Wednesday 27 July 2011

روس Russian Revolution of 1905 to 1917

روس
Russian Revolution of 1905 to 1917

روس ۾ بالشويڪ انقلاب کان اڳ ۾ ، وڏي پيماني تي خودرو تحريڪون شروع ٿينديون رھيون ۽ وقت به وقت مشتعل شاگردن ، غير مطئمن مزورن ۽ مظلوم ھارين بغاوتون ڪري ، يونيورسٽين ، ڪارخانن ، زمينن ۽ جاگيرن تي قبضا ڪيا،اميرن،جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي حويلين کي باھيون ڏنيون ۽ ٿاڻن تي حملا ڪيا ويا. پوري ملڪي انتظام کي دھرم برھم ڪري ڇڏيو. انھن ھڙتالن ، مظاھرن ۽ احتجاجن ۾ ھزارين ماڻھو راز شاھي فوج ، پوليس ۽ جاگيردارن جي پالتو ڪتن ھٿان ماريا ويا.

سن 1901ع جي بغاوت ۾ ھزارين ھاري، مزدور ، شاگرد ۽ ٻيا ماڻھو پوليس ۽ فوج جي فائرنگ ۽ لاٺي چارج سان ماريا ويا.

انھئَ بغاوت ڪري پوري روس جي ھر شھر ۽ علائقي ۾ انقلاب لاءِ ميدان ھموار ٿيڻ لڳو. انھئَ عمل پوري ملڪ کي پنھنجي لپيٽ ۾ ورتو. جنھن جو نتيجو سن 1905ع وارين بغاوتن جي صورت ۾ نڪتو. سن 1905ع ۾ سينٽ پيٽرزبرگ ۾ پوليس فائرنگ سان سوين پورھيت ماريا ويا. جنھن جي بنياد تي روس ۾ بورجوا جمھوري انقلاب جي ابتدا ٿي ـ ساڳي وقت ماسڪو ۽ ٻين شھرن ۾ پورھيتن جون بغاوتون ٿيون جنھن ۾ ھزارين جانيون ضايع ٿي ويون.

انھئَ حادثي ، ھارين، پورھيتن ، شاگردن ۽ پوليس وارن کي راز شاھي خلاف ڪري ڇڏيو. اھري ريت سن 1905ع وارو انقلاب آيو. انھئَ انقلاب ۽ ان کان اڳ وارين حالتن تي تبصرو ڪندي ، لينن لکيو آھي ته سن 1901ع کان سن 1905ع تائين واريون بغاوتون روس ۾ غير معمولي تبديلئَ جا اھڃاڻ ھيون، جن سن 1905ع واري انقلاب کي جنم ڏنو ۽ اھو انقلاب عظيم آڪٽوبر انقلاب جي تياري ھئي.

لينن سن 1917ع جي انقلاب کان اڳ وارين بغاوتن جي مذمت ڪرڻ ، انھن کي خودڪشي سڏڻ ۽ موت کي دعوت ڏيڻ نه ڪوٺيو. پر عوام جي انھن شاندار ڪوششن کي عوام جون بي مثال قربانيون سڏيو ۽ ٻڌايو ته اھي سماج ۾ بي چيني جون وقتي ، فطري ، اڻ ٽر لھرون روسي معاشري کي انقلاب جي چائنٽ تي پھچائڻ جون ذميدار ھيون. نه صرف سن 1905ع واري انقلاب ۽ ان کان اڳ وارين ڪاررواين پر سن 1905ع کان سن 1917ع تائين روسي عوام جي جدوجھد ۽ جاکوڙ جنھن جي قيادت بالشُويڪ پارٽي نه پئي ڪئي ، تنھن جي به لينن ساراھ ڪئي آھي ـ

Tuesday 19 July 2011

اسان تي الزام ـ جادم سنڌو

سنڌ جي سياسي سوچ ۾ سنڌ جي اندر رهندڙ مختلف نسلن،ٻولين،گروهن جي باري ۾ ڪجھ تضاد رهيا آهن.هڪ سياسي سوچ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد ۽ سندس فڪر سان لاڳاپيل جيئي سنڌ جي مختلف گروپن جي رهي آهي جنهن سياسي سوچ جو اهو موقف آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ هندوستان منجهان لڏي آيل اردو ڳالهائيندڙ آبادي سنڌ ۽ سنڌي قوم جو هڪ حصو آهن ۽ انهن کان سواء ٻين صوبن توڙي نسلن جا ماڻهو پنجابي پٺاڻ افغاني ڌاريا آهن جن کي سنڌ نيڪالي ڏني وڃي. ٻي سياسي سوچ انهن ماڻهن تي مشتمل آهي جيڪي سياسي طور اسلام آباد ،راولپنڊي ۽ لاهور جي ويجهو رهن ٿا جن ۾ پيپلز پارٽي،عوامي تحريڪ ۽ ترقي پسند پارٽي به شامل آهي سندن سياسي سوچ اها رهي آهي ته اردو آباديء سان گڏ پنجابي پٺاڻن کي به سنڌ ۾ رهڻ جو حق آهي ۽ اردو آبادي به پنجابي پٺاڻن وانگر سنڌ ۾ ڌاري آهي.جيسيتائين تعلق پيپلز پارٽيء جو آهي ته سنڌ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏيڻ توڙي اردوء کي پاڪستان جي رياستي توڙي قومي ٻولي مقرر ڪرڻ ۾ پيپلز پارٽيء جو ئي هٿ آهي.موجوده صورتحال ۾ جڏهن سنڌ جي جاگرفيائي،سياسي،سماجي،قومي توڙي معاشي حد بندين ۾ سنڌي پنهنجي ڌرتيء جا وارث به نه رهيا آهن ۽ سنڌ جي سياسي،قومي توڙي معاشي استحصال ۾ ڀاڱي ڀائيواريء تي پنجابي پٺاڻ ۽ اردو آبادي هڪٻئي سان وڙهي رهي آهي انهيء صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوء اهو طئه ڪرڻ گهرجي ته اسان کي ڪهڙي ڌر جو ساٿ ڏيڻ گهرجي؟پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ سنڌ ۾ 100 سيڪڙو سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي پر پاڪستان جي ٺهڻ کان پوء سنڌي ماڻهو هڪ ڌڪ ۾ 73 سيڪڙو تي پهچي ويا ۽ سنڌ ۾ 27 سيڪڙو اردو آبادي شامل ٿي وئي.سنڌ جي سياسي قيادت تي غير سنڌين جي قبضي جي نتيجي توڙي ڪجھ نام نهاد سنڌي وڏيرن جي اقتدار پرستيء جي نتيجي ۾ سنڌ جا شهر سنڌ ماڻهن کان خالي ڪرائي اردو آباديء جي حوالي ڪيا ويا ۽ اردو آباديء کي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪري سنڌ جي سياسي،سماجي،قومي توڙي معاشي ڦرلٽ شروع ڪئي وئي.سياسي ۽ رياستي بحرانن پاڪستاني رياست کي ٻن حصن ۾ ورهائي پاڪستاني رياست جا اخلاقي بنياد ختم ڪري ڇڏيا جنهن جي موٽ ۾ پنجابي سامراج بنگالين ۽ بلوچن جو قتل عام شروع ڪيو ۽ سنڌ کي ڀٽي صاحب جي ڏنل 1973 جي آئين هيٺ هڪ ڪالوني بڻائي ڇڏيو.ٻوليء جي فسادن،جماعت اسلاميء جي مذهبي جنون مان جند آجي ڪري سنڌ جي اردو آبادي هڪ وچولي طبقي تي ٻڌل تنظيم ايم ڪيو ايم جوڙي پر بدقسمتيء سان ايم ڪيو ايم نسل پرستيء جي چنبي ۾ ڦاٿل رهي ۽ پنهنجو پاڻ کي هڪ الڳ قوم تقور ڪرڻ لڳي.پنجاب سامراج جي سازش هيٺ 1988 ۾ سنڌي مهاجر فساد ڪرائي سنڌين ۽ اردو آباديء کي ويڙهايو ويو.وقت ۽ حالتن جي وهڪري ۾ توڙي بنيادي سياسي سائنسي علم جي نتيجي ۾ هڪ حقيقت وائکي ٿي سنڌين ۽ اردو آباديء تي پڌري ٿي وئي ته هڪ ئي ڌرتيء تي رهندي ٻئي ڌريون جهيڙينديون ته ٻنهي جو نقصان ٿيندو ۽ ٽئين ڌر فائدو ُڍي ويندي ۽ آخر ۾ نتيجو اهوئي نڪتو جو سنڌ جي شهرن جي مالڪيء تان سنڌي قوم اردو آباديء سان ڪنهن معاهدي تي ته پهچي نه سگهي باقي پٺاڻ سامراجي قوتون پاڪستان جي سرهدي صوبي،اترين علائقن توڙي افعانستان مان لڏي سنڌ جي شهرن ۾ حاوي ٿي ويا جن وٽ منسيات جو پئسو،ٽرانسپورٽ جو نيٽ ورڪ،جهادي قوتن جو ساٿ،ايجنسين جي پٺڀرائي توڙي اي اين پيء جي سياسي تنظيم ڪاري شامل آهي.جيئي سنڌ جي مختلف گروهن تي ۽ خاص طور تي جيئي سنڌ متحده مهاذ تي سدائين اهو الزام لڳندو رهيو آهي ته جسمم ايم ڪيو ايم جي حمايت ڪري ٿي.ايم ڪيو ايم سان لکين اختلاف رکجن پر موجوده صورتحال جو جائزو وٺي پهريان اهو طئه ڪرڻ گهرجي ته ڪراچيء ۾ ايم ڪيو ايم جو جهيڙو ڪهڙي ڌر سان آهي؟آخر ڪهڙيون ڌريون ڪراچيء جي مالڪيء تي هڪٻئي جي خلاف مورچا بند آهن؟ڇا اهو جهيڙو پيپلز پارٽيء جي اندر موجود سنڌي وڏيرن ۽ ايم ڪيو ايم ۾ آهي؟ڇا اهو جهيڙو سنڌي قومپرستن ۽ ايم ڪيو ايم جي وڄ ۾ آهي؟ڇا اهو جهيڙو رياستي ادارن ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ آهي؟ڇا اهو جهيڙو پٺاڻن ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ آهي؟

جڏهن اسان کي انهن سوالن جو جواب ملندو ته اهو جهيڙو حقيقت ۾ پٺاڻن ۽ پٺاڻن جي پٺڀرائي ڪندڙ رياستي ادارن ۽ ايم ڪيو ايم جي وڄ ۾ آهي ته پوء اهو طئه ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿيندي ته اسان کي ڪهڙي ڌر جو ساٿ ڏيڻ گهرجي؟

ڊاڪٽر جادم سنڌو

Monday 18 July 2011

ڊاڪٽر جادم سنڌو

سنڌ پنهنجي زرعي ۽ معاشي خوشحالي۶ جي ڪري سدائين ڌاري آبادڪاري۶ ۽ ٻاهرين حملي آورن جي نشاني تي رهي آهي. سنڌي دنيا جي هڪ مخلف ۽ منفرد قوم رهيا آهن جيڪي سنڌ جي عالمي امن جي پيغام تي عمل ڪندي ڪڏهن به ڪنهن ٻي قوم يا ٻين جي ڌرتي۶ تي حملو نه ڪيو آهي پر سنڌين سدائين سنڌ جي قومي وجود جي ويڙھ وڙهي آهي،آريا،رومي،عرب،ايراني،افغاني،ارغون،ترخان،تاتاري ۽ انگريز سنڌ جي مٿان حملا ڪندا رهيا ۽ سنڌ جي مال ملڪيت ڦري لٽي واپس ويا.سنڌ جا حلالي پٽ مهاراجا ڏاهر،شاه عنايت شهيد،مخدوم بلاول،دودو سومرو،هوشو شهيد،هيمون ڪالاڻي،روپلو ڪولهي،شهيد صبغت الله ۽ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي روپ ۾ سنڌ جي قومي وجود جي بقا جي ويڙھ وڙهندا رهيا آهنپاڪستان جي ناپاڪ وجود جي نالي تي قائم ٿيل پنجاب سامراج جي غلامي سنڌ جي تاريخ جي هڪ بدترين دور تي مشتمل آهي،پهرين جا حملي آور سنڌ جي مال ملڪيت جي ڦرلٽ ڪرڻ کانپو۶ اندروني ويڙھ جي نتيجي ۾ سنڌ ڇڏي ويا پر پنجابي سامراج سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي قومي وجود کي نقصان پهچائڻ لا۶ سنڌ کي هڪ عالمي يتيم خانو بڻائي هندستان،بنگال،برما،ايران،افغانستان جي لوڌيلن کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌ جي قومي وجود کي هميشه جي لا۶ ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي،ان سازش ۾ پاڻ کي سنڌي سڏائيندڙ اقتدار جا بکيا وفاق پرست غدار به شامل رهيا آهن،جن ڪڏهن ون يونٽ جي حمايت ڪئي ڪڏهن نام نهاد آئين ۽ ترميمن جي نالي تي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي وجود کان انڪار ڪري سنڌ جون زميون، ملڪيتون،ڪارخانا،ڪاروبار ڌارين جي حوالي ڪيا وياسنڌ ۾ نه صرف وفاق پرست پر ڪجھ نام نهاد قومپرست پنهنجي زبان تي ته سنڌ جو نالو آڻن ٿا پر انهن جي دل ۽ دماغ ۾ پنجابي سامراج جي حمايت رهي آهي،اهي سدائين پاڪستان جي حمايت ڪندا رهيا آهن ۽ سنڌي ماڻهن کي انگن اخرن جي هيراڦيري۶ ۾ ڦاسائي صرف اشوز جي سياست ڪري مجموئي سوچ جي جڙڻ ۾ رڪاوٽ رهيا آهن.خود جيئي سنڌ جي نالي ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو ذاتي اخلافن ۽ جدوجهد جي طريقن جي اختلافن کي بنياد بڻائي سنڌي ماڻهن ۾ اندروني انتشار جو سبب بڻيا آهنتاريخ سنڌين جي مٿان قومي وجود جي ويڙھ لاڳ ڪري ڇڏي آهي،اسان وٽ صرف ٻه رستا آهن،هڪ ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ،زمينن،ڪاخانن،شهرن ۽ تعليمي ادارن تي ڌارين جي قبضي کي چپ چاپ ڪري قبول ڪريون ۽ ريڊ انڊين وانگر پنهنجي قومي وجود کي ختم ڪريون،ٻيو هڪ غيرتمند قوم وانگر پنهنجي قومي بچا۶ جي ويڙھ وڙهون پو۶ ڀلي ان ويڙھ ۾ مارجي به وڃون تڏهن به هڪ غيرتمند قوم وانگر تاريخ جي پنن تي ته رهنداسين پنجاب سامراج جي قبضي کان اڳ اسين سنڌي سنڌ ۾ هڪ سئو سيڪڙو هياسين پر سامراجي چالن ۽ وقتي اقتدار جي بکين جي دلالي۶ جي نتيجي ۾ اڄ اسي ٻاونجاه سيڪڙو تي پهتا آهيون،جيڪڏهن اسين هاڻي به قومي وجود جي بچا۶ جي ويڙھ نه وڙهياسين ته اهو سيڪڙو ڪڏهن به پنجاه کان گهٽجي سگهي ٿو پو۶ ته سنڌ جي مٿان اسانجي وارثي۶ جي دعوا به نه رهنديائين ڪونهي ته سنڌ جي سياست ڪندڙ تنظيمون ۽ اڳواڻ سنڌ جي آزادي۶ لا۶ ڪا سوچ نه ٿا رکن پر منهنجي خيال ۾ انهنجي اڪثريت صرف ان انتظار ۾ آهي ته ٻيو ڪوئي منگل پانڊي بڻجي گوليون هلائي يا ٻيو ڪوئي ڀڳت سنگھ بڻجي ڦاهي۶ تي چڙهي ۽ انجي رت کي ڏسي جڏهن سنڌي ۾اڻهون گڏجي اٿي پون،پنجاب سامراج مجبور ٿي سنڌ تان قبضو ختم ڪري ته هو پاڻ نهرو ٿي بس تقريرون ڪن ۽ حڪومت وٺن ـ

ڊاڪٽر جادم سنڌو
جيئي سنڌ متحدا محاذ

Sunday 17 July 2011

ڪتاب جي ايم سيد :: ليکڪ عبدالواحد آريسر


ڪتاب جي ايم سيد
ليکڪ عبدالواحد آريسر

يوناني ديو مالائي ڪھاڻي جو ھڪ ڪردار پروميٿيس ""Prometheus آھي جنھن جي متعلق مشھور آھي ته ھن اولمپس جبل تان باھ چورائي انسانن کي ان جو استعمال جو راز سيکاريو.
انھئَ گناھ جي پاداش ۾ ھن کي ھڪ ڇپ سان ٻڌو ويو، جتي سڄو ڏينھن بکايل ڳجھون سندس گوشت پٽي کائينديون رھنديون ھيون. شام جو وري ديوتا سندس جسم کي تندرست ڪري ڇڏيندا ھئا، ان کان پوءِ کيس چيو ويندو ھو ته تون پنھنجي عقل ۽ شعور تان دستبردار ٿي، زيوس ديوتا جو فرمانبردار پُٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪر ، تون ديوتائن جو نافرمان پُٽ بڻجي پليت ٿي ويو آھين ۽ جيسيتائين فرمانبرداري ذريعي پاڪ نه ٿيندين، تيسين انھئَ عذاب ۾ مبتلا رھندين . پروميٿيس جو ھر ڀيري اھو جواب ھوندو ته:
پليت اھو ناھي جيڪو روايتي ديوتائن کي ٺڪرائي ٿو، پليت اھو آھي ، جيڪو ديوتائن جي باري ۾ روايتي عقيدن کي تسليم ڪري ٿو، پنھن جي آقائن کي وڃي چيو ته: آءُ ڪنھن ديوتا کان رحم ڪونه پندس. آءُ پنھن جي قابل رشڪ زندگئَ کي توھان جي ذلت آميز غلامئَ سان نه بدلائيندس ، مون کي اھو پسند آھي ته آءُ زنجيرن ۾ جڪڙيو رھان ، پر مون کي اھو ھرگز پسند ناھي ته آءُ زيوس ديوتا جو فرمانبردار پٽ بنجي وڃان.
پروميٿيس عالمي ادب ۽ حوصلي ، ھمت ۽ بغاوت جي علامت طور استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ سندس باغيانه باھمت ڪردار کي دنيا جي ھر اديب ۽ مفڪر خراج عقيدت پيش ڪيو آھي ۽ ھو جڳ مشھور ڪميونسٽ مفڪر ڪارل مارڪس جو پڻ ھيرو آھي.
جي ايم سيد کي جيڪو ماحول مليو ۽ ان ماحول ۾ ھن پنھن جي نظرياتي سان وفادارئَ جو عظيم مظاھرو ڪيو آھي، اھو سندس ڪردار کي يوناني ديومالا جي باغي ھيري پروميٿيس سان مشابھت ٿو ڏياري ـ پاڪستان ٺھڻ شرط مذھب جي نام نھاد ٺڪيدارن ھن خطي کي به ويھين صدي مان ڌڪي پوئتي تاريخ جو اونداھي دور ۾ داخل ڪري ڇڏيو. جتي سوچن تي پھرا ، عقل تي چوڪيون ۽ زبانن تي تالا ۽ چپن تي مُھرون لڳايون وينديو ھيون ساڳيو حال ھتي به آھي.
ھن ملڪ جي سياست جا مالڪ گندگئَ جي پيدائش ھئا ، تن گندگئَ ۾ رھڻ ٿي چاھيو. ذھني گٽرن جا رھاڪو ھئا ۽ ذھني گٽرن ۾ ئي رھڻ ٿي چاھيائون. فڪري اونداھين جي پئدائش ھئا ، جن روشنئَ کي ڏسڻ ته ٿي چاھيو . ھنن جي خواھش ھئي ته ڪٿان به ڪنھن صفائي ، کليل ھوا ۽ روشنئَ جو ذرو به ھن ملڪ ۾ نه پھچي . اھڙي ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ ھنن اھي طريقا اختيار ڪيا ، جن کي وقت جي رفتار پيرن سان لتاڙي ، گندگئَ جي ڍيرن ۾ دفن ڪري آئي ھئي، جيڪي ھن صديءَ جي انسانن لاءِ باعث شرم ھئا. جن به ماڻھن اھڙي ماحول ۾ رھڻ کان انڪار ڪيو . گندگئَ  کان نفرت جو اظھار ڪيو ، ھن اونداھئَ جو فرزند ٿيڻ کان بغاوت ڪئي ، اھڙن ماڻھن جي سوچن تي پھرا، عقلن تي چوڪيون، زبانن تي تالا ۽ چپن تي خاموشي جون مُھرون ھڻي ڇڏيون . ملڪ جي حالت ايتري قدر گھٽيل ،دونھاٽيل ، بدبودار رجعت پسند ۽ انسانيت جي بي عزتي تي مبني ھئي جو ھتي ڪنھن ماڻھوءَ جو وھابي سڏائڻ ۽ پاڻ کي ديوبند ڏانھن منسوب ڪرڻ به وڏو جرم ڪري ليکيو ويندو ھو ۽ جيڪڏھن ھندستان کان آيل ۽ اسلام جي ٺيڪيدارن کي خبر پوندي ھئي ته سندن مسجد ۾ ڪنھن اھڙي ماڻھو نماز پڙھي ، جيڪو رسول کي انسان ٿو سمجھي ته اھا مسجد ڌوتي ويندي ، ھن ملڪ جي گورنر جنرل کي خدا جو پاڇو ڪري ليکيو ويندو ھو.
اھڙي ماحول کان اسان جي پروميٿيس جي ايم سيد انڪار ڪيو. بغاوت ڪئي ۽ پنھنجي قلم ذريعي ، ھن ملڪ ۾ روشني ۽ روشن خيالئَ جي باھ جي استعمال جو ھنر ماڻھن کي سيکارڻ لڳو. ھن نه صرف اونداھئَ ۾ رھڻ کان انڪار ڪيو ، پراونداھئَ کي ھن ملڪ مان تڙي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو.ھن وقت جي اونداھي پرست حاڪمن کي چئي ڏنو ته اوھان جو وجود ھن روشن ڌرتي اونداھي پاڇي وانگر آھي ، توھان چمڙا آھيو . آءُ ھن روشن ڌرتي جو فرزند آھيان. آءُ انھن فرزندان روشني جي صداءِ بازگشت آھيان. جن اونداھ سان جنگيون جوٽي اونداھ جي پاڇولن کي ھن سرزمين تان ھميشه ختم ڪري ڇڏيو. پنھنجو صدين کان بسيرو گٽر بجاءِ ھالار جي چوٽي تي رھيو آھي. منھن جو مسڪن ، صدين کان ھن ڌرتئَ جا اناج جي خوشبوءَ سان ٽمٽار پرينءَ جي پيشاني جھڙا کيت ۽ عاشق جي دل جھڙا ڪشادا ميدان رھيو آھي. آءُ انھي قافلي جو فرد آھيان، جنھن عرب، ھند، چين ، يورپ ، آمريڪا  ۽ آفريڪا ۾ ھميشه اوندھ خلاف ۽ روشني جي فائدي ۾ گٽرن جي خاتمي ۽ فضائن جي بلندين جي حق ۾ ، گندگي کي مٽائڻ ۽ انساني ذھن کي خوشبوءَ جي زندگئَ سان ڀرڻ لاءِ جنگيون پئي جوٽيون آھن.اوھان انسانيت کي ارنداھي ، جھالت، تعصب ، ڪٽرپڻي ڏانھن واپس وٺي وڃڻ ٿا چاھيو. آءُ انسانن کي علم،روشني ،رواداري ۽ وسيع نظري ڏانھن وٺي وڃڻ ٿو چاھيان.اوھان اونداھي جا عاشق آھيو ته آءُ روشنئَ جو راھي آھيان.
آءُ انڪار ٿو ڪريان ته اوھان جي اونده واري سياست کان آءُ غلط ٿو سمجھان توھان جي گٽر واري زندگئَ کان آءُ بغاوت ٿو ڪريان گندگئَ جي سياست جي باني زيوس ديوتا جي تقدس ۽ احترام کان آءُ آخري وير تائين وڙھندس.آءُ روشني ۽ صداقت جي جنگ جو ھن سر زمين تي ناقابل فراموش نشان ڇڏڻ ٿو چاھيان ـ توھان وٽ ديوتائن جي طاقت آھي ۽ مون وٽ حوصلي جي قوت واھان کي تلوار جي جيت تي ڀروسو آھي ۽ مون کي انساني حوصلي جي ابدي فتح تي ايمان آھي.
اختلاف آھي انھئَ فرضي خدا سان. مون کي نفرت آھي ان جي بنايل يا خرات مليل جنت کان. منھنجي بغاوت آھي انھن روايتي مدي خارج حڪمرانئَ جي اصولن سان ، مون کي ڌڪار آھي ، انھئَ فرمانبردارئَ وارئَ زندگئَ تي . آءُ لعنت ٿو وجھان،غلامئَ ، محڪومي ۽ زيردستئَ واري ذليل زندگئَ تي، مون کي فخر آھي ، انھن زنجيرن تي ، جيڪي مون آزادئَ جي زيور طور پاتيون آھن.مون کي محبت آھي ، پنھنجي عقل ۽ شعور جي روشني ۾ ڪيل فيصلن سان.
سيد کي ھر دفعي گرفتار ڪيو ويو ۽ ھر ڀيري کائنس اھو ساڳيو جواب ٻڌو ويو.
اھڙئَ ريت جي ايم سيد کي پاڪستاني حڪمرانن زيوس ديوتا تي ايمان آڻڻ ۽ غلامئَ جي زندگي قبول ڪرڻ لاءِ،ھن ملڪ جي اونداھئَ جي پرستار حاڪمن اٺ ڀيرا گرفتار ڪيو ۽ انگريزن ۽ سندس ڇاڙتن حڪمرانن پورا پنجاھ ساک سيد جي خط ڪتابت تي چوسڪي رکي.
جڏھن ڪراچي کي سنڌ کان ڪٽڻ جي سازش ٿي ته سيد ھن ملڪ جي فرضي خدا جي ان فيصلي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ سنڌي قوم کي ان سازش کان خبردار ڪرڻ لاءِ ، سنڌ جي دوري تي نڪتو کيس 18 جون سن 1948ع تي گرفتار ڪيو ويو۽ ٽي مھينا بند رکي 18 آگسٽ تي آزاد ڪيو ويو. آزاد ڪرڻ مان مقصد اھو ھون ته شايد ھو جيل ۽ ڪفر جي فتوائن کان ڊڄي ، اسان جي ڪنھن ڪڌي ڪم ۽ وطن دشمن ڪاروائي جي مخالفت نه ڪري، پر جڏھن حڪمراني ٽولي پنھنجي فرضي ديوتائن ۽ آقائن کي وڌيڪ خوش ڪرڻ لاءِ ون_يونٽ جو رسواءِ زمانه منصوبو تيار ڪيو ۽ ان تي عمل ڪرڻ جون تياريون ڏسي ، سيد سنڌي قوم کي سندس وجود خلاف ٿيندڙ سازش کان آگاھ ڪيو ۽ اعلان ڪيوته انھئَ منصوبي خلاف اسان ھر طرح مزاحمت ڪنداسين. سيد جي انھئَ اعلان کان گھٻرائجي حڪومت ون_يونٽ ٺھڻ کان ٻارھن مھينا اڳ 3 نومبر 1954ع ۾ سيد کي قيد ڪري جيل ۾ رکيو . جڏھن ملڪ ۾ ايوب خان مارشل لا لاڳو ڪيو. ان وقت به جي ايم سيد کي 10 آڪٽوبر سن 1957ع ۾ گرفتار ڪري ، ھڪ سال چار مھينا سينٽر جيل ڪراچي جي وارڊ نمبر 14 ۾ رکيو .
( اسان ھن وقت نمبر 13 وارڊ ۾ آھيون. جيڪو سائين جي وقت ۾ زنانو وارڊ ھيو.) ۽ پوءِ صحت جي خرابي  جي بنياد تي گھر ۾ ڇھ سال ٽي مھينا نظربند رکي 12 فيبروري 1966ع تي آزاد ڪيو.نظر بندئَ کان نڪرڻ شرط سائين “ بزم صوفياءِ سنڌ” ٺاھي عوام ۽ قومي شعور پيدا ڪرڻ شروع ڪيو، ته وري کيس 23جون سن 1967ع تي گرفتار ڪري گھر ۾ نظربند ڪيو ويو، اھا نظربندي سال اٺ مھينا ھلي ۽ 23جون سن 1967ع ۾ سنڌي عوام جي زبردست احتجاج جي تحريڪ ڪري کيس آزدي ملي.
جڏھن بنگلاديش ۾ فوجي قدم کنيو ويو، ان وقت فوجي آپريشن ھلندي جي ايم سيد کي 18 مئي سن 1971ع ۾ گھر تي اٺ مھينا نظربند رکي ڊسمبر سن 1971ع ۾ بنگال جي آزادئَ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو.
جڏھن سنڌ ۾ سنڌي زبان خلاف غنده گردئَ جو مظاھرو ٿيو، ان وقت سيد سنڌي عوام کي پنھنجن حقن جي حاصلات لاءِ منظم ۽ متحد ڪرڻ خاطر سنڌ جي دوري تي نڪتو . انھئَ ۾ کيس مسلم ڪاليج اندر بم اڇلائي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ، پر جڏھن سيد قاتلانه حملن جي ڪري به پنھنجو پروگرام منسوخ نه ڪيو ، تڏھن کيس آگسٽ سن 1972ع ۾ گرفتار ڪري گھر ۾ نظربند ڪيائون ۽ پنج مھينا نظربند رکڻ کان پوءِ، کيس جنوري سن 1973ع ۾ آزاد ڪيو ويو. انھئَ آزادي جو عرصو چار مھينا کن ئي مس ھليو وري کيس 6مئي سن 1973ع ۾ گھر اندر نظربند ڪيو ويو، ۽ اھا نظربندي ھنن سٽن جي لکڻ تائين جاري آھي.
اھڙي ريت سيد کي پاڪستان جي تاريخ ۾ اٽڪل طور پندره سال جيل ۾ رکيو ويو آھي . پر ھن جيل کان گھٻرائجي ، ڊڄي يا ھيسجي پنھنجي پروگرام ، اصول ۽ نظرئي تان دستبرداري تي ھڪڙي سيڪنڊ کاءِ به نه سوچيو آھي.

سچ چيو آھي ڪنھن شاعر :
 ھي جو پوڙھو جھور ، وڙھندي ٿيو ويڙھ ۾،
اڃان به ڏمري ڏاڍ تي ، آڻ نه مڃي مور.

ڪتاب جي ايم سيد
ليکڪ عبدالواحد آريسر
پيج نمبر 163کان 169 تائين

سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ ـ رھبرِسنڌ سائين جي ايم سيد

سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ ـ رھبرِسنڌ سائين جي ايم سيد

آزاديءَ جي تمنا

اها سنڌين جي ڪردار جي خاص نشاني آهي، ۽ تاريخ  ان تي شاهد آهي  ته جيڪڏهن ڪنهن وقت ڌارين مٿن زوريءَ يا  اندروني بي اتفاقيءَ ڪري تسلط قائم ڪيو آهي ته به جلد يا بدير، موقعي ملڻ تي هنن غلاميءَ  جو ڳٽ ڳچيءَ مان لاهي پئي ڇڏيو آهي.  ايراني، يوناني، عرب، مغل ۽ انگريز سامراجن وقتي مٿن  قبضو رکيو، پر نيٺ انهن کي ڪڍي، وري سنڌين آزادي حاصل ڪئي آهي
  سنڌيجي ڪلاسيڪل شاعرن هميشه آزاديءَ جا گيت پئي ڳاتا آهن. مارئيءَ جو عمر ڪوٽ جي بند کان آزاديءَ جو ذڪر، دودي سومري جي بهادريءَ جا راتين جون راتيون جي اڳي قصا بيان ڪرڻ، موجوده شاعرن جا سنڌ جي آزاديءَ لاءَ شعر لکڻ، سنڌي  ڪردار ۾ آزاديءَ جي امنگ جي سدا حيات هئڻ جا ڪجھ مثال آهن
هن وقت  جڏهن اسلام، پاڪستان، مسلم قوم، اسلامي نظام حڪومت جي ڌوڪن سان مهاجر پنجابي سامراج، سنڌ کي غلام  بڻائي ان تي پنهنجو تسلط قائم ڪيو آهي، ته سنڌي شاعرن صاف چيو ڇڏين ته


نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي
دوکــي جـــــــي ديـــــوار، وويــــــــار!
ســنــڌڙي کــي سـر ڪير نه ڏيندو
(اياز)    
 
سنڌوديش ننڍو ملڪ
سنڌديش کي غلام رکڻ وارا مهاجر پنجابي سامراججا دلال ۽ ايجنٽ چون ٿا سنڌوديش ننڍو ملڪ آهي، تنهن ڪري آزيدي ممڪن ناهي، انهيءَ سلسلي ۾ پهرين ڳالھ هيءَ آهي، ته سنڌوديش ننڍو ملڪ نه آهي، بلڪه اقوام متحده جي 135 ميمبر ملڪن مان 91 جي، هيٺ نقشي ۾ ڏيکاريل آهن، ڪيترين ڳالهين جهڙوڪ ايراضي، آدمشماري يا پيدائش ۾، وڌيڪ آهي، هن کان گهڻا ملڪ آزاد مملڪيون ٺاهيو، اقوام متحده جا ميمبر بڻيو ويٺا آهن. سنڌوديش جي ا يراضي 56447 چورس ميل آهي. ان جي آدمشماري 1،40،00000 ماڻهن تائين پهچي ويئي آهي. ان مان صوبي خواھ مرڪز کي 500 ڪروڙ روپيا ساليانا ٽيڪس ملن ٿا
  جيڪڏهن ڪويت ۽ قطر جهڙن ملڪن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، اهي سندن گهٽ ايراضي ۽ آدمشماريءَ ۽ انڪم جي باوجود اقوام متحده جا ميمبر بڻجي سگهن ٿا، ته سنڌ ڪهڙو ڏوھ ڪيو، جو مسلم قوم اسلام ۽ پاڪستان جي نالن کي  کيس آزاديءَ کان محروم رکيو وڃي ٿو!
سنڌ پڻ آزاديءَ بعد ترقي ڪري، انڪم وڌائي، انهن جيتري يا انهن کان به وڌيڪ انڪم ڪري سگهي ٿي. سنڌوديش کي ائين ننڍي ملڪ هجڻ جي طعني هڻندڙن  جي ان ڳالھ کي صاف ڪرڻ کانپوءِ، ان مان هنن جيڪي خدشا ظاهر ڪيا آهن، انهن جي وضاحت پيڻ ڪرڻ لازمي آهي ـ

 ڀارت جا سنڌي

جيڪڏهن سنڌ مان لڏي ويل سنڌي هندو، پنهنجي هر قوم سنڌين کي مدد ڏين ۽ ڀارتي سرڪار کي مجبور ڪري، سندن مظلوم سنڌي ڀائرن جي مدد لاءِ تيار ڪن، ته ان ۾ ڪهڙو ڏوھ آهي اها فطري ڳالھ آهي، سنڌ جي آزاديءَ بعد گهڻا سنڌي هندو، جي هن  وقت ڀارت اندر چڱي جائداد ۽ نوڪريون حاصل ڪري ويا آهن، سي شايد پوئتي موٽي نه اچن. پر جيڪي موٽي ايندا سي اهي هوندا، جن  کي وطن لاءِ  محبت هوندي ۽ هو صرف ان جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ايندا ۽ استحصال لاءِ نه ايندا، هن وقت ڀارت جي سماجي زندگيءَ ۾سمائجي ويا آهن. ممڪن آهي، ڪيترا منجهانئن نه اسان جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ دلچسپي وٺن، ۽  نه وري اتان ٺهيل ٺڪيل زندگيءَ کي ڇڏي موٽي هتي اچن. هتي صرف اهي ايندا، جن کي اسان جي قومي آزاديءَ ۾ اصولن ڪري همدردي  هوندي. اهي جنگ آزاديءَ ۾ شامل ٿيڻ ڪري، سنڌ ۾ اسان سان هڪجهڙا حصيدار ٿي سگهن ٿا ـ


پاڪستان سنڌين لاءِ جيل کان بدتر

پاڪستان سنڌ ۽ سنڌين لاءِ جيل کان بدتر آهي. شاھ صاحب فرمايو آهي ته: ـ
قسمت قيد ڪياس، نه ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾
ان ڪري سنڌين جي، پاڪستان جي ڊهڻ ، سنڌوديش جي آزاد ٿيڻ جي خواهش فطري آهي.  امير خسروعليه الرحمت فرمايو آهي ته: ـ
ڪافر عشق مسلامني مرادرڪار نيست
هر رگ من  تار گشـت حاجـت زناز نيست
 يعني عشق جو ڪافر آهيان. اوهان جي مسلمانيءَ جي مون کي ضرورت نه آهي. منهنجي رڳ رڳ جڻيا ٿي ويئي آهي
هاڻ سنڌيان حالت تي پهتا آهن، جو مهاجر پنجابي غلامي هيٺ رهڻ کان منڪر ٿي چڪا آهن. پاڪستان جيڪڏهن بهشت آهي، ته آزاد سنڌ وارو دوزخ کين وڌيڪ قبول آهي. سنڌين لاءِ اها خوشي ٿوري ٿيندي ته هن غلاميءَ کان آزاد ٿي ۽ خودمختياري بنجي اقوام متحده جا ميمبر بنجن ـ

سنڌوديش جي قيام مان فائدا

سنڌ ۽ سنڌي هزارين ورهين کان جدا ملڪ ۽ قوم رهيا آهن، انهيءَ ڪري هنن جي آزاديءَ، فطري ڳالھ ۽ سندن جنم جو حق آهي، جيڪڏهن پکيءَ کي هڪ طرف سوني پڃري ۾رکي، طرح طرح جا طعام کارائجن ۽ ٻئي طرف ٻاهر آزاديءَ جي هوا کي، سوني پڃري ۾ صدها نعمتن کان وڌيڪ پسند ڪندوـ
عمر  بادشاھ مارئيءَ کي زوريءَ کڻي، محلات ۾ اچي رهايو هو. جتي طرح طرح جا طعام ريشمي ۽ زربفت جا ڪپڙا، عاليشان محل ۽ سوين سکن جا سامان موجود هئا. پر مارئيءَ کي سدائين  پکن، جهوپڙين، پنهوارن لنبن، لاڻن، ڏٿ، کٿن، ۽ لوين ۽ ڦاٽل ڪپڙن جي ياد ستائيندي رهندي هئي. سدائين دعائون گهرندي هئي ته شال! موٽي ملڪ وڃي، مارن سان ملي. هوءَ سدائين ڪوٽن جي ڪرڻ ۽ تالنجي ٽٽڻ لاءِ دعا گهرندي هئي ۽ چوندي هئي ته: ـ
ايءَ نه مارن ريت،  جو سيڻ مٽائين سون تي

البت پاڪستان کي ختمڪري سنڌوديش قائم ڪرڻ لاءِ سنڌين کي وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. هي مهاجر پنجابي سامراجي، جن کائي ڏٺو آهي، سي مٿي مارائي کانسواءِ سنڌ کي آزاد ڪرڻ نه ڏيندا. تنهن ڪري آزاديءَ لاءِ قربانيون ڏيڻ ضروري آهن. هيڪر تباهي ايندي، پوءِ فائيدا حاصل ٿيندا ـ

الف:  سنڌ جا صل رهاڪو جن مان ڪي عرب نسل جا، ڪي بلوچ، پٺاڻ، ڪي گجراتي، ڪي پنجابي هئا، سي سنڌ ۾ رهڻ بعد ان جو ڪلچر ۽ زبان اختيار ڪري ويا آهن
ب: سنڌي هتي جا ڄاول نپنل آهن، سندس وڏا هن ملڪ ۾ دفن ٿا آهن.انهن کي ملڪ سان اڪيچار محبت ٿي ويل آهي. اهي سنڌ جي زبان، ڪلچر، روايات، سياسي مفاد ۽ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪندا رهن ٿا
ت: سنڌين مان جيڪڏهن ڪي واپار، گذر معاش خاطر ملڪ کان ٻاهر ويندا هئا ته به اتان پئسا ڪمائي خرچ اچي سنڌ ۾ ڪندا هئا
ث: سنڌين ٻئي ڪنهن ملڪ ۽ قوم تي حملو نه ڪيو آهي.نه وري ڪنهن جو استحصال ڪيو آهي


پنجاب
سنڌ ۾ 26 سال رهڻ جي باوجود هو نه سنڌي زبان سکيا آهن، نه ان جو ڪلچر اختيار  ڪيو اٿن. مورڳو سنڌي زبان ۽ ڪلچر جي منظم طريقي سان ختم ڪرڻ جي پٺيان اچي پيا آهن. سنڌ جي پاڻي پيئڻ، کاڌي کائڻ ۽ ان ۾ جاءِ پناھ ملڻ جي باوجود انهن پاڻ کي لکنوي، بديوني، دهلوي سڏائي ڪراچيءَ ۽ ٻين وڏن شهرن تي غير سنڌين جا نالا رکي، ان جي قديم روايات کي مٽائڻ جو گناھ ڪيو آهي

پنجون دليل سنڌي عوام کي مهاجر پنجابي سامراجي ۽ سندن ايجنٽ، پنهنجي تسلط  هيٺ رکڻ لاءِ، اهو ڏين ٿا ته پاڪستان دنيا جي وڏي اسلامي سلطنت آهي، انهيءَ کي ٽوڙڻ ڪري اسلام کي نقصان پهچندو. اها ڳالھ به سراسر غلط آهي، پاڪستان دنيا جي وڏي اسلامي سلطنت نه آهي، انڊونيشيا، روس چين ڀارت ۽  بنگلاديش ۾ هن کان وڌيڪ مسلمان رهن ٿا
اهو به صحيح نه آهي ته پاڪستان جي ٽٽڻ ڪري، اسلام کي نقصان پهچندو. پاڪستاني حڪومتن جو اسلام سان واسطو ڪونه رهيو آهي. اهڙا نعرا حڪمران طبقي، سنڌي عوام جو توجھ ملڪ جي حقيقي مسئلن، جهڙوڪ سنڌي قوم ۽ سنڌوديش جي آزاديءَ، ترقيءَ ۽  تعمير کان هٽائي، سندس سامراج ۽ استحصال قائم رکڻ لاءِ هنيا ٿي
مون کي پتو آهي ته سنڌين مان ڪيترائي اهڙا آهن، جي هر حاڪم اڳيان پاڻ کي  ڪمزور سمجهي، پنهنجي غلامانه ذهنيت سبب ناچارگيءَ جو دليل پيش ڪندا آهن. اهي انگريزن جي ڏينهن ۾ به هئا، ۽ هاڻي به آهن، پر انهن جي موجودگي ڪڏهن به حق  جي آواز کي جهڪو ڪري نٿو سگهي. سنڌي هزارن سالن  کان جدا قوم رهيا آهن ۽ هر ٻاهرئين تسلط کان آزادي پئي حاصل ڪئي اٿن هن سامراج کان به آزادي حاصل ڪري ويندا. تاريخ ثابت ڪري ٿي ته آخر فتح حق وارن کي نصيب  ٿئي ٿي ـ

محبت
انساني ۽ حيواني ڪردار ۾ اهو تفاوت آهي ته پهرئين ۾ محبت کي اتحاد ۽ امن جو رهبر سمجهي، ان موجب زندگيءَ جو ڪاروبار هلايو وڃي ٿو. ٻئي ۾ خود مطلبيءَ جو اثر هيٺ نفرت جي راھ وٺڻ ڪري، بدمني ۽ فساد پيدا ٿين ٿا. سنڌين جي سياست، سماجي دستورن ۽  مذهبي عقيدن تي محبت جو جذبو حاوي رهيو آهي. سنڌ جي درويشن جو اهو ئي پيغام هو، بقول شاھ عبداللطيف عليه : ـ
ڪونهي آ ڳھ اهڙو، جهڙي محبت من

مهمان نوازي
سنڌين ۾ مهمانوازي گهر ڪري ويٺل آهي، ڳوٺ ۾ ڪنهن مسڪين وٽ اتفاق سان ڪو مهمان گهر لنگهي آيو، ته ٻارن جا هٿ جهلي به کاڌو کيس ڏيندا آهن. جي گهر ڪجھ  به نه هوندو اٿن، ته قرض کڻي به ان کي کارائيندا آهن، ٻاهران آيلن جي اهڙيءَ طرح مرحبا ڪري سِٺو به گهڻو اٿن. ان ڪري وٽن مثل مشهور آهي ته: ـ
آئي ٽانڊي ڪاڻ، بورچياڻي ٿي ويٺي

سنڌين ۾ قومي بيداري پيدا ٿي رهي آهي. ان ڳالھ کان انڪار ڪرڻ، حقيقتن کان منهن موڙڻ جي برابر ٿيندو ته سنڌ جي مٿاهين طبقي جي اڪثريت مهاجر پنجابي سامراج  جي ڊپ ۽ لالچ ڪري، انهن جي پويان هلي رهي آهي پر جهڙيءَ طرح هو لالچ خاطر  ڌارين جا  پوئلڳ ٿي رهڻ لاءِ تيار آهن، ساڳيءَ طرح سان هو سنڌين جي هٿ ۾ طاقت اچڻ بعد، انهن جي پوئلڳيءَ ۽ فرمانبرداريءَ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا . هي ابن الوقت هميشه حالتن کي ڏسي، ڍنڍ جي پکين وانگر، ساون سرن ڏي رخ بدلائيندا آهن

پوليس کاتو
پوليس کاتي جي ماڻهن کي پريڊ ڪرڻ، چورين جي ڳولا ڪرڻ، جاسوسي ڪرڻ، ٽريفڪ جو ڪنٽرول ڪرڻ، فسادن کي روڪڻ، بندوق هڻڻ وغيره جا ڪم سپرد ٿين ٿا. نظام اسلاميءَ جا طرفدار ٻڌائي سگهندا ته هو اهو ڪم ملن جي حوالي ڪندا، يا پوليس عملدارن جي مٿان هدايتن لاءِ مُلن کي مقرر ڪري ڪم هلائيندا ـ

   پاڪستان ۾ مثالي حڪومت قائم ڪرڻ
ـ هتي انسانن جا بنيادي حق محفوظ نه آهي
ـ هتي ننڍين قومن تي مهاجر پنجابي استحصال جاري آهي
ـ هتي رشوت ستاني عام جام آهي
ـ نشو ۽ شرابخوري، ننڍي پيماني کان وڏي پيماني تائين جاري آهي
ـ هتي جوا قانون جائز  آهي
ـ هتي وياجخوري هر هنڌ هلي رهي آهي
ـ هتي بليڪ مارڪيٽي، سمگلنگ، چوريون، ڌاڙا بند نه ٿي سگهيا آهن
ـ هتي بيگناھ ماڻهن کي، ، مختلف راءَ رکڻ  ڪري، بنا ڪيس هلائڻ جي سزائون ڏنيون وينديون آهن
ـ هتي بدڪردار، ڌوڪيبازي، بداخلاق ۽  فرعون صفت سياستدانن کي عوام جو ليڊر ڪوٺيو وڃي ٿو
ـ هتي بک ۽ بيروزگاري ۽ ڊاڪ زني عام جام آهي
ـ هتي ظلم ، استحصال رواجي ڳالهيون آهن
 

سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ ـ رھبرِسنڌ سائين جي ايم سيد

Friday 8 July 2011

نالي ماتر انقلابي ــ ليکڪ آصف علي

نالي ماتر انقلابي ــ ليکڪ آصف علي

انقلابي سوچ ۽ عمل ۾ ڪافي فرق هوندو آهي،ڪنهن تبديلي لاءَ صرف انقلابي سوچ ڪافي ناهي هوندي،لينن
لکيو آهي (عمل کان بغير خالي سوچ بيڪار آهي جهڙي طرح هڪ عورت تا آهي پر ان ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت نا هجي)ساڳي ريت عمل کان بغير صرف انقلابي سوچ رکندڙ نوجوان ان عورت وانگر آهي جنهن جو لينن مٿي اشارو ڏنو آهي. دوستو!انقلاب صرف سوچ جو نالو ناهي پر انقلاب عمل جو نالو آهي،پر اسانجو سنڌي نوجوان صرف انقلابي سوچ رکي پاڻ کي هيمون ڪالاڻي، هوش محمد شيدي ،چي گويرا ،کان گهٽ ناهي سمجهندو.پر اهو ساڳيو نوجوان پاڻ کي چي گويرا سان ڀيٽيندو تا آهي پر چي گويرا جي ويڙه واري عمل کان گهڻو پري بيٽو هوندو آهي،مون هڪ دوست کان پڇيو توهان هڪ سياسي تنظيم جا ميمبر آهيو،توهان سنڌ جي آزادي ڪهڙي طريقي سان حاصل ڪندو؟هن يڪدم چيو اسان هن  رياست کي ٽوڙي هڪ الڳ رياست ٺاهينداسين،مون هن کي چيو ڀلا هن ايڏي وڏي ڪم لاءِ توهان ڪو گراونڊ ورڪ ڪيو ٿا؟هن چيو نا!مون چيو ڪا اسٽڊي سرڪل ،ڪا نظرياتي تعليم ۽ تربيت؟هن چيو نا ادا!!مون هن کي چيو ادا پوءَ رياست جلدي ٽٽندي.
ڪيڏي عجيب ڳاله آهي اسانجو نوجوان ۽ قومي پارٽين جو ورڪر صرف اها سخڻي خواهش رکي ٿو تا هن رياست کي ٽوڙينداسين،خواهش تا ٻار بي ڪندو آهي تا ڪاش چنڊ مهنجي هٿن ۾ هجي،پوءَ ڇا چنڊ ٻار جي هٿن ۾ هوندو آهي.لينن ،ماوزيتنگ،گانڌي صرف خواهش ڪن ها تا ڇا هنن جو وطن ۽ قومون آزاد هجن ها؟؟؟سنڌ جي سڀني قومي ڌڙن سنڌي نوجوانن کي ڪيترو انقلابي ٺاهيو آهي ؟سنڌ جي قومي تحريڪ پهنجي ڪيڊر کي ڪيترو مظبوط ٺاهيو آهي؟دنيا جي انقلابي سياست کان اسان جو قومي ورڪر ڪيترو واقف آهي؟تمام گهڻي تڪليف ٿيندي آهي جڏهن سنڌ جي نوجوان کي سياسي اصولن،سياسي تربيت،تنظيم جي اصولن کان غيرواقف ڏسندا آهيون.!!تنظيم ڇا ٿيندي آهي،تنظيم ڪاري ڇا هوندي آهي،سنڌ جي غلامي ڇا آهي سنڌ جي غلامي جي تاريخ ڇا اهي اها سموري ڄاڻ جيڪڏهن اسان کي حاصل ڪرڻي آهي تااسان کي جي.ايم ازم کي صحيح طريقي سان سمجهڻو پوندو.سنڌ جي قومي سياست کي ٻيهر اسٽڊي  ڪرڻو پوندو،مان هن مضمون ۾ قومي تحريڪ جي تاريخ جو مختصر احوال ڏيڻ کي ضروري سمجان ٿو.
 80 وارو ڏهاڪو جيئي سنڌ تحريڪ جو عروج جو دور هيو، هن دؤر ۾ عبدالواحد آريسر، تاج جويو، رسول بخش ٿيٻو، خالق جوڻيجو ۽ ٻين گڏجي ”پڙاڏو“رسالو ڪڍي قومي ڪارڪنن جي نظرياتي ۽سياسي تعليم تربيت ڪئي ۽ جيئي سنڌ مٿان ٿيندڙ حملن جو نظرياتي دفاع ڪيو.
1983ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جون مرڪزي چونڊون ٿيون جنهن ۾ شفيع محمد ڪرناڻي صدر ۽ فيض الله پيرزادو جنرل سيڪريٽري چونڊجي  ويا. ان بعد 1984ع ۾ گل محمد جکراڻي صدر ۽ ڊاڪٽر اديب انقلابي جنرل سيڪريٽري چونڊيا ويا. 17 آڪٽوبر 1984ع جو ڏينهن سنڌ جي قومپرست سياست ۽ شاگرد سياست جو اهم ترين ڏينهن آهي جڏهن سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي ۽ ايل. ايم. سي جا شاگرد گل محمد جکراڻي جي اڳواڻيءَ ۾ ٻن بسن ۾ سوار ٿي لاڙڪاڻي ۾ هڪ سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا جن کي ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ فوجين روڪي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ڪجه قومي ڪارڪن شهيد ٿيا، 20 کن شاگرد زخمي ٿي پيا ۽ ڪافي شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته گل محمد جکراڻي، ستار موريو، ڊاڪٽر دودو مهيري، سڪندر ميراڻي، سلمان جتوئي، عمرالدين زرداري، نظير تنيو ۽ اقبال تنيو کي ڪافي عرصي تائين جيل ۾ وڌو ويو،1991ع ۾ ”جيئي سنڌ تحريڪ“ جو باقائده عوامي سطح تي بنياد پيو جنهن جو پهريون صدر گل محمد جکراڻي، نائب صدر بشير خان قريشي ۽ جنرل سيڪريٽري صفدر سرڪي کي چونڊيو ويو
 25 اپريل 1995ع تي سائين جي. ايم. سيد جي وڇوڙي بعد جيئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد پيو. جنهن جو چيئرمين عبدالواحد آريسر ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري بشير خان قريشي کي چونڊيو ويو.
1995ع کان 2000ع تائين جسقم سنڌ جي واحد قومي نمائنده جماعت طور اُڀري سامهون آئي. هن سڄي دؤر ۾ جسقم جي نئين چونڊيل چيئرمين بشير خان قريشي پوري سنڌ۾ جيئي سنڌ هلچل کي عوامي سطح تي پهچايو.. پر 2000ع ۾ جسقم ٽٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. جنهن کان ٽٽل ڌڙو ”جيئي سنڌ متحدا محاذ“ جي نالي جي صورت ۾ اڳيان آيو. جسمم اڳتي هلي سنڌ جي آزادي لاءِ ”عدم تشدد جي پاليسي“ تبديل ڪري هٿياربند ويڙهه جو طريقه ڪار اپنايو.
2010ع تائين جسقم مان لڳاتار ڌڙا ڌارٿيندا رهيا، جن اڳتي هلي سنڌ جي قومي(انقلابي سياست) کي مختلف ڌڙن ۾ تقسيم ڪيو (جسقم آريسر)، جسم (زين شاهه)، جسم (رياض)، جيئي سنڌ تحريڪ (صفدر سرڪي) جي نالي ۾ نين نين پارٽين جي صورت ۾ سامهون آيا. جن جسقم کان ٽٽڻ کان پوءِ به سياسي پاليسي ساڳي ئي ”عدم تشدد“ واري برقرار رکي. جيئي سنڌ جي نئين مڌر پارٽين جي وجود ۾ اچڻ ڪري جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جيڪا سائين جي. ايم. سيد جي دؤر ۾ هڪ کان وڌيڪ پارٽين هئڻ باوجود هڪ ئي هوندي هئي) به هاڻي ڇهن ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي.
جڏهن سياسي پاليسي عدم تشدد ساڳي آهي، آزاد سنڌ جو مقصد ساڳيو آهي تهن جي باوجود ايتريون ساريون پارٽين ڇو؟؟؟ ڇا اها سنڌ جي قومي ايڪي جي ورهاست نا آهي؟ڇا هن عمل سان سنڌ جي شاگرد سياست ڪمزور نا ٿيندي!!!بلڪل هن ڳاله کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي،سنڌ جي شاگرد سياست تا بلڪل تباه آهي،جهن جي تباهي جو سبب رياستي هٿ نا بلڪ اسان جون قومي پارٽيون آهن،جيڪي پهنجن ورڪرن سان ڪميٽيد ناهن،جيڪي سنڌ جي قومي وحدت سان بي ڪميٽيد ناهن.آخر ڇو سنڌ جي قومي سياست چاڪي جي ڏاند وانگر هڪ هنڌ گول ڦري ٿي اڳتي ڇونٿي وڌي؟؟ 
سياست هڪ وسيع علم آهي جهن جو مطالعو نهايت ضروري آهي،اڄ جي دور ۾ سياست ۾ هي اسان جي اشوز جو حل آهي،ٻي ڳاله تا سياسي پاليسي ۽ اشوز تي سياست الڳ شيون آهن،پر اسان جا قومپرست هر اشو تي يڪدم چوندا آهن تا اسان عدم تشدد جا حامي آهيون،پوري دنيا جي انقلابي سياست ۾ ڪهن بي پارٽي وٽ عدم تشدد جي پاليسي ناهي رهي،سواءَ گانڌي جي،پرسياست ۾ هميشا هڪ پاليسي ناهي رهندي،ڪو قراني آيت يا حديث ٿوريءَ آهي جو تبديل نٿي سگهي!!!اسان وٽ جڏهن نوجوان عدم تشدد جي سياست مان بيزار ٿيو تا هن هڪ ٻيو رستو اختيار ڪيو ناهي ويڙه سواءَ ٻي ڪا واٽ جو.پر هن رستي ۾ نوجوانن کي انسپايريشن تا تمام گهڻي ملي،مان سيد جو ۽ سنڌ جو قسم کڻي چوان ٿو تا مون کي بي گهڻي ملي...پر صرف انسپايريشن ان کان وڌيڪ ڪجه نا!!!مون کي ياد آهي جڏهن شهيد سميع جيڪو مهنجي پاڙي جو هو ،جڏهن شهيد ٿيو ان وقت مان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هيس،اسان کي جڏهن خبر پهتي تا شهيد جو لاش پريس ڪلب حيدرآباد تي پيهتو آهي ان وقت اسان جلدي پريس ڪلب پهتاسين ،تمام شديد ڏک ٿيو افسوس بي ٿيو تا ان وقت اسان جون ڪجه عدم تشدد جو تاج پاتل قومپرست بلڪل ڪنڊ وٽي ويهي رهيا،جيتريون ڳالهيون اوترا وات
بحرحال ان وقت کان اڄ بي حالتون تبديل ناهن ٿيون،سنڌي ماڻهو اج بي قومي سياست کان گهڻو پري بيٺو آهي.آخر ڇو!!جهن جو بهتر جواب اسان جا قومپرست ڏيندا تا بهتر ٿيندو(،دل نااميد هي ناڪام تو نهين ،لمبهي هي غم کي شام ،مگر شام هي تو هي ـفيض)
سنڌي نوجوان جو مزاحمتي عمل جيڪو اسان لاءِ هڪ اهم هٿيار ثابت ٿي سگهي ها جيڪڏهن هي عمل هڪ منظم طريقي سان هلي ها،سنڌ جي ناڪام ٿيل قومپرست سياست لاءِ هڪ اهم هٿيار جيڪو اسان جا قومپرست پهنجي سياسي حڪمت عملي سان استعمال ناهن ڪري سگهيا،جيڪا اسان جي ناڪامي جو اهم ثبوت آهي.اڄ جي شاگرد سياست اسان لاءِ آيڊيل سياست جو عملي روپ ڌاري ناهي سگهي،اسان هر سال چار مارچ تا وڏي جوش و خروش سان ملا هيندا آهيون پر اڄ جي هن ڌور ۾ ڇا چار مارچ جي ان تحريڪ کي ٻيهر رقم نٿو ڪري سگهجي؟چا چار مارچ صرف اسان جو ماضي رهندي؟؟ڪهن بي قوم جي ترقي جو ڌارو مدار ان قوم جي نوجوان تي هوندو آهي . قومي تضاد ايترو تا شدت اختيار ڪري چڪو آهي جو هاڻي اسان جو دانشور بي قومي تحريڪ جي بحث ۾ شامل ٿي چڪو آهي،پر اهو دانشور صرف بحثن ۾ پهنجو پاڻ کي دانشور ثابت ڪرڻ لاءِ تيار آهي ان کان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار ناهي،جڏهن اسان جو دانشور تيار ناهي تا قومي سياست کي اثرايتي واٽ ڪير ڏسيندو!!
 بنگلاديش جي آزادي جي تحريڪ ۾ شاگرد سياست جو ڪهڙو ڪردار هو ان کان اسان جا قومپرست دانشور ۽ نوجوان واقف آهن،پر سنڌ جي موجوده قومي سياست ۾ اسان جو نوجوان ايترو بيوس ڇو آهي!!تازو سانگهڙ واقعو جهن جو ڏک پوري سنڌ جي نوجوانن ۽ سياسي ڪارڪنن کي اڄ بي دل ۾ آهي پر ان جو ري ايڪشن ڪهڙو ٿيو؟مان مڃان ٿو تا اسان جون قربانيون تا سنڌ ڌرتي لاءِ آهن پر انهن قربانين سنڌ جي عوام کي قومي تحريڪن جي ڪيترو ويجهو آندو آهي.اڄ اهي جيڪي ماضي جا قومي ڪردار هيا اڄ اهي صرف ماضي جا مزار وڃي رهيا آهن،اڄ اهي ڪٿي آهن جن قومي تحريڪ جي سياست کي پيهنجو ايمان سمجهو،ڪٿي آهي گل محمد جکراڻي، دودو مهيري ،ستار موريو خالق جوڻيجو؟؟ڇا انهن جو ايمان واري جو هو جو هٿن مان ڇڻي ويو.مان سنڌ جي قومي تحريڪ جي سڀني ڌڙن کي سنڌ ماتا جو قسم ڏيان ٿو ۽ رهبر سنڌ جي ان ايمان جو واسطو ڏيان ٿو تا سنڌ سان وفادري رهبر ۽ قوم سان وفاداري آهي ان وفادري کي پهنجن مفادن خاطر قربان نا ڪيو.رهبر سنڌ سائين جي. ايم. سيد هميشا چوندو هو تا جيڪڏهن اسان پيهنجي سنڌ امڙ سان وفادار نا ٿياسين تا اسان جو حشر ريڊانڊين ۽ اڇوتن وارو ٿيندو.مان سڀني قومي ڌڙن کي اهو عرض ڪندس تا صرف سنڌ ۽ قوم خاطر پهنجا اختلاف ختم ڪري قومي ايڪي جو ثبوت ڏيو،توهان جيڪڏهن قومي ايڪي جو بنياد وڌو تا اسان سنڌين لاءِ اهو قومي اعزاز کان گهٽ نا هوندو.

نه روئڻ پٽڻ ۾ اسان جو علاج،
نه دانهون ڪرڻ ۾ اسان جو علاج،
دنگن لاءِ، ننگن لاءِ وطن جي حدن لاءِ،
اُٿي پئون اٿڻ ۾ اسان جو علاج
(استاد بخاري)