Sunday 4 September 2011

جسمم ۾ يڪجاءِ ٿيندڙن جسقم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس

 جسمم ۾ يڪجاءِ ٿيندڙن جسقم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس

معزز صحافي ڀائرو، قومي ڪارڪنو ۽ ساٿيو،
جيئي سنڌو ديش ، جيئي سائين جي ايم سيد
صحافي ڀائرو:
اڄ مان پنھنجي سياسي دوستن ۽ ساٿين سميت جنھن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي باڊي جا عھديدار ، جيئمسٽ ڪائونسل جا اڳواڻ ۽ سموري سنڌ جي ضلعن ۽ تعلقن جي ذميوار دوستن سميت جيئي سنڌ متحدا محاذ ۾ ” يڪجاءِ“ ٿيڻ جو اعلان ٿو ڪريان ۽ ان سان گڏوگڏ اھا وضاحت پڻ ڪندو ھلندس ته منھنجي ۽ منھنجي دوستن جي ھيءِ پريس ڪانفرنس سنڌ جي قوم پرست سياسي تاريخ ۾ شايد اھا پھرين پريس ڪانفرنس ھوندي، جنھن ۾ اسان ڪنھن به اڳواڻ ۽ دوست تي ڪابه شخصي ، سماجي ، اخلاقي ۽ مفني الزام تراشي ڪرڻ کانسواءِ انتھائي پنھنجائپ وارين روايتن ۽ ڀائيچاري واري ماحول کي برقرار رکندي الوداع چئي جيئي سنڌ متحدا محاذ ۾ شموليت جو اعلان ڪري رھيا آھيون.
معزز صحافي ڀائرو:
      توھان جي ميڊيا ان ڳالھ جي چٽي گواھ آھي ته ھن کان اڳ جڏھن به ۽ جتي ھڪ سياسي ڌر کي الوداع چئي ڪنھن ٻي سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آھي ته ان کان اڳ انھن فردن يا گروھن طرفان ھڪ ٻئي مٿان اوچتو رات پيٽ ۾ بي پناھ الزام تراشين ۽ بھتانن وارو ڪردار ڪشين جو وڏو طوفان کڙو ڪري وڏي ڄنڊاپٽ  ۽ سياسي بدنظمي پيدا ڪري پوءِ ھڪ ٻئي کي ڇڏيو ھوندو. پر اسين ھتي ان سياسي ، منفي روايت کي ڌڪاريندي پنھنجي انھن ساٿين ۽ اڳواڻ کان موڪلايون ٿا جن سان گڏجي اسان ڪجھ وقت سياست ڪئي آھي. انھي جذبي اتساھ ۽ اميد سان ته قومي سياست جي ڪنھن موڙ تي اسان اڳتي ھلي ھڪ ٻئي جا اتحادي ۽ ڀرجھلا ٿي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته اسان جي چھرن تي ڪابه پريشاني ۽ پيشماني نه ھجي.
معزز صحافي ڀائرو:
بنيادي سبب ۽ ڪارڻ جنھن جي ڪري اسان اڄ پنھنجي پارٽي جيئي سنڌ قومي محاذ کان الوداع ٿي جيئي سنڌ متحدا محاذ ۾ شموليت اختيار ڪري رھيا آھيون ، جيڪو اسان سميت سنڌ جي سمورن سياسي قومي ڪارڪنن جي اڳيان ھڪ سوال جي صورت ۾ پئي رھيو آھي، اھو آھي ” قومي فڪر کي انقلابي حڪمت عملي ڏيڻ جو سوال“ جيئن ته سنڌ جي قومي تحريڪ فڪِر جي ايم سيد کي گھڻي وقت کان فڪري بنيادن سان ملندڙ ۽ ٺھندڙ حڪمت عملي ڏيڻ ۾ ڪامياب تن ويئي ھئي، اھو ئي ڪارڻ آھي جو سنڌ ۾ قومي تحريڪ صرف اھي گھربل نتيجا نه ڏئي سگھي آھي پر قومي ڪارڪنن ۾ اتساھ ۽ جذبي جو فقدان پيدا ٿيڻ شروع ٿيو ۽ سنڌي قوم پنھنجون ھمدرديون ، اميدون ۽ مجموعي دعائون جيڪي ھو سائين جي ايم سيد کي ڏيندا ھئا پر قومي تحريڪ جي جدوجھد ۾ جھول ۽ انقلابي حڪمت عملين ۽ تدبيرن کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪرڻ سبب قوم پرست سياست عام سنڌي ذھني ۽ دلي طرح ڄڻ مڪمل طرح ڳنڍجي نه سگھيا ھئا. مان ھتي ڪنھن به فرد تي ان جو الزام ھڻڻ ۽ تنقيد ڪرڻ کان پاسو ڪندي ، صرف انھن اصولن جي وضاحت ڪرڻ ٿو چاھيان ته ماضي ۾ اسان سمورن قومپرستن اڳواڻن کان جيڪي جھول ۽ ڪمزوريون ٿيون ھيون ھڪ وقت اھڙو آيو جڏھن توھان صحافي دوست سميت سموري سنڌ جا قومي ڪارڪن باشعور سنڌين کي اھو چٽو ۽ واضح نظر اچڻ لڳو ته ھاڻ سنڌ جي اندر قومي آزادي جي ھڪ سنجيده ، انقلابي ۽ قرباني سان ڀرپور جدوجھد جي اميد پيدا ٿي ۽ اھڙي اميد جيئي سنڌ متحدا محاذ ۽ ان جي قيادت طرفان قومي آزادي لاءِ قومي مزاحمت تي انتھائي دانشمندي ، بھادري ۽ ثابت قدمي سان بيھي ڏيکارڻ واري عمل ۽ جذبي تحت پيدا ٿي ۽ سموري سنڌ جي باشعور سنڌين کي اھو محسوس ٿيو ته جيئي سنڌ متحدا محاذ اھا واحد سياسي ڌر ٿي سامھون آئي جنھن انقلابي مزاج ، عمل ، ڪردار ۽ ڪلچر سموري سنڌ کي نه صرف ھڪ بھادر ۽ غير متنازعه قيادت فراھم ڪئي پر قومي ڪارڪنن کي فڪر جي ايم سيد تي پختگيءَ سان بيھاريندي جدوجھد جي اھڙن پيچرن تي ھلائڻ جو حڪم ڏنو. جنھن تي دنيا جي سمورين قومي آزادي جي تحريڪن ۽ انقلابي پارٽين جا ڪارڪن ڄمي بيھندا آھن. نتيجي ۾ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي خلاف ان فڪري سچائي ۽ جدوجھد تي ثابت قدم ٿي بيھڻ سبب رياستي ادارا مٿن ڏمر جي پيا قومي تحريڪ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ۽ سنڌ جي ويجھڙا واري تاريخ ۾ حُر تحريڪ کان پوءِ وڏو آپريشن شروع ڪيو ويو. جنھن ۾ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي سنيئر وائيس چيئرمين محترم سميع الله ڪلھوڙي کي شھيد ٿيو، جيئي سنڌ متحدا محاذ جي قيادت مظفر ڀٽو شبير ملاح ۽ ٻين جي روپ ۾ رياستي عتابن گرفتارين گمشدگين ۽ ٽراچر جي حوالي ڪئي وئي.سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ھڪ ٻيو مثال اھو پڻ سامھون آيو جو رياستي ادارن جيئي سنڌ متحدا محاذ جي چيئرمين شفيع محمد برفت جي سر جي قيمت ڪروڙين رپيا مقرر ڪئي کين قومي سياست ۽ قومرست ڪيڊر کان پري رکڻ جي سازش آءِ ايس آءِ طرفان ڪئي وئي.
معزز دوستو،
اھا ھڪ اھڙي صورتحال ھي جنھن ۾ پھريون پھريون سموري سنڌ جي باشعور فردن جي دلين جي دڙڪڻ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي دوستلاءِ دڙڪڻ لڳي . سموري سنڌ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي قيادت ۽ لاپتا دوستن کي سنڌ جي حلالي پُٽن جو درجو ڏيڻ لڳي ، جيئي سنڌ متحدا محاذ جي سياسي قومي ۽ مزاحمتي جدوجھد جي ترزي واردو ۾ سنڌ جي قومي ڪارڪنن ميڊيا معرت پھريون ڀيرو سنڌو ديش لبريشن آرمي جو نالو پڻ ٻڌو.جنھن سموري سنڌ جي نوجان قپمي ڪارڪنن جي خوني گرمائي ۽ جذبن کي توانائي بخشي ڇڏي، ڇو ته رياست خران جيئي سنڌ متحدا محاذ خلاف اختيار ڪيل ان آپريشن جي پويان انھن سمورين انقلابي گوريلا ڪارواين ۽ رياست مخالف حقيقي سرگرمين کي جيئي سنڌ متحدا محاذ جي اڳواڻن سان منسوب پئي ڪيو ويو. جنھن جي ڪري پڻ سنڌ ئي خواب ڏسڻ شروع ڪيا ته ھاڻي غلامي جا زنجير ڄاڻ ٽٽڻ وارا آھن ۽ اھڙن خوابن ۾ سنڌ جي سمورن قومي ڪارڪنن سان اسان جا جذبا پڻ شامل ھئا. اھو ئي سبب آھي جو اڄ ان نتيجي تي پھتا آھيون ھڪ اھڙي پارٽي جيڪا پنھنجي قول ۽ فعل ۾ ھم آھنگين جي لازوال تاريخ ۽ مثال رکي ٿي. ھڪ اھڙي قيادت جيڪا روپوش رھي نفسياتي ۽ اعصابي جنگ ۾ پڻ رياست کي مات ڏئي سگھي ٿي ، ھڪ اھڙي ڌر جنھن کي سنڌ جي قومي آزادي جي شھيدن جو قافلو سمجھيو وڃي ٿو. ان ڌر کي مضبوط ڪرڻ واري فيصلي سان اسان سمورن دوستن جو ذھن ۽ ضمير مخمئن آھي ان ڪري اڄ اسان جيئي سنڌ متحدا محاذ  ۾ باضابطه شموليت جو اعلان ڪري رھيا آھيون.
معزز صحافي ڀائرو:
مان پنھنجي سمورن ساٿين جي روبرو توھان اڳيان ھڪ ڀيرو ٻيھر وضاحت ڪرڻ مناسب سمجھان ٿو ته اسان جي جيئي سنڌ متحدا محاذ ۾ شموليت جو مطلب ڪنھن به فرد يا ڌر جي خلاف نه سمجھيو وڃي ، اسان سڀ دوست ان سادي اصول تي عمل ڪريون ٿا ته سنڌ جي مفاد لاءِ جيڪو ڪجھ لازمي ۽ ضروري آھي اھو ڪرڻ گھرجي.
آخر ۾ مان انھن سمورن قومي ڪارڪنن کي جيڪي قومي آزادي لاءِ قومي مزاحمت ۽ انقلابي حڪمت عملي کي درست سمجھن ٿا، انھن کي پڻ اپيل ڪندس ته ھو جيئي سنڌ متحدا محاذ پنھنجي عملي جدوجھد ۾ ثابت ڪيو آھي ته ھو ھڪ انقلابي پارٽي آھي . آخر ۾ آئون ھي ٻه لفظ چئي پريس ڪانفرنس ختم ڪندس ته منھنجن سمورن دوستن سميت منھنجو ھي سِر سنڌ جي امانت آھي جنھن کي عزت سان قربان ڪرڻ لاءِ جيئي سنڌ متحدا محاذ ۾ شموليت ڪري رھيو آھيان.
”منھنجي ڌرتي جي پھاڙن کي چئو ، 
ھا اڃان اوچا رھن ڇو ته منھنجو ڪنڌ جھڪڻو ڪونه آ ....!“

توھان سمورن دوستن جي مھرباني
سنڌو ديش زنده آباد قوم پرست زنده آباد
شموليت ڪندڙ:
سرائي قربان کھاوڙ، لالا اسلم پٺاڻ ، خفيظ آزاد ھڪڙو، ذوالفقار ڪولاچي ، لال بخش گھوٽو، ستار ھڪڙو ، روپلو چولياڻي ، وحيد مراد سيال ،ڊاڪٽر نظير سولنگي ، سجاد شر، حفيظ پيرزادو، سھيل ڀٽي ۽ ٻيا ضلعن ۽ تعلقن جا اڳواڻ.

کاھوڙي جيئي سنڌ متحدا محاذ جو ترجمان

No comments:

Post a Comment