Sunday, 5 February 2012

کاھوڙي جائزو 2012 :ـ سنڌي ۽ بلوچن جو قومي جياپو قومي آزاديءَ سان مشروط آھي! شفيع محمد برفت


کاھوڙي جائزو ـــ  سنڌي ۽ بلوچن جو قومي جياپو قومي آزاديءَ سان مشروط آھي!
  شفيع محمد برفت

پاڪستاني رياستي برصغير جي مسلمانن جي سڀ کان وڏي چڪ ۽ گھڻ طرفو ڏوھ ثابت ٿي چڪي آھي، جيڪو گناھ ان وقت جي عالمي طاقت برطانيه پنھنجي جيو پوليٽيڪل اينڊ اسٽريٽيجڪ مفادن جي خاطر ڪرايو. پاڪستاني نام نھاد ٻه قومي نظريو يعنيٰ مذھب جي نالي تي مسلمان ھڪ قوم آھي وارو خفط ھن وقت نه صرف سنڌين ۽ بلوچن لاءِ ناسور بنجي چڪو آھي. پر ان کان اڳ ان مودودي ذھنيت جي اسلامي قوميت بنگالين جي تاريخ ، ڪلچر ، زبان ، سياسي ۽ اقتصادي مفادن ۽ وطني شناخت ۽ سرحدن کي قيد ڪري شديد غلاميءَ جي پنجوڙ ۾ کين جڪڙي رکيو ۽ بنگلاديش جي ڪامياب قومي آزاديءَ جي تحريڪ جنھن ۾ بنگالي غيرتمند قوم کي پنھنجي مادري وطن جي آزاديءَ لاءِ لکين شھيدن جي رت سان گڏ معصوم ڌرتي ڌياڻين جي عصمتن جي قرباني به ڏيئڻي پئي ھئي، آخر ڪار بنگالي قوم ان پاڪستاني غير فطري غيرمھذب فاشي رياست جي پنجوڙ مان آزاد ٿيا ھئا. دنيا ڏٺو ته واقعي به نه صرف مذھب جي نالي ۾ قوميت وارو اھو ڍونگ تاريخ جو بدترين انڪار ثابت ٿيو پر سموري مھذب دنيا جي معاشرن ، قومن ۽ انسانذات خلاف نام نھاد ٻه قومي نظرئي جي حامي رياست ۽ ان جي حرامي ادارن فوج ۽ آءِ ايس آءِ  وارن سموري انسان ذات ۽ عالمي امن ، سلامتي ، انساني ڀائيچاري ۽ ماڻھپي خلاف جيڪو دھشتگرديءَ ، مذھبي جنونيت جو رڻ ٻاري ڏنو ان جو اندازو افغانستان ۾ طالبانن واري جاھل حڪمرانيءَ ۽ ان جي نتيجي ۾ القاعده جو مضبوط ٿيڻ ۽ 9/11 جھڙن واقعن جي صورت ۾ سامھون آيو ته ٻئي طرف وري آءِ ايس آءِ جي مذھبي انتھاپسند ذھنيت جي مالڪ دھستگرد گروھ طرفان ممبئي شھر ۾ انساني ڪوس ۽ قتِل عام ڪرايو ويو. پنجاب جي سامراجي سوچ ، استعماري مفادن اسلامي ٻه قومي ڍونگ واري مذھب جي آڙ ۾ نه صرف برصغير ، ڏکڻ ايشيا ، وچ ايشيا پر سموري دنيا لاءِ جنونيت ۽ جھاد جي نالي ۾ زبردست خطرو ۽ جنگ مسلط ڪري ڇڏي عالمي قوتن جي ان وقت کين حشي ۽ ٽيڪ به شامل ھئي.ان ڪري جھادي تماشو ڊالر جي ٻلھه تي افغانستان جي آکاڙي ۾ جاري رھيو. پر جيئن ته اھو نظريو، جنگ جو اھو مقصد ۽ جنگي جنوني قوتون سموري جا سمورا ناجائز ۽ غير منصفاڻي سوچ جا شاھڪار ھئا.

ان ڪري ان جھادي ڍونگ واري راند کي وڌيڪ جاري رھڻ جو ڪوبه سياسي ، اخلاقي تاريخي جواز نه رھيو. ان ڪري ”بندي جي من ۾ ھڪڙي ته رب جي رضا وري ٻي“ وانگر پنجابي سامراج ۽ ان جي خونخوار خفيه ادارن آءِ ايس آءِ ۽ فوج سوچڻ شروع ڪيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي سرزمين تي قبضو ، ڦرلٽ کي غلام ڪري سندن تيل ، گئس، ڪوئلي ، سمنڊ ،درياھه ۽ جاگرافيائي سرحدن کي ڦٻائڻ ته ڄڻ ھضم ٿي چڪو آھي، پر ”ستارون سي آگي جھان اور ڀي ھي“  جيئن ھاڻ ھو ان مذھبي Theory کي کڻي جھادي ٽولڙيون پيدا ڪري سموري دنيا لاءِ اميرالموممنين بنجي حڪمرانيءَ جا خواب ڏسڻ لڳا ۽ ”پڪي پڪائي تازا روٽي“ وانگر سمورين مسلمان ملڪن کي اسلامي جھاد فراھم ڪندا رھيا . ائين پنجابي فوج ۽ آءِ ايس آءِ وارن پاڻ کي جنوني جھادين جو ٺيڪيدار سمجھڻ شروع ڪري ڏنو. اھڙيءَ ريت ھنن سموري مھذب دنيا کي اسلامي جھاد جو خوف ڏئي مال ميڙڻ ۽ ڊالر ڪمائڻ شروع ڪري ڏنو ۽ جھاد سندن ڌنڌو ۽ ڪمائيءَ جو ذريعو بنجي ويو . ھن فاشي رياست جي دھشتگرد خفيه اداري آءِ ايس آءِ ۽ فوج کي اھو اندازو ئي ڪونه ھئو ته جڏھن عالمي قوتن جي مفادن ۽ ضرورتن ۾ ڦيرو ۽ تبديلي آئي ته ” تيرا ڪيا بنيگا ڪاليا“ وانگر ھن فاشي رياست ٿيوڪريٽڪ رياست جي جھادي دھشتگرد ۽ جنوني حرڪتن جو ڇا نتيجو نڪرندو؟ ۽ اھوئي ٿيو جيڪو ڪجھ اڄ ڪلھ ھن رياست سان عالمي حوالي سان ٿي رھيو آھي ، آمريڪا ۽ نيٽو جا ملڪ ھن رياست جي اھڙن نام نھاد مذھبي جنوني نظرئي، فوجي ناجائز سگھ ،آءِ ايس آءِ جي دھشتگردي عملن جي خلاف سخت نوٽيس وٺڻ شروع ڪيا آھن. اڄ سموري دنيا جا مھذب ملڪ ، جمھوري معاشرا، سنجيدا قومون ۽ ميوار رياستون پاڪستان کي ھڪ ٿوڪي، لوفر ۽ دھشتگرد رياست ۽ جنوني معاشرو سمجھندي عالمي امن ، سلامتي ، ڀائيچاري ، ترقي لاءِ ھڪ سنگين خطرو تصور ڪن ٿا.

اھو ئي سبب آھي جو عالمي حوالي سان پنھنجي ساک ۽ پت وائکي ٿيڻ بعد پنجابي ظالم فوج ۽ آءِ ايس آءِ جي غنڊن طرفان عالمي قوتن خلاف طالبانن جي خفيه  مدد ڪري ھٿ چراند شروع ڪئي آھي. ساڳي وقت دنيا جي مھذب ملڪن پڻ ھن ناجائز رياست کي ختم ڪرڻ لاءِ ان جي وهشي ادارن مٿان وار ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي ورتي آھي. افغانستان لڳ پاڪستاني فوجي چوڪيءَ مٿان نيٽو جي حملي جنھن ۾ پاڪستان جي 24 فوجين کي ماري مڃ ڪيو ويو عالمي قوتن جي طرفان پنجابي فوج لاءِ اھو سڌو پيغام ھئو ته اسان جي توھان جي ھر چرپر تي نظر آھي جيڪڏھن توھان جھادي دھشتگرد ٽويلن کي حُشيون ڏيئي عالمي قوتن خلاف ڀڙڪائيندو ته توھان جو حشر اھڙو ڪيو ويندو.
دراصل پنجابي فوج پنھنجي عادت کان مجبور ٿي ان فوجي چوڪيءَ وٽ نه صرف طالبانن جي خفيه ڪئمپ ھلائيدي ھئي بلڪه اتان طالباني ٽولڙين کي نيٽو مٿان حملا  ڪرڻ لاءِ افغانستان ۾ داخل ڪرائيندي رھندي ھئي، آمريڪي فوجي قيادت طرفان پاڪستان کي پنھنجي اھڙين حرڪتن کان باز رھن لاءِ ڪيتريون ئي تنبيھون پڻ ڪيون ويون پر ھي نه مڙيا ۽ پادر کاڌائون. ان جي جواب ۾ وري پنجابي فوج بود ۾ اچي ويئي ۽ آمريڪا کان شمسي ايئربيس بلوچستان واري خالي ڪرايو ويو. نه صرف ايترو پر فوج ۽ آءِ ايس آءِ وارن پنھنجي سياسي حڪومت کي اک ڏيکارڻ شروع ڪئي ڇو ته ڪھڙي به صورت ۾ پنجابي فوج کي اھو قبول نه ھوندو ته ڪو سنڌي ملڪ جو صدر ھجي ۽ وزيراعظم ان جي چئي آکي وارو ھجي ان ڪري زرداري پنھنجي چوراڻي ۽ وڏيرڪي ذھنيت جو ڀرپور فائدو وٺندي آمريڪا کي دانھن ڪوڪ ڏيڻ لاءِ ميمو جو خفيه پتو کيڏڻ جو فيصلو ڪيو جيئن آءِ ايس آءِ ۽ فوج کي سندس خلاف قدم کڻڻ کان باز رکي سگھجي. ڇاڪاڻ ته ظاھري حوالي سان  ملڪ جو صدر ھجڻ جي باوجود سنڌيءَ جي حيثيت ۾ فوج ۽ آءِ ايس آءِ وارا زرداريءَ جي ڪابه ڳالھ نٿا ٻڌن، سندس پروگرامن ۽ ٻاھرين ملڪ جي مھمانن جي دعوتن ۾ فوجي جنرل ڪياني شريڪ ناھي ٿيندو جيئن دنيا اھو محسوس ڪري ته ملڪ جي صدر جي حيثيت ھڪ گڏي واري آھي اصل رياست جا والي وارث فوج ۽ آءِ ايس آءِ وارا آھن.

اھو ئي سبب آھي جو ھن غير فطري رياست جي سياسي حڪومت ۽ فوجي ادارن جا ھڪ ٻئي جي ڏاڙھي ۾ ھٿ آھن. ھاڻ ھن رياست جي حقيقت ۽ اصليت سموري دنيا جي سامھون نروار ٿي بيٺي آھي ته پاڪستان جو نظريو ، قوميت ، ملڪي حيثيت ، سماج ۽ معاشرتي بيھڪ سڀ ڪجھ ڍونگ آھي. اصل ۾ پنجابي سامراج جي مفادن جي پورائي لاءِ پنجابي فوج ۽ آءِ ايس آءِ ھن جاگرافيائي خطي جنھن کي پاڪستان چيو ٿو وڃي، جنھن جي حدن ۾ سنڌ ، بلوچستان ۽ سرائڪي تاريخي وطن ۽ خطا اچي ٿا وڃن . مٿان پنجاب جو فوجي ڏاڍ جبر وسيلي قبضو ڪيل آھي، حڪومتن ۽ سياست کي پنجابي فوج گاھه وجھڻ لاءِ تيار ناھي فوج سمجھي ٿي ته صرف ڏنڊي ۽ ڏاڍ جي زور ۽ جبر وسيلي ئي سنڌي ۽ بلوچن کي غلام رکي سگھجي ٿو. ان لاءِ سياست ، دليلن ، بحثن جي ڪابه ضرورت ناھي ، جڏھن ته پنجابي دانشور سمجھن ٿا ته نين حالتن ۽ بدلجندڙ عالمي صورتحال جي مد نظر سياسي بول چال ھيراڦيريءَ قانوني آئيني ڊرامي بازيءَ ۽ مظلوم قوم مان دلالن کي ھٿ ڪري سندن ڦرلٽ ۽ غلاميءَ واري عمل کي گھڻي وقت تائين جاري رکي سگھجي ٿو. جيئن اڄ ڪلھه سٺي حڪمرانيءَ جو راڳ سنڌ ۾ ميڊيائي مھربانن کا ڳائرايو پيو وڃي. جڏھن ته تازو جھيڙو اصل ۾ پنجابي فوج ۽ سياسي قيادت جي وچ ۾ ان ڳالھ تي آھي ته سنڌين ۽ بلوچن کي غلام ڪرڻ لاءِ ڪھڙو طريقو ۽ فارمولو بھتر آھي، ان ۾ فوج جو موقف آھي ته ڏنڊي ۽ جارحيت کي اڃان آزمائجي جڏھن ته پنجاب جي سياسي قيادت چوي ٿي ته آئيني قانوني ذريعن ۽ سياسي تگڙم بازيءَ کان ڪم وٺجي. عالمي قوتون وري ھاڻ ان نتيجي تي پھتيون آھن ته ھيءَ رياست ان جو ٻه قومي مذھبي نظريو، فاشسٽ فوجي جھادي آءِ ايس آءِ ۽ دلال سياسي حڪمران جيڪي مظلوم قومن جا حقيقي نمائدا ناھن، اھي نه گھجن ھاڻ ھن رياست ۾ قيد ڪيل حقيقي قومن سان ڳالھايو وڃي ۽ انھن جي آزاديءَ جي سوال تي سنجيدگيءَ سان غور ويچار ڪرڻ گھرجي اھو ئي سبب آھي جو ھن ميمو معاملي کي آمريڪا پڻ وڏي دلچسپيءَ سان نه صرف ڏسي رھيو آڳي پر ھو پنجابي فوج ۽ آءِ ايس آءِ کي اک پڻ ڏيکاري رھيو آھي.

پنجاب سامراج ان جي رت پياڪ فوج ۽ دھشتگرد فاشي آءِ ايس آءِ وارا ٻه قومي مذھب جي آڙ ۾ مظلوم بنگالين ، بلوچن ۽ سنڌين جو گھڻو ڪوس ڪري چڪا آھن. پاڪستاني رياست ۽ نام نھاد ٻه قومي مذھبي نظريو نه صرف سنڌين ، بلوچن جي قومي غلاميءَ جو سبب آھي پر ھي جنونيت مذھبي ذھنيت دراصل سموري دنيا لاءِ مصيبيت ، اذيت ۽ غذاب بنجي چڪي آھي. اڄ جڏھن آمريڪا يا ٻي ڪابه عالمي قوت پاڪستان جھڙي غير فطري رياست ۽ پنجابي ظالم فوج کي ڪمزور ۽ ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي ٿو ته عالمي قوتن جو اھو عمل تاريخي ، ترقي پسند ، انسان دوست ، مظلوم قومن سنڌي ۽ بلوچن جي قومي مفاد وٽان ھوندو.
جنھن عمل جي حمايت اسان مظلوم قومن جي حقيقي نمائيندن ۽ ترقي پسند سياسي قوتن کي کليل طريقي سان ڪرڻ گھرجي. ھن وقت پنجابي فوج ، عالمي قوتن اڳيان پنھنجو اعتماد ۽ ڪردار وڃائي چڪي آھي. سندن درميان ڪشمڪش شروع ٿي چڪي آھي. ضروري ناھي ته ان جھيڙي جي ھڪ ھڪاڻيءَ جو فوري ڪو نتيجو سامھون اچي پر ھي ھڪ شروعات آھي جنھن جو منتقي نتيجو ۽ انجام سمورن باشعور ماڻھن کي خبر ھجڻ گھرجي ته ھن غِر فطري ، ٻه قومي نظرئي جي حامي ۽ فاشست رياست پاڪساتن جي خاتمي جي صورت ۾ ئي نڪرڻو آھي ۽ لازمي نڪرندو. ڇاڪاڻ ته بلوچ قوم پنھنجي قومي رھبر ۽ فڪري رھنما محترم خير بخش مرِيءَ جي نظرئي تي عمل ڪندي شھيد بالاچ خان مري، شھيد اڪبر خان بگٽي سميت سوين بلوچ نوجوانن جي قربانين جي واٽ اختيار ڪئي آھي ، جڏھن ته سنڌ جي قومي تحريڪ اڳ ئي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ فلسفي تي عمل ڪندي شھيد سرائي قربان کھاوڙ ، شھيد روپلو چولياڻي، شھيد نورالله تنيو، شھيد سيمع الله ڪلھوڙو سميت سوين نوجوانن جي شھادت جي روپ ۾ منظم قومي مزاحمت وارو محاذ کولي ڇڏيو آھي. جيئن ھن پاپي پاڪستان ۽ يزيدي پنجابي فوج کان پنھنجي قومي آزادي حاصل ڪري سگھجي. عالمي قوتون آمريڪا ۽ ٻيون پڻ ھن رياست خلاف پنھنجو جائز ڪردار ادا ڪرڻ طرف وڌي رھيون آھن. اساما بن لادن کي ماري آمريڪا سموري دنيا لاءِ مذھبي جنونيت واري خطري کي گھٽائي ڇڏيو آھي. مذھبي جھاد ۽ جنونيت جيڪو نه صرف سنڌي سماج لاءِ خطرو ھئا پر سموري دنيا لاءِ پڻ ھڪ وڏي مصيبت ھئا. جڏھن ته اساما بن لادن کي آءِ ايس آءِ جي ڪارندن ۽ ماسٽر مائينڊ دھشتگردن طرفان لڪائي القاعده جي ڊپ، دڙڪي ۽ دھشت ذريعي دنيا کي بليڪ ميل ڪري ڊالر پئي ڪمايا، جڏھن آمريڪا ۽ نيٽو جي ملڪن کي آءِ ايس آءِ جي اھڙي سازش جي خبر پئي تڏھن نه صرف اسامه بن لادن کي ماريو پر ان سازشي حرڪت مٿان پردو کڄڻ سبب ھاڻ دنيا جو ڪو به ملڪ آءِ ايس آءِ ۽ پنجابي فوج مٿان اعتماد ۽ ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ناھي.

ھاڻ دنيا ۾ پاڪستان ۽ ان جي ادارن جي حيثيت ۽ عزت ٽڪي جي وڃي رھيا آھي ، عالمي قوتن ھاڻ پنھنجو ذھن ٺاھي ڇڏيو آھي ته ھو ھاڻ مظلوم قومن جي آزاديءَ لاءِ غور ويچار ڪري رھيا آھن. جيئن اڳتي ھلي ھن فاشي رياست جو جنازو ڪڍيو وڃي. پنجابي فوج ۽ آءِ ايس آءِ واران وري پنھنجي ٽڪي ۽ حشيءَ تي عمران خان جھڙن گڏن ۽ ڪٺ پتلي ليڊرن کي آڻڻ شروع ڪيو آھي ڇو ته ڀوتارڪي نااھل ۽ ڪرپٽ سياسي لڏي تي ھاڻ نه فوج ٿي ڀروسو ڪري نه ئي وري عالمي قوتن جو مٿن ڪو اعتماد رھيو آھي، ان ڪري عالمي قوتن جي مجبوري آھي ته اھي مظلوم قومن ۽ قومي تحريڪن جو ساٿ ڏين ۽ پنجابي سامراج جي وري اھا  مجبوري آھي ته اھو وري آمريڪا مالف ڪٺ پتلي ليڊر شپ عمران خان جھڙن جي صورت ۾ اڳيان آڻي اھو تاثر پيدا ڪري ته پاڪستان جو عوام ۽ سياسي اڳواڻ ھاڻي آمريڪا ۽ عالمي قوتن جي خلاف آھن. ان ڪري عالمي دنيا کي اھو چئي رھي آھي ته اسان جو ساٿ ڏيو. ٻي صورت ۾ ملڪ جو عوام  ۽ سياسي ڌريون آمريڪا ۽ نيٽو کي قبول ڪرڻ لاءِ ھاڻ تيار ناھن.
فوج دراصل پاڻ کي رياست جي اعليٰ ترين قوت سمجھي ٿي ، جڏھن ته سياسي ڌريون پنھنجي حيثيت مڃرائڻ لاءِ ھٿوراڙيون ڏيڻ شروع ڪيو آھن. جڏھن ته حقيقت اھا آڳي ته پاڪستان نه ئي ھتي جي قومن جو تاريخي وطن آھي ۽ نه ئي ڪا قومي رياست! ھيءَ رياست جيئن ته عالمي قوتن جي دلاليءَ ۽ پنجابي استعاري مفادن لاءِ ٺاھي وئي ھئي ان ڪري فوج پاڻ کي سمورن ادارن کان بالاتر سمجھندي پنھنجي ھڪ ھٽيءَ لاءِ دعويدار آھي. جيستائين غير فطري رياست ٻه قومي فرسودا نظرئي جي حامي رياست کي ڊاھي پٽ نٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين فوجي جنرلن جي مٿي مان ھوا نه نڪرندي اھا ڳالھ عالمي قوتن ۽ حقيقي سياسي ڌرين کي ذھن نشين ڪرڻ گھرجي. ھتي فوج جي آپي شاھي ، من مستي ۽ مڳي ان حد تائين آھي جو جڏھن بلوچستان جي پھاڙي سلسلن چاغي ۾ ايٽمي تجرباتي ڌماڪا ڪيا ويا ته بلوچستان جي وزيراعليٰ اختر مينگل کي ٻڙڪ به نه ٻڌائي ويئي ۽ کيس انھن ڌماڪن جي خبر آل انڊيا ريڊيو جي ذريعي پئي، تازو وري ملڪ جو وزيراعظم اھو پٽڻو پيو پٽي ته فوجي سربراھه چين جي دوري تي اسان جي اجازت ۽ مرضي کان سواءِ ويو آھي ۽ اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف وري پنھنجي ھڪ انٽرويو ۾ اھو فرمايو آھي ته بابا جڏھن مان وزيراعظم ھئس ته مونکي افغانستان ، ڪارگل ، انڊيا ، ڪشمير سميت ڪيترن ئي معاملن جي خبر چار فوج ۽ آءِ ايس آءِ وارا نه ٻڌائيندا ھئا ۽ اھي سمورا سياسي ۽ سفارتي معاملا فوج پاڻ ھلائيندي ھئي.ھاڻ جيڪي ڌريون سٺي حڪمرانيءَ جي ٻالڀولائيءَ جي دعوا ڪري رھيون آھن انھن لاءِ اھي مثال ڪافي آھن ته ھيءَ رياست مڪر، فريب، ڌوڪي ۽ دھشت جي ذريعي پنجابي مفادن لاءِ قائم ڪئي وئي آھي ھتي قومن جي حقن ، قمي وسيلن جي تحفظ ، سٺي حڪمرانيءَ جي اميد رکڻ ” ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي برابر آھي!“ ھي رياست ٺڳيءَ جو ٺاھ ھئي ۽ آھي. جيڪا ھاڻ پنھنجي منطقي انجام ڊھڻ طرف وڌي رھي آھي ان ڪري مظلوم قومن کي گھرجي ته ھو تاريخ جي سڏ ۽ صدا کي بروقت پرکي پروڙي وطن جي آزادي کي سنڀالڻ لاءِ ڪوشش ڪن.
بلوچ ۽ سنڌي قوم جي قومي سياسي اڳواڻن کي ھن فاشي رياست جي فوج ۽ آءِ ايس آءِ طرفان جيئرو ساڙي شھيد ڪرڻ، گم ڪرڻ ۽ لاپتا ڪرڻ واري عمل ۾ تيزي آندي وئي آھي جيڪا ان ڳالھ جو ثبوت آھي ته ھيءَ رياست ھاڻ پنھنجو مدو پورو ڪري چڪي آھي پر جيئن ته پنجاب جو جياپو سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن ، زمين ، سمنڊ تي آھي ۽ سنڌين ۽ بلوچن جو قومي جياپو ايندڙ نسلن جي بقا ۽ وطن جي سلامتيءَ کي تاريخ سنڌ قومي آزاديءَ سان مشروط ڪري ڇڏيو آھي.

ھاڻ اسان کي اھو سوچڻو پوندو ته سٺي حڪمرانيءَ جي نالي ۾ پنجاب جا فرمانبردار غلام بنجي رھون يا رت جي راند مان گذري غلاميءَ جي ذلت مان پنھنجي وطن ، قوم ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل کي ھميشه لاءِ محفوظ بنائي ڇڏيون.

گھڙيا سي چڙھيا، ائين اٿيئي ،
مئي متي مھراڻ ۾، پئو ٽپو ڏيئي،
ته ميھار مليئي ، سنڀوڙو سيڻاھه سين.

Saturday, 28 January 2012

Appeal to U.N.O secretary general Mr. Ban Kay Mon, Mr. Bark Obama president of U.S, members of NATO, International human rights

 Appeal to U.N.O secretary general Mr. Ban Kay Mon, 
Mr. Bark Obama president of U.S, members of NATO, International human rights.

Introduction to my Home land
My homeland is Sindh which is a land of one of the oldest and greatest civilizations in the world known as INDUS CIVILIZATION. The INDUS CIVILIZATION incorporated all ingredients and ideals of the modern civilization such as equality and justice,  love for curiosity and willing to learn, open to change and ready for the progress. The modern civilization’s main component of secularism and anti to religious extremism could be traced back to the era of king Priest of MOEN JO DARO (5000 old civilization discovered in a part of Sindh). Sophism (moderate version of life based on relation of love and humanity) was first practiced by King Priest and it was later spread to central Asian states and European countries after the attack of ARAYNS on state of MOEN JO DARO. The people who fled to those countries carried with them the philosophy of SOPHISM which later accommodated various elements of Islam, and is now know largely known as a component of Islam rather a creation of INDUS CIVILIZATION. Sophism has influenced the way of life of Sindhies for centuries to make them secular in nature, and anti to any violence and religious extremism. That’s a reason, not a single Sindhi has ever been a religious extremist or ever supported such views based on religious extremism.

NATIONAL MOVEMENT FOR INDEPENDENCE OF SINDH

It is very essential to give background information regarding original and genuine status of SINDH to understand its existing conditions. Before invasion of subcontinent by British Empire in 1843, there existed two independent states: Sindh and Hind. British demolished both of these states by ending the rule of Mughal sultanate in Hind, and Talpur rule in Sindh by annexing these two states into a single unit. However, the geographical position of the subcontinent got a surprising rather a shocking change when two states: India (Hind) and Pakistan were created after the British rule ended in 1947. Hind retained in its original position same as prior to British rule, but Sindh lost its independent status and was forced to join the existing state of Pakistan.
SINDH which was an independent state for centuries and a land of one of the greatest and oldest civilizations of the world is now subservient to the federal law of Pakistan. The tragedy of Sindhis started as soon as Pakistan was created and Sindh was merged into Pakistan. The formula for the partition of subcontinent into two states (India and Pakistan) was based on illogical and inhuman notion which considered only religious affiliation and disregarded linguistic, cultural, and national ties. In this way, Sindh and Sindhies were worst hit by the aftermaths of so called independence in 1947. The Non-Muslim Sindhi were forced to leave the land and migrate to India, and Muslims from different parts were invited to fill in the vacuum created by the mass exodus of Non-Muslim Sindhies. In this way, we did not lose only the independent status of a state but lost the majority as Non-Sindhi were brought in just in the name of Islam.
In the second phase, the Pakistan army and establishment was always poised to punish Sindhies since the creation of Pakistan. They suppressed any difference of opinion or voice for acquiring rights. They resorted to various techniques of torture, harassment, and arresting without warrants to suppress any voice that fought for the rights of Sindh and Sindhies. Since the creation of Pakistan, the resources of Sindh are spent on Non-Sindhies despite that Sindh contributes more than 70% of income to the budget of country, but economic and social conditions of our province are worse than the rest of other provinces. Surprisingly, economic conditions of Sindhies before partition in 1947 were better than what are today.
Pakistan army and its special wing ISI which consists majority of Non-Sindhies has always been instrumental in suppressing any movement which fought for the rights of Sindhi people. Saeen GM Syed, who was a supporter of no-violent movement,   is considered as an icon figure of resistance and a first leader of the movement for the rights of Sindh remained in Jail for 32 years only because he raised voice against injustice done to Sindhies.  JEAY SINDH MUTTAHIDA MAHAZ (JSMM) which is inspired from the non-violence vision of Saeen GM Syed fights to safeguard the rights of Sindhies. JSMM seeks to protect the geographical, historical, cultural, economical sanctity of Sindh by freeing it from the possession of Non-Sindhis (Punjabis). The leader of JSMM , Shafi Burfat  is a fugitive for last 23 years from ISI , and has been forced to remain out of touch and contact from the his people. 
 Muzafar Bhutto
I am Saima Bhutto, wife of Muzzafar Bhutto, general secretary of JSMM; Muzzafar is under arrest without any warrant and is not allowed to fight his case in a court.  Muzafar has four brothers.  His elder brother, Mohammad Saleh, is suffering from paralysis after horrible accident.  Muzafar and Sikander are employees in Thermal Power House. Mumtaz is a bank employee.  Shah Nawaz is a student in Sindh University. Having inspired from political vision of Saeen GM Syed based solely on the ideals of secularism and non-violence, Muzzafar began his political career in 1999. To protect the rights of Sindhi peoples, he joined the platform of JSMM as a member. Being an honest and a committed worker, he won the trust of majority of workers and was elected as a general secretary of the party. While he was struggling for the rights on the platform of JSMM, he was being threatened, harassed by the ISI and Pakistan army officials repeatedly. When Muzafar did not bend before the pressure of ISI, they entangled him by registering faked and false cases of blasting railway tracks, and gas pipelines. He was then dubbed as active worker of SINDHU DESH LIBERATION ARMY responsible for bomb blasts. 
To pressurize Muzafar Bhutto, ISI resorted to harassing his family members so that he avoid from participating in the movement for the rights of Sindhi. When Muzafar remained steadfast, they arrested his brother Mumtaz and put them behind the bar without any warrant.  
Ultimately, they got Muzafar terminated from his job as a sub-engineer at Thermal Power House Jamshoro.  After getting him terminated, ISI with the assistance of CID arrested Muzafar in October, 2005 from a flat of his friend in Karachi.  They did not disclose the arrest of Muzafar for 14 months even after petition of kidnapping was registered in a court. For 14 months, ISI kept torturing Muzafar physically and mentally. They brought him before court after they have registered many cases of crimes, dacoits, terrorism, and holding weapons without license against. These cases were faked and false and were registered when he was under the illegal custody of ISI. Instead of hearing his case in an open court, his trial was carried out inside jail.
Having heard the case of Muzzafar for two years while he was under the custody of ISI and police, the court finally acquitted him of any charge labeled against him. Although the court ordered to free Muzzafar, a month further extension of his arrest was granted from the home department. In this way, they defied the order of court and held him in their custody. In order to free Muzafar, the agitation was initiated by the party workers for his freedom. After protests, demonstrations, Muzafar was finally freed but not without inhuman and brutal torture. They broke his backbone, and dropped him outside the jail on a road in a state of unconsciousness. He was admitted in a hospital for treatment of his broken backbone at the hands of ISI.  The treatment of his broken backbone was left unfinished due to economic constraints, and he left the hospital half way.
While he was not quite fit, he intensified his agitation for the rights of Sindhi by visiting different cities and towns, and making influential speech in front   of huge public. As soon as he restarted his movement, ISI again started harassing my family. As a part of this harassment, police arrested Muzzafar’s elder brother Sikander in a case of murder when a bomb blast took place in town of Kotri during strike called jointly by all national parties of Sindh.  ISI took him away, and kept him in their custody until judicial raid was carried out to free Sikander from an illegal custody of ISI.
The tragedy of my family reaches at the climax when a bomb blast was carried out at our government house in Power house colony at Jamshoro by the ISI officials. This blast resulted in death of Mumtaz, another brother of Muzafar.  Instead of arresting the real culprits, the police registered case against Sikander and Muzafar (Muzafar’s brother), and arrested them via raids and held them in torture cells at army different cantonments.  They spent 11 months in jail, and were then freed on bail from a court. This case is deliberately closed so that the truth should not surface itself.

The tragedy of harassment and torture of Muzafar and his family did not end in there but continued. They got Muzafar terminated from the job, and we were forced to quit the house. To avoid further harassment and torture from ISI, we all family members lived life of fugitives until ISI officials were successful in locating us at Sindh University Employs Co-operative Society (SUEHS) at Jamshoro. They raided our house at mid night and took away Sikkander with them. However, his arrest was not declared so that they could hold him in their illegal custody and could torture him comfortably. As a result of mass protests and demonstration plus petition filed in court against the illegal arrest of Sikander, the first Civil judge Kotri made judicial raid of police station and got him freed from the custody of police. I.S.I through Punjabi DPO farakh Bashir and SHO Niaz Panhwar of Jamshoro Police station,  entered a fake and false case of 13D in which sikandar bhutto has prisoner for one and half month and then released with honour. Against such face and false case we filed a petition against above alleged officers in the session court Kotri but court has refused for hearing due to the pressure and case was filed in pending.

After repeated raids of house, and illegal arrests of family, the feeling of insecurity for the whole family heightened to its peak. Female members remained quite worried, children live a life of fear and danger, and male members expected one or other catastrophe from ISI and Police. The education of children was affected badly as we kept moving house due to fear of ISI and police.
It was 24th February 2011, when another catastrophe fell on us while we were travelling from Sukkur to Hyderabad along with my Husband Muzafar and brother in law Shah nawaz.  At toll plaza New Saeedabad, the officials were already informed of our arrival. They fell heavy on us as soon as we stopped to pay toll, and gathered round us in different police vehicles, and official vans. They, in a blinking of eye, attacked us, and dragged away Muzafar and Shah Nawaz like an animal under attack of wolfs. Muzafar and shah nawaz resisted for a while but they were beaten hard by the heard and crowd of ISI officials. I cried very hard but of no avail. They tortured them in front of me by dragging them on the road, through kicks and punches. They left Shah nawaz half dead and threw unconscious Muzafar in a police mobile and took him away.

To free Muzafar from the illegal custody of ISI, I registered a petition in Sindh High court. The case was initially heard in a serious way which rekindled in me a hope of getting Muzafar back, but it lost its momentum slowly and gradually. I now have a fade hope in court for getting Muzafar free. Because, judges are under pressure from ISI officials to not proceed this case on merit. They have started delaying tactics to lose the momentum of case. They have not conducted any hearing for last three weeks despite my repeatedly asking them to spare/assign date for the further hearing of the case. Now, as usual, we are now threatened by the ISI officials to withdraw from the case or be ready for more horrible consequences. Since we have not withdrawn from the case, the ISI officials are resorting to tactics of harassment. They trace our phone calls, and follow us where ever we go. Last time, my car was hit twice by the ISI officials so that I could feel embarrassed and scared and withdraw from the case. We are in a state of fear, and feel endangered from ISI.

The father of Muzafar died due to constant harassment of the family and arrest and torture of his sons by the ISI. Muzafar’s mother is just live dead body waiting to see his son before her death.
I was called to put forth the case of Muzafar before the committee constituted by Supreme Court to free those people who are under the illegal custody of ISI   but their arrest is not declared. Instead of hearing my case, the committee threatened for the horrible consequences if I did not withdraw from the case. I am thus very thankful to UN and its members who have responded to my repeated calls for the justice for my husband through taking notice of injustice being done to my family and husband. T
The sin of Muzafar is to struggle for his nation, and fight for their rights. His crime is that he loves his people, and struggles for giving them justice. Muzzafar is aware of the facts that Pakistan and ISI issued him warnings many times to eschew from the freedom movement of Sindh. He knows if he continues struggling for his people, he will have to face still more dangerous consequences. These threats and torture cells of ISI can’t stop Muzafar from active participation in freedom movement.
In view of the above facts, I am quite concerned for the life of my husband. I fear ISI will kill him as they killed the previous vice chairman of JSMM Mr. Samiullah Kalhoro.  I thus appeal to UN, Amnesty International organization, all human right organizations, USA, NATO and all powerful countries and civilized nations of the world to come forward to protect the basic rights of Sindhies, and save the oldest civilization based on the ideals of secularism and progress from destruction in the hands of ISI. I request you all to take prompt measure to ensure freedom of Muzafar, and all other workers of JSMM Afzal Panhwar (a student of Sindh University), JSMM Webpage secretary Bashir Ahmed Arisar, Sana Bhatti, Murtaza Chnadio, Sayed Mohsin Shah, Ehsan Malano from the illegal custody of ISI who have held all of them in torture cells. My husband and all workers of JSMM should be allowed to appear in court so that they could fight accusations labeled against them and get freedom from cruel clutches of brutal ISI.


Sincerely

Saima Bhutto
Wife of Muzafar Bhutto
General Secretary
JEAY SINDH MUTTAHIDA MAHAZ (JSMM)

Appeal of Saima Bhutto to working group of enforced or involuntary disappearance(UNO), Human rights org, & others


نوٽ: هي اپيل جنيوا ڪانفرنس ۾ پڙهي وئي

Introduction to my Home land 
مان ان سرزمين سان تعلق رکان ٿي، جنهن سرزمين بي رنگ دنيا کي رنگ ڏنا ۽ جيڪا دنيا جي عظيم تهذيبن مان هڪ تهذيب 
(INDUS CIVILIZATION) جي مالڪ ۽ دعويدار آهي، سرزمين سنڌ دنيا جي انهن چند خطن مان هڪ آهي، جنهن وٽ امن، انسان دوستي، سيڪيولرازم، برابري، هڪجهڙائي ۽ ترقي بنيِ نوءِ آدم جو پيغام صدين کان ثقافت ۽ تهذيب جو حصو رهيو آهي.
ترقي يافته دنيا اڄ جنهن سيڪيولرازم ۽ مذهبي بنيادپرستي (EXTREMEISM) جي خلاف جيڪا ڳالهه ڪري ٿي اهو سيڪيولرازم موهن جي دڙي جي ڪنگ پريسٽ جي نظامِ حڪومت جو حصو هيو، جيڪو تصوف اڄ اسلام جي نالي سان ڦهلايو پيو وڃي، اهو خالص سنڌي نظريو آهي، جيڪو موهن جي دڙي تي آرين جي حملي سبب جن سنڌين سينٽرل ايشيا ۽ يورپ طرف ڀاڄ ڪئي اهي تصوف جو نظريو به پاڻ سان کڻي ويا  جيڪو بعد ۾ مسلم رياستن ۾ اسلامآئيزڊ ٿي واپس سنڌ ۽ پوري دنيا ۾ نئين روپ  سان ڦهليو، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان کان وٺِي دنيا اندر ٿيندڙ ڪنهن به دهشتگردي جي واقعي يا مذهبي انتها پسندي ۾ ڪو به سنڌي ملوث نه ڏٺو ويو آهي. سنڌ اڄ به عظيم سيڪيولر نظريي جي خالق آهي.

NATIONAL MOVMENT FOR INDEPENDENCE OF SINDH

1843ع کان اڳ برصغيرانڊيا اندر ٻه آزاد رياستون هند ۽ سنڌ هيون، 1843ع ۾ جڏهن برطانيه ايسٽ انڊيا ڪمپني ذريعي برصغير تي قبضو ڪري هندستان مان مغل سلطنت جو خاتمو آندو ته ساڳي طرح سنڌ مان به ٽآلپر حڪومت کي ختم ڪري برطانيه قبضو ڪري ورتو. 1947ع ۾ جڏهن برطانيه برصغير کي آزاد ڪري ويو ته اسان سنڌين سان ڌوڪو ڪيو ويو، برطانيه جهڙي طرح 1843ع ۾ ٻن ملڪن سنڌ ۽ هند تي قبضو ڪيو هو اهڙي طرح جڏهن هو برصغير خالي ڪري رهيا هئا ته هنن سنڌ ۽ هند آزاد نه ڪيا بلڪ هندستان ۽ مسلمانن جي اڪثريت واري علائقن تي مشتمل نئون ملڪ پاڪستان ٺاهي ويا، پاڪستان ٺهڻ سان دنيا جي وڏي ۾ وڏي لڏپلاڻ ٿي جنهن ۾ اڌ سنڌي قوم سنڌ مان لڏي هندستان هلي وئي.
پاڪستان ٺهڻ سان نوان بارڊر ٺاهيا ويا ۽ انهن کي لڏي ويل سنڌين لاءِ ناممڪن بڻايو ويو، پر پوري دنيا مان اسلام جي نالي تي غنڊا، مذهبي انتهاپسندي، دهشتگردي، پين اسلامآئيزيشن جا دعويدار ماڻهو لکن جي تعداد ۾ پاڪستان اندر وارد ٿيا، پاڪستان ٺهندي ئي اسانجو اقتداراعلي ( سورنٽي) اسان سنڌين کان کسي وئي، فوج صرف پنجابين تي مشتمل هئي ۽ آهي به. سنڌين کي سيڪيولر هجڻ جي ڏوهه ۾ ملڪ دشمن انڊيا ۽ اسرائيل ۽ خبر ناهي ڪهڙن ملڪن جي ايجنٽن جو خطاب مليو. اسانجي پاڪستان دوستي مشڪوق بڻائي وئي، سنڌين جي سيڪيولر سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ روس افغانستان جنگ دوران افغان مهاجر، پنجابي، پاڪستاني پٺاڻ ۽ انڊيا مان لڏي آيل مهاجرن کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تي ئي غير محفوظ بڻايو ويو، مذهبي انتهاپسند قومن جا گروهه گهرائي سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا. جنهن سبب نه صرف سنڌين جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي بلڪ سنڌ سان لڳندڙ هندستان جي بارڊر تي پٺاڻ پنجابي آباد ڪري، وڏيون ڇاوڻيون ٺاهي انهن جي بارڊر کي به غير محفوظ بڻايو ويو.
سنڌين جي مالي وسيلن، درياهه، قدرتي وسيلن، نوڪري ۽ ٻين حقن تي ڌاڙو هنيو ويو، ڌاري آبادي ۽ مٿي ذڪر ڪيل مسئلن جي خلاف جڏهن به سنڌين ڪا جدوجهد ڪئي ته ان کي طاقت جي ذريعي چيڀاٽيو ويو عدم تشدد جي پيروڪار ۽ پرچارڪ اسان جي رهبر سائين جي ايم سيد کي سنڌ سان عشق، صوفي ۽ سيڪيولر هجڻ جي ڏوهه ۾ 32 سال جيل ۾ رکيو ويو، جنهن کي ايمنسٽي انٽرنيشنل ضمير جو قيدي قرار ڏنو هو.
جيئي سنڌ متحده محاذ (جسمم) سائين جي ايم سيد جي سيڪيولر نظرئي جي پيروڪار ۽ آزادي پسند تنظيم آهي، هي تنظيم سنڌ جي سياسي، ثقافتي، اقتصادي ۽ جاگرافيائي آزادي ۾ يقين رکي ٿي ۽ سرزمينِ سنڌ کي پنجابي، پاڪستاني قبضي کان آزاد ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. جيئي سنڌ متحده محاذ جو چيئرمين شفيع محمد برفت آهي، جيڪو پڻ رياست پاڪستان ۽ ان جي فوج، آءِ ايس آءِ ۽ ٻين رياستي ادارن کان 23 سالن کان پاڻ بچائيندو وتي ٿو ۽ کيس پنهنجي قوم سان سڌي طرح سياسي رابطي رکڻ کان محروم رکيو ويو آهي.
مان صائمه ڀٽو آهيان. آئون انهي جيئي سنڌ متحده محاذ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظفر ڀٽو جي گهرواري آهيان جيڪو 24 فيبروري 2011ع کان آءِ ايس آءِ جي تحويل ۾ آهي ۽ لاپته آهي.  مظفر ڀٽو پنهنجي ڀائرن اصغر، محمد صالح، سڪندر، ممتاز، واحد بخش ۽ شاهنواز ڀٽو ۾ چوٿون نمبر ڀاءُ آهي، وڏو ڀاءُ اصغر ڪار ايڪسيڊنٽ سبب پيرالائيز آهي، سڪندر ۽ مظفر ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس ۾ ملازم جڏهن ته ممتاز هڪ بينڪ ۾ ڊرائيور ۽ شاهنواز يونيورسٽي آف سنڌ جو شاگرد آهي، مظفر ڀٽو 1999ع کان سياست جو آغاز ڪيو مظفر سائين جي ايم سيد جي سيڪيولر ۽ آزادي پسندي نظريي کان متاثر ٿيو ۽ سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن کي پنجاب ۽ پاڪستان کان لاحق خطرن کي ڏسندي جيئي سنڌ متحدا محاذ ۾ شآمل ٿيو. ۽ سرگرم ۽ ايماندار سياسي ڪارڪن هجڻ ڪري جلد ئي جمهوري طريقن سان چونڊجي مرڪزي قيادت جو حصو بڻجي ويو، مظفر ڀٽو جي جيئي سنڌ متحده محاذ جي مرڪزي قيادت تائين پهچڻ رياست پاڪستان ۽ ان جي ڳجهن ادارن آءِ ايس آءِ، ايم آءِ طرفان ڌمڪين ۽ هراسان ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جڏهن منهنجو مڙس (مظفر ڀٽو) رياست جي انهن ڌمڪين تي نه ڊنو ۽ وطن سنڌ جي قومي آزادي لاءِ انقلابي جدوجهد جاري رکي ته رياست مظفر کي جهڪائڻ جا هربا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. مظفر ڀٽو تي سنڌ ۾ سنڌو ديش لبريشن آرمي نالي آزادي پسند تنظيم طرفان ريلوي پٽڙين، پلن ۽ گيس پائيپ لائينن تي ٿيل بم ڌماڪن جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سندن سر جي قيمت 500000 رپيا مقرر ڪئي وئي، هڪ طرف ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو جاري ڪيو ويو ته ٻئي طرف اسان کي به هراسان ڪرڻ جو سلسلو به شروع ڪيو ويو.
اسان جي پوري خاندان کي رياستي ٽارگيٽ جو نشانو بڻايو ويو، مظفر ڀٽو جي ننڍي ڀاءُ ممتاز ڀٽو کي 2004ع ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ گرفتار ڪري 6 مهينن تائين تشدد ڪيو ۽ اسان تي پريشر وڌو ويو ته مظفر سياست تان هٿ کڻي وڃي.
2005ع ۾ مظفر ڀٽو جيڪو ٿرمل پاور هائوس ڄامشورو ۾ سب انجنيئر جي نوڪري تي هيو جنهن کي قومپرست سياست ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ٽرمينيٽ ڪيو ويو.
5 آڪٽومبر 2005ع تي مظفر ڀٽو کي طارق روڊ ڪراچي مان هڪ دوست جي فليٽ تان آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ ۽ پوليس سي آءِ ڊي جي مدد سان گرفتار ڪري 14 مهينن تائين گم ڪري مختلف فوجي ڇاوڻين ۾ قيد ڪري مٿس غير انساني تشدد ڪيو ويو، ۽ جڏهن سندس اغوا خلاف عدالت پٽيشن داخل ڪرايو ويو ته آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ ۽ پوليس مظفر جي گرفتاري کان لاتعلقي ڏيکاريندي رهي ۽ 14 مهينن کان پوءِ مظفر کي 5 ريل پٽڙين، پلن ۽ گيس پائيپ لائينن کي ڌماڪي سان اڏائڻ، بم ٺاهڻ جو مادو رکڻ ۽ غير قانوني هٿيار (13 ڊي) جي 7 ڪيسن ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي، گرفتاري ظاهر ڪرڻ کان پوءِ به مظفر سان غير جمهوري طريقو اختيار ڪندي ڪيس کليل عدالتن ۾ هلائڻ بدران جيل ۾ انسائيڊ ٽرائيل ٻڌڻيون ڪرايون ويون.
عدالت ۾ مظفر پاڪستان جي قومي غلامي کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجي عدالتي بيان ذريعي سنڌ جي قومي غلامي کان آزادي جي سمورن ڏوهن جو اعتراف ڪيو ٻن سالن جي عدالتي ڪاروائي کان پوءِ عدالت کيس بيگناهه قرار ڏيندي آزادي جو جو حڪم ڏنو. پر پاڪستان سرڪار کيس آزاد ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ هوم ڊپارٽمينٽ طرفان هڪ مهينو وڌيڪ نظر بند ڪيو ويو. سندس پارٽي جيئي سنڌ متحده محاذ ۽ سنڌي عوام جي سخت احتجاج کان پوءِ 5 جنور 2008ع ۾ رات جو 12 بجي سخت ٽارچر ڪري جيل کان ٻاهر اڇلائي ڦٽو ڪيو، جنهن سبب سندس ڪرنگهي جي هڏي ٽٽي پئي، مظفر کي اسپتال داخل ڪيو ويو، مالي صورتحال بهتر نه هجڻ ڪري سندس علاج نه ٿي سگهيو.
آزاد ٿيندي ئي مظفر ڀٽو تڪليف باوجو سنڌ جا طوفاني دورا ڪيا سندس عوامي استقبال کان خوفزده ٿي پاڪستان رياست وري اسان جي فيملي کي هراسان ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو، قومپرست پارٽين طرفان هڙتال جي گڏيل سڏ دوران ڪوٽڙي شهر  ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ مظفر ڀٽو جي وڏي ڀاءُ سڪندر کي قتل جي ايف آءِ آر ۾ ملوث ڄاڻائي کيس گرفتار ڪري گم ڪيو ويو، جنهن کي 14 ڏينهن بعد عدالتي ڇاپي ذريعي بازياب ڪرايو ويو، ڪو ثبوت نه هجڻ جي ڪري عدالت منهنجي ڏير سڪندر کي آزاد ڪري ڇڏيو.
اهڙي صورتحال رياست لاءِ قابل برداشت نه هئي تنهن ڪري 28 جولائي 2009ع تي اسان جي  پاور هائوس ڪالوني ۾ واقع سرڪاري گهر تي آءِ ايس آءِ رياست پاڪستان بم حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ مظفر جو ننڍو ڀاءُ ۽ منهنجو ڏير ممتاز ڀٽو (عمر 32 سال) مارجي ويو. آءِ ايس آءِ ۽ حملي آور اهلڪار اسان کي ڌمڪيو ڏيندا هليا ويا. بم ڌماڪي جي ڏوهه ۾ اسان جو گهر سيل ڪيو ويو، مظفر سميت سندس ٻن ڀائرن سڪندر ۽ شاهنواز ڀٽو کي انهي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو، مظفر جي ڀاءُ شاهنواز جي ڦوٽو اسٽيٽ جي دڪان کي سيل ڪري تحويل ۾ ورتو وتو جيڪو اڃا تائين اسان کي کولڻ نه ٿو ڏنو وڃي. مختلف جاين تي ڇاپا هڻي سڪندر ۽ شاهنواز کي گرفتا ڪري فوجي ڇاوڻين ۾ ٽارچر ڪيو ويو، سڪندر ۽  شاهنواز ان ڪوڙي ڪيس ۾ 11 مهينا جيل ۾ رهيا آخر ۾ عدالت ضمانت تي آزاد ڪيو جيڪو ڪيس اڃا هلندڙ آهي.
هراسان ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو. خوف سبب اسان جي گهر جو هر فرد پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳو، اسان کان سرڪاري گهر کسيو ويو، مظفر کان نوڪري کسي وئي، خوف سبب اسان گهر تبديل ڪندا رهياسين ۽ اءِ ايس آءِ اسان جو پيڇو ڪندي رهي. نيٺ 29 جولائي 2010ع تي سنڌ يونيورسٽي امپلائيز ڪوآپريٽو سوسائٽي ڄامشورو ۾ رات جي 2 وڳي آءِ ايس آءِ جا اهلڪار ۽ پوليس ڏاڪڻيون رکي گهر ۾اندر داخل ٿيا، مظفر جي غير موجودگي سبب سندس وڏي ڀاءُ سڪندر ڀٽو کي ٻيهر گرفتار ڪري ويا. گهران گرفتار ڪيل سڪندر جي گرفتاري کان انڪار ڪيو ويو، اسانجي فيملي کيس ظاهر ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ۽ سنڌ جي عوام پنهنجي اڳواڻ مظفر ڀٽو جي ڀاءُ جي آءِ ايس آءِ هٿان گمشدگي خلاف مظاهرا ڪيا. تنهن بعد فرسٽ سول جج  ڪوٽري ڄامشورو پوليس اسٽيشن تي ڇاپو هڻي سڪندر ڀٽو جي گرفتاري ظاهر ڪرائي پر آءِ ايس آءِ معرفت ڄامشورو جو ڊي پي او پنجابي فرخ بشير، ايس ايڇ او نياز پنهور ۽ ٻين 13ڊي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل موڪليو جنهن ۾ سڪندر ڏيڍ مهينو قيد ڪاٽيو ۽ ان ڪيس مان باعزت بري ٿيو انهي ڪوڙي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف اسان آءِ ايس آءِ ۽ ان وقت جي پنجابي ڊي پي او فرخ بشير، ايس ايڇ او نياز پنهور ۽ ٻين خلاف سيش ڪورٽ ڪوٽڙي ۾ پٽيشن داخل ڪرائي پر ڪورٽ به ايجنسين جي پريشر ۾ اچي وئي ۽ ڊي پي او فرخ بشير مٿان ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي ڪيس پينڊنگ ڪري ڇڏيو.
هاڻي اسان جي فيملي پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪرڻ لڳي گهر تبديل ڪندا رهياسين، ٻارن جي تعليم تباهه ٿي وئي ٻار ۽ عورتون خوف ۾ رهڻ لڳيون، مظفر ڀٽو به مسلسل روپوش رهڻ لڳو.
24 فيبروري 2011ع تي مان پنهنجي مڙس مظفر ڀٽو ۽ ڏير شاهنواز ڀٽو سان گڏ سکر کان حيدرآباد ڪار ۾ اچي رهيا هئاسين ته نيو سعيدآباد شهر جي ٽول پلازه وٽ اڳ ۾ ئي گھاٽ لڳائي ويٺل آءِ ايس آءِ جي اهلڪارن اسان کي روڪيو. آءِ ايس آءِ وارا اڳ ۾ ئي چيڪنگ ڪري رهيا هئا پر اسان جي گاڏي تي نظر پوندي ئي اهلڪارن پوليس کي الرٽ ڪيو، پوليس موبائيل ۽ ڊبل ڪيبين گاڏيون اچي ويون جن اسان جي گاڏي تي راتاهو هنيو، مظفر ۽ شاهنواز سخت مزاحمت ڪئي جنهن سبب آءِ ايس آءِ جي اهلڪارن ٻنهي تي سخت تشدد ڪيو، انسان  سوز تشدد کان پوءِ شاهنواز کي روڊ تي اڇلايو ويو جڏهن ته مظفر ڀٽو کي پاڻ سان کڻي ويا. مون به گهڻيون ئي دانهون ڪيو پر خوف سبب ڪير به واهر ڪرڻ نه آيو. مظفر تي سخت تشدد ڪيو ويو، کيس روڊ تي گهليو ويو ۽ گهليندي گاڏي جي اندر اڇلايو ويو، اهلڪار ڪنهن فلمي اداڪار وانگر ٽهڪ ڏيندا فرار ٿي ويا.
پنهنجي مڙس جي گمشدگي خلاف مون سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي سرڪٽ بينچ ۾ پٽشن داخل ڪئي پهريان ڪجهه مهينا ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي پر آهستي آهستي هاڻي مان اميدون لاهيندي ٿي وڃان. ڇاڪاڻ ته ڪجه عرصي کان  ججن جا رويا تبديل ٿي ويا آهن، جج اسان کي چئي رهيا آهن ته آءِ ايس آءِ جو سخت پريشر آهي تنهن ڪري ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون. عدالت کي پريشرائيز ڪيو ويو آهي جنهن ڪري گذريل 3 هفتن کان تاريخ نه پئي ملي، مونکي ۽ منهنجي گهر وان کي فون ڪري ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته پٽيشن تان هٿ کڻو نه ته ٻين گهر ڀاتين جو حشر به مظفر جهڙو ٿيندو،  گهر کان ٻاهر نڪران ٿي ته آءِ ايس آءِ جا اهلڪار پيڇو ڪن ٿا، ۽ مون سميت سمورن فيملي ميمبرن جون فونون ٽريس ڪيون وڃن ٿيون. هڪ ڀيري سرڪاري نمبر پليٽ واري ڪار منهنجي ڪار کي بار بار ٽڪر هڻندي رهي ۽ هراسان ۽ خوفزده ڪندي رهي. جنهن ڪري منهنجا ٻار خوفزده ٿي ويا.
مونکي ۽ منهجي ٻارن کي قتل ڪرڻ جي منصوبه بندي ٿي رهي آهي منهنجي ننڍي ڏير ۽ مظفر ڀٽو جي ڪيس ۾ اکين ڏٺو شاهد شاهنواز ڀٽو جي زندگي کي به سخت خطرو آهي، ايجنسيون سندس پويان آهن جيڪو روپوش رهڻ تي مجبور آهي. مظفر جو والد پنهنجي پٽن جي زندگين کي لاحق خطرن کي ڏسي فوت ٿي ويو، سندس والده مظفر جي غم ۾ زنده لاش بڻيل آهي.
 ڪجهه ٽائيم اڳ سپريم ڪورٽ طرفان گمشده ماڻهن لاءِ قائم ڪيل گڏيل ڪميشن وارن ڪراچي گھرايو هو ان ڪميشن ۾ ويٺل جج ۽ ايجنسين جي اهلڪار انصاف ڏيڻ بجاءِ ڌمڪائي رهيا هئا. ۽ تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن جي لاءِ تفصيل طلب ڪيا ويا هئا ان بابت گھرو وزارت سنڌ طرفان جيڪا هاءِ ڪورٽ سنڌ کي رپورٽ ڏني وئي آهي جنهن ۾ منهنجي مڙس مظفر ڀٽو ۽ ٻين قومي ڪارڪنن جو ڪو به ذڪر ناهي حالانڪه مظفر سميت ٻين قومي ڪارڪنن جا هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بينچ ۾ پٽيشن داخل ٿيل آهن. ان لاءِ مان پاڪستان جي عدالتن مان نااميد ٿي وئي آهيان ۽ مان يونائيٽيڊ نيشن، صدر آمريڪا بارڪ اوباما ۽ نيٽو اتحاد، انساني حقن جي عالمي تنظيمن ۽ پوري دنيا جي مهذب ملڪن کي ميڊيا جي ذريعي بار بار اپيلون ڪيون هنيون، انهي کان پوءِ عالمي انساني حقن جي تنظيمن، ايمنسٽي انٽرنشنل، ايشين هيومن رائٽس ڪميشن، يونائيٽيڊ نيشن، آمريڪي ڪانگريس مين ڊين بُرٽن ۽ براڊ شيرمن طرفان منهنجي مڙس مظفر ڀٽو جي گمشدگي ۽ گرفتاري ظاهر ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري کي پڻ ليٽر جاري ڪيا، انهن جي مان تمام گھڻي ٿورائتي آهيان جو انهن اسان جو آواز ٻڌو ۽ اسان تي ٿيل ظلم جو نوٽس ورتو آهي. اهو سڀ ڪجهه مٿي ڄاڻايل ظلم ان ڪري ٿي رهيو آهي ته منهنجو مڙس مظفر ڀٽو سنڌي ماڻهن ۽ پنهنجي وطن سنڌو ديش سان محبت ڪري ٿو ۽ سنڌي قوم کي غلامي مان نجات لاءِ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي پليٽفار تان جدوجهد ڪري رهيو آهيو. اهڙو ذڪر جڏهن هو پهريون ڀيرو ٽارچر سيل مان آزاد ٿي آيو هو ته ان مون کي ٻڌايو ته ايجنسين، آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ ڪليئر چيو آهي ته اگر تون اسان پاليسين تي نه هلين ۽ اسان جو حڪم نه مڃو ۽ جسمم جي پليٽفارم تي جدوجهد ڪئي ته توکي ۽ تنهنجي گھر کي تباهه ۽ برباد ڪنداسين. ۽ مون کي خدشو آهي ته جيئن جسمم جي سنيئر وائيس چيئرمين سميع الله ڪلهوڙو کي شهيد ڪيو ويو ائين ئي منهنجي مڙس کي به ٽارچر ڪيمپن ۾ تشدد ڪري ماريو ويندو.
مان هڪ چڪر ٻيهر  اقوام متحده، امينسٽي انٽرنيشنل، انساني حقن جي تنظيمن، آمريڪا، نيٽو اتحاد جي ملڪن ۽ ٻين سمورن مهذب ملڪن کي اپيل ٿي ڪيان ته سنڌ ۾ سنڌين مٿان نافض ڪيل قومي غلامي، خلاف آواز اٿارين ۽ هڪ سيڪيولر ۽ پرامن قوم جي وجود کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچن. جسمم خلاف آپريشن ۽ مظفر ڀٽو سميت جيئي سنڌ متحده محاذ جي ٻين اڳواڻن جسمم ويب پيج سيڪريٽري بشير آريسر، افضل پنهور (شاگرد اڳواڻ يونيورسٽي آف سنڌ) ثناءَ ڀٽي، مرتضي چانڊيو، محسن شاهه، احسن ملاڻو، بابر جمالي ۽ ٻين کي آءِ ايس آءِ وٽان بازياب ڪرائي کليل عدالت ۾ ڪيس هلائن ۽ منهنجي مڙس، سندس تنظيم خلاف جاري رياستي آپريشن بند ڪرائڻ ۾ مدد ڪن.


                                                                                سنڌ، پاڪستان  
                                                                                 صائمه ڀٽو
                                                                                           زوجه مظفر ڀٽو           
                                                                               جنرل سيڪريٽري
                                                                               جيئي سنڌ متحده محاذ (جسمم)

Tuesday, 24 January 2012

(سائين جي ايم سيد جو آخري خطاب؛(17 جنوري 1995ع سن

(سائين جي ايم سيد جو آخري خطاب؛17 جنوري 1995ع سن)

عزيز ڀائرو ۽ ڀينرو!
آءُ توهان سڀني جو شڪر گذار آهيان جو توهان منهنجي 92 هين سالگراھ تي اچي شريڪـ ٿيا آهيو.مون کي اهو احساس آهي تـ اڄ سنڌ مختلف اندروني ۽ بيروني سازشن جي آماجگاھ بڻيل آهي ۽ هر ڪا ڌر سنڌ جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ ان جي حالت وڌيڪـ سقيم بنائڻ لاءِ سرگردان آهي.
عزيزو! جڏنهن بـ ڪا قوم،پنهنجي ملڪـ ۽ پنهنجن وسيلن کان لاتعلقي ۽ بي پرواهي اختيار ڪندي آهي تـ ان قوم جي سرزمين،ثقافت،ٻولي،اقتصادي وسيلا ۽ اقتدار اعلٰي سازشن جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ اهو ئي ڪجھ اڄڪلھ سنڌ سان ٿي رهيو آهي.
آءُ عمر عزيز جو تمام وڏو حصو، سنڌي قوم جي وسيلن ۽ سنڌ جي اقتدار اعلٰي تي ڌارين جي قبضي خلاف وڙهندو ۽ ڦورو ٽولن جي مڪروھ ارادن ۽ سازشن کي ناڪام بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو آيو آهيان.اها جدوجهد اڃا بـ جاري آهي ۽ جاري رهندي،پر ان لاءِ لازمي آهي تـ سنڌي قوم هن لاتعلقي ۽ بيپرواهيءَ واري روش کي ختم ڪري ۽ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي وسيلن تي پنهنجيءَ مالڪيءَ جي دعوٰي لاءِ مستقل مزاجيءَ سان اڳتي وڌي جدوجهد ڪري، ڇو تـ آزادي ۽ انصاف،ڪڏنهن بـ پنڻ وسيلي ۽ بي پرواهيءَ سان پلئـ نـ پوندا آهن.جيڪڏنهن توهان منهنجي ڳالھ ٻڌي ۽ ان تي ايمان آڻي،عمل ڪيو تـ آئون پنهنجي شعور جي روشنيءَ ۾ يقين سان چوان ٿو تـ سنڌ ۽ سنڌي قوم هن مشڪل وقت مان ضرور پار پئجي ويندي.
اوهان مان گهڻن پڙهيو هوندو تـ رسول ڪريم صلي الله عليھ وسلم مڪي جي پهاڙ تي چڙهي،عربن کي اهو چيو هو تـ ”پهاڙ جي هن طرف وڏو لشڪر اوهان کي ڳڙڪائڻ لاءِ تيار بيٺو آهي،جيڪڏنهن توهان منهنجي ان ڳالھ کي سچ سمجهو ٿا تـ پوءِ منهنجي چوڻ تي هلو،نجات اوهان جو مقدر آهي.
آئون بـ اڄ سن جي هن جابلو ۽ اتاهين ڌرتيءَ تان اوهان کي پڪاريان ٿو تـ ”جيڪڏنهن توهان ايندڙ خطرن ۽ طوفانن جي ان ادارڪـ ۽ احساس کي پنهنجيءَ دل ۾ ائين محسوس ڪيو،جيئن مون محسوس ڪيو ۽ ڏٺو آهي تـ پوءِ توهان ڪامياب ۽ ڪامران هوندئو.ٻيءَ صورت ۾ غافل،ڪاهل ۽ لالچي قومن ۽ فردن جو انجام،تاريخ جي صفحن ۾ عبرتناڪـ ٿيندو آهي.منهنجي دعا آهي تـ شال،سنڌي قوم اهڙي انجام سان دوچار نـ ٿئي.
عزيزو! هي ڊگهو بحث آهي تـ قومون ڪيئن ٺهنديون ۽ ڊهنديون آهن ۽ نسل ڪيئن هڪٻي ۾ هضم ٿيندا ويندا آهن.ان جي باوجوده آئون هن موقعي تي،سنڌ ۾ مستقل آباد اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي ايترو چوندس تـ هيءَ ڌرتي مختلف مذهبن،نظرين ۽ تهذهيبن جو خوبصورت گلدستو رهي آهي.قدرت توهان کي پنهنجيءَ ماتر ڀوميءَ کان ڌڪجڻ کان پوءِ هڪـ اهڙي سرزمين جي گود نصيب ڪئي آهي،جيڪا پيار،محبت،رواداريءَ ۽ ڀائيچاري جو مثالي مرڪز رهي آهي،ان ڪري توهان کي تاريخ جي ان سونهري موقعي جو فائدو وٺي،هتي جي اصلوڪن رهاڪن سان کير کنڊ ٿي،هتي جو حصو ٿي وڃڻ گهرجي.
آئون هن موقعي تي جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کي چوڻ چاهيان ٿو تـ وڏي ماڻهپي،ليڊريءَ،خسيس مفاد پرستيءَ ۽ گروھ بازيءَ کان بالاتر ٿي،سنڌ ۽ سنڌي قوم جي آجپي ۽ ڀلائيءَ لاءِ پاڻ کي ”ذرو“ بنائي ڇڏيو.اسان جي قومي تحريڪـ جون روايتون صوفيانـ رهيون آهن،اسان وٽ تاج ۽ تخت،لشڪر ۽ سپاھ دولت ۽ دٻدٻي،نمائش ۽ ڏيکاءَ جي حيثيت ذري برابر بـ نـ رهي آهي.
آئون هن وقت عمر جي اهڙيءَ منزل تي آهيان، جو ان کي چراغ سحري چئي سگهجي ٿو،پوءِ بـ مون نـ همت هاري آهي،نـ منهنجي اردي ۾ ڪا ڪمي آئي آهي ۽ نـ ئي مون اميد جو دامن هٿ مان ڇڏيو آهي،منهنجي جدوجهد تـ جنمن تائين جاري رهندي ۽ مونکي اسان جي هڪـ قومي ڪارڪن جو هيءُ شعر ڏاڍو اتساھ ڏياريندو آهي تـ؛
وٺي هر هر جنم وربو،مٺا مهراڻ ۾ ملبو،
ختم اونداھ ٿي ويندي،چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو!
آئون هڪـ ڀيرو وري توهان جو ٿورو مڃان ٿو ۽ سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جي دعا ڪريان ٿو.

(جسقم قمبر،روزاني سوڀ جي ٿورن سان)

Saturday, 21 January 2012

رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 108 ھين جنم ڏينھن17جنوري2012 تي ڪيل خطاب !ـ جسمم چيئرمين شفيع محمد برفت

رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 108 ھين جنم ڏينھن17جنوري2012 تي ڪيل خطاب !ـ جسمم چيئرمين شفيع محمد برفت


ڀائرو ڀينرو ۽ منھنجي ڌرتي جا حلالي فرزندو !ـ
جيئي سنڌو ديش جيئي سائين جي ايم سيد

اڄ آئون توھان سان رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 108 ھين سالگرھ جي ڏھاڙي تي مخاطب آھيان سائين جي ايم سيد اھو عظيم انسان جنھن جي لاءِ سندس ھڪ عاشق ۽ پيروڪار سائين حفيظ قريشِي سينئر مرحوم چوندو ھو ته سيد اھا عظيم ھستي آھِي جنھن اسان کي ٻڌايو ته  سنڌ ڇا آھي جنھن اسان سان اسان جي ڌرتي جو حقيقي تعارف ڪرايو ورنه اسان کي پنھنجي مادرِ وطن جو احساس ۽ ادراڪ ئي نه ھو. سنڌو ديش اھا عظيم ڌرتي آھي جنھن ھزارين سالن جي انساني تاريخ ۾ انساني ڀائيچاري ، سھپ ، رواداري ، ماڻپي ، درگزر مذھبي سياسي شعور معاشي ترقي ۾ پنھنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو . ساڳئي وقت سنڌ اھو واحد خطو پڻ آھي جتان جي عظيم ماڻھن  اتحادِ انساني ، امنِ عالم،ترقي آدم واري فلسفي ۽ سوچ کي انساني بقا لاءِ  جي ميراث قرار ڏئي ھر دور ۾ پنھنجو اھم فرض پي نڀايو آھِي اسان جو وطن سنڌو ديش ھزارن سالن کان آزاد ۽ خوشحال ملڪ باشعور سماج ۽ ذميوار رياست جي حيثيت ۾ قومن جي درميان برابري ۽ بقا جي باھمي اصول کي اپنائيندي انساني تھذيب ، ڪلچر ، سڀيتا جي نه صرف پيڙھه جو پٿر رکيو آھي پر ان جي واڌاري ۽ ترقي ۾ پنھنجو فرض نڀائيندي رھي آھي. سنڌ اھا سرزمين آھي جنھن انسان ذات کي 30ھزار سال اڳ شِو مھراج ۽ شڪتي ديوي جي روپ ۾ خدا جو تصور ڏنو جنھن تان اڳتي ھلي عرب فلسفن آدم ۽ ھوا جو خيال آندو ، سنڌ معاشي ۽ معاشرتي اصولن ۽ فلسفي کي دنيا ۾ متعارف ڪرايو واپار ، حساب ، سماجي اصول ذرعي طور طريقا ڪشتي راني . پرڏيھي لاڳاپا ، انساني زبان لکت ۾ الفابيٽ ، سفر ۽ واپار لاءِ ڏاند گاڏين ۽ ٻيڙين جو ٺاھڻ ، موھن جي دڙي جھڙي سُڌريل شھري رياست ۽ ذرعي ترقي جو بنياد ھي تھذيبي سفر اسان سنڌين دنيا جي ٻين قومن کان اڳ ڪيو آھي ان ڪري ته اسان سنڌي قوم آزاد ۽ خوشحال قوم ھئاسين . ان عظيم سنڌو سڀيتا جا آثار ڪشمير ، ايران ، راجستان ، گُجرات ، ڪنڌار کان موجوده سنڌ جي سيني ۾ دفن ٿيل آھن . موھن جو دڙو ھڙاپا جي کوٽائي سميت ڪيترين جڳھن تي سنڌو تھذيب ۽ رياست جا نشان اسان کي ٻڌائين ٿا ته سنڌي ھڪ عظيم باشعور ماڻپي واري قوم رھيا آھيو . تاريخ ان ڳالھ جي گواھ آھي ته اسان سنڌين ڪڏھن به مذھبي ڪٽرپڻو ، انتھا پسندي ، دھشتگردي ۽ جنون کي قبول ناھي ڪيو. اسان جو سنڌي معاشرو نياڻين کي اڄ به سَت قُرآن جي برابر سمجھندو ۽ اھميت ڏيندو آھي. اسان جي ڌرتي جيڪا پنھنجي جيو پوليٽيڪل حيثيت ۾ عام والار رکي ٿي گڏو گڏ تيل ، گئس ، ڪوئلي ، گرينائيٽ ، سمنڊ ، درياءُ ۽ ڪيترن ئي معدني ذخيرن سان پڻ مالامال آھي. ان خوشحال ۽ تاريخي قوم کي 1947ع ۾ عالمي سازشن ۽ پنجابي استحماري مفادن لاءِ نام نھاد ٻه قومي نظرئي جي آڙ ۾ پاڪستاني رياست جي حدن اندر اسلامي ڀائيچاري جو ڍونگ ڪندي غلام بنايو ويو آھي.سنڌين ۽ بلوچن جي وطن ۽ وسيلن جو اصتحصال پنجابي سامراج طرفان ڪيو پيو وڃي. اسان جي پُٽن ڀائرن کي پنجابي سامراج ان جي صفاعڪ وحشي ۽ لعنتي اداري آءِ ايس آءِ جي دھشتگردن ھٿان اغوا ڪري ماري جيئرو ساڙي سندن لاشن کي روڊن تي اڇليو ٿو وڃي ، سنڌ ھجي يا بلوچستان ”شھيد سرائي قربان کھاوڙ، شھيد رپلو چولياڻي، شھيد نورالله تنيو ، شھيد سميع الله ڪلھوڙو ، شھيد ذوالفقار ڪولاچي، شھيد ماجد ميمڻ سميت سنڌ جا ڪيترائي حلالي فرزند بي دردي سان ڪُٺا ويا آھن جيئن بلوچستان ۾ ”شھيد بالاچ خان مري، شھيد اڪبر خان بُگٽي ۽ سوين بلوچ قومي ڪارڪنن کي چيچلائي ماريو ۽ ڪُٺو پيو وڃي.

اقوام متحدا ، آمريڪا ، عالمي برادري يورپ يونين کي مان اپيل ٿو ڪريان ته ھن خطي ڏکڻ ايشيا ۾ نام نھاد ٻه قومي نظرئي جي نالي ۾ قائم ٿيل پاڪستاني رياست دراصل پنجابي سامراجيت آءِ ايس آءِ جي جنوني ذھنيت ۽ جھادي دھشتگرديءَ لاءِ ھڪ نرسري ۽ بنيادي سينٽر وارو ڪردار ادا ڪري رھي آھي جنھن رياست جي مذھبي جنونيت ۽ آءِ ايس آءِ جي صفاقي مان نه صرف اسان سنڌين ۽ بلوچن جي قومي مستقبل کي سنگين خطرو لاحق آھي پر ھن فاحشي ۽ مذھبي ڪٽرپڻي جو شڪار غيرفطري رياست ان جي ائٽمي ھٿيارن مان ڀرپاسي جي ملڪن سميت خطي ۽ عالمي امنِ انساني بقا کي پڻ سنگين خطرو لاحق آھي. مان عالمي برادي کي آمريڪا ۽ يورپي ملڪن سميت اھو پڻ ٻڌائڻ ٿو چاھيان ته پنجاب سامراج پنھنجا سمورا ائٽمي ۽ ڪيميائي ھٿيار سنڌ جي پھاڙي سلسلي ڄامشوري، قمبر ،شھدادڪوٽ ، دادو ۽ سيوڻ جي جابلو پٽيءَ ۾ زير زمين وڏيون سُرنگون ھڻي رکيا آھن انھن ائٽمي ھٿيارن جي تعبڪاري مان اسان سنڌي قوم جي بقا، سلامتي ۽ حياتيءَ کي بھيانڪ خطرو لاحق آھي ان ڪري عالمي برادي پنھنجو اثراثوڪ استعمال ڪندي پنجاب تي دٻاءُ وجھي ته ھُو سنڌ جي جابلو علائقي مان پنھنجا ائٽمي ھٿيار ۽ فوجي خوفيا سُرنگن کي فورن ختم ڪري ڇڏي.

ڀائرو ۽ ڀينرو، پنجابي سامراجيت آءِ ايس آءِ جي صفاقي ۽ وحشي ڪٽرپڻو ، مذھبي بنياد پرستي جنون ، جاگيرداري لعنت سنڌي قوم جي غلاميءَ جو نه صرف سبب آھي پر اسان جي قومي بقاء جي خاتمي تباھي ۽ بربادي جو ڪارڻ پڻ. سنڌو ديش جي آزادي ۽ قومي بقاء تشڪيل ان لاءِ اسان کي ھڪ جامع قومي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. ان ۾ ٻه ڳالھيون انتھائي اھم آھن.

ھڪ 1947ع ۾ مذھب جي نالي  ۾ سنڌي ھندن کي مجبور ٿي سنڌ ڇڏي ھندستان وڃڻو پيو ھو انھن سميت سموري دنيا ۾ واپار ۽ ڪاروبار لاءِ ويل سنڌي ھندن کي پنھنجي ماتر ڀومي ٻيھر آڻي آباد ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻيون پونديون.
آئون جسمم جي چيئرمين جي حيثيت ۾ ھندستان سميت سموري دنيا جي سنڌي ھندن کي اپيل ڪندس ته ھتي سنڌ توھان جو وطن ۽ ماتر ڀومي آھي ان کي آزاد ڪرايو ان ۾ ٻيھر اچي آباد ٿيو.  

ٻيو 1947ع ۾ سنڌ ھجرت ڪري آيل ڪڇين ، ڪاٺياواڙين ، بوھرين ، ميمڻن ۽ اردو ڳالھائيندڙن ڀائرن کي سنڌي قوم جو حصو سمجھندي قومي تحريڪ جي سياسي ڌارا ۾ کين شامل ڪرڻ آھي.

ان کانسواءِ قومي مذاھمت وسيلي سنڌو ديش جي آزادي لاءِ قربانين  واري رستو ۽ دڳ وٺڻ. مان پنڊال ۾ موجود سمورن قومي ڪارڪن کي چوان ٿو ته سنڌ مان غاصب پنجابي فوج کي شڪست ڏيئي وطن جي آزادي ۽ شھيدن جي پلاند لاءِ تيار آھيو؟
سنڌ جي بقاء وسيلن جي تحفظ ننگن ۽ دنگن جي حفاظت لاءِ پنھنجا ڪنڌ ڪپرائيندو؟
اڄ سمورا قومي ڪارڪن اُٿي بيھي شھيد سرائي قربان کھاوڙ ، شھيد روپلو چولياڻي، شھيد نورالله تنيو ، شھيد ذوالفقار ڪولاچي ، شھيد سميع الله ڪلھوڙو سان وچن ڪيون ته:

” جيسين رات انڌاري رھندي ، جنگ اسانجي جاري رھندي،
جيسين رات انڌاري رھندي جنگ اسان جي جاري رھندي.“

ڇو ته قومي آزادي جي لاءِ قومي مذاھمت جو رستو ئي حقيقي رستو آھي. ڀائرو اڄ سموري دنيا ۾ قومون زبردست اُٿل پُٿل سياسي بيداري واري عمل مان گُذري رھيون آھن. عرب دنيا ان سياسي سجاڳي ۽ جاڳرتا واري مرحلي مان لنگھي رھي آھي پراڻين شھنشاھتن، فوجي ڊڪٽيٽرن ، جاگيرداري ذلت ، آپي شاھي، غلامي خلاف ھر طرف باھ ٻري رھِي آھي . اڄ آمريڪا دنيا جي مظلوم قومن پيڙھيل سماجن کي آپي شاھين، مذھبي انتھاپسندي جي پنجوڙ مان آزادي ڏياريندڙ عالمي قوت بنجي اڳيان اچي رھيو آھي. اھڙي وقت ۾ اسان سنڌ جا قومي ڪارڪن پڻ اھا اميد ٿا ڪريون ته دنيا جا مھذب ملڪ آمريڪا سميت ھن فاحشي ۽ ٿيوڪريٽڪ رياست جي پنجوڙ مان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪندڙ سنڌي ۽ بلوچ قومي تحريڪن جي سياسي ۽ اخلاقي مدد ڪندا.

اڄ سنڌ ۾ قومي تحريڪ جي سياسي اصتلاحن ٽرمنالاجي کي بگاڙي قومي تحريڪ جي فڪري ۽ نظرياتي پروگرام خلاف گُمراھي ۽ بگاڙ پيدا ڪيو پيو وڃي . آئون انتھائي معزرت سان چوندس ته سنڌي ميڊيا سنڌو ديش قومي آزادي جي بجاءِ جياپو،نجات، آجپو جھڙا جُڙتو اصتلاح لکي قومي تحريڪ جي فڪري پروگرام خلاف استعمال ٿي رھي آھي. مان توھان سمورن قومي ڪارڪنن کي چوندس ته توھان اُٿي بيھي صحافي دوستن اڳيان اخباري مالڪن ۽ ٽي وي چئنلن جي سربراھن کي ھڪ ڀيرو ٻيھر اپيل ڪيو ته آئينده پنھنجي اخبارن ۾ سنڌو ديش ۽ قومي آزادي جي سياسي ٽرمنلاجي کي بگاڙي قومي تحريڪ خلاف پنھنجي ميڊيا کي استعمال نه ڪندا.

آخر ۾ آئون قومي تحريڪ ۽ ڌرتي جي حلالي فرزندن کي اھو چوندس ته تاريخ ۽ شھيد سرائي قربان کھاوڙ  ،شھِيد روپلو چولياڻي ، شھِيد نورالله تنيو جي شھادت توھان جي مٿان تمام وڏي ذميواري ۽ قومي بار وجھي وئي آھي. اچو ته شھيدن سان وچن ڪيون ته ساھ ڏيئي ويساھ بچائينداسين سنڌو ديش جي آزادي جي لاءِ رت جي آخري ڦري تائين جدوجھد ۽ قومي مزاحمت کي جاري
رکنداسين!ـ

منھنجي ڌرتي جي پھاڙن کي چئو،ھا اڃان اوچا رھن،
ڇو ته منھنجو ڪنڌ جھڪڻو ڪونه آ ـــ !!!

توھان جو پنھنجو
 چيئرمين
شفيع محمد برفت

خطاب آيڊيو ٻڌڻ جي لاءِ ھن لنڪ تي ڪلڪ ڪندا!ـ

 http://youtu.be/ZKsOur2fFkY

Friday, 13 January 2012

We invite Mr.William Marten council general united state of America(Karachi)L Shafi Burfat Chairman Jeay Sindh Mutahida Mahaz

 
Long Live Sindh     Long Live Sain G.M.Syed
Sindh
The Land of peace, Tolerance, And Sufiisim.
We believe in global peace, development and humanity.

We invite Mr.William Marten council general united state of America (Karachi) and also the council generals of Germany,Birtish, Faracnce and respresentatives of European union, Australia, African countries and Arab world to come and attend the 108 birth anniversary of Sain GM Syed the great Scholar and philosopher on 17th January 2012 sann, who first ever the world in 1952 in world peace conference (viana) warned that: extremism and fundamentalism is fuel on fire for whole humanity.

اسان  جي عظيم قومي رھبر، فلاسافر سائين جي ايم سيد سنڌ جي ھزارين سالن جي انساني رواداري ، ماڻھپي ، پائيچاري ، سيڪيولر روايتن، اتحادِ انسانِي ، اميڻ عالم ،ترقي، بني آدم واري سوچ ۽ فلسفي جي نه رڳو پوئواري ڪئي پر سياسي ۽ نظرياتي مهاذن تي مسلسل جدوجھد جاري رکندي پنھنجي زندگي جا 28 سال قيد، نظربندين، نفسياتي عذابن ھيٺ ڀوڳيندي گذاريا، اسان جي مادِر وطن سنڌ جيڪو ھزارين سالن کان ھڪ خودمختيار ۽ خوشحالملڪ رھِو آھي، سنڌو سڀيتا جي اھا خالق رياست مھذب ۽ باشعور قوم ۽ سماج جي حيثيت ۾ قومن جي درميان بقاءِ باھمي جي اصول کي اپنائيندي انساني تھذيب،ڪلچر ۽ سڀيتا جي ترقيءَ ۾ پنھنجو شاندار حصول ۽ فرض ادا ڪيو آھي . تاريخ ۽ اسان جي صوفي بزرگن شاھه عـبد الطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي ۽ ٻين جي تعليم گواھه آھي ته سنڌي قوم ھر دور ۾ فتني، فساد ، دھشتگردي ،رتوڇاڻ ۽ جنونيت کي ڪڏھن به قبول ناھي ڪيو. ان ڪري سائين جي ايم سيد امن ، سلامتي ، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجھد ڪئي، اسان سنڌي تاريخي طورف سيڪيولر ۽ صوفي سوچ جا حامي رھيا آھيون ، اھو ئي سبب آھي جو اسان آمريڪا، يورپ ۽ دنيا جي مھذب قومن طرفان شروع ڪيل مذھبي دھشتگردي واري عالمي جنگ ۾ آمريڪا ، نيٽو ۽ يورپ جا حامي رھيا آھيون ڇو ته اسان اصلي طرح اھو سمجھون ٿا ته تاريخ آمريڪا ۽ دنيا جي مھذب ملڪن ، معاشرن ، سماجن ۽ رياستن جي مٿان اھا ذميواري رکي آھي ته اھي انسانذات جي غلامي ، ذلت ، آپيشاھي مان جان آجي ڪرائي سيڪيولر ، جمھوري ۽ مھذب معاشرن جي قيام لاءِ پنھنجيون ڪوششون ڪن. ان سان گڏ انساني حقن جي سربلندي لاءِ ڪوشش سان گڏ قدرتي آفتن ، جنونيت ،ڪٽرپڻي ، دھشتگردي ۽ ھر قسم جي ڏاڍ ، جبر کان انسانذات کي آجو ڪرائڻ لاءِ فرض ادا ڪن. ھن خطي ۾ اھڙي سموري جدوجھد جو نظرياتي خالق، فلسفي ۽ دانشور سائين جي ايم سيد آھي. ان ڪري اسان آمريڪا جي ڪراچيءَ ۾ ڪائونسل جنرل مسٽر وليم مارٽن سميت ڪراچيءَ ۾ سمورن ملڪن جي سفارتڪارن ۽ ڪائونسل جنرل کي دعوت ٿا ڏيون ته اھي 17 جنوريءَ تي سائين جي ايم سيد جي سالگرھه تقريب ۾ شرڪت لاءِ سن اچي سنڌي قوم جي تاريخي شعور ۽ انساني ڀائيچاري ، روزادريءَ جي حامي سنڌي صوم جو جائزو وٺن. سنڌي قوم جا باشعور فرزند ۽ جسمم جا ڪارڪن پنھنجن سمورن مھمانن جي ميزبانيءَ لاءِ 17 جنوريءَ تي سن ۾ منتظر ھوندا.

جيئي سنڌ متحده محاذ
 ( JEAY SINDH MUTAHIDA MAHAZ )