Friday 24 February 2012

سائين جي ايم سيد جي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن سان ملھايل شام ۾ ڪيل تقرير 31 مارچ سن1973ع ــ


عزيز دوستو! اوھان سان شام ملھائڻ يا قوتي کائڻ جي برابر آھي ھھڙن موقعن تي ضروري ٿئي ٿو ته ڪجھ ٻڌجي ۽ ڪجھه ٻڌائجي.
مون اوھان کي 4 مارچ 1973ع تي آگاھه ڪيو ھو ته سگھو ئي وقت اچڻ وارو آھي جڏھن ممڪن آھي ته اوھان تي وڏين جوابدارين جو بار پوي ، ان لاءِ اوھان کي تيار ٿيڻو آھي . صرف صالح ۽ لائق ماڻھو ان امتحان مان ڪامياب ٿي نڪري سگھن ٿا.جيل ۾ وڃڻ لٺيو جھلڻ سولو ڪم آھي پر جوابداريءَ جو بار سنڀالڻ اوکو ڪم آھي. ان ڪم جي سرانجاميءَ لاءِ اوھان کي مخلص ڪارڪنن جو گروه پيدا ڪرڻو پوندو جي ڪارڪنن سنڌ جي سياسي ، سماجي ، اقتصادي مسئلن کي پوريءَ طرح سمجھي سگھن ۽ پنھنجي ذھن صاف ڪرڻ بعد ھم خيار دوست جو تعداد وڌائين.
اوھان کي ھيٺين مسئلن تي غور ۽ فڪر بعد صحيح نتيجن تي پھچڻو آھي.
1)  قومي نظريو:ـ
قومي نظرئي جي مختلف تصورن جي معلومات حاصل ڪرڻ بعد ھڪ نظرئي کي قبول ڪرڻو آھي.
آئون غور ، فڪر ۽ تجربي بعد ھن نتيجي تي پھتو آھيان ته سنڌ جا رھاڪو زبان  ، ڪلچر ، تاريخي روايات ، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي جدا قوم آھن ۽ قومن جي حق خوداراديءَ جي آڌار تي  سندن سياسي ، اقتصادي ۽ ڪلچر آزاديءَ خوشحاليءَ ۽ ترقي لاءِ پاڻ فيصلا ڪرڻ جا حقدار آھن.
2)  سنڌو ديش:ـ
برصغير پاڪ ۽ ھند ۾ ھزارن ورھين کا جدا تاريخي ملڪ رھيو آھي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن وانگر کيس پنھنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو ھر ڪو حق آھي.
3)  سنڌي زبان:ـ
قديم زماني کان سنڌ جي زبان سنڌي رھي آھي اھا پاڪستان ۾ سڀ کان زياده جھوني ۽ شاھوڪار زبان آھي. ان ڪري ان کي ملڪ جي سرڪاري ۽ قومي زبان بنجڻ جو ھر ڪو حق آھي.
4)  ملڪي آئين:ـ
آئين سازيءَ جي مسئلي کي سمجھڻ لاءِ پھرين ھن ڳالھ جو فيصلو ڪرڻو پوندو ته آئين ھڪ قوم جي بنياد تي ٺاھيو وڃي ٿو يا چئن قومن جي بنياد تي پھرئين نظرئي مطابق سنڌي اقليت ۾ ٿي ٻئي اڪثريت واري صوبي جي ڪثرت جا محتاج ٿي پوندا . ٻئي نظرئي مطابق ڪوبه آئين سنڌين جي رضامندي کانسواءِ ٺھي نه سگھندو:
(الف) ھڪ قومي نظرئي جي آڌار تي اڪثريت وارو صوبو (پنجاب) سندس  تعداد ، پيسي ، ملٽري ۽ سول سروس جي آڌار تي سنڌ تي حاوي رھندو، جنھن ڪري سنڌ جي پيسي وسيلي ، سنڌ تي حڪومت ڪندو.
(ب) ان نظرئي جي آڌار تي سنڌ جي پيدائڻ ، زمين ، ڪارخانن ۽ نوڪرين تي ٻين صوبن جي رھاڪن جو استحصال رھي سگھندو.
(ت) ھڪ قومي نظرئي جي آڌار تي نظرئي پاڪستان ، اسلامي آئين ، مضبوط مرڪز جي چنبي مان سنڌي نڪري نه سگھندا.
(ث) ان نظرئي جي آڌار تي ٻين صوبن جا رھاڪو ھن صوبي مان پيسا ڪمائي ، ٻاھر کڻي ، صوبي جي معيشت کي نقصان پھچائي سگھندا.
(ج) ان نظرئي جي آڌار تي ٻاھرين مٽاسٽا، واپار، بئنڪن ، ريلوي ، پوليس ، ٽيليگراف، ريڊئي، ٽيليويزن، کاڻين۽ اقتصادي ادارن تي مرڪزي حڪومت جو قبضو رھندو.
(ح) ان نظرئي جي آڌار تي دفاع ، پرڏيھي معاملن ۽ ڪرنسي کانسواءِ ٻين کاتن تي به مرڪز کي اختيار ھوندو.
(خ) ان نظرئي جي آڌار تي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ سنڌي کي ساري پاڪستان جي آباديءَ جي لحاظ کان نمائندگي ملندي.
(د) ان نظرئي جي آڌار تي مرڪزي حڪومت جي نوڪرين ۾ سنڌي کي ھن وقت وانگر صرف ھڪ سيڪڙو نوڪريون ملنديون.
(ذ) ان نظرئي جي آڌار تي سول سروس مرڪزي حڪومت جي ھٿ ھيٺ رھڻ ڪري صوبائي خودمختياري بيڪار بنجي ويندي.
(ر) ان نظرئي جي آڌار تي ملڪ جي قومي زبان غيرملڪي اردو زبان ٿيندي.
(ز) ان نظرئي جي آڌار تي ملڪ ۾ مذھب ۽ سياست گڏيل رھندا.
(س) ان نظرئي جي آڌار تي ڀر وارن ملڪن سان مخاصمت جي پاليسي جاري رھندي.
(ش) ان نظرئي جي آڌار تي ٻين صوبن جي ماڻھن کي سنڌ ۾ ڪالونائيز ڪرڻ جي ڇوٽ ھوندي.
(ص) ان نظرئي جي آڌار تي سوشلزم پوريءَ طرح رائج ٿي نه سگھندو.
5)  سنڌي ڪلچر:ـ
سنڌ کي گذريل چئن ھزار ورھين جي تاريخ آھي. جنھن جي بنياد تي ھن پنھنجو قومي ڪردار ۽ ڪلچر ٺاھيو آھي. اھي سندن قومي ورثا آھن. انھن کي وساري ، نون آيل ماڻھن جي ڪلچر ۾ سمائجڻ سنڌي لاءِ پاڻ وسارڻ جي برابر ٿيندو.

6)  سامراجي مفاد جو استحصال:ـ
سنڌي کي ان ڳالھ بابت ذھن صاف ڪرڻا آھن ته اھي ڪھڙا مستقل مفاد آھن جي سندن استحصال ڪن ٿا . ٿوري غور بعد پتو پوندو ته مھاجر پنجابي مستقل مفاد سندن سياسي آزادي سلب ڪيو ويٺا آھن سندن اقتصادي ذريعن تي  قابض آھن ، سندن ڪلچر تي غلبو ڪري ويا آھن. ان جي سدباب لاءِ ويچار ڪرڻو اٿن.
7)  قومپرستي ڇا کي چئجي ٿو؟
مٿي چئي آيو آھيان ته اسان سنڌين جي جداگانه قوم کي مڃون ٿا . پر ڏسڻو آھي ته سنڌي قومپرستيءَ جا بنيادي متا ڪھڙا آھن؟
منھنجي نظر ۾ ھيٺيان ٿي سگھن ٿا:
(الف) سنڌ جي جدا ملڪ ۾ ويساھه رکڻ.
(ب) پاڪستان ھڪ ملڪ نه آھي بلڪه چئن جدا ملڪن جو مجموعو آھي ان ۾ اعتماد رکڻ.
(ث) سنڌي جدا قوم جي حيثيت ۾ پنھنجي مستقبل بابت فيصلي ڪرڻ جو حق رکن ٿا.
(ج) سنڌي قومپرستيءَ جي راھ ۾ رڪاوٽون، نظريه پاڪستان، اسلامي نظام حڪومت ، مضبوط مرڪز ۽ پاڪستان جا مجموعي مفاد آھن.
8)  سيڪيولر نظام حڪومت:ـ
ساري دنيا ۾ حڪومتي نظام سيڪيولر بنياد تي ٻڌل آھي پر ھتي پاڪستان ۾ ھڪ سامراجي مستقل مفاد عوام جو توجھه ملڪ جي حقيقي مسئلن کان ھٽائڻ لاءِ اسلامي نظام حڪومت جو راڳ اچاري رھيا آھن. ان جو مقصد عقل جي عيوض مذھب جي نالي ۾ مُلا جي اٿارٽيءَ ھيٺ حڪومت ھلائڻ آھي جي مُلا گھڻي قدر سرمائيدار ۽ حاڪم جا ايجنٽ ٿي ڪم ڪن ٿا.
9)  صحيح جمھورت ڇا آھي؟
صحيح جمھوريت ۾ ھيٺين ڳالھين جو ھئڻ ضرور آھي.
(الف) ان ۾ ھڪ قوم جو ٻيءَ قوم تي سندس اڪٿريت ، قابليت ، تشدد ، پيسي ۽ ھنر جي آڌار تي تسلط قائم نه رھندو.
(ب) جنھن ۾ ھڪ گروھ يا طبقو ٻئي گروھ يا طبقي جو اقتصادي استحصال ڪري نه سگھي ۽ ملڪ جي جملي ماڻھن کي ھڪ جھڙا حق ۽ موقعا حاصل ھجن.
(ت) جنھن ۾ شاھوڪار ، ڪارخانيدار ، مُلا ۽ پير کي ملڪي سياست ۾ دست انداز ڪرڻ تي بندش ھجي.
10)     سوشلزم ڇا آھي؟
ان جو مقصد ملڪ جي جملي پيداواري ذريعن ، ورھاست ۽ پيسي تي عوامي حڪومت جو تسلط ھئڻ آھي . جا ان تسلط کي ماڻھن جي مجموعي مفاد لاءِ ڪتب آڻيدي ان ۾ شخصي ۽ طبقاتي استحصال جا رستا بند ڪيل ھوندا آھن . ان جو بنياد زماني جي حقيقتن ۽ عقل جي آڌار تي ٿئي ٿو. مذھبن ۾ شخصي ۽ طبقاتي مفاد کي بچاءُ ڏنل آھي. جنھن ڪري سوشلسٽ معاشري جي حصول ۾ رڪاوٽ پوي ٿي. اسلامي سوشلزم ٿيندي ئي نه آھي.
 11)     اسلامي آئين ۽ اسلامي نظام حڪومت:ـ
ملڪ جوآئين معاشري جي  حالتن جي آڌار تي ھلايو وڃي ٿو. تنھن ڪري اسلامي آئين يا اسلامي  نظام حڪومت ٿيندا ئي ڪونه آھن، جيڪي ماڻھو اھڙي گفتگو ڪن ٿا سي يا ته ڌوڪيباز آھن يا ته بيوقوف آھن.
12)       سنڌو ديش جي معنيٰ ڇا آھي؟
سنڌو ديش جي معنيٰ سنڌو طاس جي موجوده سنڌ ملڪ واري ايراضي آھي. ان ملڪ ھزارين ورھين کان پنھنجي علحده حيثيت قائم رکي آھي. سنڌ ۽ سنڌو ديش ۾ تفاوت ھي آھي ته سنڌ ۾ ساري انڊس ويليءَ وارو ملڪ اچي وڃي ٿو پر سنڌو ديش ۾ صرف موجوده سنڌ جي ايراضيءَ آھي جيئن بينگال جي معنيٰ اُڀرندو ۽ الھندو بينگال آھي ، ۽ بنگلاديش جي معنيٰ صرف اُڀرندي بينگال وارو آزاد ملڪ آھي . سنڌو ديش نالي وٺڻ مان اسان جو مقصد ان خطه زمين جي سياسي آزادي، اقتصادي خوشحالي ۽ ڪلچر ترقي ٿئي ٿو جاھن وقت صوبي سنڌ تي مشتمل آھي.
 13)        سنڌي قوم جي تڪميل:ـ
         اھا حقيقت آڳي ته سنڌ جا رھواسي علحده قوم سڏائڻ جا حقدار آھن. پر ان ڳالھ کان ڪير به انڪار ڪري نٿو سگھي ته ھڪ فعال باغيرت ۽ يڪجھت قوم بنجڻ لاءِ جنھن قومي عصبيت جي ضرورت ٿئي ٿي. سا اڃان سنڌ جا رھاڪو پوريءَ طرح پيدا ڪري نه سگھياآھن. ان جي راھ ۾ رڪاوٽون آھن تن جي دور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي. مثلن: پير، وڏيرو  ۽ غلام صفت مڊل ڪلاس جي اڪثريت ان ۾ رڪاوٽ آھن.
 14)        پاڪستان ۽ سنڌ:ـ
 سنڌ پاڪستان کان سواءِ رھي سگھي ٿي پر پاڪستان جو سنڌ کان سواءِ قائم رھڻ مشڪل آھي . پاڪستان جي قيام جو مدار حڪمران طبقي جي سنڌ سان برتاءُ تي آھي. جيڪڏھن سندن موجوده ذھنيت ۾ تبديلي آڻي، سنڌ ۽ سنڌين جي قومي وجود کي تسليم نه ڪيو ۽ سنڌين کي سندن واجبي حق نه ڏنا ته دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان کي قائم رکي نه سگھندي.

15)        پاڪستان جون موجوده سياسي پارٽيون:ـ
پاڪستان ۾ موجوده سياسي پارٽيون ، سواءِ ” جيئي سنڌ“ ۽ ”خدائي خدمتگار“ جي ، سڀ آل پاڪستان جمائتون آھن. اھي بنيادي طرح نظرئي پاڪستان جي آڌار تي ٺھيل آھن. جنھن ۾ سنڌ ۽ ٻين صوبن جي جداگانه حيثيت جو انڪار ڪيل آھي. انھن ۾ سنڌي قوم پرست جو داخل ٿيڻ سنڌ جي موت جي وارنٽ تي صحيح ڪرڻ جي برابر آھي.
16)     حڪومت جي پاليسي:ـ
سنڌين کي ھر حڪومت جي پاليسي پرکڻ لاءِ ڪي ڪسوٽيون مقرر ڪري ان مطابق فيصلو ڪرڻو پوندو. منھنجي نظر ۾ ھيٺيون ڳالھيون آھن جن جي آڌار تي اوھان حڪومتن جي پاليسيءَ بابت راءِ ظاھر ڪري سگھو ٿا:
(1)          نظرئي پاڪستان ۾ اعتماد رکندڙ حڪومت سنڌين کي ڪڏھن به فائدو پھچائي نه سگھندي.
(2)          مضبوط مرڪز ۾ اعتماد رکندڙ حڪومت سنڌ جي دشمن ٿيندي.
(3)          اسلام آئين يا اسلامي نظام حڪومت ۾ مڃيندڙ سرڪار سنڌ لاءِ ھاڃيڪار ٿيندي.
(4)          اصولن تي ھلڻ بجاءِ اقتدار جي قيام کي ترجيع ڏيندڙ حاڪم سنڌ جا خيرخواه ٿي نٿا سگھن.
(5)          سنڌي جي جداگانه قوم ۽ سنڌو ديش جي آزاديءَ جي اصولن کان انڪار ڪندڙ حڪومت سنڌ دشمن شمار ڪري سگھجي ٿي.
 
17)     سنڌي لاءِ مفيد خارجه پاليسي:ـ
ٻاھرين ملڪن مان آمريڪا اسرائيل تان جھڪو ڪرائڻ خاطر پاڪستان کي ڀارت سان ويڙھائڻ گھري ٿي. آمريڪا ھٿيارن جي نيڪال لاءِ جنگجويانه پاليسيءَ جي حامي آھي. آمريڪا روس جي دشمنيءَ خاطر پاڪستان جي مھاجر پنجابي مستقل مفاد تسلط قائم رکڻ جي حامي آھي. چين ، ڀارت جي طاقت کي ايشيا ۾ ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڀارتي دشمني اختيار ڪئي آڳي . انھيءَ ڪري پاڪستان جي معاملي ۾ اھو آمريڪا جي پوئلڳي ۾ ھلي ٿو. تنھن ڪري سنڌين لاءِ ڪنھن به حڪومت جي آمريڪا ۽ چين سان دوستي سنڌي حقوق لاءِ نقصانڪار ٿيندي. ڀارت ، روس ، افغانستان ، ايران ۽ عرب ملڪن سان دوستي سنڌي مفاد وٽان آھي.
 18)        پئن اسلامزم:ـ
    ھيءُ نظريو فرسودو ۽ بيڪار بنجي چڪو آھي آئيندي مختلف ملڪن سان تعلقات سيڪيولر بنياد تي پيدا ڪرڻ گھرجن. انھي نظرئي ۾ اعتماد رکڻ سان اڻ سڌيءَ طرح سنڌين کي مھاجر پنجابي مستقل مفاد سامراج ۽ انھن جي مددگار آمريڪا ۽ چين سامراجين جي سازشن ۾ ڦاسائڻ جي برابر ٿيندو.
 19)        سياسي اخلاق:ـ
     سياست ۾ جھڙيءَ طرح اصول مقرر ڪرڻ ضروري آھن . اھڙيءَ طرح اصولن تي عمل ڪرڻ به لازمي آڳي. جي ماڻھو شخصي اخلاف برقرار رکي نٿا سگھن ، انھن کان اصولي يا سياسي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي بربر آھي. ابن الوقتي ۽ ڦرڻي گھرڻي پاليسي عارضي طور ڪن شخصن کي وقتي فائدو ڏئي سگھي ٿي ليڪن اھڙي پاليسي قومن ۽ ملڪن جي ديرپا مفاد لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي.
 20)        ذھني قابليت ۽ صلاحيت:ـ
ڪي به افراد ، گروھه يا قومون حڪومت ھلائڻ جون اھل ٿي نه  سگھنديون جيڪڏھن انھن ۾ ذھني صلاحيت پيدا نه ٿي آھي. انھيءَ کانسواءِحاصل ڪيل اقتدار پاڻيءَ جي ڦوٽي جي مثل آھي . جو ھوا جي جھوٽي سان ختم ٿي سگھي ٿو، تنھن ڪري جيڪڏھن اوھان پنھنجي ملڪ جا وارث ٿيڻ گھرو ٿا ته سياسي اخلاق ۽ ھني صلاحيت جا حامل ٿيو.
21)        سياستدان جا قسم:ـ
ھڪڙا پرئڪٽيڪل پاليٽيشن آھن. جي سياست عمليءَ ۾ اعتماد رکندي عارضي ڪاميابيءَ يا اقتدار جي حصول لاءِ اصولن کي قربان ڪن ٿا.
ٻيا آئڊيلسٽ سياستدان آھن جي ملڪ ۽ قوم جي مجموعي مفاد لاءِ ڪي اصول مقرر ڪري ان مطابق ھلن ٿا ۽ ٻين کي ان تي ھلڻ جي ترغيب ڏين ٿا . انھن وٽ عارضي ڪاميابي يا اصولن کي قربان ڪرڻ بعد اقتدار جو قيام بي معنيٰ شيون آھن.
اھي ۽ ٻيا اھڙا سوال آھن جن بابت اوھان کي ذھن صاف ڪرڻا پوندا، بجاءِ ان جي جو اوھان ٻاھر نڪري حڪومت جي پاليسيءَ يا ڪن پارٽين جي فائدي يا مخالفت لاءِ ڪم ڪريو . بھتر ائين آڳي ته شاگرد برادريءَ جي ذھنن صاف ڪرڻ واسطي سندن تعليم ۽ ترغيب لاءِ وقت صرف ڪيو. اوھان کي دعوت ڏجي ٿي ته 12 شاگردن جا گروپ ھفتي کن لاءِ موڪل وٺي ملڪي مسئلن ، سياسي نظرين ۽ اخلاقي  ڳالھين جي وچ ۾ تميز حاصل ڪرڻ لاءِ مون وٽ سن ۾ اچي ڪچھري ڪري تربيت حاصل ڪريو.

(تقرير پوري ٿي)
سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ (سائين جي ايم سيد)
پيج نمبر 183 کان 191 تائين

ـــــ ٿيڻ ممڪن آھي؟(Reshape)ــــ ڇا پاڪستان جوــ

   
ڇا پاڪستان جو(Reshape) ٿيڻ ممڪن آھي؟

سياست کي رياست جي بيھڪ کانسواءِ سمجھڻ سڀ کان وڏو احمق پڻو ھوندو آھي ڇاڪاڻ ته سياست يا ته (Prostate ) ھوندي آھي يا (Anti-State) ھوندي آھي. پاڪستاني رياست جيئن ته ھڪ گھڻ قومي جبري الحاق تي ٻڌل رياست آھي ۽ ھر گھڻ قومي رياست پراڻي جاگيرداڻي سلطنت شاھيءَ جي باقيات ھوندي آھي. تنھن ڪري ھڪ قومي رياست جي ابتر اتي ھڪ طبقي جي ٻي طبقي جي مٿان حڪومت بجاءِ ھڪ حاڪم ۽ جابر قوم جي ٻين مظلوم ۽ محڪوم قومن جي مٿان حڪمراني ھوندي آھي. گھڻ قومي رياست تي قابض ظالم قوم محڪوم قومن جي نه صرف اقتصادي ڦرلٽ ڪندي آھي بلڪ انھيءَ کي پنھنجو مستقل غلام رکڻ لاءِ انھن کان تعليم کسي انھن کي ڄٽ ، جاھل ۽ بي صلاحيت ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آھي . انھن مظلوم قومن جي فرسوده مردار جاگيردار قبائلي سردار کي پنھنجو ٽائوٽ بڻائي مظلوم ۽ محڪوم قومن جي قومي ٻڌيءَ ۽ ايڪي ۾ ڏار وجھڻ لاءِ اتي جي مظلوم قومن جي اندر موجوده دلالي طبقي جي ذريعي نه صرف نسل پرست جاگيرداراڻي، فرقي پرست قادر مگسي، رسول بخش پليجي ۽ سنڌ جي جاگيردار طبقي جي بيھوده ثقافتي قومپرستي جي ذريعي حقيقي مظلوم قومن جي قومي ٻڌيءَ کي نقصان پھچائيندي آھي ۽ مظلوم قومن جي فرقي پرستي (Sectarianism)کي زور پڪڙائي مظلوم قومن جي قومي ٻڌيءَ کي پارا پارا بڻائي ڇڏيندي آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو رياستي ايجنسين ۽ انھن جي دلال جاگيردار طبقي جي ملي ڀڳت سان ڪيترن ئي سالن کان پوري سنڌ ۾ قبائلي تڪرارن، لساني فسادن ۽ ذاتي پرستي کي اڀارڻ لاءِ رياست طرفان مختلف سازشي حربن کي استعمال ڪيو پيو وڃي.

 ھاڻي رياست جي گماشتگي ۽  دلالي صرف جاگيردار طبقي تائين محدود ناھي، بلڪ سنڌ جو(Prostate) قومپرست به اھڙيءَ دلاليءَ جي ڌنڌي ۾ وڌي چڙھي پيو آھي. اھو ئي سبب آھي جو نواز شريف جا سنڌ جي دلالي جعلي قومپرستن وٽ ڳجھن وارا لامارا ھاڻي ڪنھن کان به ڳجھا ڪونه رھيا آھن. اھا ڳالھ ھاڻي ڪنھن کان به لڪيل ڪانھي ته قادرمنگسي کان ويندي جلال شاھه تائين نواز ليگ جون ساڄيون ۽ کاٻيون ٻانھون ٿي بيٺا آھن.
جيتوڻيڪ پاڪستاني رياست عالمي سفارتي تنھائي جو شڪار ٿي ڏينھون ڏينھن سياسي ۽ اقتصادي ۽ انتظامي بحران جو شڪار ٿي چڪي آھي. پاڪستاني پارليامينٽ ھڪ طرف بيٺي آھي ته ٻي طرف آءِ ايس آءِ ، فوج ۽ عدليه بيٺي آھي. آءِ ايس آءِ ۽ فوج جو پاڪستاني سياست پٺيان لڪل ڪردار وينا ملڪ وانگيان اگھاڙو ٿي دنيا سامھون آيو آھي ايستائين جو آءِ ايس آءِ ۽ فوج کي وينا ملڪ وانگر پنھنجي اوگھڙ ڍڪڻ لاءِ وڌيڪ گنجائشئي ڪونه بچي آھي.
پاڪستاني رياست جي مڪروھه عالمي دھشتگرد چھري تان نقاب ھٽي چڪو آھي ، بس پاڪستان کي سقراط جي آخري ھڏڪي ڀرڻ لاءِ ھڪ آخري بحران جي ضرورت آھي . پاڪستاني انڊسٽريون بند ٿيڻ لڳيون آھن. تيل گيس جا اگھه وڌڻ جي ڪري بحران ڏينھون ڏينھن پنھنجي شدت وٺندو پيو وڃي، ماڻھو بيروزگاريءَ ، بک ۽ بدحاليءَ کان تنگ اچي به صرف ڏينھون ڏينھن پاڪستان کان بيزار ٿيندا پيا وڃن، بلڪ خودڪشين جا رڪارڊ ٽٽي ويا آھن. پاڪستان جي نام نھاد ڪٺ پتلي (Puppet)قسم  جي جعلي جمھوريت به ھاڻي پنھنجي ماورايت وڃائي ويٺي آھي. عالمي قوتون جن نام نھاد اعتدال پسند قوتن تي ڀروسو ڪيو ويٺيون آھن، اھي خود آءِ ايس آءِ جي ٻه مھين بلا جو ٻيو چھرو آھن. پاڪستان مان جمھوريت جي اميد رکڻ ائين آھي جيئن کدڙي مان اولاد جو آسرو رکڻ جو احمق پڻو دھرائڻ جي حرڪت جو ارتقاب ڪرڻ!ـ
ڇو جو عالمي قوتون به ان ڳالھ کي مڃي چڪيون آھن ته ايندڙ پنجاھه سالن تائين پاڪستاني سياست فوج ۽ آءِ ايس آءِ جي پاڇي ھيٺان مشڪل سان نڪري، ڇو جو اھي ٻئي ادارا پاڪستاني رياست جا سڌي ۽ اڻسڌي طرح والي ۽ وارث آھن، يعني پاڪستان جي اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ آھن، تنھن ڪري پاڪستان جي اندر واڙيل مظلوم قومون ايندڙ پنجاھه سالن تائين جمھوريت جي نالي ۾ ڦرجي لٽجي برباد ٿي وينديون. ڇو جو پنجاب سامراج جي انھن ٻنھي ادارن وٽ جمھوريت جو مطلب آھي اسيمبلي جي ايوانن مان مظلوم قومن جي قومي وسيلن جي ڦرلٽ جون نين کان نيون سازشي قراردادون پاس ڪرائي مظلوم سنڌي ۽ بلوچ قومن جي وسيلن تي پنجاب سامراج طرفان ھٿ صاف ڪرڻ ان جي ڦرلٽ جي خلاف اٿندڙ آوازن کي دٻڻ ۽ مظلوم قومن جي محب وطن فرزندن جو قتلام ۽ رتو ڇاڻ ڪرڻ ، اھو آھي پاڪستان جمھوريت جو معنيٰ ۽ مفھوم!ـ
اھو ئي سبب آھي جو پاڪستاني رياست جي جمھوري نمائندن وٽ مظلوم قومن جي حقيقي قومي جمھوري حقن ۽ مطالبن جو تصور به آٰءِ ايس آءِ ۽ فوج جي نقطه نظر کان مختلف ڪونھي. جئين ته انھن جا بنياد ئي غير جمھوري دولاب تي رکيل آھن ، تنھن ڪري پاڪستان ۾ قومي جمھوري حقن کي تسليم ڪرڻ جو مطلب آھي ، پاڪستان جي نالي ۾ مظلوم قومن مٿان حڪمراني ڪندڙ گريٽر پنجاب جي حيثيت کان ھٿ کڻڻ ، جيڪو پنجاب ڪنھن به صورت ۾ کڻڻ پسند نه ڪندو. تنھن ڪري پاڪستاني رياست جي سياسي اڻ نبيري (Dissolution) جو شڪار ٿي ريشم جي ڪيڙي جيان پنھنجي ئي غلطين جي حصار ۾ دم ٽوڙڻ طرف وڌي پئي. جڏھن پاڪستان جي سڌاري جو عالمي قوتن وٽ ڪو علاج ئي ڪونھي ته پوءِ اھڙي لاعلاج رياست کي ٽوڙڻ کانسواءِ ڪو رستو ئي نه ٿو بچي! ڇو جو پاڪستاني رياست جا واڳ ڌڻي نه صرف القاعده جي اڳواڻ اسامه بن لادن کي ڪيترن ئي سالن کان پناھه ڏيون ويٺا ھئا ، بلڪه آءِ ايس آءِ جي نگراني ۾ مختلف مذھبي گروپن جي صورت ۾ تاتيل 27 دھشتگرد تنظيمون به ھاڻي دنيا آڏو اچي چڪيون آھن. پاڪستان جو ايٽمي رازن کي وڪڻڻ وارو عمل به ھاڻي ڪنھن کان ڳجھو ناھي رھيو، بلڪه پاڪستان دنيا جو اھو واحد ملڪ آھي جيڪو سڀ کان گھڻا ائٽمي ھٿيار تيار ڪري رھيو آھي، ڪياني جا چين جا دور ا ۽ شجاع پاشا جو عرب شيخن سان ملڻ به ڪنھن کان ڳجھو ناھي، پاڪستان تي عالمي قوتن وڪي ليڪس جي صورت ۾ چارج شيٽ جاري ڪري چڪيون آھن. جنھن موجب پاڪستان کي نه صرف دھشتگردي جو عالمي سلطان تصور ڪيووڃي ٿو پر پاڪستان کي عالمي امن ۽ انساني ڀائيچاري جي راھه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ تسليم ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان جي وجود کي نه صرف پاڪستان ۾ واڙيل مظلوم  قومن لاءِ بلڪه عالمِ انسانيت لاءِ ھڪ ڀيانڪ خطرو تصور ڪيو وڃي ٿو، تنھن ڪري ھاڻي پاڪستان جي (Reshape) جو آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ طرفان ٺاھيل پلان ھاڻي پاڪستان کي لامحالهٰ طور تي (De-shape) ڪرڻ طرف وٺي وڃي رھيو آھي. اھو ئي سبب ھئو جو سائين جي ايم سيد ھڪ دور انديش سياسي مدبر جي حيثيت ۾ پاڪستاني رياست جي اڻنبيري طرف وڌندڙ امڪانن کي پرجھي چيو ھيو ته:
”پاڻھي ايندم ھوت آئون پڻ اڳ ڀري ٿيان.“
تنھن جي ڪري سنڌي قوم کي پنھنجي قومي آزاديءَ جي حاصلات جو اگر اونو آھي ته سنڌ جي آزاديءَ قومي مزاحمت جي ذريعي حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجون جانيون ڏيڻ لاءِ تيار رھڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته دنيا سان جيڪڏھن گڏ ھلڻو آھي ته اسان کي به پنھنجي ھجڻ جو دنيا کي احساس ڏيارڻو پوندو ڇو جو عالمي طاقتون پنھنجي مفاد لاءِ پاڪستان کي ٽوڙڻ جو ڪم سرانجام ڏين
پيون ته اھي سڀاڻي وري اسان کي ڪنھن ٻئي مصيبت ۾ وجھي سگھن ٿيون!ـ

کاھوڙي جيئي سنڌ متحدا محاذ جو ترجمان

Thursday 9 February 2012

انقلابي ڌرين کي پنھنجي حڪمت عملين کي ٻيھر منظم ڪرڻو پوندو!ـ شفيع محمد برفت


انقلابي ڌرين کي پنھنجي حڪمت عملين کي ٻيھر منظم ڪرڻو پوندو!ـ
شفيع محمد برفت


عالمي انقلاب کي ڪامياب ۽ سوڀارو ڪرڻ لاءِ انقلابي ڌرين کي پنھنجي حڪمت عملين کي ٻيھر منظم ڪرڻو پوندو. ان لاءِ قومي آزادي جي تحريڪن کي سگھارو ۽ منظم ڪندي دنيا جي مظلوم، مسڪين ۽ پورھيت عوام لاءِ معاشي، سياسي ، جمھوري آزادي ۽ برابري جو اصول ۽ نظام لاڳو ڪرڻو پوندو. مظلوم قومن جي آزادي اڄ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي عملي حقيقت آھي، جڏھن ته مارڪسزم اڄ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي نظرياتي سچائي آھي. ڏٺو وڃي ته معروضِ حقيقتن ۽ سچائيءَ جو صحيح ادراڪ نه ڪرڻ سبب ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا سميت سموري خطي ۾ ڪميونسٽ تحريڪون شديد تنظيمي ، عملي ۽ سياسي ڏيوالي جي ور چڙھي چڪيون آھن. تمام وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عراق، ايران ، افغانستان، پاڪستان ، انڊيا ، نيپال ، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي سياسي صورتحال جو غور سان جائزو وٺڻ بعد ائين محسوس ٿئي ٿو ته ھن سموري علائقي ۾ جيڪي به ڪميونسٽ تحريڪون آھن ، اھي ڄڻ ته سرد جنگ جي دوران مقامي جاگيردار ۽ فوجي آپيشاھي رياستن جي خفيه ادارن ۽ آمريڪي سي . آءِ . اي طرفان انتھائي ” پينيٽريشن “ جو شڪار رھيون آھن يا انھن ڪميونسٽ تحريڪن جي قيادت جي سياسي حڪمت عملين ۽ پاليسين ۾ سياسي بصيرت جي انتھائي کوٽ رھي آھي يا بزدلي ۽ موقعي پرستيءَ سبب انقلابي گھٽ ۽ ” ريفارمسٽ“ وڌيڪ رھيا آھن. اھوئي سبب آھي جو عراق جي آمر صدام حسين جي انتھائي وهشي عملن ، جارحيت پسند پاليسين ۽ انسان دشمن ڪارواين سان گڏوگڏ ڪرد قوم جي خلاف مجرماڻين ڏوھي سرگرمين  جي باوجود اتي جي ڪميونسٽن پنھنجو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاھي ڪئي ، اھو ئي سبب آھي جو ان جي نتيجي ۾ ان وحشي ۽ ظلم (صدام) جي برين جي آڙ ۾ آمريڪا کي اتي فوجي مداخلت ڪرڻي پئي. پر ڪامريڊ انقلاب کي منظم ۽ ميچوئر ڪري نه سگھيا. ٻئي طرف ايران جو مثال آھي جتي جي ڪميونسٽن ڦوڪي ڦوڪي پير کڻڻ واري پاليسيءَ تي عمل ڪرڻ جي سياسي حڪمت عمليءَ ۽ تدبير کي اختيار ڪيو، نتجي ۾ ايران جي پورھيت ۽ انساني دوست انقلاب کي اتي جا جاھل ۽ تاريخ جا انڪاري ملان ھائيجيڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ اسان پنھنجي پاڙي ۾ ھڪ ڀلوڙ ۽ سگھاري انقلاب کان محروم رھجي وياسين. ان کان پوءِ افغانستان جو مثال ڏسون  ٿا ته اتي به انقلابين ، انقلاب کي افغان سماج ۽ معروض مان پيدا ڪرڻ بجاءِ ان کي سوويت رياستي پاليسين جي رحم ڪرم تي برآمد ڪرڻ جي ڪُشش ڪئي، نتيجي ۾ افغان انقلاب ”ستڙئي ٻار “ وانگر بي وقتو ۽ ڪچو ثابت ٿيو. جنھن جو نتيجو اڄ تائين افغان عوام ۽ وچ ايشيائي قومون ڀوڳي رھيون آھن. پاڪستان ۾ وري ھتي جون ڪميونسٽ قيادتون تاريخي قومن خاص ڪري سنڌين ۽ بلوچن جي تاريخي وجود جي انڪار جي بنياد تي تاريخ جي حقيقت ۽ سچ کي پٺي ڏئي ھڪ غير فطري رياست ” پاڪستان“ جي جاگرافيائي حدن ۾ انقلاب کي قيد ڪري ، سخت موقعي پرستي ، منافقت ۽ سياسي جھالت جي ور چڙھي انقلاب دوستيءَ  جي نالي ۾ انقلاب دشمنيءَ سان خوب نڀائي رھيا آھن. سندن سياسي حڪمت عمليءَ جو مشھور ۽ جاھلاڻو مقولوآھي ته ” اسان سنڌ جي آزادي جا نه حمايتي آھيون نه ان جي مخالفت ڪنداسين.“

ڪعبي ڪس منه سي جائو گي غالب،
شرم تم ڪو مگر ، آتي نھين.

ھي به ڪميونسٽ آھن. ! ؟ يعني انقلاب کي پنجابي استعماريت ۽ مفادن لاءِ قائم ڪيل ۽ فوجي آپيشاھي ۽ جاگيرداري ڪلاس جي ترجمان ھن غير فطري رياست پاڪستان جي جاگرافيائي حدن جو سياسي طرح قيدي ۽ محتاج بنائي، گذريل 64سالن کان قومن جي آزادي جو مسلسل انڪار ڪندا ٿا اچن. اھڙا انڪار وطن ڪميونسٽ وري سڄي  دنيا ۾ ڪٿي به نظر نه ايندا. يعني ھڪ غير فطري سامراجي مفادن لاءِ قائم ڪيل رياست جي آسري تي ويھي تاريخي ۽ فطري قومن جي سياسي ۽ سماجي جدوجھدن جو انڪار ڪري ڇڏجي. انکان وڌيڪ ھنن ڪوڙن ڪميونسٽن جا نيرا پير ڪيئن ظاھر ٿيندا . اچو ٿا نيپال جي يارن اڳواڻن ”مائو باغين“ ڏانھن ، جن انقلابي طريقي سان مزاحمتي ويڙھ ڪندي ھيڏي ساري شھنشاھيت جا گوڏا کوڙائي ڇڏيا. باوجود ان جي انقلاب سان آخري وقت جي موقعي پرستي ڪندي سموري نيپالي سماج کي انقلابي اصولن ۽ مقصد تحت پورھيت دوست فڪري ڌارا واري انقلاب سان نئين سماج جي اڏاپت ڪرڻ بجاءِ پارلياماني موقعي پرستيءَ طرف وڌندي ، رفارمسٽ بڻجي انقلاب سان ويساھه گھاتي ۽ ڌوڪو ڪري ويھي رھيا. نتيجي ۾ نيپال جو ذري گھٽ ڪامياب ٿيندڙ انقلاب اڄ ” آدھا تيتر ، آدھا بٽير “ يعني ڌڙ ريڊون ٻوٿ ٻاڪرو بڻجي ويو آھي.
انڊيا جي ڪميونسٽن جو جائزو وٺڻ سان خبر پوي ٿي ته انھن ورھاڱي وقت سامراجي سازشن جو درست اڀياس ۽ ادراڪ ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ سبب ھڪ ته مذھبي بنيادن تحت برصغير جي ورھاڱي کي قومن جي ”حقِ خوداراديت“ سمجھي حمايت ڪئي ته ٻئي طرف پيٽي بورزوا تحريڪ ”ڪانگريس“ جي سحر ۽ پاپولر فينا مينا جي داٻي ۾ اچي ڪميونسٽ تحريڪ پنھنجي سياسي جدوجھد ۽ سامراج مخالف ويڙھه کي وقت سر منظم ڪري نه سگھي ، نتيجي ۾ برصغير جو غير فطري ورھاڱو عمل ۾ اچي ويو ۽ تاريخ روس ۽ چين کان پوءِ ھڪ وڏي ”ھندستاني“ انقلاب کان محروم ٿي وئي. ٻئي طرف بنگلاديش جيڪو معاشي طرح تمام پٺ تي پيل ، ڏتڙيل ۽ سماجي بدحالي جو شڪار ملڪ آھي ، اتي جون معروضي حالتون ۽ زمين ھر وقت انقلاب لاءِ تيار ۽ انتظار ۾ رھيون آھن پر اتي پڻ  ڪميونسٽ يارن جي سستيءَ سبب يا جدوجھد ، محنت ۽ جاکوڙ کان وانجھيل ھجڻ ڪري موجوده وقت ۾ انقلاب انقلابين کي ڳولھي رھيو آھي پر انقلابي دستياب نه آھن. سريلنڪا جي صورتحال اھا آھي جو اتي ڪميونسٽن جي سياسي تحريڪ جي ڪمزور ھجڻ ۽ نظرياتي پرچار ، تنظيم ڪاري ۽ جدوجھد جھول ھجڻ سبب اھو خال نسل پرست تامل مزاحمت ڪارن اچي ڀريو ، جنھن جا سياسي طرح ذميوار اتي جا ڪامريڊ آھن.

اسان پاڪستان جي قبائلي علائقن جي ويڙھ لاءِ گھڻو وقت اڳ پنھنجي پارٽي جي ترجمان رسالي ” کاھوڙي “ ذريعي ھڪ سياسي جائزر ۾ چيو ھو ته اھا ويڙھ ۽ مزاحمت بنياد پرستيءَ جي ليبل ۾ ضرور وڙھي پئي وڃي پر اھا ويڙھ آمريڪا مخالف ويڙھه ھرگز نه آھي، اھا ويڙھه اصل ۾ پختون قومي مفادن جي ويڙھه آھي . جيڪا ان وقت تائين مختلف رجحانن ، مذھبي ليبل يا ڪنھن ٻي شڪل ۾ ۽ صورت ۾ وڙھي ويندي يا جاري رھندي. جيستائن پختون قوم جي غير فطري ورھاست واري سامراجي ڊيورينڊ لائن کي ختم ڪندي پختون قوم کي ھڪ قوم طور گڏايو نه ٿو وڃي . اڄ اھا جنگ جيڪا اصل ۾ پختون قومي مفادن جي جنگ آھي، مذھب جي نالي ۾ ان ڪري وڙھي پئي وڃي جو اتي جي ترقي پسند سڏائيندڙ سياسي پارٽي ، اي ، اين ، پي آمريڪي ڳٺ جوڙ ۽ پنجابي  استعماريت سان ملي ڀڳت سبب سخت سياسي موقعي پرستي ڪري رھي آھي.
سنڌ جي سمورن حقيقي ڪميونسٽ ۽ ترقي پسند دوستن کي دعوت ٿو ڏيان ته ھو اڄ جي معروضي حالتن جي سچ ۽ حقيقت کي وقت سر محسوس ڪندي ”سنڌو ديش“ جي آزاديءَ جي سياسي جدووجھد جو حصو بڻجي سنڌ جي قومي طبقاتي انقلاب ۾ پنھنجو حصو ڳنڍين، ٻي صورت ۾ تاريخ کين سنڌ جي انقلاب کان محروم ڪري ڇڏيندي. آءُ سمجھان ٿو ته اڄ جو مارڪسزم اھو آھي ته سنڌي قوم جي قومي آزاديءَ قومي تشڪيل نو سان گڏ عالمي انقلاب لاءِ سنڌ جي حصي جو فرض ادا ڪيو وڃي. مونکي ان وقت تمام گھڻو افسوس ٿيندو آھي جڏھن سائين جي ايم سيد کي جاگيردار چوندڙ پاڪستاني ڪميونسٽ سياسي ، نظرياتي طرح پوري پاڪستان جي جاگيردار طبقي جي مفادن جي ترجمان پاررٽي پي پي جي کليل حمايت ۽ وڪالت ڪندا آھن، اھا سندن سياسي جھالت ، ڪوتاھه انديشي ، تنگ نظري ۽ موقعي پرستي نه آھي ته ٻيو ڇا آھي ! ؟ غور ڪرڻ جي ڳالھ آھي ته قوم پرستن جي کوڙ ڪمزورين ۽ اوڻاين جي باوجود قومپرستي سنڌي سماج ۾ پنھنجي لاءِ زبردست احترام ۽ عزت پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آھي ۽ سنڌي قوم ، قومپرستن ۽ قومپرستيءَ کي پنھنجي لاءِ ھڪ اميد ۽ آسرو سمجھن ٿا. جڏھن ته ڪميونسٽ تحريڪ سنڌي سماج ۾ پنھنجي لاءِ اھا جاءِ  ۽ احترام پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ڇو ثابت ٿي آھي. ان جو صاف مطلب آھي ته ڪميونسٽ معروضي حالتن ۽ حقيقتن کان بالاتر ٿي سياست ڪن ٿا يا معروضي سچ ۽ حقيقت جو ساٿ ڏيڻ کان لاچار آھن ۽ ان جو مڪمل ادراڪ پڻ نه ٿا رکن. اھڙن ڪوڙن ڪميونسٽن جي سڀ کان وڏي سياسي اخلاقي ۽ عملي ناڪامي اھا آھي ته ” گُس جائوم ڪامريڊو..!“ واري پاليسي تي عمل ڪندي پي پي جھڙي وڏيرڪي پارٽي ۾ ويھي مسڪين ماڻھن، پورھيتن ۽ ھارين جي حقن جي ڳالھ ٿا ڪن، جيڪا سندن  سڀ کان وڏي موقعي پرستي ، نااھلي ۽ گمراھ ڪندڙ حڪمت عملي آھي. ان کان سواءِ پاڪستاني ڪميونسٽ جي ٻي سڀ کان وڏي ڪوتاھي ۽ ڪمزوري اھا آھي ته ھو عارضي ۽ پاپولر حمايت جا موالي بڻجي پنھنجي اڀري سڀري سياست ۽ جدوجھد لاءِ ھٿ پير ھڻڻ کان قاصر رھيا آھن. بينظير جي وفات وقت سنڌي قوم طرفان ” نه کپي نه کپي پاڪستان نه کپي “ جا نعرا ھڻڻ مان ظاھر آھي ته سنڌي قوم سنڌ جي آزادي سان محبت ڪري ٿي ، جڏھن ته بزدل وڏيرا ۽ ويڪائون بيضمير جاگيردار طبقو سنڌ جي قومي آزادي ۾ رڪاوٽ بڻيل آھن.

جڏھن ته اسان جي اھا  به خواھش آھي ته ايم ڪيو ايم پنھنجي سياست مان نسلي نفسيات ۽ مڊل ڪلاس واري موقعي پرستي وارو تاثر ختم ڪري صاف سٿري سنڌ دوست سياست ڏانھن موٽي اچي. انقلاب جي دعويداريءَ جي باوجود اسان جيڪڏھن 5 ھزار سالن جي تاريخ جي مالڪ ۽ وارث مھذب سنڌي قوم کي بچائي ۽ آزادي ڏياري نه سگھياسين ته پوءِ اسان تاريخ جا سڀ کان وڏا گنھگار ۽ معياري ٿينداسين. آئون سنڌ جي سمورن سياسي ۽ قومي ڪارڪنن ۽ باشعور فردن کي دعوت ٿو ڏيان ته اچو ته سڀئي گڏجي سنڌ جي قومي آزاديءَ جي لاءِ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي انقلابي سٿ کي وڌيڪ سگھارو ۽ منظم ڪندي فڪرِ جي ايم سيد جي ”صراط مستقيم “ تي ھلندي مادرِ وطن سنڌو ديش جي آزادي ۽ مسڪين ماڻھن جي طبقاتي ذلت ۽ غلامي کان ڇوٽڪاري جو ڪارڻ بڻجون. ڇو ته ڳالھ بنھه سادي ۽ سولي آھي ته انقلاب حڪمت عملي ۽ انقلابي عمل کان سواءِ قومي ۽ طبقاتي آزادي ملي اھو ممڪن نه آھي! ان ڪري منھنجي خاص ڪري سنڌ جي ڪميونسٽ سياسي ورڪرن کي صلاح آھي ته جيسيتائين توھان طبقاتي جدوجھد کي قومي آزاديءَ جي انقلاب سان مشروط نه ڪندا ان وقت تائين توھانجي سياسي جدوجھد بي ثمر ۽ بي نتيجا ثابٿ ٿيندي ۽ توھان جي جاکوڙ سياسي رڃ ۾ ڀٽڪندي رھندي.

جسمم ترجمان کاھوڙي 2012