کي اَجل جي يادگيري ٿو ڏياري ، جئن ويچارن گگدامن کي مارڻ کان باز اچن( اھا ، عام اِنسانن لاءِ به ھڪ ھدايت آھي.)
شڪار تون شھباز جو تون تان منجھ شڪار!
ڪونجڙين کي شڪار ٿيندو ڏسي ، سندس ھردو درد کان رجيو ٿي. اُنھي معصومڙين جي ھردي مان ڄڻ پيھي نڪتو ھو. ماريءَ جي ڄار ۾ ڦاسڻ وقت ، اَندر ۾ اُھو ئي وڍ پيو پوين ، ته سندس پٺيان ، سندس ٻچا ڪئَين ڪندا.
ڪونجيون ٿيون ڪڻڪن ، جيڪسن ھلڻ ھاريون،
ٻچا پوءِ اُٿن وڃن وانڌا ڪنديون.
ڪونجڙين کي اندر ۾ وڍ پوندا ڏسي ، سندس اندر جا به چاڪ ٿي چڪيا. اُنھن جي فراق وارين دانھن سندس فراق جا ڦٽ آلا ٿي ڪيا:
ڪونجڙي ڪالھ لنئَين سڄڻ وڌم چت،
آئون جنھن ريءَ ھت، گھنگر گھاريان ڏينھڙا.
دل ايتري قدر ته نرم ھيس جو ڪھل وچان ٻن ڪتن کي پنھنجي ھٿن سان پاليو ھوائين . ڇو ته انھن جي ماءُ، کين نڌڻڪي حالت ۾ ڇڏي ويئي ھئي، اُنھن مان ھڪ کي ” موتي“ ۽ ٻي کي ”کينھو“ ڪري سڏيندا ھئا.
شاه صاحب نھايت پرھيزگار ۽ پاڪدامن ھو. مجازي عشق ڪمايائين ، پر اُن ۾ اَٽڪي بيھي نه رھيو. شاديءَ کان پوءِ پنھنجي تڙ ڏاڏي شاه عبدالڪريم وانگر ، ڇڙائيءَ جي واکان ڪندو ھو. راڳ تي ايتري قدر ته مفتون ھو ، جو وصال به راڳ ٻڌندي ڪيائين. سارو وقت وٽس سرود ۽ سماع لڳو ئي پيو ھوندو ھو. سماع ھلندي ، سر جي سمڪ نه ھوندي ھيس، تندن جي تانن ۾ روحاني راز پروڙيائين.
تان نه آھي تند جو ، رون رون ڪري راز.
راڳ جو سچو قدر ” سر سورٺ “ ۾ ڪيو اَٿس . راڳ جي عشق جي لحاظ کان راءِ ڏياچ شاه پاڻ آھي.
شاه صاحب وڏي ڏيا ۽ حشمت جوصاحب ھو. سندس حضوريءَ ۾ ڪنھنکي به ڪا گستاخي ڪرڻ جي مجال نه ھئي. ھميشه ڳورو ۽ ڳنڀير گذاريندو ھو. البت ، وڳند يا ورو فقير سان ، وقتي چرچا گھٻا ڪندو ھو. ”سر بلاول“ ۾ انھي ”جسم جي جڏي“ فقير سان چڱو مذاق ڪيو اَٿس. شاه صاحب جي ھن جڏڙي سان اھڙي ڪا خاطر ھئي ، جو ھنجي صدقي ظريفاڻو شعر به چيو اَٿس. وڳند کي گھڻن ئي مذاقي لفظن سان ياد فرمايو اَٿس. ” نسورو ئي نرڳ، ”بي نماز“ ، ڪلاٺ، ”نرڳي“. ھنجي گدائيءَ ۽ پيٽوڙ پائيءَ تي چڱائي چرچا گھٻا ڪيا اٿس. اھو فقير ڪوٽڙيءَ جو ئي ھو، ٻيا فقير ، جي شاه صاحب جي مريدن ۾ داخل ھئا، سي ھوا: تمر فقير سندس خاص خليفو جنھنجو اولاد اڄ ڏينھن تائين سندس درگاھ جو مجارو آھي، محمود شاھ جو اَميري ترڪ ڪري فقير ٿيو ھو ۽ جنھن لاءِ شاه صاحب کي ايڏي عزت ھئي جو پنھنجي تربيت ھنجي پيرانديءَ کان ڪرڻ جي وصيت ڪئي ھئائين. شاھ عنايت ، ھڪ وڏي زميندار جو پٽ ، ميون ھاشم علوي ريحان جو پوٽو ، جو راڳيندڙ به ھو ۽ لکپڙه جو ڪم به ڪندو ھو، بلال ، جنھن سان ايڏي محبت ھيس ، جو ڪڏھين ڪڏھين ھنجي ملاقات لاءِ ھنجي ڳوٺ ڪھي ويندو ھو.
شاه کي ڪامل درويشن سان رھاڻين ۽ ملاقاتن ڪرڻ جو شوق ھو ۽ اڪثر پاڻ وٽن ڪھي ويندو ھو.شاھ جي زماني ۾ سنڌ ۾ گھڻيئي ڪامل فقير ھئا. شاھ صاحب پنھنجي حياتيءَ جي عرصي ۾ گھڻن ئي الله لڪن سان ملاقاتون ۽ رھاڻيون ڪيون ، ڦوه جوانيءَ جي زماني ۾ شاه عنايت جھوڪ واري سان ملاقات ڪيائين چون ٿا ته شاھ عنايت کيس ڏسندي ئي ھيٺيون بيت چيو. ان ۾ سالڪ کي طريقت جي واٽ وارين مشڪلاتن جو شير دليءَ سان مقابلو ڪرڻ بابت ھدايت فرمايل آھي.
ڏسي ڏونگر ڏار ، متان ھلڻ ۾ ھيڻي ٿئين،
ڪي مجازاڻيون موٽيون ، سڻي پنڌ پچار ،
پويون پائج پرينءَ کي حقيقت جو ھا،
سِگھي لھندءِ سار ، آريچا عنايت چئي.
شاھ صاحب جواب ۾ ھيٺيون بيت فرمايو:
پسي ڏونگر ڏاه! جم ھلڻ ۾ ھيڻي وھين،
لانچي لڪ ، لطيف چئي پٺيءَ ڪيچين ڪاه،
پڇي پورج ، سسئي! بلوچاڻي باه،
اِن وڙائتي ور جي ، آسر ھڏ م لاه،
جو اکنئَون اوڏو آه ، سو پرين پرانھون م چَئو.
شاه عنايت شھيد جي شھادت وقت ، شاه ايڪٽيھه سالن جو ھو. خواجه محمد زمان لواريءَ جي ملاقات لاءِ به پاڻ ڪھي ويو ھو . جيتوڻيڪ عمر جي لحاظ کان خواجه صاحب ، شاه صاحب کان گھڻو ننڍو ھو. شاه صاحب خواجه صاحب جي ڪماليت کان اھڙو ته متاثر ٿيو ھو ، جو جڏھين به وٽس ھن صاحب جو ذڪر نڪرندو ھو، تڏھين ازخود زبان مان ھي بيت ڇٽي نڪرندو ھو:
مون سي ڏٺا ماءِ ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
ڪري نه سگھان ڪاءِ، اُنين سندي ڳالڙي.
شاھ صاحب مخدوم محمد معين ، ٺٽي جي مشھور عارف وٽ گھڻو ايندو ويندو ھو. مخدوم صاحب جو ”اويسيه“ نالي رسالو لکيو . سو به شاھ صاحب جي اِستدعا تي ڇو جو شاه صاحب جو اويسي طريقي سان خاص پيوند ھو. بلڪ اِئين چئجي ته شاھ صاحب پاڻ ھڪ اويسي عارف ھو. شاه صاحب جي مرشد جي ڪل ڪنھن کي به نه رھي آھي، ھو صاحب رياضتن ۽ ڪشالن جي ذريعي ئي روحاني ڪماليت کي رسيو.

”تحفت الڪرام“ ۾ آيل آھي ته جڏھين مخدوم صاحب جي وفات جو وقت ويجھو آيو تڏھين شاه صاحب پنھنجي فقيرن کي فرمايو ته ” ھلو ته پنھنجي دوست سان پڇاڙيءَ جي ملاقات ڪري اچون.“ فقيرن اُتي پھچي سماع شروع ڪيو. مخدوم صاحب تي سماع جو ايڏو ته اثر ٿيو، جو ھو ذوق ۽ حال ۾ اچي، پنھنجي حجري ۾ ھليو ويو، ۽ ساعت کان پوءِ سندس روح وڃي حق سان ھڪ ٿيو.

شاه صاحب جي ، سچل فقير جي ڏاڏي ميان صاحب ڏني سان به ملاقات ٿي. ھن صاحب اُن وقت کٻڙن جي ويڙھه ۾ لڪائي ويٺي رياضت ڪڍي. شاه صاحب کيس ڏسي فرمايو ته ” يار کي لڪائڻ نه گھرجي، پر ھنکي ٻاھر آڻجي.“ اِنھي تي ھُو صاحب ٻاھر نڪري آيو. وري ٻئي دفعي جڏھين درازن ۾ آيو تڏھين پنجن ورھين جي ٻالڪ سچل کي ڏسي فرمائائين ته ” اسان جيڪو ڪنو چاڙھيو آھي، تنھن جو ڍڪڻ ھي لاھيندو.“
چون ٿا ته مخدوم دين محمد صديقي سيوھاڻيءَ جي به شاھ صاحب سان گھٽائي دوستي ھوندي ھئي. انھيءَ ڪري شاه صاحب جو گھڻيئي دفعا سيوھڻ ۾ وڃي ٿيو. ٻنھي جي پاڻ ۾ ايڏي ته محبت ھئي جو ھڪ لڱا پاڻ ۾ دستارون بدلائي پڳ مٽيا يار بڻيا ھئا.
شاھ صاحب جي مدن ڀڳت سان به گھاٽي پريت ھئي. مدن صاحب ڪوٽڙي مغل جو ويٺل ھو، ۽ وڏي پھچ وارو فقير ھو، شاھ صاحب ھن ھندو صوفيءَ سان به چڱيون رھاڻيون ڪيون.
شاھ جو روحاني طريقو ڪھڙو به ھجي، سندس ڪلام مان ظاھر آھي ته ھو مذھبي اِختلاف کان مٿي ھو، ھر شئيءَ ۾ حق جو جلوو پسندڙ ھو.
ڏسڻ ڏسين جي ، ته ھمه کي حق چوين.
شاھ صاحب نڪي ھو شيعو، نڪي ھو سني. ھڪ لڱا ، سوال پڇيو ويس ته ” سائين اوھين سني آھيو يا شعيا؟“
جواب ۾ فرمايائين ته ”آھيان به اھو ڪي ڪين.“
پڇيو ئي جان دوست ، تان پاسي ڪر پرھيز کي ،
جنين ڏٺو ھت ، تن دين سڀيئي دور ڪيا.
اگرچه باطن ۾ ھڪ صوفي عارف ھو، ته به ظاھر طرح ، ماڻھن جي صحيح ھدايت لاءِ شريعت جا سڀ حق پوريءَ ريت بجا آڻيدو ھو. باطن ۾ توڙي ظاھر ۾ ، ھڪ ڪامل ھادي ۽ رھبر ھو. سندس ھدايت آھي.
ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ،
ھنئون حقيقت ھير تون، ماڳ معرفت ماڻ،
ھوءِ ثابوتي ساڻ، ته پسڻ کان پالھو رھين.