Friday 9 September 2011

امير شهر جا غريب ماڻهو:: بشير آريسر

امير شهر جا غريب ماڻهو بشير آريسر


طوفانن،زلزلن ء ٻوڏن سميت ڪيترن ئي قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ بدين ضلعو هن وقت به برساتن جي ڪري پاڻي هيٺ آهي ۽ امير ترين ضلعي جو غريب ترين عوام روڊن تي بغير ڇت جي امداد جي آسري ۾ ويهي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي.روزانو اربين رپين جي تيل جي اپت ڏيندڙ بدين ضلعو جنهن جي عوام جو گذر سفر آهي ئي زراعت تي انهن سان هن دفعي برسات اهڙا ويل وهايا آهن جو هاڻي هتان جي ماڻهن جي چٻي ٿيل چيلهه کي سڌي ٿيڻ تائين گهڻو وقت لڳندو، تيستائين وري ڪو نه ڪو عذاب اچي ڪڙڪندو.چون ٿا ته قدرت واري ائين ڪيو آهي قدرت وارو اگر ايترو اسان تي ناراض هجي ها ته اربين کربين رپين جو تيل اسان جي پيرن هيٺان زمين ۾ نه ڏئي ها، جنهن تي حق ته اسان جو آهي پر ان جو پيسو ڪيڏانهن ٿو وڃي ڪا خبر ناهي؟ رائلٽي ته پري جي ڳالهه پر اهو تيل اسان کي به ان اگهه سان ملي ٿو جنهن اگهه سان پنجاب جي رهواسين کي ملي ٿو جن کي قدرت تيل جي نعمت کان محروم رکيو آهي.بدين جي تيل جي کوهن مان تيل ائين تيزي سان ڪڍيو پيو وڃي جئين آمريڪا افغانستان تي حملي بعد ان جي معدني ذخيرن کي خالي ڪرڻ پويان لڳي ويو ته جئين آمريڪا جي بيٺڪيت تائين معدني وسيلن کان افغانستان خالي ٿي وڃي.بدين جي اٻوجهه عوام جن وٽ سڀ ڪجهه هوندي به ڪجهه به ناهي. اهي امداد جي آسري ۾ ويٺا آهن ء انهن سان واهر لاءِ نه ئي ڪو ايڌي پهتو آهي نه ئي عمران خان..اڳ ئي ٻوڏ ۾ به امداد ڏيندڙ قومپرستن کي شايد فوٽو سيشن لاءِ ٻيو ڪو مسئلو هٿ اچي ويو آهي. انڪري هيل انهن به بدين واسين ڏانهن پنڌ ڪرڻ جي تڪليف نه ڪئي.بدين جو عوام جيڪو پوڇڙ ۾ هئڻ ڪري سدائين غربت ۽ مفلسي واري زندگي گهاري پيو ان لاءِ هي ڪو عذاب نئون ناهي پر حڪومت پاران ايل بي او ڊيءَ آر بي او ڊي ٺاهي ڄڻ بدين وارن لاءِ ڊيٿ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.غلط انفرااسٽڪرچر سان ٺهيل گندي پاڻي جي ڇوڙ وارا هي ٻه وڏا نالا جڏهن ابتا وهڻ شروع ڪندا آهن تڏهن بدين واسين جي قسمت به ابتي وهڻ لڳندي آهي.۽ الهه تلهه لڙهي ويندو آهي.هن وقت به بکن ۾ پاهه بڻيل بدين واسين جي ڪو پرگهور ڪري گندي پاڻي جي ڪري بيمارين ۾ وچڙيل ماڻهن لاءِ ڪي ميڊيڪل ڪيمپون لڳڻ گهرجن ته جئين مصيبتن جي ماريل ماڻهن جي زخمن تي ڪو مرهم لڳي سگهي.
محترم بشير آريسر

No comments:

Post a Comment