Friday 21 October 2011

جيئي سنڌ متحده محاذ جي چيئرمين محترم شفيع محمد برفت جو ورلڊ سنڌي ڪانگريس کي موڪليل پيغام

جيئي سنڌ متحده محاذ جي چيئرمين محترم شفيع محمد برفت
 جو ورلڊ سنڌي ڪانگريس کي موڪليل پيغام 


جناب صدر ، حاضرين ۽ مھمان
جيئي سنڌو ديش جيئي سائين جي ايم سيد ۽ جيئي دنيا جون مظلوم قومون.

سڀ کان پھريان مان نه صرف سنڌ جي قومي تحريڪ بلڪ پوري سنڌي قوم خصوصي طرح پنھنجي پارٽي جيئي سنڌ متحدا محاذ جي طرفان ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي چيئرمين محتم حليم ڀٽي ھن پروگرام کي آرگنائيز ڪندڙ ڊاڪٽر ھدايت ڀٽو، لکو مل لوھاڻي ، ڊاڪٽر صغير شيخ ۽ ٻين کي واڌايون ڏيندس جن اڄوڪي ماحول حالتن ۽ عالمي سياسي تبديلين کي مدِ نظر رکندي ھن ڪانفرنس کي منعقد ڪيو آھي ۽ لکين مبارڪن جا مستحق آھيو توھان سمورا دوست جن ” سنڌ جي آزادي عالمي امن لاءِ ڪيئن ضروري آھي“ جھڙي موضوع جي چونڊ ڪري اھو ثابت ڪيو آھي ته سنڌ جا ھي باشعور فرزند جيڪي پنھنجي ماتر ڀومي سنڌ کان پري ھوندي به پنھنجي سياسي بصيرت دور انديشي ۽ قومي آزاديءَ جي مقصد بقا جي سوال قومي وجود ۽ ڌرتيءَ جي سلامتيءَ لاءِ سخت اونو ۽ ڳڻتي رکن ٿا.
معزز حاضرين ... اڄ بنياد پرستي مذھبي ڪٽرپڻو ، نام نھاد جھاد انسانيات کي نفرت ، تفاق ، بدامني دھشتگردي غير يقيني سياسي انتشار،معاشي تباھي سماجي انارڪيءَ ۾ مبتلا ڪري 11_9 جھڙا واقعا سموري دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مذھبي جھادي جنونين طرفان اتي جي پر امن شھرين جمھوري مزاج سيڪيولر سوچ ، رواداري سھپ ۽ برداشت جھڙن انساني گسن خلاف حملا ڪيا پيا وڃن. اڄ دنيا جي ڪا به اھڙي ڪنڊ خطو،ملڪ ۽ شھر انھن تنگ نظر مذھبي جنونين دھشتگردن کان محفوظ ناھن رھيا. اھو ئي سبب آھي جو نيٽو ۽ آمريڪي فوجون اھڙي مذھبي دھشتگردي خلاف افغانستان ، عراق يا پاڪستان سميت سموريدنيا ۾ جمھوريت ، سيڪيولرازم ۽ دنيا جي سياسي آزادي معاشي استحڪام لاءِ ۽ انساني وقار جي سربلديءَ لاءِ ويڙھ ۾ مصروف آھن جيڪڏھن منھنجي مٿين ويچارن کي ڪو ٻن لفظن ۾ پيش ڪري ته ائين چئي سگھجي ٿو ته مذھب ملڪ اسلامي ويچارن کي ڪٽرپڻي ، تنگ نظريءَ سبب انسان ذات جي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي نمبر ٻه گھڻ قومي ريسات جي سامراجي عالمگيريت سبب مظلوم ۽ پيڙھيل قومن کي انھن سامراج مفاد لاءِ قائم ڪيل گھڻ قومي رياست ۾ غلام بڻائي تاريخي قومن جو سياسي معاشي جاگرافيائي قومي استحصال ڪري انسانذات سان سڀ کان وڏي بربريت ظلم ، ناانصافي ۽ جارحيت ڪئي پئي وڃي معزز حاضرين ... آءُ کليل لفظن ۾ پنھنجي ويچارن جو اظھارڪندي اھو پڻ چوندس ته ھي جيڪي United Nation جو ادارو آھي اھو پنھنجي نالي ۾ ته اتحاد ۽ ايڪي جو ادارو سڏجي ٿو پر حقيقت ۾ اھو ادارو سامراجي ناانصافين تي مشتمل گھن قومي ريساسيت تي مشتمل آھي جن رياستن ۾ سوين قومن کي قيد غلام ۽ استحصال جو اڄ به شڪار بڻايو پيو وڃي. مثال: جيئن پاڪستان جي فحاشي ، ظالم نا انصافين تي مشتمل غير فطري نام نھاد ٻه قومي نظري جي آڌار تي قائم ٿيل ھڪ اھڙي رياست آھي جيڪا ھڪ طرف ھزارين سالن جي تاريخ تمندن ، ڪلچر ۽ سڀيتا جي مالڪ سنڌي قوم ۽ بلوچ قوم کي غلام بڻائي اسان جو قومي استحصال ڪرڻ سان گڏ اسان سنڌين ۽ بلوچن جي قومي وجود لاءِ 63 سالن جي تجربي جي آڌار تي زھر قاتل ثابت ٿي آھي . ھڪ طرف ھيءَ غير فطري فاشي ، غير ذميوار رياست ( پاڪستان ) نه صرف پنھنجي جاگرافيائي حدن ۾ غلام ۽ قيد ڪيل سنڌي بلوچ قومن جي وجود خلاف سازشن ۾ جڻيل آھي ڇاڪاڻ ته پاڪستان دراصل پنجابي سامراج جي مفادن لاءِ قائم ڪيل ھڪ اھڙي ظالم رياست آھي جيڪا مذھبي جنونيت ، جھادي ڪلچر ۽ دھشتگردي جي ھڪ عالمي نرسري جو ڪردار ادار ڪندي سموري دنيا لاءِ فتني فساد ، مذھبي نفرت نفاق ۽ جھاد جي جاھلاڻي ترغيت رھي آھي ۽ رھي ٿي .
معزز حاضرين!... ھي غير ذميوار ، غير فطري ، فاشي رياست جنھن کي پاڪستان چيو ٿو وڃي ان جي پنجابي فوج ۽ خفيه ايجنسي آءِ ايس آءِ ھڪ مڪمل غير مھذب جارح ۽ انسانيت ۽ قومن جا ويري ادارا آھن جيڪي نه صرف پاڪستان ۾ غلام ۽ قيد ڪيل سنڌي ۽ بلوچ قومن جي قومي مفادن جي خلاف ڪريل ، ڪڌين ۽ خطرناڪ سازشون ڪندا رھن ٿا بلڪ سنڌي ۽ بلوچ قومي ڪارڪنن خلاف آءِ ايس آءِ جھڙو غير مھذب ادارو مڪل نازي ۽ فاشي طرز عمل اختيار ڪندي سنڌي ۽ بلوچن جي سياسي زندگيءَ ۾ زھر ملائيندا رھن ٿا. اسان جا ڪيترائي سياسي قومي ڪارڪن گرفتار ڪري انھن مٿان غير انساني تشدد ڪرڻ سان گڏ ساڻن جسماني ، نفسياتي ۽ جنسي تشدد ۽ زيادتيون پڻ آءِ ايس آءِ طرفان مظلوم قومن جي سياسي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان ڪندا رھيا آھن.

معزز حاضرين ....... سنڌ جي ڳڀرو نوجوانن مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڏينھن ڏٺي جو ڪراچيءَ جھڙي عالمي شھر ۾ آءِ ايس آءِ طرفان شھيد ڪرڻ جھڙي ڪڌي ڪم کان ويندي جسمم جي قومي دانشور ۽ سينئر وائيس چيئرمين سميع الله ڪلھوڙو کي گرفتار ڪري سخت غير انساني تشدد بعد شھيد ڪري سندس لاءِ اڇلائڻ تائين ۽ بلوچ قوم جي سياسي فڪري ۽ نظرياتي رھبر جناب محترم خير بخش مري جي خيالن ۽ ويچارن کي مڃيندي پنھنجي وطن بلوچستان جي آزاديءَ ۽ قومي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ھزارين بلوچ قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي نه صرف لاپتا ڪيو ويو بلڪ ڪيترن ئي اھم بلوچ سياسي اڳواڻن کي آءِ ايس آءِ جي درندن سنڌ جي سياسي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وانگر بيدرديءَ سان غير انساني ازيتن ۽ عقويتن ۽ فوجي چڙھايون ڪري شھيد ڪيو ويو جنھن ۾ شھيد اڪبر بگٽي ، شھيد بالاچ خان مري ، غلام محمد بلوچ ،لالا منير بلوچ،شير محمد بلوچ ۽ شھيد رسول بخش مينگل سميت ڪيترائي شامل آھن ايتري قدر جو مان سنڌ جو ھڪ سياسي قومي ڪارڪن ۽ فرزند آھيان منھنجي مٿان پڻ ھن پاپي پاڪستان جي غير مھذب اداري آءِ ايس آءِ طرفان ڪروڙين روپيه انعام رکي مونکي گذريل 21 سالن کان روپوش رھڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي جيئن مان پنھنجي سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن جي قومي آزاديءَ لاءِ پنھنجو گھربل سياسي ، قويم ۽ انقلابي ڪردار ادار ڪري نه سگھان . سنڌ جي قومي تحريڪ جي سياسي تاريخ ۾ آءِ ايس آءِ طرفان اسان جي پارٽي جيئي سنڌ متحد ا محاذ خلاف 2004 کان غير انساني آپريشن شروع ڪيو ويو آھي جيڪو اچ سوڌو جاري آھي ٻيو ته ٺھيو مان ايتري قدر جو سنڌ جي ھڪ ڏاھي دانشور رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سياسي رفيق ۽ جسقم جي چيئرمين عبدالواحد آريس جي مٿان بم ڌماڪن جا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن . ٻئي طرف جسمم جي مک اڳواڻن اصغر شاھ ، مظفر ڀٽو۽ ستار ھڪڙو سميت 25 اڳواڻن کي آءِ ايس آءِ طرفان گرفتار ڪري سالن تائين لاپتا ڪرڻ سان گڏ سخت غير انساني اذيتون ڏئي جسماني ۽ ذھني طرح مفلوج ڪيو ويو آھي ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪارڪنن کي پڻ سميع الله ڪلھوڙو ، ممتاز ڀٽو، اسد عباسي ، مشتاق خاصخيلي کي شھيد ڪيو ويو آھي . ان کان پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جا سوين قومي ڪارڪن اڄ به روپوشين ۽ جلاوطني جي زندگي گذاري رھيا آھن. جن ۾ بلوچ قومي اڳواڻ مير حيربيار مري بلوچ ريپبلڪن پارٽي جي سربراھ برھمداغ بگٽي ۽ سنڌ جي عظيم قومي ڏاھي محترم دادا ڪيرت باباڻي ، قومي ڪارڪن ڊاڪٽر گھنشام پرڪاش ۽ نور لغاري سميت ڪيترائي سنڌي ۽ بلوچ اڳواڻ جلاوطن بڻيل آھن ۽ جلا وطن زندگي گذارڻ تي مجبور آھن.

معزز حاضرين ... ھن سموري ماجرا کي سامھون رکندي اسان جڏھن ھن تاريخي موضوع جي گھرائيءَ تي غور ڪنداسين ته اڄ جي حالتن ۾ واقعي به دنيا جي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ انسان ذات سان لاڳو ان ٻن ڳنڀير مسئلن يعني مذھبي ڪٽرپڻي ، نفرت ، نفاق کان انسان ذات جو ڇوٽڪارو ۽ ڌرتيءَ جي گولي تي رھندڙ ھزارين سالن جي تاريخ ، تمدن سڀيتا جي وارث قومن جي آزادي جي اھم ترين مسئلي کي فوري Address ڪرڻ اڄ سموري دنيا لاءِ کليل چئليج بڻيل آھي مان ھن فورم تان UNO جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون کي پڻ اپيل ڪندس ته ھو ان ڳالھ تي غور ڪري ته UNO جي اداري جي ميمبر رياستن جي قيد ۾ اڄ به ڪيتريون ئي حقيقي قومن واڙيل آھن جن کي غلام بڻائي انھن جو قومي ، سياسي ، معاشي ۽ جاگرافيائي استحصل ڪيو پيو وڃي . ان کانسواءِ مان ھن فورم جي معرفت سموري دنيا جي جمھوري ۽ سيڪيولر ملڪن جو ڌيان ان ڳالھ طرف ڇڪائيندس ته 1952ع ۾ رھبرسنڌ سائين جي ايم سيد ويانا امن ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ان قت يورپ ۽ خاص ڪري آمريڪا کي پنھنجي ڏاھپ ۽ دورانديشي جو مظاھرو ڪندي ۽ خبردار ڪندي صلاح ڏني ھئي ته مذھبي ڌرين جي مدد حمايت ۽ تائيد ڪري رھيا آھيو ھڪ ڏينھن اھِ ساڳيون ئي مذھبي جمائتون سموري دنيا خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا لاءِ ڏچر ۽ مصيبت پيدا ڪنديون .. سائين جي ايم سيد جي ڳالھين تي ان وقت ته يورپ ۽ آمريڪا طرفان ڌيان نه ڏنو ويو پر اڄ سموري دنيا انھن جھادي جاھلن جي تنگ نظريي ۽ دھشتگردي جو شڪار آھي اڄ مان 2009ع ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي فورم تان رھبرسنڌ سائين جي ايم سيد جي ھڪ عدنا سياسي پيروڪار جي حيثيت ۾ اھا ڳالھ يورپي ملڪن ۽ آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما جي اڳيان ھڪ ڀيرو ٻيھر دھرايان ٿو ته توھان پاڪستان جھڙي غير ذميوار ۽ غير فطري رياست جي لاءِ فرينڊس آف پاڪستان ٺاھي ان جي مالي مدد ڪري ھڪ سنگين غلطي کي ورجائي رھيا آھيو ڇا ڪاڻ ته آءِ ايس آءِ ۽ پنجابي فور ان مالي امداد ٽيڪنيڪل سھائتا ۽ فوجي مدد کي نه صرف پاڪستان ۾ قيد مظلوم قومن سنڌين ۽ بلوچن جي مفادن ھر پاسي جي جمھوري ملڪن جي خلاف استعمال ڪندي پر سموري دنيا جي مذھبي جھادين ۽ اندروني خانه افغانستان ۾ طالبانن ۽ سموري دنيا جي مذھبي جھادين کي ٻيھر منظم ڪندي جنھن سبب نه صرف وچ ايشيا ڏکڻ ايشيا پر سموري دنيا جي امن سلامتي ۽ سياسي معاشي استحڪام ۽ رواداري سخت خطر جي ور چڙھي ويندي اسان سنڌي شاھ لطيف جي ھن دعا وانگر ته .....

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين..

جيئن سموري دنيا جو امن سلامتي جا ھزارين سالن کان وارث ۽ راھي رھيا آھيون . اسان جي سنڌ ھزارين سالن کان پنھنجي اندر ۾ ھڪ فلسفو ، پيغام ۽ سنيھو سانڍيندي آئي آھي جنھن کي اڄ اسين سياسي حوالي سان فڪر جي ايم سيد پيغام سنڌ چئون ٿا جنھن جا بنيادي نڪتا اتحاد ، انساني امن ، عالم ۽ ترقي بني آدم رھيا آھن اسان جي بزرگن ڏاھن ۽ مفڪرن جي ھزارين سالن جي تعليم رھي آھي . شاھ ، سچل ، سامي کان ويندي سنڌي قوم پرستي جي باني ھوشو ،ڪيول راماڻي ، علامه آءِ آءِ قاضي ،دادا ڪيرت ٻاٻاڻي ، گوھند مالھي نارائڻ شيام ، ڀڳت ڪنور رام کان رھبرسنڌ سائين جي ايم سيد تائين سنڌ جي انھن عظيم مفڪرن طرفان سنڌ جي ھزارين سالن جي ان پيغام کي نه صرف پنھنجي سيني ۾ سانڊيو آھي پر نسل در نسل ان پيغام کي ايندڙ پيڙھين تائين منتقل ڪندا رھيا آھن اسان جي وڏن سنڌو درياءُ جي ڪناري تي ويھي جڏھن رگويد لکيو ۽ ڌرتيءَ جي بھترين تھذيبي ، ثقافتي ۽ انساني دوست ھندو مت جو بنياد وڌو انھن ويدن جي ھر ھڪ سٽ ۾ ڌرتيءَ جي نقا سلامتي ، انساني دوستي ۽ رواداري جو پيغام سمايل آھي اھو ئي سبب آھي جو سنڌ مختلف مذھبن جي وچ ۾ رواداريءَ ۽ ڀائپي جو ھڪ سنگم ۽ گلدستو رھي آھي . سنڌ جا جوڳي ۽ صوفي بزرگ اڄ ڌرتي ءَ جي ويديانتي ۽ آفاقي وحاني فڪر کي ملائي انھن منجھان انسانيت جھڙو عالمگير مذھب خيال ۽ فڪر جي نه صرف بنياد وجھي چڪا آھن بلڪ ان جي واڌ ويجھ لاءِ نئين سوچ يا نئين مذھب Humanitarian کي حقيقي معنيٰ ۾ دنيا تائين عام ڪرڻ لاءِ اسان رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي National Machine ۽ Political Wisdom جي پھرين ڏاڪي طور پنھنجي مادري وطن سنڌو ديش جي آزادي جي سوال کي دنيا اڳيان رکي رھيا آھيون ڇاڪاڻ ته اسان جو وطن سنڌو ديش جيڪو پنھنجي سيني ۾ ھزارين سالن کان انسان ذات جي غظمت ، وقار ۽ سربلنديءَ لاءِ پنھنجي تھذيبي ارتقا لاءِ وڏو حصو ۽ ڪردار نڀائيندو رھيو آھي اڄ موھن جي دڙي کي ڏسجي ٿو ته واضح ٿو ٿئي ته مذھب انساني تھذيب ، تمند ۽ سڀيتا جو ڏاڏو آدم اسان کي سنڌ معلوم ٿئي ٿي پر افسوس جو اڄ اسان جي سنڌي قوم اسان جو سنڌ وطن مذھبي ڪٽرپڻي جي ڍونگ ۾ پنجابي سامراج طرفان غلام بنايو ويو آھي. اسان جي قومي سياسي معيثت جاگرافيائي حدون ايتريقدر جو جنھن سنڌو درياءُ جي ڪناري اسان جي ابن ڏاڏن جنھن رگويد لکي دنيا کي امن سلامتي ، سک ۽ شانتي جي خوشخبري ڏني ھئي ۽ تھذيبي مذھب جو بنياد رکيو ھو ان سنڌو درياءو کي پڻ فتني پاڪستان رياست جي پنجابي سامراج جي طرفان سڪائي قيد ڪري ڇڏيو آھي...

معزز حاضرين ... اسان جي وطن سنڌوديش جي آزادي عالمي امن لاءِ ان ڪري به ضروري آھي ڇاڪاڻ ته سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن دنيا ۾ اھو واحد ملڪ آھي جنھن مذھبي ڪٽرپڻي نفرت ،نفاق ۽ تنگ نظرئي کي مات ڏيڻ لاءِ پنھنجو ھڪ الڳ انسان دوست رواداريءَ ۽ ڀائيچاري وارو سياسي روحاني ۽ سماجي ۽ فڪري سوچ ۽ مسلڪ آھي مان نيٽو اتحاد وارن ملڪن ، آمريڪا جي سربراھ ۽ حڪمت عملي ترتيب ڏيندڙ Intellectual کي آگاھ ڪرڻ ٿو چاھيان ته دنيا جي امن لاءِ فقط ملٽري فوجي ذيعا استعمال ڪري ڪاميابي حاصل ڪري نه ٿا سگھون پر ان مذھبي تنگ نظري جھالت ۽ جنون کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي روحاني ۽ فڪري رواداري جي پيغام ذريعي ئي حقيقي معنيٰ ۾ سوڀ ماڻي سگھجي ٿي. يورپي ملڪن ، آمريڪا ، برطانيه ، روس ، ڀارت ، اسرائيل ۽ جرمني سميد دنيا جي جمھوري ۽ سيڪيولر ملڪن کي اپيل ڪندي چوان ٿو ته سنڌو ديش جي آزادي ۾ اسان جي مدد ڪن ، اسان سنڌي پنھنجي روحاني ۽ فڪري سگھ ذريعي دنيا مان مذھبي ڪٽرپڻي ۽ جنون جي پاڙ کي ھميشه لاءِ دنيا مان ختم ڪري سگھون ٿا ان طرح اسان جي قومي آزادي نه صرف دنيا جي امن ۽ سلامتي ۾ اھم ڪردار ادا ڪندي بلڪ يورپ ، نيٽو ۽ آمريڪا جي فوجن طرفان بنيادي پرستي خلاف جنگ جا خرچ گھٽجي ويندا ـ

معزز حاضرين ... دنيا کي اھا ڳالھ واضع طرح سمجھڻ گھرجي ته پاڪستان رياست ۾ جھڙي طرح بندوق جي ڏاڍ ۽ زور تي واڙيل قومن سنڌي ۽ بلوچ قومون مذھبي رواداري انسان دوستي ۽ بقا ۽ باھمي جون حامي آھن . جڏھن ته پنجابي ۽ پٺاڻ مذھبي ڪٽر پڻي جنوني جھاد جون حامي رھيون آڳن ان ڪري جيستائين پاڪستاني رياست جو فتنو رھندو ان وقت تائين اسان سنڌي ۽ بلوچ جو نه صرف قويم وجود فنا ٿيڻ جو خطرو اسان کي لاحق ھوندو پر پنجابين ۽ پٺاڻن جي ڪٽرپڻي جو اثرآھستي آھستي سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي صاحلن معرفت سڄي دنيا تائين ڦھلجي ويندو جيڪو اسان جي تاريخي شعور قومي وجود سموري دنيا لاءِ ھڪ سنگين خطرو ثابت ٿيندو ان ڪري مان دنيا جي سمورن ملڪن کي اپيل ڪندس ته جيڪڏھن توھان آزادي ، انصاف ، جمھوريت ۽ سيڪيولرام ، رواداري۽ انساني ڀائيچاري ۾ ويساھ رکو ٿا ۽ جھادي جھالت جاحقيقي معنيٰ ۾ مخالف آھيو ته توھان کي سنڌو ديش جي قومي آزاديءَ ۽ آزاد بلوچستان جي کليل حاميت ۽ تائيد ڪرڻ گھرجي ان سلسلي ۾ مان به ھڪ ڳالھ ھن فورم يان عالمي ڪميونٽي تي پڻ واضح ٿو ڪريان ته فڪر جي ايم سيد پيغام سنڌ اڄ جي عالمي حالتن ۾ اتحاد انساني ، امن عالمي ۽ ترقي بني آدم لاءِ ھڪ اڻ ٽو حقيقت بڻيل آھي دنيا جيڏھن ان فڪر جي وارث سنڌي قوم جي آزادي لاءِ وقتائتو ڪردار ادار نه ڪيو ته سموري دنيا ڄڻ ته اسان جي قومي غلاميءَ جي ڏوھ ۾ اڻ سڌي طرح شامل ھوندي بلڪ اسان جي قومي غلامي ڄڻ ته مھذب دنيا لاءِ ھڪ معيارھوندي آخر ۾ ائين چوندس ته آمريڪا زنده آباد ، يورپ ايشيا زنده آباد ، آفريڪا ۽ آسٽريليا زنده آباد ، عرب دنيا زنده آباد ،سنڌو ديش زنده آباد ۽آزاد بلوچستان زنده آباد ....

سنڌ مقدس عقيدو ۽ ايمان آ، سنڌ انجيل گيتا ۽ قرآن آ،
سنڌ جيتري مٿي آ اجھو ۽ امن پاڻ کي ھاڻ آزاد گھرجي وطن ..

Saturday 15 October 2011

قومپرستن جي سنڌ ۽ سنڌ جا قومپرست، جادم سنڌو

قومپرستن جي سنڌ ۽ سنڌ جا قومپرست:
جادم سنڌو

اوڻويھ سئو ٽيهتر جو آئين پاڪستان جي هر جائز توڙي ناجائز شهريء کي اهو حق ڏئي ٿو ته هو سنڌ ۾ اچي آباد ٿئي،سنڌ ۾ ملڪيت وٺي،سنڌ جو شانختي ڪارڊ ٺهرائي،سنڌ جو ڊوميسائيل حاصل ڪري،سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺي،سنڌ جي سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ روزگار ڪري،پنهنجون ڪالونيون جوڙي،پنهنجي نسل جي ماڻهن جي لاء نئون تڪ جوڙي سنڌ اسيمبليء ۾ اچي پنهنجي سامراجي نسل جي نمائندگي ڪري. پاڪستان جي سامراجي رياست جنهن جو بنياد لاهور جي 1940 واري قرارداد تي هيو انهيء قرارداد ۾ اهو مڃيل هيو ته پاڪستان جي اندر شامل رياستون آزاد ۽ خودمختيار هونديون جن جو برابريء جي بنياد تي هڪ الحاق ٿيندو جنهن ۾ سموريون قومون پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار قومي سڃاڻپ قائم رکنديون. پر پاڪستان جي ٺهڻ کان پوء سنڌين، بنگالين ۽ بلوچن جي قومي حيثيت ختم ڪري پنجاب سامراج جو تسلط قائم ڪيو ويو. پهريان ته ون يونٽ جوڙي سنڌ ۽ بلوچستان جي جاگرفيائي حيثيت ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي پوء سنڌ ۽ بلوچستان جا قومي وسيلا پنجاب سامراج جي حوالي ڪيا ويا. سنڌ جي زرعي زمين پنجابي فوجين جي حوالي ڪري پنجابي ماڻهن جي آبادڪاري ڪري سنڌ جي خوشحال زرعي علائقن گهوٽڪي، خيرپور،نوابشاھ،نوشهروفيروز ،سانگهڙ،بدين ۽ ميرپور خاص ۾ پنجابين جي آبادڪاري ڪئي وئي. جڏهن سنڌين،بنگالين ۽ بلوچن جي قومي تحريڪن جي نتيجي ۾ ون يونٽ ٽٽو ته پنجابي سامراج پنهنجي سرڪاري سرپرستيء هيٺ هڪ سنڌي اقتدار پرست سياستدان ذوالفقار ڀٽي جي هٿان اوڻويھ سئو ٽيهتر جو نام نهاد آئين تيار ڪرائي سنڌ ۽ بلوچستان جي زرعي،معدني توڙي معاشي وسيلن تي قبضو قائم رکڻ جي لاء پنجاب ۽ پختونخواھ جي گڏيل سامراج کي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گهر وٺڻ،دوڪان کولڻ،ڪاروبار ڪرڻ،سراڪاري نوڪريون ڪرڻ،اسيمبليء جي اليڪشن ۾ بيهڻ جو حق ڏنو ويو. هندوستان جي ورهاڱي کان پوء جيڪي پناهگير چوڏهن لک آيا سي هينئر صرف هڪ ٻڙيء جي واڌاري سان هڪ ڪروڙ چاليھ لک ٿي چڪا آهن ۽ نادرا جو رجسٽريشن عملو جن تيرهن لک پٺاڻن جو سنڌ ڏانهن لڏي اچڻ جو اعتراف ڪري ٿو سي به صرف هڪ ٻڙيء جي واڌاري سان هڪ ڪروڙ ٽيھ لک ٿي سنڌ کي ٽه لساني صوبي ۽ خانا جنگيء جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي چڪا آهن. سنڌ جون قومپرست پارٽيون ۽ انهن پارٽين جا پيٽ پرست اڳواڻ جن جي اڪثريت لاهور ۽ راولپنڊيء جي دلالي ڪن ٿا،انهن جي وائڙائپ به هڪ سواليه نشان بڻيل آهي،قومپرست تنظيمون ته پنهنجي ڌرتيء تي آيل هر هڪ ڌارئي جو منهن ٽوڙ مقابلو ڪري کين پنهنجي ڌرتيء تان تڙي ڪڍندا آهن پر سنڌ جا قومپرست نه صرف لاهور ۽ راولپنڊيء جي چانهن پارٽين ۾ نڪ ٻوڙائي اچن ٿا پر ان سان گڏ ڪابل ۽ قنڌار مان آيل نسوار خور نسل جي ماڻهن جي جلسن جلوسن ۾ وڃي سندن رهائش ۽ روزگار جو حق مڃڻ سان گڏ مهاجرن جي ڀيٽ ۾ سندن مدد ڪرڻ جو اعلان ڪن ٿا. هڪ نسلي ۽ دهشتگرد تنظيم ايم ڪيو ايم جو ٽوڙ ڪڍڻ جي لاء سنڌ جا قومپرست اڳواڻ هڪ ٻي نسل پرست ۽ دهشتگرد تنظيم اي اين پيء جا ڪلها ٺپين ٿا. سنڌ جي آزادي پسند شهيد ذوالفقار ڪولاچيء جي تڏي تي ويندي سنڌ جي قومپرستن کي موت اچي ٿو پر اهي ساڳيا قومپرست هڪ پٺاڻ منشيات فروش امين خٽڪ جي لاش جا ڪانڌي ٿيڻ پهچي وڃن ٿا. هڪ مظلوم قوم ٻي مظلوم قوم جي اتحادي هوندي آهي جيئن سنڌي بلوچن جا اتحادي آهن،هڪ ظالم قوم ٻي ظالم قوم جي اتحادي هودي آهي جيئن پٺاڻ پنجابين جا اتحادي آهن. هڪ قومپرست ٻئي قومپرست جو اتحادي هوندو آهي،هڪ آزادي پسند ٻئي آزادي پسند جو اتحادي هوندو آهي،پر هي سنڌ جا ڪهڙا قومپرست ۽ آزادي پسند آهن جيڪي جهادي ملن حيد گل،عمران خان،قاضي حسين،نواز شريف،وفاق پرست پليجي ۽ قادر مگسيء سان ته گڏ ويهي سگهن ٿا پر سنڌ جي آزادي پسند شفيع برفت ۽ آريسر سان گڏ ويهي نه ٿا سگهن ـ

ڊاڪٽر جادم سنڌو

هڪڙي چٺي تنهنجي نالي....! شفيع محمد برفت چيئرمين جيئي سنڌ متحدا محاذ

سنڌ جا اديب، دانشور ۽ اهلِ دل ماڻهو

اسلام عليڪم! سموري سنڌ جي ساڃاهه وند اهل ادراڪ (دانشور)، اديبن، شاعر، ليکڪن ۽ اهل دل ماڻهن جو ڌيان جيئي سنڌ متحدا محاذ جي ڳڀرو پٽ، مظفر ڀٽو جي هڪ مهيني کان مٿي وقت تائين رياستي ادارن هٿان گرفتاري، گمشدگي، تشدد اذيت ۽ ظلم طرف ڇڪائڻ چاهيان ٿو. جنهن کي رياستي ادارن پاران بغير سبب جي اغواه ڪري ويا. مظفر ڀٽو جي گمشدگي کان پوءِ ان جي ماءُ، وني ۽ ٻار ڪيئن زندگي گذاريندا هوندا، اگر ان آهه کي سنڌ محسوس نه ڪيو ۽ ان پيڙاهه جي احساس ۾ انهن کي اڪيلو يا تنها ڪري ڇڏيو ويو ته ڇا پوءِ اسان ۾ ڪو به باضمير، باغيرت ۽ باشعور سنڌ واسي اهو سوچي ۽ سمجهي نٿو سگھي ته ڪٿي اسان پنهنجي قومي ٻڌي، قومي احساس ۽ حب الوطني جي فرض ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ غلفت جو شڪار ته نه ٿيا آهيون.
معزز دانشور: اخبارون ان سڄي ڳالهه جي گواهي ڏين ٿيون ته ڪهڙي ريت گم ٿيلن جي مائٽن انساني حقن جي تنظيمن، سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي واهر ڪرڻ لاءِ پڪاريو آهي. اڄ مان پارٽي چيئرمين جي حيثيت ۾ گرفتار ڪيلن جي مائٽن پاران گڏيل طور سنڌ جي ڏات ڌڻين کي مخاطب آهيان ته اسان ڀٽائي جي سٽ “اڳي پوءِ مران مرمران مارڳ ۾” وانگر اڄ سيد جي ڏسيل واٽ تي سنڌ جي آس، عزت وقار، محفوظ مستقبل لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. هي سنڌ جا ڳڀرو پٽ ڌرتي خاطر پنهنجيون حياتيون ۽ جوانيو ارپي چڪا آهن. ۽ جسمم اڳواڻن کي ان ڪري ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي جو حاڪمن ۽ آقائن جي ابتڙ هلڻ جي پاڻ ۾ عادت وجھي چڪا آهن. سنڌ ۾ هر طرف خاموشي، سانت ۽ سناٽو آهي، اڄ جڏهن آقا اسان سنڌين کي غلامي واري زندگي گذارڻ جي عادت وجهي رهيا آهن، هن وقت خوف، آپشاهي ۽ دهشت جو هي راڪاس سنڌ جي قومي وجود، قومي وسيلن، ٻولي ۽ سياست کي ڳڙڪائي اسان سنڌين کي مجبور، لاچار، ويڳاڻو، ويچارو ۽ دائمي غلام ٿي رهڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن. ان وقت اگر حاڪمن جي ڪنن تي آزادي جا ٺڪاءُ پرلائن جي صورت ۾ سندن گهيرو ڪندي نظر پيا اچن ۽ جڏهن فڪرِ جي ايم سيد جي سوڳن کڻي آزاديءَ عشق جي قيمت چڪائڻ لاءِ جسمم جي ڳڀروئن جي چونڊ ڪئي وئي آهي. جيئن ڪلهه انگريز سامراج خلاف پير سائين پاڳاري جي حرن جي چونڊ ڪري انهن کان سنڌ جي عشق ۽ آزادي جي قيمت وصول ڪئي هئي اهڙي نموني اڄ جي سنڌ جي قومي تحريڪ کي حوصلو همٿ، بخشڻ لاءِ جسمم “مرڻ مون سي هل، پٺيءِ تو پنڌ ڪيان”، وارو رستو اختيار ڪيو آهي. ته پوءِ ڇا سنڌ جي سڃاهه ۽ شعور کي جڳائي ٿو ته هو ڌرتي جي پٽن کان لاتعلق ۽ اوپرو ۽ پري ٿي رڳو تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري؟ اڄ جڏهن سنڌ جا نوجوان ۽ فڪرِ جي ايم سيد جا پيروڪار غلامي جي صورتحال قبول ۽ برداشت ڪرڻ کان انڪار ڪري ۽ نروار ٿي بيٺا آهن. سنڌ جي سرفروش پٽن اهي اعلان ڪيا آهن ته “هوتن لاءِ هاڙ هو اجائيندس رت” ڪيو اٿن ته ٻئي پاسي رياستي ادارا نازي ۽ فاشي طريقي سان سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ قافلي خلاف روش اختيار ڪري رهيا آهن اهڙي موقعي تي قوم جي حقيقي دانشورن ۽ اديبن جو ڪردار ڪهڙو هجڻ گھرجي؟ ڇا آزادي جي مقصد ۽ منزل ماڻڻ لاءِ سر جو سانگو لاهي بيهندڙ هي سنڌ جا نوجوان پٽ ايترو به نه لهڻن جو اسان جا قومي اديب ۽ دانشور هڪ ڪلاڪ جي علامتي بک هڙتال ڪرڻ انفرادي ۽ اجتماعي طرح پاڻمرادو پريس ڪلب تي اچي اهو چون ته اسان گم ٿيلن جي ونين، مائرن، ڀينرن ۽ ٻارڙن سان انهن جي پيڙاهه ۾ برابر جا شريڪ آهيون. مان سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن کي جسمم ڪارڪنن جي لڳاتار گمشدگي واري عمل معتلق ٻڌائندي واضع ٿو ڪريان ته سنڌ امڙ جي لاءِ اسان جيڪو شمع کڻي روشن ڪرڻ لاءِ اڳتي نڪتا آهيون. ان منزل تي هلندي سنڌ ۽ سيد جي فڪر کي گواهه بڻائيندي، ساڳي طرح سنڌ جي سمورن دانشورن کي آئون گم ڪيل ۽ گرفتار ٿيل جسمم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وارثن طرفان اپيل ٿو ڪيان ته مظفر ڀٽو جيئن ته سنڌ جو سچو پٽ آهي انهن جي آزادي ۽ حياتي بچائڻ لاءِ سمورا اديب، دانشوراڄ وچن ڪن ته هو هڪ ڏينهن ڪڍي صرف پنج منٽ پريس ڪلب حيدرآباد يا پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ علامتي بک هڙتال لاءِ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو. جيڪڏهن ائين ٿيندو ته اسان سمجهنداسين ته سنڌ کي دانشورن ۽ ڏاهن، دهشت ۽ خوف واري ماحول باوجود سنڌ جو ساٿ ڏيڻ ناهي ڇڏيو.



شفيع محمد برفت
چيئرمين جسمم

حوالو؛ تعميرِ سنڌ 14 نومبر 2005

Friday 14 October 2011

War of National Liberation قومي آزادي جي ويڙه


قومي آزادي جي ويڙهه، سامراجي بيٺڪي، ڌاري قوتن خلاف مظلوم، محڪوم قومن، محبِ وطنن جي پنهنجي وطن جي آزادي جي ويڙهه آهي. جيڪا آزادي لاءِ وڙهندڙ ۽ هٿيار بند تنظيم Gorilla Organization جي اڳواڻي ۾ وڙهي ويندي آهي.

ڪابه سياسي، سماجي، انقلابي تحريڪ، تبديلي ۽ قومي آزادي جي ويڙهه خودرو ۽ حادثن مان پيدا ناهي ٿيندي، پر ان لاءِ سياسي، معاشي، سماجي ۽ نفسياتي دٻاءَ ۽ ڇڪتاڻ جي شدت ۽ گهرائي ۾ هجڻ لازمي هوندو آهي. جڏهن سماج ۾ موجود سامراجي، بيٺڪيتي ڌاري قوتن ۽ مقامي آبادي ۽ مهڪوم قوم وچ ۾ اهڙو دٻاءُ، ڇڪتاڻ، تضاد شدت سان موجود هجي ۽ ان کي گهرائي سان محسوس ڪيو وڃي ته اهڙي حالتن ۾ ڪو ننڍڙو واقعو ۽ حادثو انقلابي تبديلي جو سبب پڻ بڻجي ويندو آهي.
حقيقت ۾ انقلابي جدوجهد ۽ قومي آزادي جي ويڙهه هڪ عوامي مذاهمت هوندي آهي، جنهن ۾ عوام جي شعور، فهم ۽ سگھه کي بنيادي اهميت هوندي آهي. بهترنتيجا وٺڻ لاءِ ويڙهاڪ تنظيمون پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ تشدد Violence جو منظم طريقو استعمال ڪنديون آهن جنهن سان سامراجي نظام ڪمزور ٿيڻ لڳندو آهي. 20 صدي ۾ سموري دنيا ۾ قائم ظالم، جابر، سامراجي، بيٺڪيتي Colonial ۽ قومي غلاميءَ خلاف دنيا جي ڪمزور، نٻل ۽ مظلوم قومن وڏي جرئت، همٿ ۽ بهادري سان پنهنجن وطن جي آزادي لاءِ ويڙهيون ڪيون. انهن ويڙيهين ۾ مذاهمت جي نتيجي ۾ صدين کان قائم بيٺڪيتي Colonial ۽ سامراجي Imperialism نظام ٽٽي ويو هو.

دراصل 15 صدي ۾ سامراجي Imperialist ۽ بيٺڪيتي نظام Colonialism جي جڙڻ جي نتيجي ۾ سموري دنيا جون اڪثر قومون غلامي ۽ بيٺڪيت جو شڪار ٿي ويون هيون. اسپين، پورچوگال، هالينڊ، برطانيه، آمريڪا هن نظام کي قائم ڪرڻ ۽ معاشي ڦرلٽ، جبر ۽ ڏاڍ ڪرڻ جا اڳواڻ هئا. سامراجي ۽ بيٺڪيتي ڄار ۾ ڦاسڻ ڪري انهن مظلوم ۽ محڪوم قومن جو سُک، امن، خوشحالي، اخلاقي سماجي قدر هن نظام ۾ ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويا هئا. هزارين سالن جي قدامت رکندڙ تهذيب ۽ ثقافت، سياسي ۽ سماجي نظام، سامراجي نظام جي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري ڊانواڊول ٿي ويو. صدين کان قائم هن نظام مظلوم ۽ ڪمزور قومن لاءِ تشدد، ظلم، جبر، ڏاڍ، ايذاءُ، ٽوڙڦوڙ، قبائلي تضاد، فرقيواريت، نسلي فرق ۽ مذهبي انتهاپسندي پيدا ڪئي. هن ڊگھي غلامي ۾ مظلوم ۽ محڪوم قومن کي قتل، غارتگيري، ڦاهيون، تشدد، ڪمزور ۽ نٻل انسان، چچريل چيٿاڙيل انساني وجود، بک، بدحالي، خوف و حراس، استحصال، ڦرلٽ، غربت، جهالت، نفرت، ڪٽرپڻو تعصب، لالچ، بيوسي، نااميدي، پرماريت قومن جي زندگي جو حصو بڻجي ويا. مظلوم ۽ محڪوم قومن جي وطن تي قبضي ڪرڻ لاءِ چڙهايون، حملا، انهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڌاريون آباديون منتقل ڪرڻ جون سازشون ڪيون ويون. غلام قومن جي وسيلن، معاشيات جي ڦرلٽ ۽ ان کي پنهنجي ترقي لاءِ استعمال ڪرڻ هن نظام جي اهم خصوصيت هئي. هي سمورو سامراجي نظام ۽ بيٺڪيتي نظام هزارين سالن کان قديم قومن جي تهذيب، وطنن، قومن ۽ انسانيت دشمن نظام آهي جنهن ۾ قومن جي سونهن ڀريون خوبصورت زندگيون، بدصورت، بدزيب ۽ ڪِرڀ جهڙيون بڻجي ويون هيون.

اها حقيقت آهي ته صدين کان قائم سامراجيت جو خوف، دهشت، حراس، گوليون، ڦاهيون، بمباريون، ڏاڍ، تشدد ۽ ڦٽڪا قومن کي آزادي جي جدوجهد کان روڪي نه سگھيون ۽ نه ئي قومن مان آزاديءُ جو جوش ۽ جذبو ختم ڪري سگھيون آهن. محبِ وطنن، انقلابين، بهادرن ۽ سرفروش انسانن جو جوش، ولولو، همٿ، جرئت ۽ بهادريون سامراجي نظام کي اُکيڙڻ لاءَ ڪافي هيون.

ٻي عظيم جنگ کان پوءِ هڪڙي پاسي ظالم قومن جو معاشي استحصال، ڦرلٽ، ڏاڍ، جبر شدت اختيار ڪئي ته ٻئي پاسي مظلوم ۽ محڪوم قومن به پنهنجي وجود جي بقا لاءِ پاڻ کان وڌيڪ طاقتور سامراجي قوتن خلاف سينو سُپر ڪري بيٺا، سوين سالن کان قائم ڏاڍ تي ٻڌل نظام جنهن کي ڪو لهر، لوڏو ڪونه هو تن کي ڪمزور قومن هٿياربند جدوجهد جي ذريعي شڪستون ڏئي حُب الوطني ۽ پنهنجي ڌرتي سان محبت جي نئين تاريخ لکي. ايشيا، آفريڪا، لاطيني آمريڪا بلڪه دنيا جو ڪوبه اهڙو کنڊ نه هو جتي سامراجيت خلاف مظلوم قومن وطن جي آزادي جي ويڙهه وڙهي نه هجي.

آئرلينڊ (21-1919) جي برطانوي سامراجيت مان آزادي 20 صدي جي پهرين ڪامياب جدوجهد هئي. بعد ۾ الجير (62-1954) ۾ فرانس جي غلامي مان آزاد ٿيو. ويٽنامي جيتامڙن (54-1946) ۾ هٿياربند ويڙهه ذريعي اول فرانس ۾ بعد ۾ (75-1959) دنيا جي سُپر پاور آمريڪا کي تاريخي شڪست ڏني، ان کان علاوه لاطيني آمريڪا ۾ ڪيوبا، نڪارگو، آفريڪا ۾ موزمبيق، گني بسائو Guinea Bissau انگولا ۽ اريٽريا Eritrea ۾ ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي قومي آزادي جي جدوجهد ڪامياب ٿي.

ماضي ۾ سموري دنيا ۾ هليل قومي آزادي جي تحريڪن ۽ ويڙهه جو سرسري جائزو وٺڻ کانپوءِ اگر سنڌ جي موجوده صورتحال جو تجزيو ڪجي ته اها ڳالهه بلڪل واضع ۽ چٽي نظر اچي ٿي ته سنڌ اسانجي ڌرتي ماتا تاريخ جي بدترين، غلام، معاشي ڦرلٽ، پسماندگي، بدحالي، ظلم جي دور مان گذري رهي آهي. جڏهن برطانوي سامراج برِصغير خالي ڪيو هو ته تڏهن ٿيڻ ايئن کپندو هو ته انگريز سنڌ کي اڳوڻي آزاد حيثيت ۾ بحال ڪن ها، پر ان جي ابتڙ سنڌ کي غلاميءَ ۾ ڌڪيو ويو. گذري 64 سالن جي دور ۾ هن نام نهاد انتها پسند سامراجي رياست ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڪنهن کان به ڳجھو نه آهي. سنڌ جي قديم تهذيب ۽ ثقافت خلاف سازشون، سنڌي ٻولي خلاف سازشون، سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهي پاڻي بند ڪرڻ جون سازشون، قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ، سنڌ جي روينيو تي قبضا، هڪ منصوبي تحت ڌاري آبادي کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون، مذهبي تعصب ۽ قبيلائي جھيڙا سڀ اسان جي سامهون آهن. ان کان علاوه خوف، حراس جيڪو نام نهاد رياست پيدا ڪيو آهي اهو به اسان جي سامهون آهي. هن نام نهاد رياست جي پيدا ڪيل صورتحال خلاف جھيڙيندڙ ۽ مزاحمت ڪندڙ سنڌ جي محب وطن، حلالي فرزندن جون گرفتاريون، تشدد ۽ گمشدگيون به سڄي دنيا جي سامهون آهن.

هڪ ڳالهه سوچڻ جي آهي ته 64 سالن کان قومي وجود خلاف ٿيندڙ سازشن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي تحريڪ 38 سالن جي ڊگهي عرصي دوران ڪا واضع حڪمت عملي ۽ پاليسي نه جوڙي سگھي آهي. اڃا تائين قومي تحريڪ اهو طئي نه ڪري سگھي آهي ته هن جابر، غير مهذب، سفاڪ، وحشي صفت، بي رحم، انتها پسند سامراج خلاف جدوجهد جو ڪهڙو رستو ۽ طريقو اختيار ڪرڻ گھرجي. اڃان تائين اهو طئي نه ٿي سگھيو آهي ته جدوجهد پارلياماني هجي، عدم تشدد تي ٻڌل هجي يا هٿياربند ويڙهه هجي. هن فيصلا ڪن مرحلي تي جابر، ظالم ۽ قوم دشمن سامراج ۽ ان جي اتحادين خلاف اسان کي واضع ۽ چٽي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گھرجي. جنهن سان سامراج کي شڪست ڏئي قومي وجود بچائي سگھجي. هن صورتحال ۾ اها ڳالهه سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته تجزيا، تقريرون، حوال، سکڻيون ڳالهيون، اعلان ۽ بي مقصد ڌرڻا، جلسا جلوس سنڌ کي هن بدترين غلامي مان آزادي ڏياري نه ٿيون سگھن. سنڌ جي وجود جي بقا لاءِ جدوجهد ڪندڙ، پاڻ پتوڙيندڙ، جان ڏيڻ لاءِ تيار، سنجيده ۽ محب وطن ۽ حلالي فرزندن کي ڌرتي کي ڌارئي سامراج جي غلامي مان آزادي لاءِ مزاحمتي تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۽ نئين صف بندي ڪرڻ گھرجي. قومي ڪارڪن، محب وطن مٿان اها ذميواري ٿئي ٿي ته سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن، سامراجي قوتن ۽ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جون ذميواريون نڀايون ۽ وجود جي بقا لاءِ مزاحمتي تحريڪ جو حصو بڻجي تاريخ جو 
فرض ادا ڪريون.

Strategy and Tactics

حڪمتِ عملي ۽ گُرَ

سالن کان طاقت، سگھه، خوف ۽ دهشت تي ٻڌل سامراجي بيٺڪيتي ۽ غلامي واري نظام جي ڪوشش هوندي آهي ته اهو هميشه قائم رهي ۽ مظلوم ۽ محڪوم قومن جي معاشي ڦرلٽ ڪري پنهنجي علائقي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ واڌارو ڪندو رهي. ان لاءِ سامراجي نظام جون فوجون پيراملٽري فورسز ۽ جاسوسي ادارا ان نظام کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. انهن جي هميشه ڪوشش هوندي آهي ته مظلوم ۽ محڪوم قومن ۾ مزاحمت جو عنصر پيدا نه ٿئي. جنهن لاءِ سامراج قوتون هميشه فوج ۽ طاقت جو استعمال ڪري آزادي جي جذبي ۽ جوش کي ڪچلڻ جون ڪوششون ڪنديون آهن، نتيجي ۾ قتل غارتگيري، معاشي ڦرلٽ ۽ سامراجي طاقت خلاف مزاحمت ڪندڙ تنظيم ۽ نظريا پڻ جنم وٺندا آهن. طاقتور، فاشي سامراجي فوج خلاف اهي تنطيمون هٿياربند ويڙهه جون حڪمت عمليون ۽ گُرَ استعمال ڪنديون آهن. حقيقت ۾ هٿياربند ويڙهه، گھٽ افرادي قوت ۽ هٿيارن جي اڻ هوندي به مظلوم ۽ محڪوم قومن جو وڏو هٿيار رهي آهي. سامراجي قوتن خلاف هٿياربند ويڙهه جي حڪمت عملين ۽ گُرن جو بنيادي مقصد گھٽ متحرڪ قوت جو استعمال ڪري دشمن کي گھڻو نقصان پهچائڻ ۽ ملڪ نيڪالي ڏيڻ هوندو آهي. هٿياربند ويڙهه ۾ ڌڪ هڻڻ ۽ نڪري وڃڻ Hit and Run جي اصول جو استعمال ڪيو ويندو آهي. جنهن جو مقصد دشمن کي نقصان پهچائڻ ۽ پنهنجو بچاءُ ڪرڻ هوندو آهي. بنيادي طور هي اصول قديم دور ۾ ڪمزور فوجون طاقتور فوجن خلاف ڪنديون رهيون آهن. حڪمت عملي جو واسطو ڪمانڊر جي تخليقي صلاحيتن، رٿابندي ۽ سپهه سالاري Art of Generalship فوج ۽ ويڙهاڪن جي تربيت سان هوندو آهي. جڏهن ته گُرن Tactics جو واسطو جنگ جي ميدان ۾ فوجي سگھه ۽ هٿيار جو استعمال هوندو آهي.

Guerrila Organization

هٿيار بند تنظيم

هٿيار بند ويڙهه وڙهڻ لاءِ هٿياربند تنظيم جو هجڻ لازمي هوندو آهي. هٿيار بند تنظيم جو مقصد عوام ۾ مزاحمتي سگھ پيدا ڪرڻ هوندو آهي. گوريلا تنظيم ننڍن يونٽن ۽ اسڪاڊ تي ٻڌل هوندي آهي جنهن ۾ 1 کان 9 تائين ويڙهاڪ هوندا آهن. حالتن ۽ افرادي قوت جي حساب سان اهو تعداد وڌيڪ به ٿي سگھي ٿو. ان کان علاوه علائقائي ڪمانڊر، ڊويزنل ڪمانڊر ۽ ان جي هاءِ ڪمانڊ گوريلا تنظيم جي جوڙجڪ جو حصو هوندا آهن. ذميواريون بهتر طريقي سان نڀائڻ لاءِ گوريلا تنظيم ۾ شعبا پڻ جوڙيا ويندا آهن. هٿياربند تنظيم جو نظم و ضبط Discipline انتهائي سخت هوندو آهي.

Stages of National Liberation War

قومي آزادي جي ويڙهه جا ڏاڪا.

انقلابن ۽ سماجي تبديلين جي تاريخ تي نظر وجھبي ته معلوم ٿيندو ته دنيا ۾ ڪيتريون ئي سياسي، سماجي ۽ انقلابي تحريڪون اڀريون آهن جن تاريخ جي مخصوص دورن ۾ سماجن اندر اهم سياسي ۽ سماجي تبديليون آنديون آهن، انهن سماجي تبديلين مان ڪيتريون ڪامياب ٿيون آهن ۽ ڪجھ وري مختلف سبب جي ڪري ناڪام ٿيون آهن ڪابه تحريڪ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تائين جدوجھد جي مختلف دورن ۽ ڏاڪن مان گذرندي آهي. انقلابي اڳواڻ مائوزيتنگ موجب انقلابي تحريڪ جدوجهد جي ٽن دورن مان گذرندي آهي، مخصوص حالتن موجب اها وڌيڪ دورن مان به گذري سگھي ٿي. تحريڪ جا دور هي آهن:
پهريون دور First Stage

پهريون دور بنيادي طور قومي آزادي جي تحريڪ جي جنم ۽ اڀرڻ جو دور هوندو آهي، هن دور ۾ تحريڪ ۽ تنظيم منظم ٿيندي آهي ۽ عوامي تحريڪ ۽ اڀار جي صورت اختيار ڪندي آهي. هن شروعاتي دور ۾ قومي مسئلن کي سمجھڻ، رٿابندي ڪرڻ، تنظيم سازي ڪرڻ، ڪارڪنن جي تربيت، پروپيگنڊا ڪرڻ لاءِ مظاهرا ۽ احتجاج ڪرڻ اهم هوندا آهن. هن دور ۾ تنظيم دشمنن خلاف حڪمت عمليون ۽ جدوجھد جي رٿابندي ۽ تحريڪ کي ڊگھي عرصي تائين هلائڻ لاءِ انتظام ۽ بندوبست ڪندي آهي، هن ئي دور ۾ صحيح قدم کڻڻ ۽ درست حڪمت عملين، اڳواڻن جي ڏاهپ جي ڪري تحريڪ طاقتور ۽ سگھاري ٿيڻ شروع ٿيندي آهي.
ٻيو دور Second Stage

پهرين دور کان پوءِ جڏهن قومي آزادي جي تحريڪ ٻئي دور ۾ داخل ٿيندي آهي ته ان ۾ ايتري قوت پيدا ٿي ويندي آهي جو اها سامراج مخالف عمل ڪرڻ ۽ اڳرائي Agressive جي قابل ٿي ويندي آهي، هن دور ۾ تحريڪ هٿيار بند ويڙهه Guerrilla Warfare جي حڪمت عملي ۽ گُر Tactics استعمال ڪندي دشمن تي ذهني ۽ نفسياتي دٻاءَ وجھندي آهي، جنهن سان دشمنن جي جرئت ۽ سوچڻ جي صلاحيت تي ضرب لڳندي آهي. حقيقت اها آهي ته هي دور ئي هٿياربند ويڙهه جو متحرڪ، سرگرم ۽ اهم دور هوندو آهي. هن دور ۾ دشمنن جي اهم آمدرفت جي ذريعن، رسد، ٺڪاڻن، اهم عملدارن ۽ ڪارندن کي نشانو بڻايو ويندو آهي. جنهن سان دشمن جو معاشي نقصان ٿيندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ رياست جو عوام مٿان ضابطو ۽ خوف ختم ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. ٻئي دور ۾ عوامي طاقت قومي آزادي جي تحريڪ لاءِ ڀرجھلو ٿيندي آهي.
ٽيون دور Third Stage

هي دور ڪنهن به انقلابي ۽ آزادي پسند تحريڪ لاءِ اهم ۽ فيصلا ڪن دور هوندو آهي. ڪنهن به تحريڪ جي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جو دور هوندو آهي. اهو تنظيم جي حڪمت عملي، رٿابندي تي دارومدار رکندو آهي ته اها هن دور ۾ ڪاميابي ۽ دشمنن کي شڪست ڏيڻ لاءِ اثرائتا ۽ سگھارا قدم کڻندي آهي. هن دور ۾ هٿياربند تنظيم کي گھرجي ته دشمن کي گھڻو معاشي، سياسي ۽ فوجي نقصان پهچائي ته جيئن دشمن علائقو خالي ڪرڻ تي مجبور ٿئي.
محرڪ قوتون Serving Forces

قومي آزادي جي جدوجهد ۾ مظلوم، محڪوم ۽ غلام قوم جو پيڙهيل عوام پنهنجي سياسي شعور جي آڌار تي ڀرپور ڪردار ادا ڪندو آهي، قوم جا سمورا طبقا جيڪي قومي غلامي جو شڪار هوندا آهن، غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ قومي آزادي جي ويڙهه ۾ متحرڪ ۽ سرگرم ڪردار ادا ڪندا آهن. هاري مزدور، محبِ وطن، سرمائيدار وچولو طبقو ۽ هيٺيون وچولو طبقو قومي آزادي جي ويڙهه جا حمائتي ۽ ساٿاري هوندا آهن. انهن طبقن جا ڪجھ فرد اهڙا هوندا آهن جيڪي سامراجين جا ساٿاري ۽ ڏيهي دلال جو ڪردار ادا ڪندا آهن.

“جي سين”

Goal of National Liberation

قومي آزادي جو مقصد

مجموعي طور قومي آزادي جي ويڙهه قومي آزادي جي تحريڪ جي اوچي شڪل آهي، جيڪا تحريڪ دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم قومن کي ڌارين سامراج جي Oppression خلاف سياسي ۽ معاشي آزادي جي لاءِ وڙهي هئي. قومي آزادي جو بنيادي مقصد ٻاهرين سامراج جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ نظرياتي تسلط ۽ قبضي کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست جو قيام هوندو آهي.

ڪنهن به سماجي ۽ قومي آزادي جي انقلاب لاءِ سياسي طاقت حاصل ڪرڻ اهم مسئلو هوندو آهي. قومي آزادي جي انقلابن کان پوءِ اختيار ڌاري سامراج کان قومي محبِ وطن ۽ جمهوري قوتن ڏانهن منتقل ٿي ويندا آهن.

قومي آزادي جي انقلاب جي خصوصيت ۽ Tasks ان جون متحرڪ قوتون Motive Forces طئي ڪنديون آهن. قومي آزادي جي ويڙهه جون محرڪ قوتون هاري، مزدور، پيٽي بورجوازي، عوام ۽ فوجي داستا رهندا آهن. قوم جا سمورا طبقا ۽ سماجي گروهه سامراج جا حمائتي ڏيهي دلال، جاگيردارن، سرمائيدارن کان علاوه قومي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ دلچسپي وٺندا آهن. قومي آزادي جي جدوجھد دوران قومن جون سياسي ۽ معاشي حالتون ۽ سطحون مختلف رهيون آهن، تنهن ڪري مزدور تنظيمون ۽ سياسي شعور جي سطح مختلف ۽ غيرهموار رهيون آهي. تنهنڪري انهن جو انقلاب ۾ ڪردار به مختلف رهيو آهي. ڪٿي مزدور طبقو گھڻائي ۾ رهيو آهي جنهن ڪري ان انقلابي فڪر ۽ جدوجھد جي سرواڻي ڪئي، پر جتي اهو ڪمزور، غير اهم، منتشر، گھٽ تعداد، غير منظم رهيو آهي جنهن ڪري اتي انقلابن ۾ ان جو ڪردار فيصلا ڪن نه رهيو آهي.
هاري ڪيترن انقلابن ۾ اهم ۽ فيصلا ڪن ڪردار ادا ڪيو آهي. جتي انهن جو تعداد گھڻو آهي. بيٺڪي نظام ۾ هاري جاگيردارن ۽ ڌاري سامراج جي ٻٽي استحصال ۽ ڦرلٽ جو شڪار رهيو آهي.
ڏيهي دلال سرمائيدار جيڪو سامراج جو ساٿاري هوندو آهي، حقيقت ۾ قومي آزادي جي لاءِ ويڙهه ۾ انهن سامراجن جو سڌوسنئون حمائتي ۽ ساٿاري هوندو آهي. محبِ وطن سرمائيدار، ڌاري ۽ ڏيهي دلال سرمائيدار جي ابتڙ قومي آزادي جي جدوجھد جو ساٿاري ۽ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.
آزادي جي ويڙهه ۾ محبِ وطن دانشور، اديب پڻ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، (خاص پيٽي بوزواجي) وچولو طبقو، ڪاريگر، هنرمند ۽ ننڍا واپاري پڻ آزادي جي جدوجھد ۾ سرگرم ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪندا آهن.
20 صدي ۾ قومي آزادي جا انقلاب هڪ نئين سماجي قوت ٿي اڀريا. اهي انقلاب سڄي دنيا ۾ سامراج جي ٺاهيل ڦرلٽ جي استحصالي نظام کي ٽوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

Saturday 8 October 2011

An appeal to united nations and international community to help my flood effected (sindhi) nation.


An appeal to united nations and international community to help my flood effected (sindhi) nation.
I also appeal to political leadership and Government of United States of America, British , Germany, France , India , Isreal,Afghanistan,Russia,African countries and all countries of European Union Arab world to immediately help of flood effected my ( Sindhi ) nation.

اسان ھن اشتھار جي ذريعي سموري دنيا جي مھذب، جمھوري ۽ سيڪيولر ملڪن جي حڪومتن، عوام،دانشورن کي آگاھ  ڪرڻ چاھيون ٿا ته اسان جي سنڌي قوم (Indus civllization) جي خالق آھي ۽ ھزارن سالن کان اسان سنڌي انساني ماڻھپي ، رواداريءَ،ڀائيچاري،سيڪيولر روايتن ۽ ڪلچر جي امين ۽ وارث قوم رھيا آھيون . موھن جي دڙي جي عمارتي آثارن ، ناچڻيءَ جي مورتي ، شو مھراج جي مورت ، ڏاند گاڏيءَ ۽ ڪڻڪ جي وسيع گدامن جي ملڻ مان صاف ظاھر آھي ته سنڌي قوم خوشحال،واپاري ، مھذب ، باشعور ۽ قومن جي درميان بقاءِ باھميءَ واري اصول کي مڃيندڙ قوم رھي آھي.پر افسوس جو اسان جي قوم کي جيڪا انساني سڀيتا،تھذيب ، ڪلچر جي شاندار اثاثن جي مالڪ قوم آھي، جنھن تاريخ ۾ ڪڏھن به ڪنھن جي خلاف اڳرائي ، جارحيت ۽ جنگ ناھي ڪئي. منھنجي ان سيڪيولر ۽ مھذب قوم کي ھن مذھبي رياست ۾ قيد ۽ غلام بنايو ويو آھي. جنھن رياست جو نظرياتي بنياد مذھبي فرسودا قوميت تي رکيل آھي. جنھن رياست جي ادارو آءِ ايس آءِ سموري دنيا ۾ مذھبي فتني ، فساد ، دھشتگردي، رتوڇاڻ، جنونيت ۽ نام نھاد جھاد جي نالي ۾ جھالت ۽ انساني ڪوس ، بربريت کي منظم ڪندي عالمي امن،سلامتي ، استحڪام خلاف مسلسل جارحيت ۽ سازشون ڪندو رھي ٿو. سموري دنيا جي مھذب ماڻھن کي چڱيءَ ريت خبر آڳي ته ھن رياست جا خفيه ادارا مذھبي انتھا پسند گروپن جي مدد ڪري رھيا آھن. جيئن ته اسين سنڌي ھڪ سيڪيولر مھذب قوم رھيا آھيون ان ڪري پنجابي سامراج ان جي ايجنسي آءِ ايس آءِ اسان جي قوم کي مذھب جي نالي تي غلام بنائي اسان جي قدرتي معدني وسيلن تيل،گيس،ڪوئلي،سمنڊ.درياءِ ۽ وطن تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي سنڌي ۽ بلوچ سياسي ۽ قومي ڪارڪنن کي روز روز آءِ ايس آءِ جي ڪارندن ھٿان  اغوا ڪري چيچلائي ماريو ، ساڙيو قيد ڪري مٿن غير انساني وحشت ۽ بربريت ڀريو تشدد ڪيو ٿو وڃي. اڄ جڏھن منھنجي سنڌي قوم رياستي بي ڌياني مجرماڻي غفلت ، ڪرپٽ حڪمرانن جي نااھلي نالائقيءَ سبب ٻوڏ جي تباھ ڪارين جي ڪري بي يارو مدد گار کليل آسمان ھيٺ زندگيءَ ۽ موت جي ٻه واٽي تي مھذب دنيا جي انساني مدد لاءِِ واجھائي رھي آھي ان صورتحال ۾ مان سنڌي قوم جي ھڪ سياسي فرزند جي حيثيت ۾ سموري دنيا کي کليل اپيل ٿو ڪريان ته اڳتي وڌي منھنجي قوم کي ٻوڏ جي تباھيءَ ، بک ، بيمارين ۽ بي وسيءَ جي مت کان بچايو. منھنجي قوم جون نياڻيون، معصوم ٻار،پيرسن بزرگ حاملا عورتون موت جي منھن ۾ آھن ھيءَ بنياد پرست رياست اسان جي غلامي ، ذلت ، بدحاليءَ جي ذميوار آھي اسان کي ان ۾ ڪا به اميد ۽ آسرو نه آڳي ان ڪري دنيا جي سمورن مھذب ملڪن ، حڪومتن عوام ۽ دانشورن عالمي ادارن کي اپيل ٿو ڪريان ته منھنجي قوم جي ھن ڏکيءَ گھڙيءَ ۾ سڌي ريت مدد ڪيو ـ

شفيع محمد برفت چيئرمين جسمم