Sunday 4 September 2011

سنڌ جي غلاميءَ جو حل منظم ھٿيار بند جدوجھد ۾ ئي آھي! حاجي الله جڙيو

سنڌ جي غلاميءَ جو حل منظم ھٿيار بند جدوجھد ۾ ئي آھي!
حاجي الله جڙيو


سامراجي قوم جڏھن ڪنھن غلام قوم جو استعمال ڪندي آھي ته ھڪ اھڙو مخصوص علم يا مذھبي علم مرتب ڪندي آھي جنھن جي ذريعي ھڪ طرف غلام قوم جي ڦرلٽ جاري رکندي آھي ته ٻئي طرف ان جي ھزارين سالن جي تھذيب ، ثقافت ، ٻولي ۽ تاريخ کي مسخ ڪري ڇڏيندي آھي.پوءِ غلام قوم ائين محسوس ڪندي آھي ته ڄڻ انھڻ جي ڪا شاندار تھذيب ، ثقافت ، ٻولي ۽ تاريخ رھي ئي نه آھي. منھجھن بھادري ۽ ارڏائپ جي بجاءِ نماڻائي ۽ عاجزي جو ڪلچر ڪجھ سوايو پيدا ٿيندو آھي، لاشعوري طور سامراجي قوم کي پنھنجو محسن ۽سڄڻ سمجھي ان سان گڏ ھجڻ جي ۽ ان کي پاڻ سان گڏ ھڪ ٿالھي ۾ کارائڻ جي خواھش رکندي آھي،نتيجي ۾ انھن کي سامراج طرفان ڦرلٽ ۽ استحصال جو طويل سلسلو سمجھ ۾ نه ايندو آھي. ڦر لٽ جي ان سلسلي کي سموري قوم ته پوءِ آھستي آھستي محسوس ڪندي ويندي آھي پر غلام قوم جا باشعور فرد ان ڦرلٽ ۽ استحصال جي سلسلي جي سمورين ڪڙين کان بروقت با خبر ھوندا آھن ۽ ھو ان ڦرلٽ ۽ استحصال جي سلسلي جي سمورين ڪڙين کان بروقت با خبر ھوندا آھن ۽ ھو ان ڦرلٽ ۽ استحصال کي روڪڻ لاءِ پاڻ کي ذميوار سمجھندا آھن .پوءِ ھو تاريخ جي ورقن ۾ دفن ٿيل انقلابي دورن ، انقلابي ۽ جنگجو ڪردارن جو روپ وٺي مزاحمتي جنگ جوٽيندا آھن ۽پنھنجي قوم کي آزادي ڏياري ، مھذب ۽ ڪامل بڻائي ، دنيا کي مھذب کان مھذب بنائڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.
دنيا ۾ غلام قومن جا آزادي ماڻڻ لاءِ ويڙھ جا مختلف طريقا رھيا آھن جن منجھان ھٿياربند جدوجھد جو طريقو نھايت اثرائتو رھيو آھي جنھن لاءِ لطيف چيو آھي ته :
سورھيه مرين سوڀ کي ، ته دل جا وھم وسار،
ھڻ ڀالا ، وڙھ ڀاڪرين ، آڏي ڍال م ڍار
مٿان تيغ ترار ، مار ته متاريو ٿئين .
(شاھ)
ڇو ته سامراج ۽ ظالم قوم ڦرلٽ ۽ استحصال ڪرڻ لاءِ صرف ۽ صرف تشدد کان پر تشدد واقعن جو سلسلو دھرائيندي رھندي آھي . موٽ ۾ غلام قوم کي به ھٿياربند جدوجھد جو ئي دڳ وٺڻو پوندو،جنھن سان ئي ان کي آزادي نصيب ٿيندي. پر جيڪڏھن غلام قوم سامراج جي تشدد کي تشدد سان منھن ڏيڻ جي بجاءِ سائين ميان، صبر و تحمل ۽ امن واري سياست جو طريقو اپنايو ته ظالم قوم جا ارادا ٽٽڻ جي بجاءِ مضبوط ٿي ويندا آھن. جيئي سنڌ متحدا محاذ به پنجاب سامراج طرفان سنڌي قوم سان  65 سالن جي تشدد ، ڦرلٽ ۽ استحصال جو نتيجو آھي.جنھن پڻ ھٿيار بند جدوجھد جو دڳ ورتو آھي ھن پارٽي وٽ فڪر ۽ عمل جي ھڪجھڙائي آھي. جسمم جيڪا سنڌ جي ھزارين سالن جي دورن ۽ جنگجو ڪردارن جو روپ وٺي ظاھر ٿي آھي جنھن کي جڙي 10 سال مَسَ  ٿيا آھن. ايتري عرصي ۾ رياست طرفان جيترو ھن پارٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي ظلم ، تشدد، ٽارچر ، اغوا ڪري گم ۽ شھيد ڪيو ويو آھي مان نه ٿو سمجھان ته شايد ڪنھن ٻي پارٽي تي ايترو آپريشن ڪيو ويو ھجي.پر ھن پارٽي جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ اھو ڀلي ڀت سمجھن ٿا ته سختين ۽ سھادتن کانسواءِ آزادي نه ملندي آھي تنھن جي ڪري ھو پوئتي ھٽڻ وارا نه آھن.
جئان وھي تئان واٽ ، ڪَپَر پُڇن ڪوڙيون،
جن کي سِڪ ساھڙ جي ، سي گھيڙ نه پُڇن گھاٽ،
جن کي عشق جي اُساٽ ، سي واھڙ ڀانئين وکڙي.
جسمم جي اڳواڻن جي شھادتن ۽ ارادن جي ڳالھ ڪبي ته يقين ٿي ويندو ته اسان آزادي ھر حالت ۾ ماڻينداسين. شھيد اعجازسولنگي کي قتل ڪيو پئي ويو ته ان جي چپن تي اھي لفظ ھئا ته : ” منھنجي سنڌ جي پارت اٿئو.“ شھيد ذوالفقار ڪولاچي،شھيد روپلو چولياڻي ۽ شھيد سرائي قربان کھاوڙ جڏھن آريسر صاحب کي ڇڏي جسمم ۾ شموليت پئي ڪئي ته انھن پريس ڪانفرنس ۾ اھو چيو ھو ته: ” اسان پنھنجا ھي سر ڌرتي جي آزادي جي جدوجھد جي راھ ۾ پيش ڪيو ٿا.“ ۽ بلڪل ٿيو به ائين. شھيد سرائي قربان کھاوڙ جا ذوالفقار ڪولاچي جي ٽيجھي ته اھي لفظ ھئا ته : ” مون کي دعا ڪريو ته مون کي به ذوالفقار ڪولاچي جھڙو عزت جو موت نصيب ٿئي.“۽ سچ پچ ان کي عزت جھڙو موت نصيب ٿيو. اھو اھي پنھنجي پارٽي ۽ ڌرتي سان سچائي ۽ محبت جو ثبوت . اسان کي پڪ آھي ته شھيدن جا ھي لفظ تاريخ جي ورقن ۾ سونھري لفظن سان لکيا ويندا. اسان کي پورو پورو يقين آھي ته ھنن جھونجھار جا اھي لفظ تاريخ ۾ آزادي کان پوءِ دنيا جي ٻين غلام قومن جي آزادي جي جدوجھد ۾ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ سونھان ثابت ٿيندا.شھادتون انھن کي نصيب ٿينديون آھن جيڪي سِرن سان ڪفن ٻڌي حقيقي ۽ انقلابي جدوجھد ڪندا آھن نه ڪي انھن کي نصيب ٿينديون آھن جي سڌڙيا ھوندا آھن.
اسان کي انھن دوستن تي عجب ٿو لڳي جيڪي ھڪ پاسي پنھنجي تقريرن ۾ باربار اھو چون ٿا ته سنڌ ۾ ھٿ وٺي بلوچستان جھڙي صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي . بلوچستان جتي اتان جا نوجوان پنھنجي ديس جي آزادي جي لاءِ وڙھندي جانين جا نظرانا ڏئي رھيا آھن. اتي ھڪ گريجوئيٽ ڇوڪري ” سحرش بلوچ“ کان بي بي سي جو نمائندو اعجاز مھر سوال ٿو ڪري ته توھان بلوچستان پئڪيج کي ڪيئن ٿا ڏسو ؟  ته ڇوڪري جواب ۾ چيو ته اسان کي اھا ويھن ھزارن جي نوڪري نه کپي ، اسان کي صرف پنھنجي ڌرتي کپي،جنھن لاءِ ڪيتريون به قربانيون ڏيڻيون پيون ته اسان ڏينداسين.اھي آھن بلوچن جا مضبوط ارادا،پر جڏھن بلوچن جيان سنڌ جا قومي ڪارڪن آدم شماري جي عام مھم ۾ وڌي چڙھي پيش ٿيڻ بجاءِ، آزادي لاءِ سرن جو قربانيون ڏين ٿا ته ان کي غلط چيو وڃي ٿو. ڇو ته جڏھن قومي آزادي جي ويڙھ حقيقي انقلابي جدوجھد جو روپ وٺندي آھي ته غير انقلابي اڳواڻ جا بت ڊھڻ شروع ٿيندا آھن. ٻئي پاسي اھي دوست ھميشه جسمم ۽ ان جي پاليسين تي تنقيد ڪندا رھيا پر جڏھن جسمم جا اڳواڻ شھيد ٿين ٿا ته اھي شھيدن جي وارثي جي دعوا ڪن ٿا. اھا جسمم ۽ ان جي اڳوان جي سياسي ۽ اخلاقي فتح آھي. ان مان صاف ظاھر آھي ته شھيدن جي ڇڏيل ڪم تي ھلڻ جي بجاءِ صرف شھيدن جي مالڪي جي دعوا ڪندڙ دوست رد انقلابي آھن جن جي سياست آزادي جي راھ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آھي.
پاڪستان ۾ فاشست تنظيم ISI جيڪا سڄي دنيا ۾ دھشت گردي ڪندي رھي آھي. جيڪا روس کي ٽوڙڻ ، اسپين ۾ بم ڌماڪا ، برطانيه ۾ بم ڌماڪا، عراق ۾ آمريڪا جي اچڻ کان پوءِ بم ڌماڪا ۽ بمبئي ۾ بم ڌماڪا ڪري لکين ماڻھو مارڻ جي ذميوار آھي ، مڊل ايسٽ عرب ملڪن ۾ جمھوري ۽ مظلوم ماڻھن کي ڪچلڻ ۽ اتان جي جابر ۽ ظالم بادشاھن جي پُٺ ڀرائي به آءِ ايس آءِ جو ڪم آھي. روس جي ٽٽڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين پاڪستان ۽ افغانستان ۾ مذھبي انتھاپسند تنظيمن جي پرورش به آءِ ايس آءِ ڪري رھي آھي. جنھڻ جي ڪري ھاڻي آمريڪا ۽ پاڪستان جو لَٽِ  ۽ ڄَٽ وارو واسطو بدلجي سڌي دشمني جي صورت ۾ تبديل ٿي رھيو آھي ، ڇو ته آمريڪا رميڊ ڊيوس جي مسئلي کان پوءِ اھو سمجھي چڪي آھي ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ مذھبي انتھاپسند تنظيمن القائدا ۽ طالبان کي آءِ ايس آءِ ئي ھٿي وٺرائي رھي آھي . اھا ڳالھ تڏھن چٽي ٿي پئي جڏھن آمريڪا پاڪستان جي ڪنھن سياسي ماڻھو جي بجاءِ آءِ ايس آءِ جي سربراھ شجاع احمد پاشا کي پاڻ وٽ گھرائي دَٻَ ڏني ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ القائدا ۽ طالبان سپورٽ بند ڪيو نه ته ٻي صورت ۾ اسان پاڪستان کان ھر قسم جو واسطو ختم ڪنداسين. موٽ ۾ شجاع احمد پاشا آمريڪا آڏو ٻه شرط رکيا ، جن مان ھڪ ھي ھو ته پاڪستان ۾ موجود ( سي آءِ اي CIA ) جي اھلڪارن کي ڪڍيو وڃي ۽ اھو ٻڌايو وڃي ته پاڪستان ۾ انھن جو تعداد ڪيترو آھي. ( جنھن تعداد جي ڄاڻ ISI کي نه ھئي)
ٻيو شرط اھو ھو ته ڊرون حملا بند ڪيا وڃن، جي نه ٿا بند ڪيا وڃن ته اسان کي ٽائيم ۽ جڳھ کان واقف ڪيو وڃي. انھن شرطن مان آمريڪا ھڪ شرط کي مڃي پاڪستان مان 150 سي آءِ اي جا اھلڪار گھرائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ان کان علاوه تازو برطانيه جي اخبار دَ گارڊين The Guardian شايع ڪيو آھي ته آمريڪا آءِ ايس آءِ کي دنيا جي 36 دھشتگرد ۽ مذھبي انتھاپسند تنظيم جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آھي . ڇو ته آمريڪا اھڙا ثبوت 2002ع ۾ گوانٽانامو بي جيل مان دھشت گرد ۽ مذھبي انتھا پسند تنظيم جي ڪارڪنن کان جاچ پڙتال Interrogation ذريعي معلوم ڪيا ھئا. ان لاءِ آمريڪا ۽ ان جا ساٿاري ملڪ اھو سمجھي چڪا آھن ته دنيا ۾ جيڪا به جتي به دھشتگردي ٿي رھي آھي ان ۾ پاڪستان ۽ ان جي تنظيم آءِ ايس آءِ ملوث آھي ۽ آمريڪا اھو پڻ سمجھي رھي آھي ته پاڪستان سالن کان سنڌي ۽ بلوچ قومن ته ظلم ، ڏاڍ ، جبر ، ٽارچر ، ڦرلٽ ۽ استحصال ڪري انھن جي پئسي تي مچي مواڙ ٿيو آھي. جيسيتائين اھي قومون آزاد نه ٿيون ٿين ۽ پاڪستان نه ٿو ٽٽي تيسيتائين دنيا ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگھي.اھا ڳالھ پاڪستان به ڀلي ڀت سمجھي ٿو ته ٻاھريون ماحول اسان لاءِ سازگار ناھي تڏھن ئي پاڪستان جي چيف آف آرمي اسٽاف تازي ڪنھن تقرير ۾ اھو چيو ته ” پاڪستان جي داخلي ۽ خارجي حالتن تي اسان جي ڪَڙِي نظر آھي.“ ھي جيڪو سنڌي ۽ بلوچ قومن تي آپريشن ڪيو پيو وڃي ۽ تازو جيڪو شھيد اعجاز سولنگي ، شھيد ذوالفقار ڪولاچي،شھيد سرائي قربان کھاوڙ ، شھيد روپلو چولياڻي ۽ شھيد نادر بگٽي کي گوليون ھڻي ساڙي ماريو ويو آھي اھو ان ڳالھ جو نتيجو آھي ته پاڪستان اھو سمجھي ٿو ته اسان تي ھاڻي ڪھڙي ٽائيم تي به ٻاھريان خطرا پئجي سگھن ٿا . ان لاءِ پاڪستان ۾ اندر موجود بلوچ ۽ سنڌي جي قومي تحريڪن جي سنجيده پارٽين ۽ ڪارڪنن کي ماري ختم ڪري ڇڏجي ته جيئن پاڪستان کي بچايو سگھون. ھاڻي جڏھن پاڪستان کي دنيا ختم ڪرڻ لاءِ تيار آھي ، تڏھن اسان کي به سائين ميان واري سياست جي بجاءِ ان ھٿياربند جدوجھد جو پاسو وٺڻو پوندو ۽ ان کي مضبوط ۽ سنجيده ڪرڻو پوندو جيڪا شروع ٿي چڪي آھي. ان جدوجھد ۾ سور، سختيون ، ٽارچر سيل ۽ شھادتون ته آھن پر انھن ئي تڪليفن جي پويان آزادي مسڪرائيدي نظر ايندي آھي.

کاھوڙي جيئي سنڌ متحدا محاذ جو ترجمان
پيج نمبر : 47 کان 48 تائين

No comments:

Post a Comment