Tuesday 29 November 2011

ڪارڪنن کي ھيٺيون ڳالھيون سمجھي ڇڏڻ گھرجن. ڪتاب رھبر سائين جي ايم سيد

 ڪارڪنن کي ھيٺيون ڳالھيون سمجھي ڇڏڻ گھرجن.

1. ھڪ مخلص سمجھدار ، باھمت ، باغيرت ، قومپرست سنڌي ڪارڪن ھزار بي ايمان ، ظالم ۽ سامراجي طرفدارن کان وڌيڪ طاقتور آھي ان جو حساب سان ھڪ ھزار مخلص ڪارڪن ڏھ لک دشمنن جي برابر ٿيندا .

2.اخبارون ، عام جلسا ، آئيني جماعتون ، جمھوري ادارا ۽ انھن سان واسطو رکندڙ ڳالھيون انگريزن ، ھندستان جي عوام جو توجھ انقلابي طريقن کان بدلائڻ لاءِ ايجاد ڪيو ھيون. اسان جا مخالف انگريزن جھڙي مھذب قوم نه آھن. جي جمھوري طريقن سان ڪابه رعايت ڏيڻ لاءِ تيار ھجن. انھيءَ ڪري سنڌ جي آزاديءَ انقلابي طريقي سان ئي حاصل ڪري سگھبي . جنھن جو گھڻو مدار اخفاءِ راز ۽ سرفروشيءَ تي آھي.

3. مھاجر پنجابي سامراجين جو سنڌين تي ھيٺين طريقن سان تسلط قائم رکيو وڃي ٿو.

(الف) لشڪر ۽ حڪومت جي ڏنڊي جي زور تي سنڌي عوام ۽ قوم پرستن کي دٻائي ڪمزور ڪرڻ سان.

(ب) غلط نظرين جي پرچار سان سنڌين کي گمراھ ڪري ھم خيال بنائي سندن سامراجيت جي ماتحت غلام رھڻ لاءِ رضامند ڪرڻ سان.

(ت) سنڌين مان ڪن خود مطلب ، وطن فروش ماڻھن کي پئسي ، عھدي ۽ اقتدار جي آڌار تي خريڪ ڪري ايجنٽ طور ڪتب آڻڻ سان.

(ث) مذھب جي فسطائي تشريح ذريعي وسوڙيل ۽ مذھب جي دلداده ماڻھن کي بيوقوف بنائي گمراھ ڪرڻ سان.

(ج) ڪن خود مطلب ماڻھن کي رواجي سھوليتون ، نوڪريون پرمٽن وغيره جون لالچون ڏيئي خريد ڪرڻ سان.

سامراجي ۽ سنڌن سنڌي ايجنٽن جا طريقي ڪار کڻي مختلف پر ٻنھي ڌرين جو مقصد ساڳيو سنڌ ملڪ ۽ سنڌي قوم کي غلام رکي ان جو استحصال ڪرڻ آھي.

انھن ڳالھين کي منھن ڏيڻ لاءِ ھيٺين طريقن موجب ڪم ڪرڻو پوندو:

I. لڪل ۽ مخفي طريقن سان سنڌ جي آزاديءَ جو ڪم ڪرڻو آھي.

II. سنڌ جي آزاديءَ واسطي مخلص ڪارڪن پيدا ڪرڻ لاءِ رات ڏينھن ڪوشش ڪرڻي آھي.

III. سنڌ جي آزاديءَ لاءِ سرفروش ڪارڪن پيدا ڪرڻ واسطي تربيت ڏيڻ.

IV. دنيا ۾ آزاديءَ لاءِ لڙندڙ ٻين ھمدرد ماڻھن ۽ تحريڪن سان رابطو پيدا ڪرڻ .

V. پنھنجي بچاءَ ۽ دشمن سان مقابلي واسطي گوريلا جنگي تربيت حاصل ڪرڻ.

VI. جديد پروپگينڊا جا سڀ ذريعا ڪت آڻڻ.

انھن مقصدن جي حاصلات لاءِ پرچارڪ پيدا ڪرڻ واسطي نھايت خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو آھي. تنھن ڪري ڪارڪن نامزد ڪرڻ وقت ٿوري وقت لاءِ ان کي آزمائي پوءِ تحريڪ ۾ شامل ڪرڻو آھي ـ

جيئي سنڌ تحريڪ جي پرچارڪ جو قسم نامون.

آئون سنڌ جي زمين ، مٽي ۽ سنڌو درياءُ جي پاڻيءَ جو قسم کڻي اقرار ڪريان ٿو ته :

1) آئون سنڌي قوم جو فرد آھيان ، اول ۽ آخر سنڌي ٿي رھڻ ۽ سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ جو وعدو ڪريان ٿو.

2) آئون پاڪستان جي ڇويھن (1) سالن جي تجربي بعد ھن نتيجي تي پھتو آھيان ته پاڪستان مھاجر پنجابي مستقل مفاد جي سامراجي برپا ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آندو ويو ھو ۽ ان کي انھيءَ طبقي جي مفاد لاءِ ھلايو وڃي ٿو. ان جو موجوده صورت ۽ قيام کي سنڌ جي آزادي ۽ ترقيءَ جي راه ۾ رڪاوٽ سمجھي ان جي ختم ڪرڻ لاءِ ھر طرح جي ڪوشش ڪندس.

3) آئون ملڪي سياست کي مذھب سان گڏي ھلائڻ کي ملڪ ۽ ماڻھن لاءِ نقصانڪار سمجھان ٿو.

4) آئون قومپرستي ، جمھوريت ، سوشلزم ۽ سيڪيولرزم جي اصولن ۾ ويساھ رکان ٿو.

5) آئون سنڌ جي مڪمل آزاديءَ کي سنڌين جي جنم جو حق سمجھان ٿو.

اھو عھد نامو ٻن ميمبرن جي سامھون صحيح ڪري سالارِ محاذ کي ڏنو ويندو . ان بعد ھن کي جماعت ۾ داخل ڪيو ويندو . ان ڪارڪن جو نالو رڪارڊ تي س پ ڪ نمبر.... سان داخل ڪرڻو پوندو ۽ آئنده باھمي لاڳاپي لاءِ انھيءَ نمبر سان ان کي سڏيو ويندو.

1. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ جيئن سال گذرندا ويندا اھو انگ اچاربو.

2. انھني صيغي جي ڪارڪنن ۾ مھاجر پنجابيءَ کي حتي الامڪان شامل نه ڪيو وڃي . ازان سواءِ پيپلز پارٽي ، جماعت اسلامي ۽ مسلم ليگي تحريڪن سان لاڳاپو رکندڙن کي به ان ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت نه آھي.

جيئي سنڌ تحريڪ جي پرچارڪن کي ھيٺين ھدايتن موجب ھلڻو آھي:

(الف) جيئي سنڌ تحريڪ جي مقصدن جي تبليغ لاءِ روبرو گفتگو يا ڪن ننڍن پمفليٽن ذريعي ڪم ڪرڻو آھي . تقريرن يا بحث مباحثي کان گوشو ڪرڻو آھي.

(ب) تحريڪ جي پرچار لاءِ ٻين ملڪن ۾ رھندڙ سنڌين کي دائره عمل ۾ آڻڻ لاءِ اتي وڃي ڪم ڪرڻو پوندو.

(ت) پاڪستان ، ايران (1) سعودي عربيا ، اردن ، موراڪو ۽ ترڪي جي حڪومتن کي سندن موجوده صورت ۾ آمريڪي ايجنٽ شمار ڪرڻوآھي.

(ث) آمريڪي حڪومت کي پاڪستان سامراج طبقي جو سرپرست ۽ حامي سمجھي سنڌ دشمن شمار ڪرڻو آھي.

(ج) افغانستان (2) روس، ڀارت ، بنگلاديش ۽ عراق ملڪن کي دوست سمجھي اتي جي رھاڪن مان ھمدرديءَ جي اميد رکي سگھجي ٿي پر اتي جي حڪومتن جي مدد ۽ ھمدرديءَ تي آسرو رکڻ خود فريبيءَ برابر ٿيندو.

(خ) ڀارت ۾ سنڌ ما لڏي ويل ھندن جي محب وطن ۽ نوجوانن کي جيئي سنڌ تحريڪ جي حامي بنائڻ جي ڪوشش ڪجي.

(1) جڏھن ھي ڪتاب لکيو ويو ان وقت ايران ۾ رضا شاھ پھلوي حڪومت ھئي.

(2) افغانستان ۾ اُن وقت ڪميونسٽ حڪومت ھئي.

(د) پرچارڪ ڪارڪنن کي جيئي سنڌ محاذ ۾ ڪم نه ڪرڻ گھرجي سواءِ ھن ٻن نمائندن جي.

(ذ) پرچارڪ ڪارڪنن کي سلف ۾ ڪم ڪرڻ نه گھرجي سواءِ ھڪ ٻن تعلقات قائم رکڻ وارن نمائندن جي.

(ر) پرچارڪ ، ڪارڪنن کي مھذب ۽ زبان ڪتب آڻڻ گھرجي ۽ ھيٺين اصولن جي پابندي ڪرڻ گھرجي.

1. ماڻھن جي شخصي ، مذھبي ۽ نسلي جذبات کي نه ڏکوئڻ گھرجي.

2. ھروڀرو مذھبن جي خلاف گالھائڻ نه گھرجي.

3. زميدارن ، پير ۽ مُلن کي ويجھو نه وڃن گھرجي.پر جي اھي اتفاقاَ ملي وڃن ته انھن سان سياسي يا تحريڪ جي مسئلن تي گفتگو نه ڪرڻ گھرجي.

4. سويل اٿڻ ، بدن ۽ ڪپڙا صاف رکڻ ھر ڪارڪن لاءِ لازمي آھي.

5. ڪوڙ ڳالھائڻ ، چندو وصول ڪرڻ زنا ۽ نشي کان ھر ھڪ ڪارڪن کي پاسو رھن گھرجي.

6. نام نمائش عھدي جي حصول وغيره کان علحده رھڻ گھرجي.

7. سادو کائڻ ۽ سادو پھرڻ تي ڪارڪنن کي پاڻ ھيرائڻ گھرجي.

8. مائٽن ۽ عام دوستن کي به جماعتي راز ٻڌائڻ کان پرھيز ڪرڻ گھرجي.

9. پنھنجي رھڻ، ھلچل ۽ ڪارگذاري جو پتو گھرجي ڀاتين کي به نه ڏيڻ گھرجي.

10. ھڙتالون ڪرڻ ، حڪومت ۽ ٻين سامراجي جماعتن سان تقريب ۽ تصاوير ۾ اچڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.

11. ھر ھڪ ڳوٺ اسڪول ، ڪاليج ، يونيورسٽي ۾ ھڪ کان ڏھن تائين ڪارڪن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.

12. ھڪ ٻئي جي سڃاڻپ لاءِ نشانيون مقرر ڪجن.

13. مخفي مجلسن ۾ داخلا لاءِ واچ ورڊ مقرر ڪجن.

14. ٻين جماعتن جي حال احوال ۽ ڪار گذاري معلوم ڪرڻ لاءِ ڪي مخبر مقرر ڪجن جي انھن جماعتن ۾ داخل ٿي اتي جو حال احوال موڪليندا رھن.

15. جيئي سنڌ تحريڪ جي پرچارڪ صيغي کي ھيٺين کاتن ۾ ورھائي ڪم ڪرڻ گھرجي.

i. تبليغي يا پرچارڪ کاتو.

ii. خبر رسان کاتو

iii. نشرو اشاعت يا پبلسٽي ۽ پروپيگنڊا کاتو

iv. خارجه تعلقات قائم ڪرڻ جو کاتو

v. ٻين جماعتن ۾ گھڙي ڪم ڪرڻ جو کاتو

پرچارڪ پيدا ڪرڻ کان اڳ ھيٺيون ڳالھيون مد نظر رکڻ گھرجن.

· ڪارڪنن جي نظام لاءِ چونڊ نه ڪرڻي آھي.

· عھديدار صرف سيڪريٽري ۽ ميمبر ٿيندا.

· سنڌ ، ضلع ، ڳوٺ ، ڪاليج جا سيڪريٽري رھبر اعليٰ جي مشوري بعد نامزد ڪرنا آھن.

· تحريڪ جا ھيڊ ڪوارٽر ۽ دفتر ھڪ ھنڌ يا جاءِ تي نه ھئڻ گھرجن . ڪنھن به لکپڙھ ۾ ڪارڪن جو نالو نه ھئڻ گھرجي.

· پرچارڪن جا نمبر سنڌ وار ھئڻ گھرجن ، جيئن مختلف ضلعن جا نمبر ڀلجي نه پون.

· ميمبرن کان علاوه معاون ۽ ھمدرد به بنائڻا آھن ، جي اخلاق ۽ مالي مدد ڪري سگھن ٿا . انھن کي ڪم جو راز يا پروگرام ٻڌائڻ نه گھرجي.

· پرچارڪن کي عملي يا سرفروشاله ڪمن ۾ دست اندازي ڪرڻ نه گھرجي.

· پرچار جو طريقو تاليف قلوب ۽ اخلاقي قدرن ذريعي ڪرڻ گھرجي.

· پرچارڪن کي ذھني طور يا گفتگو ۽ رھڻي ڪرڻي ۾ عدم تشدد تي عمل ڪرڻ گھرجي.

· پرچارڪن کي ڪنھن به چونڊن ۾ نه بيھڻ گھرجي.

· پرچارڪن جي خبر رسان گروه کي سرڪار جي آمدرفت جي رستن ، ريلوي پلين ، مکيه سرڪاري ادارن، مخالف ڪارڪنن مان مکيه جي نالن ، ڳوٺن ۽ائڊريسن جي ياد داشت حد وار ڪٺي ڪرڻي آھي.

· پرچارڪن جي پروپئگنڊا جي کاتي کي ننڍا رسالا بنا نالي ڇپائي يا سائيڪلو اسٽائيل ڪرائي ڪارڪنن ۾ ھدايتن لاءِ ورھائڻا آھن.

· غير ميمبرن کي لٽريچر نه ڏيڻو آھي.

· مخالف ڌرين جا رسالا ، اخبارون ۽ طريقه ڪار کان واقفيت حاصل ڪرڻ لاءِ چند ماڻھو مقرر ڪجن جي ضروري مواد ڪٺو ڪري مکيه ڪارڪنن کي حالات کان واقف ڪن.

· پرچارڪن جي خارجه کاتي وارن کي حال انگلينڊ ، ڀارت ، افغانستان ، بنگلاديش ۽ عراق ۾ پنھنجي مرڪز قائم ڪرڻ گھرجن.

· پرچارڪن کي وقت بوقت مٿين سطح تي گڏ ٿي پنھنجي طريقه ڪار مقرر ڪرڻ لاءِ صلاح مشورو ڪرڻ گھرجي.

· پرچارڪن کي ھيٺين قسم جي ماڻھن کي پنھنجي تحريڪ جو ميمبر ڪرڻ نه گھرجي.

i. جنھن تي مذھب جو گھڻو اثر ھجي.

ii. جنھن تي ڪميونسٽن جو گھڻو اثر ھجي.

iii. جو خود مطلب اقتدار ۽ ناموس جو طالبو ھجي.

iv. جنھن ۾ قربانيءَ جو مادو نه ھجي.

v. جو پاڪستان کي ڊاھي سنڌ کي مڪمل آزادي ، خوشحالي ۽ ترقيءَ جو قائل نه ھجي.

· پرچارڪن مان ڪن کي ٻين جماعتن ۾ گھڙي ان ۾ پنھنجي اثر وڌائڻ ، حال احوال ، معلوم ڪرڻ لاءِ مرڪزي ھاءِ ڪمانڊ جي اجازت سان نامزد ڪري ڪم سپرد ڪرڻو آھي.

· پرچارڪن کي ڌارين جي جلسن ۾ گھڻو نه ڳالھائڻ گھرجي.

· پرچارڪن کي مڪاني ۽ شخصي جھيڙن ۽ فسادن کان پاسو ڪرڻ گھرجي.

· پرچارڪن کي ڪارخانن ، مذھبي ادارن ، مختلف سياسي جماعتن ۾ڪم ڪرڻ لاءِ ، جن ڪارڪنن کي موڪلڻ گھرجي ، تن کي پھرينءَ پوريءَ طرح تعليم ۽ تربيت ڏيئي پوءِ موڪلڻ گھرجي.

· پرچارڪن مان جن کي خاص جوابداريون سپرد ڪجن تن کي تعليم يا نوڪري ڇڏي ، ھڪ مھو ٿي ڪم ڪرڻ گھرجي ، تحريڪ کي اھڙن پرچارڪن جي گذر معاش لاءِ انتظام ڪرڻ گھرجي.

· جيل ۾ وڃڻ بعد اتي پڙھڻ ، لکڻ ۽ قيدين کي سمجھائڻ لاءِ وقت صرف ڪرڻ گھرجي.

· پرچارڪن ۾ ڇوڪرين ۽ زالن کي داخل ڪرڻ جي منع نه آھي پر حتي الامڪان انھن کي پري رھڻ لاءِ تحريص ڏيارجي.

· ھوٽلن سئنمائن ، عام پبلڪ ميٽنگن يا جڳھين تي گھٽ وڃجي جناح ، لياقت علي وغيره غدار ۽ سنڌ دشمنن جي فريبن ۾ نه وڃڻ گھرجي.

سرفروش يا سلف کاتو

ھي کاتو سنڌ لبريشن فرنٽ يا سلف جي نالي سان سڏيو ويندو. ھن فرنٽ ۾ صرف اھي ڪارڪن داخل ڪري سگھبا جي اڳي ڪجھ وقت لاءِ پرچارڪ گروھ ذريعي ذھني تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري ويا ھجن . ان ۾ شريڪ ٿيندڙن کان ھيٺيون عھد نامو رت سان صحيح ڪرائي سنڌو درياھ ۾ لوڙھڻو آھي يا زمين ۾ دفن ڪرڻو آھي.

اھو ڪم ٻن ميمبرن جي حاضري ۾ ڪرڻو آھي.

سرفروشن جو قسم نامو

آئون سنڌوديش جي قديم عظمت ، سندس پوتر زمين ، سنڌو دياھ جي مٽيءَ پاڻيءَ جو قسم کڻي وعدو ٿو ڪريان ته:

1. آئون سنڌي قوم جو فرد آھيان . اول ۽ آخر سنڌي ٿي رھڻ گھران ٿو.

2. دشمنان سنڌ جي ايجاد ڪيل نظريئه مسلم قوم يا پاڪستاني قوم ۾ ويساھ ڪو نه ٿو رکان.

3. ڇوينھن (1) سالن جي تجربي بعد ھن نتجي تي پھتو آھيان ته پاڪستان مھاجر پنجابي مستقل مفاد جي فائدي لاءِ برپا ڪرايل ھو ۽ ھلايو وڃي ٿو . ان جي موجوده صورت ۾ قيام کي آئون سنڌ جي آزادي ، خوشحالي ۽ ترقي جي راھ ۾ رڪاوٽ ڄاڻي ان جو ختم ڪرڻ ضروري ٿو ڄاڻان.

4. آئون ملڪي سياست کي مذھب سان گڏي ھلائڻ کي ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصانڪار ڄاڻان ٿو.

5. آئون نيشنلزم ، جمھوريت ، سوشلزم ۽ سيڪيولرزم جي اصولن ۾ ويساھ رکان ٿو.

6. سنڌ جي مڪمل آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جان ۽ مال جي قرباني ڪرڻ لاءِ تيار آھيان.

ھيءَ جيئي سنڌ تحريڪ جو سڪشن

زير زمين رھي ھيٺين شعبن ذريعي ڪم ڪندو .

1. گوريلا تربيت حاصل ڪرڻ وارو گروه.

2. سنڌ اندر حڪم ملڻ بعد سنڌ جي آزاديءَ لاءِ راھ ھموار ڪرڻ واسطي ڪارروائيون ڪندڙ گروھ.

3. ملڪ کان ٻاھر ڪم ڪندڙن جو گروھ.

4. پاليسي فيصل ڪندڙ اداره عليه ( ھائي ڪمانڊ ) وارو گروھ.

(1) ھن سيڪشن ۾ داخل ميمبر پاڻ کي اصل نالي سان نه سڏائيندا ، بلڪ سلف نمبر ........... سان سڏيا ويندا .

(2) اھي اڪثر نقاب پوش رھندا ۽ سندن آستانه ڀٽن ، جبلن ۽ جھنگلن ۾ ھوندا.

مذڪوره بالا شعبن ۾ ڪارڪنن جون ڊيوٽيز يا فرائض ھيٺيون ھونديون:

1. ملٽري تربيت.

2. گوريلا جنگ جا طريقا.

3. موٽر ھلائڻ.

4. ھوائي جھاز ھلائڻ.

5. ڊائنامائيٽ ھلائڻ ۽ سرنگون ھڻڻ.

6. وائرليس ھلائڻ ۽ سمجھڻ.

7. بم ٺاھڻ ۽ ھڻڻ.

8. جاسوسي ڪرڻ.

9. ڪوڊ ورڊنگ جي تعليم حاصل ڪرڻ.

10. ٻيون ان گروھ جي ڪم لاءِ ڪارآد ڳالھيو.

ھنن ماڻھن جا مکيه ڪم ھيٺيان ٿيندا.

1. دشمن جي ذرايع پيداوار کي نقصان پھچائڻ.

2. دشمنن جي آمدرفت ۽ نشرواشاعت جي وسيلن کي بيڪار بنائڻ.

3. دشمنن جي مکيه مرڪزن کي تباھ ڪرڻ.

4. دشمنن جي منظم طاقت سان کليل مقابلي کان پرھيز ڪرڻ.

5. مڪاني غدارن ۽ ڌارين جي سنڌي ايجنٽن سان باوجود اشتعال جي به تصادم کان پاسو ڪرڻ.

6. ملڪ جا براج ، ڪارخانا، بئنڪون ، واپار جون منڊيون، دشمنن کي سنڌ ۾ رھي ان جي استحصال لاءِ ترغيب ڏيارين ٿيون . تنھن ڪري انھن کي نقصان پھچائڻ ، سنڌ جي جلد آزاديءَ ۾ مدد ڪندو.

7. ملڪ جون ريلون ، رستا ، ڪراچيءَ جو پاڻي ۽ پليون دشمنن جي سنڌ تي تسلط قائم رکڻ لاءِ مدد ڏين ٿيون تنھن ڪري انھن کي ( وقت تي ) بيڪار بنائڻ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ راه ھموار ڪندو.

8. ڪارڪنن کي نشي ، زنا ، فضول خرچي ، پيسي جي لالچ کان پري رھڻو پوندو.

انھيءَ گروه جي ڪارڪنن جي ڀرتي سنڌ اندر ضلع وار ڪئي ويندي . سنڌ کان ٻاھر رھندڙ سنڌي جيڪي ھن تحريڪ جا حامي ھوندا ، انھن کي ھن تحريڪ ۾ شريڪ ڪري سگھجي ٿو.

انھي ڪارڪنن ۾ سڀني مذھبن جا افراد جيڪي سنڌ جي مڪمل آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪرڻ واسطي تيار ھوندا سي شريڪ ڪري سگھجن ٿا .

i. ھنن ڪارڪنن کي پنھنجي ويجھي کان ويجھي عزيز کي به پنھنجي سرگرميءَ کان واقف نه ڪرڻو آھي.

ii. ھنن ڪارڪنن کي ھٿيارن ۽ بارود جي ذخيرن کي دشمن جي دسترسيءَ کان ٻاھر ڪٺو ڪري رکڻو آھي.

iii. ھنن ڪارڪنن کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ گوريلا جنگ ۾ استعمال ڪيل طريقن بابت معلومات حاصل ڪرڻي پوندي.

iv. ھنن ڪارڪنن جو ھڪ حصو ملڪ کان ٻاھر رھندو ۽ ھڪ ملڪ اندررھي ڪم ڪندو.

v. ھر ڪو ڪم ھاءِ ڪمانڊ جي حڪم ۽ پاليسيءَ مطابق ڪرڻو پوندو.

vi. ڪارڪنن کي پنھنجي مرضيءَ مطابق عام پاليسيءَ جي خلاف ڪو به قدم نه کڻڻو آھي.

ملڪ اندر حڪم بعد ڪاروايون ڪندڙ گروھ:


ھن گروھ کي ھيٺيان ڪم ڪرڻا پوندا.

1. سامراجي حڪومت يا حڪمران طبقي جي ھيٺين ڳالھين جو تفصل حاصل ڪرڻ.

بئراج ، مکيه ريلويءَ ۽ رستن جون پلون ، براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشنون ، مکيه واھن جا ريگيوليٽر ۽ موريون دشمن جي ھٿن ھيٺ ھلندڙ ڪارخانا، مکيه دشمنن جا گھر ، مکيه واپاري منڊيون ، ان لاءِ ته جيئن وقت تي حڪم ملڻ بعد انھن جي تباھيءَ لاءِ انتظام ڪري سگھجن.

نوٽ : اھا خبرداري رکڻي آھي ته اھڙو ڪم ڪندڙ ماڻھو.

1. پاڻ کي گرفتار ڪرائڻ کان حتي الامڪان بچائي، جھلجھڻ بعد خودڪشي ڪري.

2. ساڳيا ڪارڪن ھڪ مھيني اندر ٻه دفعا ڪارروائي ۾ حصو نه وٺن . جيڪڏھن ٿي سگھي ته ھر قدم کڻڻ کان پوءِ اھي ملڪ کان ٻاھر نڪري وڃن.

3. مڪاني ماڻھن جي ھمدردي نه وڃائڻ گھرجي.

4. چوري ، ڊاڪه زني ، شخصي انتقام کان پاسي رھڻ گھرجي .

ملڪ کان ٻاھر ڪم ڪندڙن جو گروھ

1. اھي ڪارڪن ھٿيار ۽ بارود مھيا ڪرڻ جو انتظام ڪندا.

2. ملڪي گوريلن کي تربيت ڏيارڻ جو انتظام ڪندا.

3. ڪارروايون ڪندڙ گوريلن جي جاءِ پناھ ڏيارڻ جو انتظام ڪندا.

4. ٻاھرين ملڪن ۾ ھمدرد تحريڪن سان تعلق رکندا.

5. پيسي ھٿ ڪرڻ جو انتظام ڪندا.

6. حالتن جي درست ٿيڻ تائين ٻاھرين ملڪن ۾ آزاد سنڌ سرڪار برپا ڪري ڪم ھلائيندا.

7. ملڪ کان ٻاھر براڊڪاسٽنگ اسٽيشن قائم ڪري سنڌين ۽ دنيا کي پنھنجي مقاصد کان واقف ڪرائيندا.

8. سنڌ جي آزاديءَ لاءِ عالمي راءِ ھموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.

9. سنڌ ۾ رھندڙ ڪارڪنن سان وائرليس ذريعي تعلقات قائم رکندا.

پاليسي فيصل ڪرڻ وارو گروھ

اھو گروھ ملڪ کان اندر ۽ ٻاھر مکيه ڪارڪنن تي مشتمل رھندو.

1. اھي وقت به وقت حالتن جو اندازو لڳائي ، پاليسي مرتب ڪري ڪارڪنن کي قدم کڻڻ لاءِ ھدايتون ڏيندا.

2. حالتون درست ٿيڻ بعد آزاد سنڌ حڪومت پرپا ڪري آزاديءَ جي حصول تائين ڪم ھلائيندا.

3. تحريڪ کي منظم ڪرڻ لاءِ فنڊس ڪٺي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا. جنھن ۾ ھمدرد ۽ تعاون ڪندڙ ماڻھن ، ڌارين ملڪ جي رھاڪن کان مدد وٺڻ وغيره طريقا شامل ھوندا.

انھي گروپ وٽ ھڪ خودڪار پريس ھوندي ، جنھن ۾ اھڙو لٽريچر ڇپائي ھزارن جي تعداد ۾ ورھائڻ جو انتظام ڪندا.

براڊڪاسٽنگ مشن تان پنھنجي مقصدن جي پرچار ڪندا.

Friday 18 November 2011

شھيد عنايت الله عليه عرف شاھ شھيد صوفي جھوڪ : سائين جي ايم سيد


شھيد عنايت الله عليه عرف شاھ شھيد صوفي جھوڪ

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين ، آديسي اُٿي ويا مڙھيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين ، سي لاھوتي لڏي ويا
( شاھ سائين )

سنڌ پيغمبر خدا حضرت رسول مقبول صلعم جو پيارو مُلڪ آھي . ان کان کيس ٿڌي ھِير آئي ھئي. اھو ملڪ ڪيترن ئي بھترين روايتن جو حامل آھي. محبت ، سلامتي ۽ عالم جي آبادي اُن جا خاص پيغام رھيا آھن . نفرت ، فساد ، بدخواھيءَ کان ان جا رھاڪو اڪثر پاسي رھيا آھن.
سنڌ ھڪ مردم خيز ملڪ آھي ، ان جي سرزمين ڪيئي بزرگ پيدا ڪيا ، جن جون مزارون ۽ مقبرا ، سماڌيون ۽ آشرم اُن جي گوشي گوشي ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪو به وقت اھڙو به ھو جو ھِتي جا درويش ۽ عالم لاھور ، دھلي ، برھانپور ، گجرات بلڪ عرب تائين وڃي پيغام حق جو آواز بلند ڪندا ھئا. پر اڄ اُھي مڙھيون ۽ مڪان خالي نظر اچن ٿا. شاھ لطيف رح اھڙي حالت کي ڏسي فرمايو آھي :
ويا سي وينجھار ، ھيرو لعل ونڌين جي ،
تنين سندا پويان ، شيھي لھن نه سار،
ڪٽين ڪٽ لھار ، ھاڻي انھين ڀيڻين. (شاھ)
انسانذات جي رھبري ۽ ھدايت ، اتحاد ۽ امن ، ترقي ۽ تھذيب لاءِ جي راھون ۽ رستا رٿيا ويا آھن ، مذھب جو انھن ۾ مکيه درجو آھي . ليڪن مذھب جون به ٻه جدا تشريحون پئي ڪيون آھن.
ھڪڙي جو واسطو.
عام ماڻھن جي ضروريات ، حالات ۽ نفسيات جي بنياد تي رٿيل رسم ۽ رواج ، عبادت ۽ دستورن سان پئي رھيو آھي جنھن کي مسلمانن ۾ عام طور شريعت جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
ٻي تشريح جو لاڳاپو.
رموز حقيقت ۽ اسرار ڪائنات جي کوجنا ، اتحاد انساني ، امن عالم جي مقاصد ۽ ماڻھن جي ذھني صلاحيت ۽ نفسياتي اصلاح سان پئي رھيو آھي ، جنھن کي عام طور طريقت يا تصوف جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ھن پوئين سمجھاڻي جا ڄاڻو ھر ملڪ جي رھاڪن ، ھر قوم جي ماڻھن ۽ ھر مذھب جي پوئلڳن اندر موجود پئي رھيا آھن . جن جا مقصد ۽ مُرادون ساڳيا ھئا.
انھيءَ تشريح جي ڄاڻن اڪثري محدود دائري اندر ڳُجھي نموني سينه سينه رازن ذريعي انھيءَ تعليم کي ( گيانوان) راسخ العلم ، اھل نظر ۽ صاحبِ دل ماڻھن ۾ پئي پکيڙيو آھي. مسلمانن جي انھيءَ گروھ کي صوفي سڳورن جي نالي سان پئي ڪوٺيو آھي.
اھڙن بزرگن جا ھر مُلڪ ۽ زماني ۾ ادارا (Institutions) ھئا. سنڌ ۾ به اھڙا ادارا يا آشرم رھيا آھن. رواجي طرح ته ساري سنڌ درويشن جي درگاھن سان ڀري پئي آھي . جن جون درگاھون اڄ تائين عام خاص جون زيارت گاھون پئي رھيون آھن.
پر ھتي آءُ صوفي ادارن جو ذڪر ڪريان ٿو . ھي ادارا منھنجي نظر ۾ بين الاقوامي اتحاد ۽ اَمن جي پرچار جا مرڪز پئي رھيا آھن. جن جو وجود ھر ملڪ ۽ زماني ۾ پئي رھيو آھي . انھن جا قِسم ۽ مَتا ساڳيا رھيا آھن. ليڪن طريقه ڪارعلحده ھئن.
ھڪڙن علم ۽ گيان کي ترجيح ٿي ڏني ، ته ٻين عشق ۽ ڀڳتيءَ کي رھبر راھ ٿي بنايو.
ھتي آءُ شاھ عنايت الله عليه صوفيءَ جھوڪ واري جو ذڪر ڪريان ٿو. جنھن صوفياني تعليم جي چوٽ تي کُليو کُلايو ان دور ۾ ظاھر ڪيو جڏھن اڃا اورنگزيبي ڪٽرپڻو مُلا جو زاد راه ھو. ان ڳالھ جي ھن پرواھ نه ڪري حق جو آواز بلند ڪندي سر ڏيئي سرھو ٿيو. ھن جي پيغام ۽ تعليم جي احوال ڪرڻ کان اڳ سندس شخصي زندگيءَ جو ذڪر ڪريان ٿو.
شخصي زندگي: شاھ عنايت الله عليه جي والد جو نالو مخدوم فضل الله ھو جو سنڌ جي مشھور بزرگ مخدوم صدرالدين عرف صدو لانگاھ عليه جي اولاد مان ھو.
ھي بزرگ ميران پور جي ڳوٺ ويجھو موجوده جھوڪ تعلقه مير پور بٺوري ۾ رھندو ھو. سندس سنه ولادت ۽ مفصل احوال محفوظ نه ٿيڻ ڪري ملي نٿو سگھي. ان ڪري سندس احوال چند پراڻن ڪتابن جھڙوڪ تاريخ تحفته الڪرام، مقالات شعرا ۽ ٻين ڪتابن ۽ ڏند ڪٿائن مان جيڪو ملي سگھيو آھي سو پڙھندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.
ھن بزرگ ظاھري علم ڪٿي ۽ ڪھڙن عالمن کان پڙھيو ان جو پتو نه آھي، البت سندس سلسله طريقت جو احوال ملي ٿو ته ھي مخدوم عبدالملڪ ولد شاھ عبيدالله برھانپوريءَ جو مريد ھو. اھو بزرگ سلسله قادريه سان واسطو رکندڙ ھو.جنھن بابت مختلف روايتن جو ذڪر مون سندس سجاده نشين سائين ميان عبدالستار صاحب جي زندگيءَ جي احوال ۾ پنھنجي تصنيف ” جنب گذاريم جن سين “ ۾ ڏنو آھي. جنھن کي ھتي دھرائڻ مناسب نٿو ڄاڻان. ھي ۽ صاحبڏنو فقير درازن وارو ھڪ ئي چشمه فيض مان سيراب ٿيا ھئا. جنھن جي اولاد مان سچل سرمست پيدا ٿيو .
ھن جڏھن پيغام حق پکيڙڻ شروع ڪيو ته سنڌ جي ڪُنڊ ڪُنڊ مان ڪيئي طالب اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا. انھيءَ وقت سنڌ تي مغل گورنرن جو راڄ ھو جي ٺٽي ۾ رھندا ھئا. اورنگزيب جي ڏينھن ۾ پيدا ٿيل تعصب جو اثر اڃا تائين مُلن تي قائم ھو . ان کانسواءِ ڀر وارا پِير جھڙوڪ: ميان عبدالواسع شاھ عبدالڪريم جي سجاده نشين ۽ زميندار جھڙوڪ: حمل جت ، وڏيرو نور محمد پليجو ٻيلي وارو. مُلن ھن جي تعليم ۾ سندن مستقل مفاد کي نقصان پھچڻ جو امڪان ڏسي مغلن جي نواب اعظم خان جي ڌيان تي شاھ عنايت الله عليه جي خلاف غلط خبرون ٻڌائي برخلاف ڪيو . ان دھليءَ جي مغل بادشاھ فرخ سير کي رپورٽ موڪلي صوفي صاحب خلاف قدم کڻڻ لاءِ اجازت گھري. ان تي ھن ميان يار محمد ڪلھوڙي،مير شھداد خان ۽ ڀر وارن زميندارن کي ، صوفي صاحب کي قيد ڪري وٺي اچڻ لاءِ حڪم ڪيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته فقيرن ڇھن مھينن تائين مقابلو ڪيو. جن شھيدن جا گنج اڃان تائين صوفي صاحب جي درگاھ ڀرسان يادگار ٿيا بيٺا آھن. نيٺ صوفي صاحب ماڻھن کي وڌيڪ خونريزي کان بچائڻ خاطر حڪومت جي ڪارندن جي وعدن ۽ انجامن تي ساڻن گڏجي نواب صاحب وٽ آيو. کيس خبر ھئي ته ساڻس ڇا ٿيڻ وارو آھي . نواب صاحب مُلن کي گھرائي ھن سان بحث مباحثا ڪرائي انھن کان سندس قتل لاءِ فتويٰ وٺي 17 صفر 1130ھ تي شھيد ڪرائي ڇڏيو ، قتل ٿيڻ مھل پاڻ فرمايائون:
سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد،
اين بار گر ان بود ادا شد چه بجا شد.
معنيٰ: حق جي راھ ۾ سر قربان ڪرڻ سان زندگيءَ جي بنيادي مقصد پوري ڪرڻ جو ذمون لھي وڃي ٿو.
سندس سلسلي طريقت جا ھيٺيان معتقد يا طالب رھيا آھن.
1. سيد جان الله شاھ رضوي روھڙيءَ وارو.
2. روحل فقير ڪنڊڙيءَ وارو.
3. فقير قادر بخش ” بيدل “ روھڙيءَ وارو.
4. سيد رکيل شاھ صوفي فتح پور گنداواھ.
5. صادق فقير صوفي عمر ڪوٽ
6. سيد قطب شاھ صوفي جھانيان حيدرآباد.
7. نواب ولي محمد خان لغاري تاجپور.
8. دريا خان فقير ھيسباڻي.
9. دلپت صوفي روھڙيءَ وارو ۽ ٻيا.
سندس مزار جھو جي ڳوٺ ۾ آھي جتي 17 صفر ھر سال سندس ورسيءَ تي ميلو لڳندو آھي. سندس مقبري تي لکھا روپيا خرچ ڪري يادگار قائم ڪيو ويندو آھي . ليڪن افسوس اھو آھي ته اھڙن بزرگ جي تعليم ، ملطوظات ۽ پيغام جي ھٿ ڪري پکيڙڻ طرف پورو توجھ نه ڏنو ويو آھي.
وقتي است که آ و ا ز ه ، منصور که ن شد،
من از جلوه دھم، دارو رسن مارا.
وانگر وقت آيو آھي ته انجي پيغام کي نئين سر ظاھر ڪري ملڪ مان نفرت ڪٽر پڻي ، مذھب جي غلط تشريح جي پاڙ پَٽڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي ، ھي سنڌ جو منصور ھو.
سندس تعليم ۽ پيغام: ھن جي بنيادي تعليم جا مَتا ھيٺيان آھن.
1. وحدت الوجود جو اظھار.
2. وحدت انسانيءَ جو پرچار.
3. وحدت مذاھب جو ذڪر اذڪار.
4. ظاھري شريعتن واري دين منظمن جي اھميت کان انڪار.
پھريون متو ، وحدت الوجود:
ھن نظريي کي ويدانيت ۽ پئنٿيزم جي نالن سان به سڏيو وڃي ٿو. ان نظريي مطابق ذات حقيقيءَ جي وجود کانسواءِ ٻي ڪنھن به وجود کي نٿو مڃيو وڃي. ان موجب ذات ھڪ آھي ٻي سڀ صفات آھي. ان نظريي کي مڃڻ ڪري دوئي گم ٿيو وڃي ھر ھنڌ ساڳي ذات جو ظھور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سندس سلسلي جو طالب دلپت صوفي فرمائي ٿو ته:
ھر شي دي وچ تونھين وسدا، اپنا آپ ڇپائيه ڪيون،
اندر ٻاھر تونھين وسيا ، بانورا لوڪ ڀلائيه ڪيون.
شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ تي صريحاَ صوفي صاحب جو اثر نمايان آھي جڏھن چوي ٿو ته:
جي تڙتک تنوار، وڻ ٽڻ وائي ھڪڙي،
سڀئي سي ٿيا، سوريءَ سزوار،
ھم منصور ھزار ، ڪھڙا چاڙھيو چاڙھين.

ٻيو مَتو ، وحدت انساني:
سندس تعليم جو ٻيو اصول وحدت انساني جي سڃاڻپ جو ھو . جو در حقيقت اسلام جو بنيادي پيغام ھو ، جنھن مطابق ماڻھن جي وچ ۾ مذھبن ، رنگن ، قومن ، نسلن ۽ نظرين جي نالن ۾ کڙي ڪيل نفاق جي ديوارين کي ٽوڙي اتحاد انساني پيدا ڪرڻو ھو.
قرآن ان لاءِ صاف لفظن ۾ فرمايو آھي ته ” کنتم امته واحدته“ معني : انسان اصل ۾ ھڪ ئي جنس ھئا. شيخ سعدي ان جي وڌيڪ تشريح ھيٺين طرح ڪئي آھي:
بني آدم اعضائي يک ديگر اندر ، که در آفرنش زيک جو ھراند،
چويک عضويٰ بدرد آورد روزگار ، ھم عضوھا رانماند قرار ـ
معني: انسان ذات اصل ۾ ھڪ جوھر مان پيدا ٿيل ھڪ جنس ۽ جسم وانگر آھي.
ان جو مثال اھڙو آھي جيئن ھڪ عضوي ۾ درد ٿيڻ ڪري سمورو جسم بي قرار ٿيو پوي.
ان تعليم کي وساري مُلن شريعت جي نالي ۾ ماڻھن ۾ فرق پيدا ڪري ڇڏيا ھئا جن اسلام جو بنيادي مقصد ختم ڪري ٿي ڇڏيو . ان جي رد ۾ صوفي صاحب جي پوئلڳن ھيئن ظاھر ڪيو ته:
حقيقت ۾ ھڪ ٿيو ، ڪُفر ۽ ايمان،
مظھر مولا پاڪ جو ، ھندو مسلمان ،
تارا ڪيا تا لان ، سورج سندي سوجھري.
”بيدل“
حقيقت ۾ ھڪ ٿيو ، اڇو ۽ ڪارو،
نينھ ھنيو نعرو ، ھر مظھر ۾ ھڪڙو.
” بيدل “

ٽيون مَتو ، وحدت مذاھب :
سندس ٽيون اصول سڀني مذھبن پويان بنيادي وحدت جو پرکڻ ھو. وحدت الوجود ۽ وحدت انساني ۾ اعتماد رکڻ بعد مذھبن جي ظاھري ڪثرت پويان بنيادي وحدت جو ظھور ظاھر ٿيو پوي.
صوفي ان ڪري لاڪوفي ٿئي ٿو . ھن جي مذھب جا مقصد اتحاد انساني ، امن عالم ۽ ماڻھن جي روحاني ۽ جسماني ترقي ٿين ٿا. انھيءَ مقصد کي مدنظر رکندي روحل فقير فرمائي ٿو:
ڪُفر ۽ اسلام ۾ ٿا ، ڀرين اُبتا پَير،
ھڪ ھندو ٻيا مسلمان ، ٽيون وچ وڌائون وير،
انڌن اونڌن نه لھي، تن کي سچ چوندو ڪير،
روحل راھ پرين جي ، گھمي ڏٺوسين گھيڙ،
ته ربُ مڙني ۾ ھڪڙو ، تنھن ۾ ڦند نه ڦير،
سا ڪاڏي ڪندي پَير ، جا ستي ڪعبته الله ۾.
” روحل “
بحر عميق ۾ جوئي پوئسي ، دين ڪفر دا دفتر ڌوئسي. ” بيدل “

چوٿون مَتون ، دين منظمن جي اھميت کان انڪار:
صوفي عشق کي رھبر راھ بڻائي ٿو . جنھن ۾ حُسن ، حق ۽ خير جي ڳولا جو بي انتھا جذبو ۽ خواھش رھي ٿي . سچي عاشق جي نظر ۾ خدا حَسين آھي ۽ اُن جي پيدا ڪيل ھر شيءَ ۾ حُسن ازلي سمايل آھي . ھو ذات کان سواءِ ٻئي ڪنھن وجود کي نٿو مڃي . ھن وٽ ذات ھڪ آھي ٻي سڀ صفات آھي ، ھو ھر مظھر ۾ حُسن ڏسي ٿو . ان ڪري وٽانس ڪاري ۽ گوري ، چڱي ۽ مَدي ، ڀَلي ۽ ڍلي ، ڪُفر ۽ اسلام جا تفاوت مٽجي وڃن ٿا.
نه منجھه ڪُفر نه دين ، عشق لڳئي ته ڪر آمين . ” بيدل “
ھن تان ظاھر جا اختلاف مٽجيو وڃن ، دوئي ختم ٿيو وڃي . سڀ جاءِ تي پرينءَ جو مظھر پيو پسي ، ھو مُلن ۽ پنڊتن جا مذھبن جي نالي ۾ کڙا ڪيل تفاوت نٿو مڃي . مذھب کي ماڻھوءَ جي تابع ڄاڻي ٿو نه ماڻھوءَ کي مذھب جو محتاج ڪرڻ گھري ٿو . ھو مذھبي شريعتن کي موجوده دور ۾ وحدت انساني جي راھ ۾ رڪاوٽ ڄاڻي انھن جي پوئلڳي کان انڪاري ٿي لاڪوفي (نان الائينڊ ) بڻجي غير جانبدار رھي ٿو.
صوفي صاحب جون اھي سڀ ڳالھيون مُلا جي تشريح واري مذھب جي خلاف ھيون . مُلن انھن ڳالھين کي سندن مستقل مفاد خلاف ڄاڻي بغاوت ڄاتو. صوفي صاحب جماعتي دستور ۽ پابندين کي ماڻھن جو محتاج ڄاڻي جمھور جي مفاد جي مدنظر انجي اصلاح ڪرڻ گھرجي ٿي . ان کي جڏھن ھن صحيح سمجھيو ته حڪومت ۽ مستقل مفاد جو خوف ھن کي راھ کان روڪي نه سگھيو ، ۽ سندس تعليم جو کليو اظھار ڪيو.
ھي عشق جي ايڏي اُتاھين مناري تي بيٺل ھو جتان مذھب ، حڪومت ، جماعتي دستورن جا سنڌا ميٽجي ويا ٿي . ھم اوست جي عالم ۾ غرق ٿيڻ ڪري مُلا جا مقرر ڪيل ڪوڙ ، سچ ، گناھ ثواب جا معيار ئي وٽس بدليل نظر ٿي آيا . ھي محويت جي عالم ۾ رھڻ ڪري ڪنھنجو مخالف نه ھو . ھي ظاھرن بي ضرر ۽ مونن ۾ منھن وجھي عذارڻ وارو ھو ليڪن منجھانس منظم مذھب جي مدارالمھامن ،مُلن،حاڪمن، پِيرن سندن مستقل مفاد خلاف خطرو ٿي محسوس ڪيو.
جيڪڏھن شاھ شھيد جي زندگيءَ تي غور سان نظر ڪبي ته ھن سنڌي (معاشره) سوسائٽي ۾ اھو ذھني انقلاب آڻڻ ٿي گھريو جي راءِجو ان وقت جي قبول ڪيل مذھبي عقيدن ، دستورن ۽ مستقل مفاد (Vested Interest) جي پاڙ پَٽي ڇڏي ھا. انڪري ھنن گڏجي سندن مخالفت ڪئي.
صوفي صاحب خلاف منھنجي نظر ۾ مخالفن جا ھيٺيان ڪارڻ بڻيا.
1. انھيءَ وقت اورنگزيبي طرز تي پيدا ٿيل مذھبي ڪٽرپڻي ۽ مذھبي تعصب جي پاڙ پٽجي ٿي ويئي جنھن مان مُلا ، پِير ، حاڪم جي مستقل مفاد کي خطرو ھو.
2. جملي مذھبن پويان بنيادي وحدت جي پرچار دين منظم ۽ اثر کي ختم ڪري ٿي ڇڏيو.
3. سندس جماعت جو رنگ گيڙو ڪپڙو ھو . جو ھندستاني سنياسي ۽ ٻڌ بڪشن جو رنگ ھو ان مُلا کي ناراض ڪيو ٿي.
4. ھن جي راءِ موجب مذھبي عقيده بندي ۽ خدا جي وچ ۾ شخصي معاملو ھو ان ۾ ٽياڪڙ کي دست اندازي ڪرڻ جو اختيار نه ھئڻ گھربو ھو. جنھن ڳالھ مذھب ۽ سياست کي علحده ڪري مُلا ۽ حاڪم جي مذھب تي ھڪ ھٽي (Monopoly) کي ڪڍي ٿي ڇڏيو.
5. ھن مُلا جي نقطي نگاه واري مسلمانن جي جدا قوم کي تسليم نه ڪري انکي غلط ، فرسوده ۽ غيراسلامي سمجھيو ٿي . ھن وٽ ھر صالح ماڻھو بنا تفاوت مذھب جي مومن ھو ۽ ھر غير صالح ماڻھو بي راھ ھو. ھن زماني ۾ انسانيت جي مذھب جو پرچار ٿي رھيو آھي. صوفي انجو باني ھو. ھن سنڌ ۾ آزاد خيالي، انساني دوستي ، محبت ، وحدت الوجود ۽ وحدت مذاھب جو پايو وڌو . اھڙي ڪلمي حق جي پاداش ۾ شھيد . ھو نفرت ، نفاق ، دوئي ، تعصب جو پاڙ پٽو ھو. جيستائين سنڌ سلامت آھي انجو آواز ان جي ھر ڪُنڊ ۾ گونجندو رھندو. اُن کي ڪابه شيءِ مِٽائي نه سگھندي.
ھن کان پوءِ سنڌ جي تصوف پوري شڪل اختيار ڪئي. ھن جيڪي چيو ان کان وڌيڪ ھن سائنس ۽ علم جي دور ۾ به چئي نٿو سگھجي. ھو لاڪوفيت (نان الا ئنمينٽ ) ۽ رواداري (Co existence) جي جديد نظرين جو ايجاد ڪندڙ ھو . ھي سنڌ جي پنجن ھزارن ورھين جي تعليم ۽ تھذيب جو پيغام رسان ھو. جيئن پيغمبر خدا کي خاتم النبي سڏجي ٿو . تئين ھنکي خاتم پيغام سنڌ سڏيون ته ھرج نه آھي.

ڪتاب : سنڌ جا سورما
ليکڪ : سائين جي ايم سيد

Wednesday 16 November 2011

(مخدوم شھيد) شاھ بلاول بن ڄام حسن سمون عليه رحمت باغبان :: ليکڪ سائين جي ايم سيد

(مخدوم شھيد) شاھ بلاول بن ڄام حسن سمون عليه رحمت باغبان
 
سوريءَ سڏ ڪيو ، ڪا ھلندي جيڏيون،
وڃڻ تن پيو ، نالو نينھن ڳنھن جي...
شاھ سائين

مخدوم صاحب جي زندگيءَ جو قلمبند ٿيل پورو احوال ملي نه سگھيو آھي. ليڪن ڏند ڪٿائن مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته ھو ذات جو سمون ۽ ٺٽي جي شاھي خاندان سان واسطو رکندڙ ھو. جنھن ڪري کيس اڃان تائين ” سمون سردار “ جي لقب سان سڏيو ويندو آھي. سندس ڄم جي تاريخ ملي نٿي سگھي پر غالباَن نائين صدي جي پوئين اڌ ۾ ڄائو ھو. انھن ۾ تعليم جا مکيه مرڪز ٺٽو ، سيوھڻ ، پاٽ ، ٽلٽي وغيره ھئا. ھن ابتدائي تعليم ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾ مخدوم عمر وٽ اچي حاصل ڪئي شادي به اتي ڪيائين. پوءِ ٿوري پنڌ تي باغبان جي ڳوٺ ۾ اچي رھڻ لڳو جتي سندس مزار آھي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته ھو مذھبي علم ۾ تفسير ۽ حديث ۾ خاص ماھر ھو. جنھن ڪري پري پري پنڌ تان طالب العلم وٽس علم پرائڻ ايندا ھئا. شروع کان وٺي سلسله طريقت ۾ دلچسپي وٺندو رھيو. سندس شجره طريقت ھٿ نه اچي سگھيو آھي پر غالباَن سھروردي طريقه سان تعلق ھوس. ھي انھيءَ وقت جي مکيه صاحب طريقت بزرگن مان ھو. جنھنجو ثبوت مخدوم نوح عليه رحمته جي پوٽي ميان غلام رسول صديقيءَ جي لکيل ڪتاب دليل الذاڪرين مان ملي ٿو جنھن ۾ ھو ڄاڻائي ٿو ته سنڌ ۾ ان وقت ٽي مکيه طريقت جا ادارا ھئا. 1ـ قلندر لعل شھباز . 2ـ مخدوم بلاول عليه . 3ـ مخدوم نوح عليه . مخدوم بلاول عليه رحمته جا ڪيئي مکيه خليفا ھئا جن جي ذريعي ملڪ جي مختلف ڪُنڊن ۾ سندس طريقه تصوف جا درس ماڻھن کي ملندا رھيا. انھن مان مکيه ھيٺيان ھئا.


1 ــ مخدوم ساھڙ عليه النجار ، مقبره ويجھو انڙ پور . جنھن کان سيد رڪن الدين عليه رحمته مٽياري فيضيافته ٿي مٽياري سيدن جي خاندان تي اثر انداز ٿيو.
2 ــ سيد حيدر عليه سنائي ، مقبره سن ۾ . جنھن جي خليفن ڇڇر جي ڳوٺ کان کمائڻ تائين ۽ جبل ۾ سندس تعليم کي پکيڙيون.
3 ــ مخدوم رڪن الدين عليه عرف مخدوم مٺو ، مزار مڪلي ٺٽو. ان جي وسيلي بلاولي تعليم ٺٽي تائين پھتي.
4 ــ مخدوم حسن عليه بلاولي ، مقبره ڀاڻوٺ . جنھن جو اثر ڪيٽي بندر تائين پھتو.
5 ــ مخدوم سعد عليه عرف مخدوم ساند ، مقبره ويجھو سڪرنڊ ، جو ميان صاحب کنيارن جو جد امجد ھو.
6 ــ مخدوم ھنڱورو عليه ، مزار تعلقو مورو. جنھن ڪري بلاولي تعليم ان طرف پکڙي.
بد قسمتيءَ سان سندس ملفوظات يا مڪتوبات جو زماني ڪري غائب ٿي ويا آھن، تنھن ڪري سندس حياتيءَ جو بيان صرف ڏند ڪٿائن ۽ ڪن مخصوص ڪتابن تان ھٿ ڪري پيش ڪجي ٿو.

ھي صاحب انھن بزرگن مان ھو جن شريعت اسلام جي پيروي صاحب طريقت لاءِ ضروري ٿي ڄاتي جنھن ڪري ھن جي توجھ زياده تر عوام جي اخلاقي درستي ۽ نفسياتي اصلاح طرف ھو.

ھن جي طريقه تعليم جا مکيه اصول ھيٺيان ھئا.

1. صاحب طريقت کي معتقدن ۽ مريدن جي نذر نياز کان پاسو ڪري ڌنڌو ڪري گذر معاش ڪرڻ گھرجي.
2. مذھب ۽ سياست کي علحده رکڻ ضروري ھو.
3. سندس گروه قوم پرستيءَ جي بنياد تي سنڌ دوستيءَ جو حامي ھو.
 
مٿي ذڪر ڪيل اصولن جي تشريح ھيٺين آھي.

(1) صاحب طريقت کي گذر معاش لاءِ ڪو به پيشو اختيار ڪرڻ گھرجي.
ملڪ ۾ عام دستور ھو ته مدرسه يا خانقاھون يا ته حڪومت جي مدد تي ھلندا ھئا يا شھرين ۽ معتقدن جي نذر نيازن جي آڌار تي ھلندڙ ھئا. ھي غور ۽ فڪر بعد اُن نتيجي تي پھتو ھو ته ٻئي طريقا نُقص کان خالي نه ھئا. حڪومت جي مدد کين حاڪمن جو محتاج ٿي بڻايو. مريدن جي نذر نياز پيرانِ طريقت جي ادارن کي مستقل مفاد بڻائي آخر ۾ انھن جي پوين لاءِ گذر معاش جو ذريعو بڻايو ٿي. تنھن ڪري اُھي ادارا طريقت ۽ روحانيت جي نالي ۾ معتقدن مٿان چٽي ٿِي ٿَي پيا. تنھن ڪري ھن پاڻ ڪورڪو ڌنڌو اختيار ڪري ان مان گذر ڪعاش ڪرڻ شروع ڪيو ۽ خليفن کي به حڪم ڪيو ته گذر معاش لاءِ ڪو ڌنڌو اختيار ڪري ان تي گذارو ڪن ، بلڪ وٽس اچن ته به سمر پاڻ سان کنيو اچن.

ان واسطي سادي زندگي اختيار ڪرڻ سندن لاءِ نھايت ضروري ھو. ان لاءِ ھن ھيٺيان دستون مقرر ڪيا.

الف : نه پاڻ مريدن کان نذر نياز وٺندو ھو نه خليفن کي وٺڻ جي اجازت ھئي.

ب : پاڻ به ڪچي لانڍيءَ ۾ رھندو ھو ۽ سڀني خليفن کي به ڪکائن گھرن ۾ رھڻ جو حڪم ھو ۽ پڪي جاءِ جنھن کي انھن ڏينھن ۾ ماڙي سڏيندا ھئا ۾ رھڻ جي منع ھئي.

ت : بلاولي طريقي جي خليفن لاءِ سادي کاڌيءَ جي ڪپڙي ۽ سادي خوراڪ لازمي ٺھرايل ھئا. ريشم ۽ عمدي ڪپڙي يا طعام کائڻ جي اجازت نه ھئي.

ث : گھر ۾ جنڊيءَ جو پينگھو يا کٽ رکڻ جي اجازت نه ھوندي ھئي، سادي کٽوليءَ تي سمھڻ جو حڪم ھو.

ج : زالن کي به دُھريون ، حَس ، ٻاھيون ، ڪڙيون ، نَٿون ۽ ريشمي ڪپڙن پھرڻ جي منع ھئي.

ح: انتقال بعد پنھنجي مٿان قبي اڏائڻ جي منع نه ڪئي ھئي.

اھي سڀ دستور ان ڪري لازم ٺھرايائين ته انھن ڪري پيران طريقت کي پيسه ڪمائڻ جي لالچ ڪري نذر نياز وٺي عياش زندگي گزارڻي پوي ٿي. جنھن ڪري ماڻھو ڪاھل ٿيو پوي ۽ معتقدن کي نفعي پھچائڻ عيوض انھن مان نفعه حاصل ڪري ٿو.


(2) مذھب ۽ سياست کي علھده رکڻو ھو .


ھن کي تاريخ اسلام تي پورو درڪ ھو. جنھن ڪري کيس معلوم ٿيل ھو ته مذھب ۽ سياست جي گڏجڻ ڪري اڪثر عالمن وقت جي حاڪمن جو ھٿيو بڻجي ، اسلامي قانونن کي مروڙي سندن حاڪمن جي مرضيءَ موافق ھلايو ٿي ـ رسول مقبول صلعم اختلاف راءِ کي رحمت سمجھي ان جي اجازت ڏني ھئي. پر تاريخ مان کيس پَتو پيل ھو ته حاڪمن ۽ مُلن سندن مستقل مفاد جي خلاف راءِ کي نه صرف مذھب جي نالي ۾ دٻايو ھو پر ان ڪري ڪيترن عالمن ۽ درويشن کي قتل ڪرايو ھو. شمس تبريز ، منصور وغيره جا مثال سندس اکين اڳيان ھئا. ان کان سواءِ ان وقت سندس چئني طرف مڙيئي مسلمان حڪومتون ھيون ، جن جون پاڻ ۾ سامراجي ۽ ٻين گروھي مفاد ڪري جنگيون ٿيندڙ ھيون، جن جنگين کي ھر گروھ جي طرفدار عالمن جھاد جي فتويٰ ڏيئي جائز بلڪ لازمي ٺھرايو ٿي. جنھن ڪري ھزارھا بلڪ لکھا مسلمان انھي حاڪم ۽ مُلا جي چوگان شطرنج ۾ ظلم جا شڪار بڻيا ٿي.

ھن کي اھو به معلوم ھو ته شريعت اسلام يعني فقھي معاملن ۾ مسلمانن اندر سوڳا فرقا پيدا ٿي پيا ھئا ۽ منجھن نفاق جو ڪارڻ بڻيا ھئا. اڪثر حاڪمن ملڪي رسم رواج ، دستورن ۽ مصلحت وقت مطابق حڪومت جو ڪاروبار ٿي ھلايو. ھر ملڪ ۽ قوم جون مُلڪي حالتون ۽ وقتي تقاضائون الڳ ھيون . ان ڪري مذھب ۽ سياست کي گڏڻ مان فائدي کان نقصان گھڻو ٿيو ٿي ۽ مذھب جي استعمال غرضي ( ايڪسپلائيٽيشن ) ٿِي ٿَي.

جيئن ته سنڌ ۾ اڃان تائين ھندن جو چڱو خاصو تعداد ھو. اھي مڪاني تعلقات ڪري سنڌي مسلمانن سان گڏجيو ٻاھرين حمله آورن جي خلاف جي اڪثر مسلمان ھئا ، لڙندا ھئا. جيڪڏھن مذھب ۽ سياست کي گڏبو ته ان ڪري ڪَٽر مُلا کي غير مسلم ۽ مختلف خيال ۽ عقيده جي مسلمان فرقن سان سختي ڪرڻ جو وجھ ملي ويندو. ان ڪري ملڪي ۽ قومي شيرازو ڪمزور ٿيڻ جو امڪان ھو.

اھڙين حالتن ھيٺ ڪاھُن وقت سنڌين طرفان متحده محاذ بڻجڻ جو گھٽ امڪان ھو.

سنڌ کي دھلي ۽ افغانستان طرف جي مسلمان حاڪمن کان جنگين ۽ ڦرلٽ جو ھميشه خطرو رھندو ھو. مذھب ۽ سياست کي گڏڻ سبب قوميت جو بنياد مذھب تي بيھڻ وارو ھو. ان ڪري ڌارين حڪومتن جي طرفدار ايجنٽن ۽ مُلڪي مفاد خلاف غداري ڪرڻ جو ھميشه امڪان ھو . مسلمانن جي جداگانه قوميت جو نظريو بين الااقوامي بنيادن تي برپا ڪيو ٿي ويو. ان جي اڪثر مُلڪي مفاد سان ٽڪرجڻ جو امڪان موجود ھو . جھڙيءَ طرح اڄڪلھ ڪيتريون حڪومتون ڪميونسٽ پارٽيءَ کي بين الاقوامي نظرياتي گروھ ڄاڻي ملڪي مفاد خلاف سمجھي ملڪ ۾ ممنوع ڪن ٿيون ..

(3) ھو قوم پرست خيالن جو حامي ھو.

مٿي ذڪر ڪيل نقطه نگاھ ، صحيح اسلامي تعليم ، حقائق دھر ۽ سنڌي مفاد جي خيال کان ھو مسلمان جي جداگانه قومي تصور کي غلط ، فرسوده ۽ غير اسلامي سمجھڻ لڳو ھو.

ھن چو طرف ڏٺو ته ڪي حاڪم مغل ھئا ته ڪي ترڪ ھئا ، ته ڪي ايراني ھئا ته ڪي عرب سڀئي مسلمان ھئا. ھنن سندن گروھي مفاد خاطر جنگيون ڪري ملڪ فتح ڪري ڦرلٽ ڪئي ٿي . ليڪن اھڙن ڪارنامن کي اسلام جي نالي ۾ جھاد سڏي اسلام جي سھڻي نالي تي ٽڪو لڳايو ٿي. مُلن محمود غزنوي ، تيمور لنگ ۽ علاوالدين جي جنگين ، قتل عام ۽ ڦرلٽن کي جھاد سڏيو انھن کي غازين ۽ صاحب قرآن جا لقب ڏنا ھئا.

بني امين ، بني عباسين ۽ ٻين مسلمان حاڪمن جا ڪارناما ھن جي اکين اڳيان ھئا. ھو اھل نظر ۽ دل ھئڻ ڪري اھڙين ڪارواين کي اسلام جي نالي سان تعبير ڪرڻ لاءِ تيار نه ھو .

ھو سنڌ ۾ ڄائو ھو ، سندس قبيلي جي مصنف مزاج ۽ مھذب حاڪمن جي ھٿ ۾ سنڌ جي حڪومت جي واڳ ھئي . ان جا ڀر وارا ھندو راجا ۽ مڪاني راڻا به گڏيل ملڪي مفاد ڪري معاون ۽ مدد گار ھئا. تنھن ڪري ھو ان نتيجي تي پھتو ھو ته سنڌ جا رھاڪو وطن ، زبان ، گڏيل ملڪي مفاد ۽ روايت جي نقطه کان علحده قوم ھئا.

مسلمانن جي جداگانه قوم جو نظريو ڌارين مسلمان حڪمرانن جي سنڌ تي تسلط قائم ڪرڻ لاءِ ھڪ ڌوڪ ھو ـ تنھن ڪري ھي پاڻ سندس خليفا ۽ سندن دوست نواب دريا خان انھيءَ نتيجي تي پھچڻ بعد مذھب جي نالي ۾ جملي مسلمانن کي ھڪ گڏيل قوم تسليم ڪرڻ جي خلاف ھئا. تاريخي حقيقتون ان جي خلاف ڏٺيو ھئائون . ان ڪري جڏھين سيد ميران محمد شاھ جونپوري سنڌ ۾ آيو ۽ غلبه اسلام جي نالي ۾ پاڻ کي مھدي سڏائي بيعت وٺڻ لڳو ته ان نظريي کي ھن سنڌي مفاد لاءِ نقصانڪار سمجھي ، ان جي مخالفت ڪري سيد مران محمد شاھ جون ٻيڙيون سندس خليفي سيد حيدر عليه سن واري ھٿان ٻوڙائي ان نظريي جي سنڌ ۾ وڌيڪ پرچار ڪرڻ کي روڪي ھن کي افغانستان وڃڻ تي مجبور ڪيو.

ھن کي پتو ھو ته مسلمان تاريخ ۾ ڪڏھين متحد نه ٿيا ھئا ۽ نه سڀيئي مسلمان سڏائيندڙ صحيح اسلامي تشريح مطابق صحيح مسلمان ھئا. نه سڀيئي غير مسلم ڪافر ھئا. ماڻھن جي مذھبن ۾ موجوده ورھاست مصنوئي ۽ غلط ھئي. ڪيترائي ماڻھو غير مسلمانن ۾ خدا پرست ۽ صالح العمل ۽ صلح پسند ھئا ۽ ڪيترائي مسلمان ظالم ، غاصب ، ڊاڪو ۽ مفسد ھئا. ان ڪري ھن سنڌين جي جداگانه قوم جي بنياد تي سنڌ جي سما حڪومت جي ارغونن جي خلاف مدد ڪئي . سندس معتقد ارغونن خلاف ھندن سان گڏجي لڙيا.

جڏھين ڄام فيروز جي نا اھلي ۽ درٻار ۾ ٻاھرين جي اثر ڪري نواب دريا خان بد دل ٿي وزارت کان ٻاھر نڪتو ۽ ارغون مُلڪ فتح ڪندي ٺٽي پھتا . آخر وقت ۾ نواب دريا خان سنڌ خاطر وڙھندي شھيد ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ نواب جي فرزندن موٽڻ خان ۽ محمود خان راڻي رڻمل ۽ جوڌا سنگھ سوڍن ، سھتن ۽ مخدوم صاحب جي مريدن ٽلٽيءَ وٽ ٻيو دفعو جنگ ڪئي. جنھن ۾ سڀ شھيد ٿي ويا. ان کان پوءِ مخدوم صاحب کي پتو پيو ته آئينده وار مٿس ٿيڻ وارو ھو . سنڌ جون حالتيون ناسازگار ھيون ، کَٽڻ جو امڪان نه ھو. ان ڪري ھن فيصلو ڪيو ته پاڻ اڪيلو سِر ڏئي . کيس ٻين خليفن جي اھنسائي اصولي جو پتو ھو پر سيد حيدر عليه سن واري جي جوشيلي طبيعت ڪري ھن کيس حڪم ڪيو ته ڪَڇ ڏي ھليو وڃي ، جو مرشد جو حڪم مڃي اوڏانھن ھليو ويو. ان وچ ۾ ڄام صلاح الدين گجرات کان لشڪر وٺي وري ٺٽي تي ڪاھ ڪئي . ڄام فيروز شاھ بيگ کان مدد لاءِ گھر ڪئي . جنھن سندس فرزند شاھ حسن جي ھٿ ھيٺ گجرات جي لشڪر سان لڙڻ لاءِ فوج ڏياري موڪلي . جورڻ جو ڳوٺ ويجھو ٽنڊو غلام علي ( ھن وقت ڦِٽل آھي) وٽ لڙائي ٿي. شاھ حسن فتح ڪئي . ان ۾ پھرين ڄام صلاالدين جو فرزند ھيبت علي خان مارجي ويو ، پوءِ ڄام صلاح الدين به لشڪر سميت مارجي ويو. مرزا شاھ بيگ ھڪ سال کن سنڌ ۾ رھيو. آخر گجرات تي چڙھائي ڪرڻ لاءِ تيار ڪندي جڏھين اگھم ۾ پھتو ته 12 شعبان 928ھ مطابق 1521ع تي وفات ڪيائين.

ان کان پوءِ مرزا شاھ حسن نصرپور جي ڳوٺ ۾ پيءُ جي گاديءَ تي ويٺو ، جتي جا سيد ، قاضي ، وڏيرا ۽ زميندار فاتح خواني ڪرڻ ۽ مبارڪ باد ڏيڻ لاءِ وٽس آيا. ان کان پوءِ شاھ حسن ڄام فيروز کي رھيل حڪومت تان لاھڻ لاءِ ٺٽي طرف آيو ،ڄام فيروز اھا ڳالھ ٻڌي ڪَڇ ڏي ڀڄي ويو جتان لشڪر وٺي وري شاھ حسن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ٺٽي طرف روانو ٿيو . اھا ڳالھ ٻڌي شاھ حسن وري راھمڪن بازار جي ڀر وارن ڳوٺن چاچڪن ۽ راھمن وٽ اچي ڄام فيروز جي لشڪر کي سامھون ٿيو. سَمن جو لشڪر خوب لڙيو نيٺ شڪست کاڌائين. ڄام فيروز گجرات ڏي ڀڄي ويو. سنڌ تي ارغونن جو پورو قبضو ٿي ويو.

شاھ حسن ھاڻي مخالفت جي اڏن کي ختم ڪرڻ پويان پيو ، سَن جي شھر ۾ ڪجھ وقت لشڪر جي ڇانوڻي وجھي مڪاني مخالفت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪيائين . سيد حيدر عليه اڳيئي ملڪ ڇڏي ويو ھو ان ڪري ڪابه مخالفت ڪانه ٿي. ان کان پوءِ مخدوم بلاول کان انتقام وٺڻ لاءِ ٽلٽيءَ طرف آيو . مُلن کان مخدوم صاحب جي ڪافر ھئڻ جي فتويٰ وٺڻ ۾ ھن کي دير ئي ڪا نه ٿي. ان لاءِ جُتيءَ ۾ قرآن جا اکر ڇَپائي مخدوم صاحب ڏي سوکڙي موڪلي ويئي . جنھن ان کي مٿي سان ٻڌي ڇڏيو.

ان کانسواءِ ٻيا به طريقا اختيار ڪري ھن کي 2 رجب 930ھ مطابق 6 مئي 1523ع تي گھاڻي ۾ پيڙائي شھيد ڪرائي ڇڏيو. سنڌ جي سورمن ۾ چوٿون ۽ عالمن ۽ درويشن ۾ پھريون ھو جو سنڌ جي عزت ۽ ناموس لاءِ سر ڏيئي سرھو ٿيو.

ڪتاب : سنڌ جا سورما
ليکڪ : سائين جي ايم سيد

Saturday 12 November 2011

حاڪم سنڌ شھيد دودو بن خفيف سومرو سوم ” سائين جي ايم سيد“

حاڪم سنڌ شھيد دودو بن خفيف سومرو سوم 
” سائين جي ايم سيد“ 
 
چار تراريون چيلھه سين، ٻڌئي ٻه پاڳون،
اڳين جون آگون، ڪانڌ قلعي ۾ موکيو.
(شاھ)
سنڌ تي راجا ڏاھر کان پوءِ جڏھين ڌارين جو قبضو ٿيو ته اھو دور 340 ورھيه ھليو. ان کان پوءِ سنڌ جي اصل رھاڪو سومري خاندان وري 1051ع سنڌ تي سندس تسلط قائم ڪيو ، جن جي حڪومت اٽڪل ٽي سئو کن ورھيه ھلي. سومري قبيلي لاءِ ٻه روايتون مشھور آھن ھڪ محض جذباتي آھي جنھن موجب ھن کي علوي خاندان جي عربي نسل مان شمار ڪيو وڃي ٿو.
ھتي ڪجھ وقت کان عام دستون ٿي ويو ھو ته سڀڪو ماڻھو پاڻ کي زور مس ڪري وڃي عربن مان شمار ڪري ان لاءِ ٻه ڪارڻ جوابدار ھئا. ھڪ ته عرب گھڻو وقت حاڪم رھيا ھئا، ٻيو ته ھاڻ ماڻھن جي اڪثريت مسلمان ٿي ويئي ھئي. ان ڪري مذھبي جذبي ھيٺ عرب سڏائڻ کي ھو فخر سمجھندا ھئا. ھنن کي ڪھڙي خبر ته عربب جا وڏا بدوي ۽ بت پرست ھئا. سندن وڏا آريه نسل مان راجپوت ۽ مھذب ھئا پر مذھبي جنون سڀ ڪم ڪرايا ٿي. اسلام نسلن جا فرق مِٽائڻ آيو ھو نه ڪِن کي ڀلو ۽ ڪِن کي ڍلو بڻائڻ آيو ھو.
رسول مقبول جو چوڻ ھو ته جنھن کي سندس عملن پوئتي ڌڪيو آھي ان کي سندس نسل اڳتي ڪري نٿو سگھي.
ان ڪري مڪاني ماڻھن مان سومرن ، سمن ، بلوچن ۽ پٺاڻن سڀني تاريخ جي صحيح حقيقتن خلاف پاڻ کي عرب نسل مان سڏائڻ شروع ڪيو. اھو ڏوھ نه صرف رواجي ماڻھن کان سرزد ٿيو پر سيد، پير ، عالم ۽ مکيه قبيلا به انھيءَ جرم جا مرتڪب ٿيا.
ٻي روايت آھي ته سومرا آريا نسل جي راجپوت شاخ مان ھئا . سندن قديم نالا، رسم رواج پوئين نظريه جي حمايت ڪن ٿا.
ھنن جو دور حڪومت سنڌ لاءِ امن امان ، تھذيب ۽ تمدن جو سبب بڻيو . سندن تخت گاھ محمد طور نزديڪ شاھ ڪپور جا تعلقه ميرپور بٺوري ۾ ميلن تائين نشان عظمت جو زنده ثبوت ڏين ٿا. بدقسمتيءَ سان سنڌ جي انھيءَ سونھري دور جي پوري طرح تاريخ نه لکجي سگھي آھي. مختلف تاريخن جا پند ٽڪرا گڏي ڪجھه احوال معلوم ڪري سگھجي ٿو. ليڪن ھن ڳالھ جي ازحد ضرورت آھي ته ڪي محب وطن ان سموري مسئلي تي تفتيش (کوجنا) ڪري ان دور جي مڪمل تاريخ لکن. ان لاءِ وگھيه ڪوٽ ، محمد طور ۽ ٻين سومرن جي دور وارن ڦِٽل شھرن جي کوٽائي ، مختلف تاريخن جي مطالع، ڏند ڪٿائن ، رسم رواج ، رومانوي افسانن ۽ سماجي دستورن مان گھڻي معلوما ھٿ ڪري سگھجي ٿي.
اھا حقيقت آھي ته سسئي پنھون ، مومل راڻي ، ليلان چنيسر ۽ عمر مارئيءَ جا قصا انھيءَ دور جا واقعا آھن. جن تي شاعرن خاص طرح شاھ عبدالطيف عليه رحمت سندس شعر ۾ انھن وسريل ڪھاڻين کي زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي . اھو عام دستور ھوندو آھي ته شاعر اڪثري سندن ملڪ جي بھترين دور جي روايات زنده رکڻ لاءِ چند مثالن کي وٺي طبع آزمائي ڪندا آھن.
ھن قبيلي جي حب الوطني ، ھمت غيرت ۽ قومي ڪردار جون روايتون زبان زد عام آھن. انھيءَ مان دودي ٽئين جي جوان مرديءَ ، ھمت ۽ وطن دوستيءَ ھن قبيلي جو نالو روز روشن وانگر زنده جاويد بڻائي ڇڏيو آھي . جنھن بابت چچ نامي جي لکڻ موجب ھن حاڪم 1331ع کان 1356ع تائين حڪومت ڪئي.
ان جي دور حڪومت ۾ خانداني اختلافن ڪري ٻاھرين حاڪمن کي دست اندازي ڪري حمله آور ٿيڻ جو موقعو مليو.
ان اختلاف جي ڪارڻ بابت ڏند ڪٿائن مان عام طرح ھيٺين آکاڻي مشھور آھي.
چون ٿا ته دودي جي والد خفيف جي وفات بعد سندس ٻه فرزند گاديءَ لاءِ دعويدار ھئا. جن ۾ وڏو چنيسر ۽ ننڍو دودو ھو. چنيسر ڌارين عورت مان ھو ۽ دودو ڏاڏي پوٽيءَ مان ھو. ان ڪري سومرن سردارن گڏ ٿي وڏي پُٽ جو حق ريٽي دودي کي گاديءَ تي وھاريو.
ان فيصلي تان چنيسر ناراض ٿي دھليءَ جي حاڪم وٽ ويو. عام مشھور اھو آھي ته ان وقت دھليءَ تي علاوءالدين خلجيءَ جي حڪومت ھئي. ان ھن جي دانھن ٻڌي سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي خيال کان سندس سپھه سالار ، سالار خان جي ھٿ ھيٺ ھڪ وڏو ڪٽڪ سنڌ تي چاڙھي موڪليو.
سنڌ جي حڪومت جي بنسبت دھليءَ جي حاڪمن جي معمولي حيثيت ھئي.
انھن جي وڏي لشڪر سان چڙھائي ڪافي خوف پيدا ڪندڙ ھئي . دھليءَ جي سپھه سالار ويجھو اچڻ بعد سنڌ جي حاڪم دودي کي ٻه شرط وڌا ، جن جي مڃڻ تي ھن جي جان آزاد ٿي سگھي ٿي.
پھريون شرط :ـ اھو ھو ته دھليءَ جي حاڪم جو حڪم مڃي وڏي ڀاءُ کي گاديءَ تي وھاريو وڃي.
ٻيو شرط :ـ اھو ھو ته سندس ڀيڻ ٻاگھيءَ جو بادشاھ لاءِ سَڱ ڏنو وڃي.
ان تي ھن جمله سومرن سردارن کي گڏ ڪري احوال پيش ڪيو. جن صلاح مشوري بعد گڏ ٿي اھو فيصلو ڪيو ته اُھي شرط مڃڻ سنڌ جي آزدي ، ناموس ۽ قبيلي جي روايتن جي خلاف ھئا. جڏھين انھن اھو فيصلو ڪيو ته کين نتيجن جو پورو پتو ھو. ھو صرف لاڙ سنڌ جي ٽڪري جا حاڪم ھئا. جن وٽ ڪو مقرر ٿيل لشڪر ڪونه ھو. گھڻي ۾ گھڻو چار ـ پنج ھزار ماڻھو لڙائيءَ لاءِ گڏ ڪري سگھيا ٿي. جن کي ھٿيار مھيا ڪري ڏيڻ به ڏکيو ڪم ھون. ھوڏانھن دھليءَ جي حڪومت جي ويھه ھزار لشڪر گھوڙن ، سٺن ھٿيارن ۽ تربيت يافته سپاھين سان مقابلوڪرڻو ھو. اھاغير مساوي طاقتن جي لڙائي ھئي. کَٽڻ جو ڪو به امڪان ڪونه ھو، ان ڪري ھنن پنھنجا ٻار ٻچا زالون ڪڇَ ۾ اَبل ابڙي سمي ڏي ڏياري موڪليون. پاڻ مڙس ٿي مقابلي لاءِ تيار ٿيا. ھاڻ سوال اٿندو ته ھنن حالتن مان واقت ھوندي به ڄاڻي واڻي ڇو موت منھن ڏيڻ قبوليو. ان جي جواب کي صرف اُھي ماڻھو سمجھي سگھندا جي قومن جي قومي ڪردار (Character) مان واقفيت رکندا ھوندا. ان وقت سنڌي ڪردار ۾ ڪي خاص خصوصيتون پيدا ٿي ويل ھيون. جھڙوڪ : 1 ـ حب الوطني ، 2 ـ قومي روايا ت جو لحاظ ، 3ـ غيرت ، 4 ـ آزديءَ جي ھوا . 5ـ انصاف..
انھي جا مثال انھيءَ زماني جي آکاڻين مان ملي سگھن ٿا، جن کي شاھ لطيف غليه الرحمته ۽ ٻين شاعرن اسان تائين پھچائي ڇڏيو آھي. عمر سومري ، عمر ڪوٽ جي حاڪم مارو قبيلي جي عورت مارئي زوريءَ آڻي ڪوٽ ۾ بند ڪري ھن کي راضي ڪرڻ لاءِ گھڻا حيلا ھلايا پر ھن نه وطن وساريو نه مارن جي پريت ڇڏي . عمر سومري کيس راضي ڪرڻ لاءِ طرح طرح جا طعام آڇيا ، ريشم ۽ زريءَ جا وڳا ڏيڻا ڪيا ، محلن ۽ ماڙين ۾ رھايو. پر ھن جو روح نه ريجھيو ، چي ، “حيف تنين کي ھوءِ ، وطن جن وساريو” “ مارو ڪيئن وھان مان وساري ، عمر مرم مارن جو ٿو ماري” “ اي نه مارن ريت ، جو سيڻ مَٽائن سون تي ”. ھن وٽ ماڙين ۽ محلن کان پراڻا پکڙا وڌيڪ ھئا. ست رڇين طعامن کان ڏٿ ۽ ڏونرا زياده پيارا ٿي لڳا. سسئيءَ جو پنھونءَ لاءِ جبل جھاڳڻ ، مومل جو راڻي لاءِ راتيون وھائي ڏينھن ڪرڻ ، ليلان جو چنيسر کي ليلائي رضامند ڪرڻ جا قصا ، اُن زماني جي سنڌي ڪردار جي ساک ڀرين ٿا. عمر سومري جو انصاف به مشھور آھي ته باوجود مارئي ڪيتري وقت تائين وٽس نظر بند ھئي پر ھي سندس رضامنديءَ کان سواءِ ان جي ويجھو نه ويو. نيٺ موٽائي ملڪ موڪليائينس.
جنھن قوم جي مَردن ۽ عورتن جو اھڙو ڪردار ھجي انھن کي خوف ۽ لالچ سندن ستيا ۽ سير کان مٽائي نٿا سگھن. سومرن جي اھا حالت ھئي جي سَنڱ ڏيئي جان ٿي آزاد ڪرايائون ته سَتن پيڙھين کي ٿي لڄايائون. جي ڌارين حاڪمن جي حُڪم تي پنھنجي پسنديده حاڪم کي گاديءَ تان لاٿائون ٿي ته سندن غيرت ۽ ھمت جي اھا ڳالھ خلاف ھئي، ان ڪري ھنن وطن جي عزت ، آزدي ، روايات جي برقرار رکڻ خاطر سر ڏيئي سرھو ٿيڻ کي ترجيح ڏني ۽ گيديءَ جي حياتيءَ کان عزت واري موت کي پسند ڪيو.
امام حسين عليه السلام جي ساڳئي حالت ھئي ، سندس طرف 70 ماڻھو زالن ٻارن سميت ھئا ۽ يزيد طرف ھزارھا لشڪر ھو.
پر “ سر داد نه داد دست بر دست يزيد ”
معنيٰ : “ سر ڏيڻ وڌيڪ پسند ڪيائين بنسبت ناحق اڳيان بيعت ڪرڻ جي.”
ھنن به سُنت حسينيءَ تي ھلندي فنا ٿي وڃڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو. اھڙيءَ طرح ھنن سنڌين جي روايتن ، غيرت ۽ حُب الوطنيءَ جي زنده رکڻ لاءِ پاڻ کي قربان ڪرڻ پسند ڪيو. جيئن اسلامي تعليم کي زنده ڪرڻ لاءِ امام حُسين عليه السلام سر ڏنو تئين سنڌي روايتن جي لڄ رکڻ لاءِ دودي سومري جي گروھ پاڻ موکيو. سومرن مان اڪثر مَرد ميدان تي مارجي ويا، سندن رھيل عورتن لاءِ چوڻ آھي ته دشمن جي ھٿ ھيٺ اچڻ کان راجپوتي دستور مطابق پاڻ جلائي ڇڏيائون. ڪن جو چوڻ آھي ته زمين ڦاٽي پيئي ان ۾ گھڙي ويون. ان جاءِ کي اڃان تائين ستين جو آستان سڏيو وڃي ٿو.
ھوڏانھن ابڙي وٽ پھتل عورتن به جڏھين ڏٺو دھليءَ جو لشڪر ڪڇ ڏي ڪاھيندو ٿي آيو ته انھن پاڻ مارائي ڇڏيو.
ان حڪايت بابت تاريخدانن جا مختلف رايا آھن، ڪن جو چوڻ آھي ته علاوالدين ۽ دودو سومرو ساڳي زماني ۾ نه ھئا وغيره . جيئن ته ھن گھراڻي جي دور حڪومت جي مستند تاريخ لکي نه ويئي آھي. ان ڪري تاريخي نقط نگاھ کان ان بابت پوري حقيقت معلوم ڪرڻ ذرا مشڪل نظر پيو اچي. ليڪن ھيءَ ڳالھه پايه ثبوت تي پھتل آھي ته ٻاھرين دھليءَ جي لشڪر سان لڙندي دودي سومري خاندان ۽ قبيلي سميت قرباني ڏني. سندس تخت گاھ اجاڙ ٿي ويو. سندس اُن قربانيءَ سنڌ وارن جي دلين تي اھڙو اثر وھاريو جو اڄ تائين ڳوٺن ۾ ڀان ۽ ڀٽ ان واقعي جي آکاڻي ڳائيندا رھن ٿا. شاھ صاحب چيو آھي ته :
“ پنھون ڪارڻ پٻ ۾ ، مر مٿو ڏيئي، ته سرتيون سڀيئي ، واکاڻئين ويٺيون. ”
ان وانگر ھنن مقصدن خاطر سر ڏيئي پاڻ کي زنده جاويد بنائي ڇڏيو . سنڌ جي شعر ۾ اھا پھرين رجزيه ۽ مرثيه واري شعر جي آکاڻي آھي.
قومن جي اڪثريت ھميشه بزدل ، بي غيرت ، ابن الوقت ماڻھن جي ٿئي ٿي ليڪن ان ۾ ڪجھه اھڙا ماڻھو به پيدا ٿين ٿا جي ڏسي وائسي صرف مقصدن ۽ روايتن خاطر قربان ٿيو وڃن. شاھ سائين اھڙيءَ حالت لاءِ چوي ٿو :ــ
“ ھتي حياتيءَ ڏينھڙا ، ھڏھين تان نه ھڻي، ھوئين ھوند مئي ، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.” (شاھ)
ھھڙن با ھمت ، باغيرت ، ملڪ جي عزت ۽ ناموس ، آزدي ۽ قومي روايتن جي حفاظت لاءِ لڙي پاڻ قربان ڪندڙن تي سنڌين کي واقعي فخر ڪرڻ ۽ انھن جي يادگار ملھائڻ جو حق آھي.
پر چوڻي آھي ته صحيح راءِ ۽ حق تي ھلڻ ته جدا ڳالھه آھي پر انھن ماڻھن جي سڃاڻپ ۽ قدرداني به ٿورن ماڻھن کي ٿئي ٿي. دنيا جي چاليھه ڪروڙ مسلمانن مان پنج سيڪڙو به امام حسين عليه السلام جو يادگار مس ملھائيندا آھن.
ھن وقت جڏھين اسان تاريخ جي نھايت مشڪل دور مان لنگھي رھيا آھيون . اسان جي سياسي آزدي ختم ڪئي ويئي آھي. اقتصادي حالت تي اثر انداز ٿيڻ کان رھي نه سگھي آھي. اسان جي ڪلچر ۽ زبان تي وار ٿي رھيا آھن. ان وقت اھڙي قسم جي سپوت ۽ سورھين جا قصا ۽ ڪھاڻيون عوام تائين پھچائڻ ۽ سندن ياد تازي ڪرڻ ،قومي غيرت ، ھمت ۽ جذبه آزديءَ کي زنده ڪرڻ جي برابر آھي.
دودو سومرو ۽ اُن جو قبيلو راجا ڏاھر کان پوءِ ٻيو سنڌي شھيد آھي، جنھن جي ڪارنامن تي سنڌين کي ناز ڪرڻ جو پورو حق آھي.
ھن واقعي کان پوءِ به سومرن جي حڪومت ڪجھه وقت لاءِ رھي. پر ايترين قربانين سندن طاقت ڪمزور ڪري ڇڏي ھئي. جنھنڪري ٿوري وقت کان پوءِ انھيءَ قبيلي جي ھمير نالي حاڪم کي سَمن قتل ڪري حڪومت تي قبضو ڪيو . سما به سنڌ جا رھاڪو ۽ راجپوت نسل مان ھئا.
 
ڪتاب : سنڌ جا سورما
ليکڪ: رھبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد

مائي بختاور شھيد : ڪتاب سنڌ جا شھيد

مائي بختاور شھيد : ڪتاب سنڌ جا شھيد
(ليکڪ: ڪامريڊ مير محمد ٽالپر )


سنڌ جي ھن سائي ڌرتيءَ تي ڪيتريون ئي بھادر ھستيون پيدا ٿيون آھن . جن سچ تان سر صدقو ڪرڻ کان ڪڏھن ڪين ڪيٻايو. انھن ھستين ۾ ڪي سياسي شخصيتون ھيون ته ڪي غير سياسي. مائي بختاور جو شمار به انھن ھستين ۾ ڪجي ٿو. مائي بختاور ھڪ غير سياسي شخصيت آھي . مائي بختاور ذات جي لاشارڻ ھئي. ھيءَ عظيم عورت تعلقه عمر ڪوٽ جي ھڪ ننڍڙي شھر ٽالھيءَ جي ڀر ۾ لاشارين جي ڳوٺ جي رھاڪو ھئي. اھو ڳوٺ سندس شھادت واري دور ۾ سندس قادياني قاتلن جي ملڪيت ھو. جن کي ضلع ٿرپارڪر جي چاليھ ھزار ايڪڙ جي جاگير ھئي. جا احمدي اسٽيٽ جي نالي سان مشھور آھي. ھاڻ ھارين ۾ ورھائي وئي آھي. مائي بختاور جي شھادت جو پس منظر ھن ريت آھي.
باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جن 1945ع ۾ پنھنجي نوڪري ڊپٽي ڪليڪٽري ڇڏي سنڌ جي ھارين لاءِ آواز اٿاريو. سندس مطالبن ۾ اھو مکيه مطالبو ھو ته ھاريءَ کي آباديءَ جو اڌ حصو ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ ھارين کي زميدار يا جاگيردار پاران ايترا به اَن داڻا ڪونه ملندا ھئا جو ھو پنھنجو ۽ پنھنجي ٻچن جو آئيده فصل تائين پيٽ پالي سگھي. جاگيردار ۽ زميندار جي جانورن جيترو به ھارين کي کاڌو ڪونه نصيب ٿيندو ھو. ھو اجھي ۽ لٽي لاءِ به پريشان ھوندا ھئا.
ھنن کي زمينداري حصو پيراڻو ٽويو ، مسجد جو ٽويو، ڪنڀار جو ٽويو، حجام جو ٽويو ۽ ٻين به ڪيترين ئي ٽين ڏيڻ کان پوءِ باقي ڪي ڪڻا نصيب ٿيندا ھئا. ڪي وڏيرا ته سريت جو ٽويو به وٺندا ھئا. انھيءَ اڌو اڌ بٽئي واري مطالبي کي مڃرائڻ لاءِ سڀ کان پھريان نوابشاھ ۾ تحريڪ ھلي جنھن ۾ ڊاڪٽر ھسارام ، قاضي فيض محمد ، ڪامريڊ غلام محمد لاکو(مرحوم) سڪرنڊ وارو، ڪامريڊ عجائب سنگھ ، رئيس بروھي ،بالاچ خان بروھي، ڪامريڊ غلام محمد بام ( مرحوم ) ، مولوي معاذ ( مرحوم ) ۽ ڪامريڊ مبارڪ ٽالپر(مرحوم) ۽ ٻين ڀرپور حصو ورتو. ھنن ماڻھن تحريڪ کي زور وٺايو. ھارين زمينن تي قبضا ڪيا. ڪامريڊ مبارڪ ٽاپر به ھڪ ھنڌ جون ۽ جولاءِ جي گرمين ۾ قبضي تي وڃي ويٺو ، جتان کيس ٽي بي ٿي ۽ ان جي وگھئي وفات ڪيائين. حقيقت ۾ ھن ماڻھو کي به شھيد چئي سگھجي ٿو ڇاڪاڻ ته ھن حق جي لاءِ جان جو عطيو ڏنو.
ھن تحريڪ پوري سنڌ ۾ زور ورتو . ھن تحريڪ جو اثر ٻين ضلعن وانگر ٿرپارڪر تي به پيو. ٿرپارڪر ۾ ھن تحريڪ ۾ جان محمد پلي ( مرحوم)، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، جناب لطف الله حساماڻي، پير عبدالغفور جان سرھندي، جناب محمد ابراھيم مومن ( مرحوم ) ڪنري وارو ۽ ڪامريڊ امولک اوڏ کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي ھارين ۽ ورڪرن حصو ورتو.
ٻين ڳالھين سان گڏ اڌو اڌ بٽئي واري تحريڪ کي وڌيڪ زور وٺرائڻ لاءِ ڪامريڊ حيدر بخش مرحوم 20 جون 1949ع تي جھڏي ۾ ھاري ڪانفرنس گھرائي. جنھن ۾ اٽڪل ڏھ ھزار ھارين ۽ ورڪرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي سورھيه ، مائي بختاور جي ڳوٺ جا جيڪي به مرد ھئا، انھن مڙني انھي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. پويان صرف ھو عورت کي ڇڏي آيا ھئا. انھن کي ڪابه اون ڪانه ھئي ۽ ھجي به ڇو؟ ڇو ته ھنن عورتن ۾ مائي بختاور جھڙيون دلير عورتون موجود ھيون.
ڪانفرنس جي آخري ڏينھن يعني 22 جون تي خبر آئي ته ٽالھي شھر لڳ لاشارين جي ڳوٺ ۾ زميندار ھڪ عورت کي بدوق جا فائر ڪري شھيد ڪري ڇڏيو آھي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جھڙو مانجھي مڙس ۽ ھارين جو ھڏ ڏوکي ، ھيڏي وڏي خبر ٻڌي ڪٿي ٿي چين سان ويھي سگھيو؟ جيئن ته ان ڏينھن پھچڻ ناممڪن ھو ڇاڪاڻ ته اھا خبر سج لھڻ وقت آئي ھئي. ان ڪري ٻئي ڏينھن جو انتظار ڪرڻو پيو.
23 جون صبح جو سوير سنڌ ھاري ڪميٽي جي ورڪرن جو وڏو تعداد ، ڪامريڊ حيدر بخش جي اڳواڻي ۾ لاشاري جي ڳوٺ پھچي ويو. جيڪي ماڻھو اتي پھتا انھن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ( مرحوم ) ، جام محمد پلي ( مرحوم ) ، پير عبدالغفور جان سرھندي ، ڪامريڊ غلام محمد لغار ۽راقم کان علاوه ٻيا ڪيترائي ورڪر ۽ ھاري موجود ھئا.اسان اتي لاش کي کري تي پيل وڃي ڏٺو.
اتي خبر پئي ته کري تي اٽڪل ٽي ھزار ڪڻڪ ھئي جيئن ته سڀ ھاري ڪانفرنس تي آيل ھئا ان ڪري قادياني زميندارن موقعي جو فائدو وٺي ڪڻڪ کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر مائي بختاور ھڪ پير سن مرد پينو فقير ۽ ٻين عورتن ھنن کي ائين ڪرڻ کان روڪيو. ھنن کي چيائون ته اسان جي مردن جي اچڻ تائين انتظار ڪريو. ليڪن ھنن ظالمن ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪيو ڇاڪاڻ ته ھنن کي پڪ ھئي ته ھاري اسان کان اڌ بٽئي ڪرائيندا. زميندارن زوري اَن کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي . جنھن تي مائي بختاور ۽ ٻين عورتن مزاحمت ڪئي . انھيءَ ڳالھ تان ھنن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ ھنن مان ھڪ ظالم نالي چوڌري سعدالله ۽ سندس مئنيجر چوڌري خالد ( جيڪو اک کان ڪاڻو ھو ) جي بڇ تي بندوق سان فائر ڪيا. جن جي وگھي مائي بختاور شھيد ٿي وئي ۽ ھڪ پيرسن مرد پينو فقير سخت زخمي ٿي پيو. مائي بختاور جي ڄمار پنجاھ ، سٺ ورھين جي لڳ ڀڳ ھئي.
ڪنري جو صوبيدار عنايت علي خان ابڙو ۽ ڊي ايس پي ديوان تلجارام پھچي چڪا ھئا. ھنن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي موجودگي ۾ ڪيس لکيو . ڪجھ ورڪر ڪامريڊ حيدربخش جي حڪم موجب لاش کي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ ساماري کڻائي ويا. جتي گھڻو وقت گذري وڃڻ ڪري مائي بختاور کي دفن ڪيو ويو. سندس تربت سامري جي ھڪ مقام ۾ واقع آھي.
ڪيس ٿرپارڪر سيشن ڪورٽ ميرپور خاص ۾ ھليو . ڪيس جي پيروي سنڌ ھاري ڪميٽي طرفان ڪيل وڪيل ديوان بنارام ڪئي. سرڪاري وڪيلن جانب خان بھادر ،مرزا سڪندر بيگ جنھن کي ان وقت جي سنڌ جي وزير داخله قاضي فضل الله خاص حيدرآباد کان اماڻيو ھو، ( پڻ استغاثه مائي بختاور واري ڌر ) جي مدد ڪئي. جڏھن ته جوابدارن جي پاران ديوان ڏيئل مل ۽ ھڪ لاھور مان گھرايل بيريسٽر پيروي ڪئي. ان وقت سيشن جج ديوان شنڪر سنگھ آڏواڻي ھو. ھن صاحب حق جو فيصلو ڪيو ، ۽ چوڌري سعدالله جيڪو ان وقت جي پاڪستان جي وزير خارجه سر ظفرالله خان جو ڀاڻيجو ھو ، ۽ چوڌري خالد کي ويھ ويھ ورھيه ٽيپون ڏنيون جڏھن ته ٻين ننڍن مجرمن کي به پنجن کان ڏھورھين تائين سزائون ڏنائين ۽ ٻيا ته مٿين اپيلن مان آزد ٿي ويا. ليڪن چوڌري سعدالله ۽ چوڌري خالد ويھ ويھ سال ٽيپون ڪمائي آيا. اھڙي طرح جي سنڌ جي ھاري جدوجھد ۽ شھيد بختاور اسان کي سبق ڏنو ته پنھنجي حق لاءِ جان ڏيئي سگھجي ٿي پر پنھنجو حق نٿو ڇڏي سگھجي.
مائي بختاور شھيد جي ورسي تي ڀيڻ گنھوري بلوچ جو پيغام
مارئيون منھنجي ملڪ جون بختاور ڀيڻون،
سسيون منھنجي سنڌ جون،ساڻيھ جو سيڻون،
تنين جي نيڻئون ، اڄ اُلانڪرن آڳ جا. ( ڪامريڊ ڄام ساقي)
پيارا ڀائرو:ـ منھنجون اميدون توھان جي نيڪ مقصد سان گڏ آھن ھن موقعي تي جڏھن ته آءُ ڪنھن مجبوري سبب نه شريڪ ٿي سگھي آھيان . ھيءُ پيغام ھاري ڀائرن کي اڄ ٻڌائيندا . جڏھن سوين انسانن تي ظلم ٿيندا آھن ۽ انھن سان نا انصافيون ٿينديون آھن انھن کي ماني جي ڳڀي لاءِ سڪايو ويندو آھي انھن جا ٻار بک وگھي موت جو شڪار ٿيندا آھن ته اھي مجبور ۽ بيوس انسان وڙھڻ لاءِ پنھنجا پيٽ ٻڌي اٿندا آھن ۽ مرڻ ۽ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آھن. شھيد بختاور جو نالو به انھن مجبور ۽ پيڙھيل انسانن مان آھي سنڌ ڌرتي تي موتين جي کاڻ آھي جنھن ۾ بھادر ۽ اٽل انسان جنم وٺندا رھيا آھن. اھي ڪڏھن مارئي جي روپ ۾ پنھنجي ملير جي موھه ۾ عمر جي اونداھن ڪوٽن ۾ پنھنجي عزت عصمت بچائيندي ساڻيھ جي سڪ جو سوڳنڌ پکڙيندي ڏسبا آھن ته ڪڏھن سسئي بنجي پنھنجي سھاڳ لاءِ جبل ۽ برپٽ ۾ ڳولا ڪندي ملندي ته ڪڏھن بلاول وانگر گھاڻي ۾ پيڙھبا رھيا آھن ته ڪڏھن ھوشوءَ وانگر انگريزن سان گولين ۽ بمن جي مقابلي ۾ ٺڪرن پٿرن سان مقابلو ڪندي ماريا آھن ته ڪڏھن ھيمونءَ وانگر ڦاسيءَ جي ڦندي کي ھٿ کان وٺي پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجھندا نظر ايندا آھن. يا وري حيدر جي ھمت ڏسي پنھنجي سانگين ۽ مارن لاءِ ڪال ڪوٺڙين ۾ پنھنجي عمر جا ڏينھن گھاريندا ۽ روشني جا مينار بڻجي جڳ کي روشن ڪندا رھندا ۽ سنڌ جي مرد مٿير ، غريب ۽ مظلوم جي مھا اڳواڻ ڌرتيءَ جي دلير ڪامريڊ ڄام ساقي کي ٿرن برن ۽ جھنگن جرن ۾ سچ جي جوت جلائيندي ڏسندا ۽ ان کان پوءِ لاھور جي قلعي ۾ انھن ڪمن جي عيوض ظلم جي ڪال ڪوٺڙين ۾ ايذاءَ سھندي ٻڌندا . شھيد بختاور جيڪو سنڌ جي عورت ۽ سنڌ جي مظلوم طبقن جي عظمت جو نالو آھي. شھيد بختاور پنھنجي حق گھرندي ۽ ان جي حفاظت ڪندي گولين جي بک ٿي ويئي. شھيد بختاور پنھنجو حق پنھنجي اکين سان تباھ ٿيندو ڏسي نه سگھي ان سنگينن ۽ گولين جي ڊپ کان سواءِ ان ظالم چوڌرين تي ڪاھي پئي. ھڪ طرف چوڌرين جا ڪمدار ۽ ڪاراوا ھئا جن جي ھٿن ۾ رائفلون ھيون ٻئي طرف فقط ھٿين خالي چند عورتون ھيون جن جي ھٿن ۾ ڏاٽا ، کانڀاڻيون ، ڪنڊيون ۽ تپانگون ھيون جي پنھنجي اَن جي انبار جي حفاظت ڪري رھيون ھيون جن جي اڳواڻي شھيد ڪري رھي ھئي. جنھن ۾ ھاري اڌو اڌ بٽئي لاءِ جدوجھد ڪري رھيا ھئا. ان وقت شھيد بختاور جا پٽ ڀائر ۽ ٻيا ڳوٺ جا ماڻھو جلسي تي ويل ھئا. ظالم چوڌري اھو وجھ وٺي سڄو اَن کڻائڻ آيا ھئا پر چوڌرين جو اھو اندازو غلط نڪتو ڇو ته شھيد بختاور ان پراڻي روايت کي برقرار رھڻ نه ڏنو ، جنھن ۾ سنڌ جي عورت صدين کان ماريل مجبور ھوندي آھي ۽ سدائين پڙدي ۾ رھندي آھي. تنھن اھو ڪري ڏيکاريون جيڪو سنڌ جي عورت لاءِ ناممڪن سمجھيو ويندو آھي. ھو سڀني عورتن کي وڙھن جي ھمت ڏياريندي رھي ھوءَ شينھن وانگر انھن سان وڙھندي رھي ۽ انھن سان مقابلو ڪندي رھي ۽ پنھنجي اَن جي حفاظت ڪندي شھيد ٿي ويئي. شھيد بختاور جي خون رنگ لاتو ۽ سڄي سنڌ ۾ اڌ بٽئي جي تحريڪ زور ورتو . آخر سڄي سنڌ ۾ اھو طئه ٿيو ته ھاري ۽ زميندار اڌو اڌ حصو کڻندا.
شھيد بختاور جي جدوجھد سان ھارين مزدورن جي لاءِ مشعل راھ آھي ۽ شھيد بختاور ھڪ ھارياڻيءَ جو نالو نه آھي پر ظالم جي خلاف جنگ جو نالو آھي . شھيد بختاور عظيم آھي ۽ ان جي عظمت آزاديءَ ۽ ظلم خلاف نفرت ڏياريندي رھندي شھيد بختاور امر آھي ۽ ھوءَ ڪڏھن به مري نٿي سگھي ــ

( مائي بختاور جي ڪتاب تان ورتل )

Friday 11 November 2011

شھيد دولھ دريا خان : ڪتاب سنڌ جا شھيد

شھيد دولھ دريا خان ( سائين جي ايم سيد)
ڪتاب سنڌ جا شھيد

سومرن جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ بعد انھن جي آخري حاڪم ھمير کي سمن قتل ڪري ان جي جاءِ تي سندس سردار اُنڙ پٽ ڀنڀه کي ڄام جو لقب ڏئي سنڌ جي گھڻي ڀاڱي تي حاڪم مقرر ڪيو. جيئن ته سنڌ جي ٻنھي بھترين گھراڻن جي مستند تاريخ اڃان تائين لکي ڪانه وئي آھي. ان ڪري انھيءَ جي حڪومت جو مفصل احوال ميسر ٿي نه سگھيو آھي. پر چچنامه ۽ تحفته الڪرام وغيره جي مختلف روايتن جي بنا تي 1360ع کان پوءِ ان گھراڻي جي شروعات شمار ڪري سگھجي ٿي. جا 1520ع تائين ھلي اٽڪل 120 ورھيه کان حڪومت ڪيائون.ان عرصي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ انھي قبيلي جي سردارن جو تسلط ھو، جي ننڍين رياستن وانگر اندروني طور آزاد ھئا ليڪن سڀئي سلامي وڏي حاڪم ڄام جي ڀريندا ھئا.اھو دور به سنڌ لاءِ امن امان ، ترقي ۽ تمدن جو باعث رھيو آھي. انھن جي دور حڪومت ۾ ڪيئي وڏا ڳوٺ ٻڌا، علم پکڙيو ، ھنر زور ورتو ، قومي روايتون ۽ دستور به قائم رھيا. سنڌ جي غيرت ، روايا، حب الوطني ۽ آزديءَ جي حفاظت لاءِ سومرن پاڻ ملھايو ته سمن وري تھذيب ۽ تمدن کي زور وٺائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي.ھن قبيلي ۾ ڪيترائي نامور حاڪم پيدا ٿيا جن مان ڄام تماچيءَ جو نالو خاص مشھور آڳي. جنھن ڪينجھر جي مھاڻيءَ نوريءَ سان رومانس جي قصي کي شاھ عبدالطيف نھايت عمده پيرايي ۾ بيان ڪري انھيءَ دور جي عمده تصوير ڪڍي آھي.چوڻ ۾ اچي ٿو ته انھن ڏينھن ۾ سنڌ ۾ امن امان، آبادي ۽ ھنر جي زور وٺڻ ڪري آسودگي اچي ويئي ھئي. مدرسا کليل ھئا. جتي حاڪمن عالمن ، شاعرن ۽ راڳ جون مجلسون ٿينديون ھيون. عمديون ٻيڙيون، ان جا رنگا رنگي سڙھ ۽ ساز و سامان مجلس جي رونق کي وڌائيندڙ ھئا. ڪينجھر جو نظارونھايت عمدو ھو . شاھ صاحب ان لاءِ فرمائي ٿو ته:
ھيٺ جر مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪونر ٽڙن ،
ور ٿي واھوندي، ڪينجھر خستوري ٿئي.
”شاھ“
اھڙي طرح گھمندي ھن جي نوريءَ نالي عورت تي نظر پئجي ويئي . ھوءَ ھٿين پيرين آرکيڻن ھئي ھن جي من گيرب ۽ گاءِ نه ھو، تنھن جي نيڻن راءِ کي ريجھائي ڇڏيو ، نيٺ سمي سڃاڻي ٻيڙو ٻانھن ۾ ٻڌي کڻي راڻين ۾ شامل ڪيس پوءِ ته ڄام مھاڻن تي مڙئي محصول معاف ڪري ڇڏيا ۽ اڪثر ڪينجھر جي ڪناري مجلسون ۽ محفلون ٿينديون رھنديون ھيون، اتي ماڙي ٺھرايائين سندن قبرون مڪلي ٽڪريءَ تي شيخ حماد جماليءَ جي مقبري ھيٺان آھن.ان کان پوءِ انھيءَ گھراڻي جو ٻيو مشھور حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو ڄام ڀنڀه ٿيو. ھي 866ھ مطابق 1462ع تي تخت تي ويٺو. سندس ڏينھن ۾ حڪومت اتر طرف وڌي بھاولپور تائين وڌي پکڙي الھندي طرف سبي تائين ته ساري موجوده سنڌ سندس قبضي ۾ ھئي. ھي پاڻ وڏو عالم ھو ، عالمن درويشن جي صحبت کي پسند ڪندو ھو. نھايت اعليٰ منتظم ، منصف مزاج ۽ سخي ھو. ھن جي حڪومت 48 سال ھلي. ان وچ ۾ نھايت امن امان قائم ٿيڻ ڪري ملڪ ترقي ڪئي. ھن اڳيون ساموئي يا سمانگر ڇڏي ان جي ٽن ميلن جي مفاصلي تي موجوده ٺٽي جو شھر نئين سر ٻڌايو. جنھن ٿوري وقت اندر مدرسن ، واپار، ڪارخانن ۽ عالمن وغيره جي ڪري نھايت زور ورتو . اھو سمن جي اوج جو دور ھو.نواب دريا خان ھن مصنف مزاج ، منتظم ۽ مردم شناس حاڪم جو وزير اعظم ھو. ان بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته اصل ۾ ھي ڄام صاحب جي وزير لکمير وٽ نوڪر ھو. سندس اصل نسل جو پورو پتو نٿو پوي. سندس اوائلي نالو قبوليو ھو.ھڪ دفعي ڄام نندو شڪار تي نڪتو ساڻس وزير لکمير به گڏ ھو ، رستي تي ڄام صاحب کي اُڃ لڳي ، ڄام صاحب جو نوڪر پري ھو ان ڪري قبولي ڇوڪري کيس پاڻي آڻي ڏنو . ڄام صاحب ڏٺو ته ان ۾ ڪي ڪک پيل ھئا. ان بابت ڄام صاحب سبب گھريو. ھن جواب ۾ ٻڌايس ته قبلا جن کي سخت اُڃ ھئي يڪدم پاڻي پي وري سواري ڪن ھا ته طبيعت تي خراب اثر پوي ھا. ان ڪري ڪک وجھي ڏنم ته سائين جن آھستگيءَ سان پاڻي پيئن . سندس اھڙي عقل واري جواب کان ڄام صاحب متاثر ٿي کيس پاڻ وٽ نوڪر ڪري رکيو . جتي آھستي آھستي ترقي ڪندو تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ بعد لياقت ۽ ايمانداريءَ ڪري پھرين وزير ۽پوءِ وزيراعظم جي درجي تي پھچي نواب خان اعظم ۽ فرزند خاص جا لقب حاصل ڪيا. کيس فوجن جي سپھ سالاري به ملي. ھاڻ نواب دريا خان عرف نواب مبارڪ خان جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ھي انھيءَ عرصي ۾ سنڌ جي مڪاني بدامنين کي دور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان ڪري ساري صوبي جي حڪومت گھڻي وقت تائين نھايت امن امان ۽ خوشي اصلوبيءَ سان ھلڻ لڳي . انھن ڏينھن ۾ بابر بادشاھ سمر قند کان نڪري اچي ڪابل ۾ ديرو ڄمايو ھو. شاھ بيگ ارغون ان جي خوف کان ٻئي ملڪ وسائڻ جي خيال کان سنڌ تي سندس ڀاءُ مرزاسلطان محمد جي ھٿ ھيٺ لشڪر چاڙھي موڪليو جن آگره ، چانڊڪا، منديجا ۽ ماڇين جو ڪوٽ اچي ڦريا ۽ لٽيا. ان خبر پوڻ تي ڄام نندي وڏو لشڪر نواب دريا خان جي ھٿ ھيٺ ان جي مدافعت ڪرڻ لاءِ چاڙھي موڪليو. جنھن ھلوڪر ڳوٺ وٽ پھريئن جنگ ۾ ارغونن جي لشڪر کي شڪست ڏني. جنھڻ ۾ شاھ بيگ جو ڀاءُ سلطان محمد مارجي ويو. باقي سندس بچيل لشڪر قنڌار ڏانھن ڀڄي ويو. اھا معمولي ڪاميابي ڪانه ھئي. افغانستان کان ايندڙ سپاھين جو ھندستان ۽ سنڌ تي ڌاڪو ويٺل ھو. انھن کي اھڙي شڪست فاش ڏيڻ ڪري ڄام نندي جي حياتيءَ ۾ ارغونن سنڌ ڏي رخ نه رکيو.اھا نواب دريا خان جي بھادري ۽ قابليت جو کليل ثبو آھي.
انھن ڏينھن ھڪ ٻيو واقعو سرزد ٿيو. جيتوڻيڪ اھو ظاھر ۾ خاص اھميت رکندڙ نه ھو پر ان مان نواب دريا خان جي سياسي دانشمندي ۽ معامله فھميءَ جو پتو پوي ٿو.سيد محمد ميران شاھ 867ھ ۾ جونپور جي شھر ۾ پيدا ٿيو. جو علم پڙھي وڏي لياقت جي درجي تي پھتو ھو. پوءِ روزا ، زھد ، تقويٰ ۽ وظائف جي ذريعي صاحب ڪمال ٿيو. سندس معتقدن جو چوڻ آھي ته ھڪ دفعي حسب معمول پنھنجي ورد وظائف ۾ مشغولھو ته کيس اھو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته ” تون مھدي آھين “ آخر اھو آواز مسلسل ٻڌڻ بعد ھن کي سندس مھديپڻي جو يقين ويھي ويو. مسلمانن جي ھڪ گروھ ۾ گھڻي وقت کان اھو عقيدو رھندو پئي آيو ته آخر زمان ۾ امام مھدي پيدا ٿيڻ وارو آھي ھو ساري دنيا جي مسلمانن کي متحد ڪري دنيا تي غلبه اسلام لاءِ بيعت وٺي جھاد ڪري ساري دنيا کي زوريءَ يا خوشيءَ سان دائري اسلام ۾ آڻيدو. انھي طرح سان اسلام جي پيدا ٿيڻ جي مشن تي اسلام انسان ذات جي وچ ۾ اتحاد ، امن ۽ ترقي آڻيدو. مڪمل ٿيڻ واري آھي.اھو عقيدو صرف مسلمانن ۾ نه ويٺل آھي پري قريبن ھر عالمگير مذھب جي ڪن گروھن ۾ گھڻي وقت کانسندس نشاطه ثانيه لاءِ ويٺل آھي ته منجھان ڪو ماڻھو پيدا ٿي انھيءَ مذھب کي ساري دنيا ۾ رائج ڪندو. ھندو مان ڪن ۾ وشنو مھاراج جي نئين سر اوتاري ٿي اچڻ بعد ھندن جي دنيا تي تسلط ويھڻ جو اعتماد ويٺل آھي. اھڙي طرح حضرت عيسيٰ جي وري پيدا ٿي دنيا کي دين مسيحي تي آڻڻ جو عقيدو به ڪن عيسائن ۾ ويٺل ھو. ان عقيدي کي مدنظر رکي دنيا جي مسلمانن ۾ ڪيئي ماڻھو اھڙي دعويٰ ڪندي پيدا ٿي ماڻھن ۾ وقتي اتهاد ۽ جوش جاڳائي وري ختم ٿي ويا. آءُ ڪيتري دفعا پنھنجي تحريرن ۾ ٻڌائي آيو آھيان ته ملا جي مذھبي تشريح واري اسلام ۾ دنيا تي غلبه اسلام جو تخيل ڪن مسلمانن تي گھڻي وقت کان ويٺل آھي. ڪن خلافت کي ان جو مرڪز بنائي انھيءَ مقصد جي حصول لاءِ ڪوشش ڪئي ، ڪن مجدد بنجي دين کي نئين سر زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، ڪيترائي مھدي سڏائي ، تبليغ ۽ جھاد ذريعي اسلام جي فروغ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳا، ڪن ھاڻ ان کي اسلام ازم جي تحريڪ سڏي ان ڏس ۾ مسلمانن متحد ڪرڻ جو آواز اٿاريو آھي. مطلب ته اھو عقيدو مختلف شڪلين ۾ مسلمانن اڳيان پئي پيش آيو آھي. مصر ۾ مھدوي حاڪمن جي تحريڪ شيعن جي ھڪ گروھ ٻارھين امام جي گم ٿي وري آخر زمان ۾ پيدا ٿيڻ جي اميد شيخ سنوسي جي تحريڪ ، مھدوي سوڊاني جي تحريڪ ، سڀ انھيءَ تخيل جي پيداوار آھن جنھن جو پرچار سيد محمد ميران شاھ جونپوري ڪيو ٿي ـ ڪيترا ويساھ وسوڙيل ماڻھو اڃا تائين انھيءَ اميد تي پيا ھلن ليڪن اھا به حقيقت آھي مسلمان درويشن ، عالمن ۽ سياستدانن جو ھڪ گروھ به پئي رھيو آھي جنھن کي اسلام جي اھڙي تشريح ۽ اعتقاد رھيو آھي، نه انھيءَ قسم جي تحريڪن کي ممڪن العمل ۽ صحيح سمجھيو اٿن. ھن زماني ۾ علم ۽ سائنس جي واڌاري ڪري شايد اھڙا گھڻا ماڻھو نڪرن جي اھڙن فريب ده عقيدن ۾ ويساھ نه رکن ، ليڪن سنڌ جھڙي پٺتي پيل ملڪ ۾ پنج سئو ورھيه اڳ اھڙا ترقي پسند خيا ته اھو عقيدو غلط ۽ اڻ ٿيڻ جوڳو آھي حڪومت جي مدير نواب دريا خان طرفان ظاھر ٿيڻ غير معمولي ڳالھ ھئي.نائين صدي ھجري جي آخر ۽ ڏھين صدي وارو زمانو ھندستان اندر بدامني ۽ طوائف الملوڪي جو ھو. بادشاھيون ٺھنديون ۽ ڊھنديون رھيو ٿي. اھڙي ڪا مرڪزي حڪومت باقي نه رھي ھئي جو ھندستاني مسلمانن جو شيرازو درست ڪري غلبه اسلام آڻي. حق تي ھلندڙ عالم دين گھٽ ٿي ويا ھئا. پيران طريقت جي بد عملن ڪري مسلمانن ۾ گمراھي پيدا ٿيڻ لڳي . اھڙين حالتن ھيٺ سيد صاحب جي نئين پيغام ۽ تحريڪ ماڻھن تي چڱو اثر پيدا ڪيو. ٿوري وقت اندر ھزارين ماڻھو سندس حلقه اثر ھيٺ داخل ٿي ويا ۽ ڪيترن ئي ملڪن جا مسلمان حاڪم به سندس مريديءَ جي دائر ۾ داخل ٿي ويا.

انھيءَ تحريڪ جا مک اصول ھيٺيان ھئا.

(1)ھجرت ڪرڻ : سندس چوڻ ھو ته جيستائين ماڻھو قيد وطن کان آزد ٿي گھر ٻار جو سانگو لاھي لڳ لاڳاپا ڇڏي مھدوي تحريڪ ۾ شريڪ نه ٿيو آھي ان وقت تائين منجھس ڪا وڏي اميد رکڻ اجائي ھئي. ان راھ ۾ ترڪ وطن ضروري ھو. موجوده زماني ۾ علامه اقبال جو وطن کي بت سڏي ، نظريه جي بنياد تي بين القوامي لاڳاپن جو جدا قوم بنائڻ ڪم و پيش ان ساڳي تخيلل جي پيداوار آھي.

(2)ترڪ مال: سندن رايو ھو ته غلبئه اسلام جي راھ ۾ ٻي جا رنڊڪ ھئي سا شخصي مال ملڪيت جي محبت ھئي. ان ڪري ان تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ھر پوئلڳ جو فرض ٿيو پوي ته ھو ساري ملڪيت مھدوي تحريڪ جي حوالي ڪري غلبئه اسلام جي لاءِ ڪم آڻڻ ۾ مدد ڪري.

(3)جھاد: ٽيون شرط ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اھو ھو ته ان جو پوئلڳ سڀ لاڳاپا لاھي سر تريءَ تي رکي خوف خطرا ڦٽا ڪري تلوار ھٿ ۾ کڻي مھدي جي حڪم تي غلبئه اسلام لاءِ لڙي.

مذھب جي نالي تي ماڻھن کي استعمال غرضي ( ايڪسپلائيٽ ) ڪرڻ جا تاريخ ۾ ڪيترائي مثال ملن ٿا. يورپ جون صليبي جنگون ان جو ھڪ مثال آھن جتي نيٺ گھڻي غور فڪر ۽ تجربي بعد ماڻھو ان نتيجي تي پھتا ته ڪنھن ھڪ مذھب کي آخر ۽ مڪمل سمجھي ، دنيا تي زوريءَ تسلط ڪرڻ جو خيال فرسوده ۽ خودفريبيءَ کان مٿي نه ھو. سڀني مذھبن پٺيان بنيادي وحدت سمايل ھئي. جنھن جو مقصد اتحادِ انساني ، امنِ عالم ، ترقي ۽ فلاحِ بني آدم ھئا. اھي مقصد محبت ، تاليف قلوب ، اھنسا ۽ باھمي سمجھوته، اخلاقن جي درستي ۽ نفسي اصلاح جي ذريعي حاصل ٿيڻا ھئا. نه چند عقيدن ۽ دستورن جي مذھب کي جھاد ذريعي دنيا تي زوري مسلط ڪرڻ سان. جڏھن سيد محمد ميران شاھ سنڌ ۾ آيو ته ڪيترا ويساھ وسوڙيل ۽ پراڻي خيال جا عالم ۽ ماڻھو ان تحريڪ جي طرف ڇڪجي ويا ۽ ان جي حلقه اثر ۾ اچڻ لاءِ آماده ٿيا.
سيد صاحب جڏھن ٺٽي ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي وٽ آيو ۽ سندس تحريڪ جو مقاصد کان واقف ڪري کيس پنھنجي حلقه اثر ھيٺ آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو ته ان وقت نواب دريا خان صحيح راءِ قائم ڪري ڄام صاحب کي ھن جي حلقه اثر ۾ اچڻ کان روڪي ميزبانيءَ جا فرائض ادا ڪري جلد بنا مطلب حاصل ڪرڻ جي کيس اجازت ڏيئي روانو ڪري ڇڏيو . ان مان نواب دريا خان جي قوم پرست خيالن ۽ سياسي تدبر جي پختگي معلوم ٿئي ٿي.جيتوڻيڪ ڄام صاحب جي درٻار سان تعلق رکندڙ قاضي قاضن ۽ ٻيا ھن جا معتقد بنجي ويا.ھتي ھيءَ ڳالھ ڪرڻ ضروري آھي ته نواب دريا خان کي ڄام صاحب طرفان ڳاھن جي پري ۾ موجود ٽلٽي جي نزيدڪ جاگير مليل ھئي ، جتي سندس فرزند رھندا ھئا ۽ پاڻ به اڪثر اوڏانھن ويندڙ ھو.اتي جو مخدوم بلاول عليه الرحمته سمه خاندان مان ھو باغبان ۾ رھندو ھو. نواب صاحب ان جو عقيدتمند ۽ صحبتي ھو. تنھن ڪري مخدوم صاحب جا سڀ خليفه ۽ خاص ڪري سيد حيدر عليه الرحمته سن وارو نواب صاحب جا دوست ۽ واقفڪار ھئا.خوشقسمتيءَ سان مخدوم صاحب ۽ سندس حلقه اثر جا درويش به نواب صاحب جا ھم خيال ھئا. اھو پتو پوڻ مشڪل آھي ته اھڙا خيال نواب صاحب جي ڪري مٿين درويشن تي پيا ھئا. يا انھن جي صحبت نواب صاحب کي انھيءَ خيال جو بنايو ھو.سيد محمد ميران شاھ ڄام صاحب کان رخصت ٿي ٻيڙين جي قافلي ذريعي دريا رستي سنڌ مان سندس تحريڪ جي تبليغ ڪندو سکر طرف افغانستان ڏي وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.مخدوم بلاول عليه ، سيد عبدالرزاق لڪياري ۽ نواب صاحب ان تحريڪ کي ملڪي سالميت ۽ قومپرستي جي اصولن خلاف سمجھي مشورو ڪري سيد حيدر علي شاھ سن واري ھٿان سيد محمد ميران شاھ جي ٻيڙين جي قافلي کي ٻوڙائي ڇڏيو. جنھن ڪري سيد صاحب سندس تحريڪ لاءِ حالتيون ناساز گار ڏسي سنڌ ۾ وڌيڪ تبليغ بند ڪري سڌو خشڪيءَ رستي افغانستان ھليو ويو. ان جو وڌيڪ احوال مخدوم صاحب جي زندگيءَ ۾ ڏنو ويندو. سنڌ جي بدقسمتيءَ سان ڄام نظام الدين صاحب 914ھ مطابق 1508ع وفات ڪئي. سندس وفات مھل ڄام صاحب نواب صاحب کي سندس پٽ جي پارت ڪئي.
ان کانپوءِ ڄام فيروز ۽ ڄام صلاح الدين ڄام سنجر جي پوٽي جي وچ ۾ گاديءَ تان تڪرار ٿي پيو جنھن ۾ نواب دريا خان جي مدد سان ڄام فيروز ڪامياب ٿيو. جنھن تي ڄام صلاح الدين گجرات طرف سندس ناٺي سلطان مظفر وٽ رھڻ لڳو.
ڄام فيروز نوجوان ھو ، گھڻو وقت راڳ روپ ٻڌڻ ، ڇوڪرين جي ناچ ڏسڻ ، مسخرن جي صحبت ۽ ٻين اھڙي قسم جي عياشي جي ڪمن ۾ گذاريندو ھو.حڪومت جو ڪاروبار سمورو نواب دريا خان جي مٿان وڃي پيو . پيدائش جي زياده ٿيڻ ڪري شاھي خاندان جا فرد ۽ درٻاري سان لاڳاپي وارا ماڻھو فضول خرچ ۽ ڇڙواڳ ٿي ويا ھئا. جن جي ڪار گذارين تي نواب صاحب کي سختي ڪرڻي پيئي. ان تي ڄام صاحب ۽ نواب صاحب جي وچ م شڪر رنجي ٿي پيئي. تنھن ڪري وزارت مان استعيفا ڏيئي اچي سندس جاگير ڳاھڻ ۾ رھڻ لڳو. ان کان پوءِ ڄام فيروز جي رنگ رلين تي نظر ڪرڻ وارو ڪونه بچيو. ڄام فيروز ان تي اڪتفا نه ڪئي پر نواب دريا خان جي طاقت ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيبڪ ارغون ۽ ٻين ٻاھرين ماڻھن کي نوڪريءَ ۾ رکيو. ڄام فيروز ھڪ خاص محلات انھن جي رھڻ لاءِ مقرر ڪيو جو مغل واڙو سڏجڻ ۾ ايندو ھو.ان حالتن کي ڏسي ان مغلن مان مير قاسم ڪيبڪ شاھ بيگ ارغون کي لکي موڪليو ته ڄام جي حڪومت ڪمزور ٿي وئي آھي ڄام صاحب سندس عياشين ۾ مشغول آھي، نواب دريا خان ھن کان جدا ٿي ويو آھي ، ميدان خالي اٿئي موقعي مان فائدو وٺڻ گھرجي . ان شاھ بيگ ارغون وري سنڌ تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا. پھرين سکر ، پوءِ سيوھڻ فتح ڪيا. آخر ۾ ٺٽي تي ڪاھي آيو. تڏھن ڄام جي اک کُلي ھن نواب دريا خان کي گھرائي ورتو. حالتون خراب ٿي چڪيون ھيون. باوجود ان جي نواب صاحب آخري دم تائين سنڌ جي آزادي ، ناموس ۽ عزت خاطر لڙندو رھيو ۽ شھيد ٿيو. لڙائي ھلندي ڄام فيروز ڀڄي وڃي پير پَٺي طرف لِڪو جتان آخر شاھ بيگ کي رحم جي درخواست ڪري معافي وٺي صلح جا شرط قبولي ارغونن جي تابع ٿي ھڪ محدود ٽڪري تي رھڻ لاءِ رضامند ٿيو.
نواب صاحب سنڌ جي آزادي خاطر سر ڏيندڙ ، سورمن ، مدبرن ۽ صحيح رايا رکندڙ محب وطنن مان مکيه ھو.ان کي تنھنڪري سنڌ لاءِ شھيد ٿيندڙ ۾ ٽيون نمبر شمار ڪريون ٿا.ان جي مزار سندس مربي ڄام نظام الدين جي الھندي طرف مڪلي ٽڪريءَ تي آھي.سنڌ جو مشھور مورخ سيد پير حسام الدين راشدي مڪلي نامه ۾ سندس ھيٺين خيالن جو اظھار ڪري ٿو: ” نواب دريا خان ابتدا ۾ لاوارث ڇوڪرو ھو، بادشاھ منجھس ڪارڪردگيءَ جا جوھر ڏسي ، پاڻ وٽ آڻي اعليٰ تربيت ۽ تعليم ڏيئي معمولي مالازم جي درجي تان مٿي چاڙھي کيس وزير اعظم جي درجي تي آندو. سنڌ جي فوجن جي سپھ سالاري به سندس سپرد ڪئي. مبارڪ خان، خان اعظم جا خاص خطاب ڏيئي سندس مرتبو بلند ڪري آخر کيس پنھنجي فرزند جي لقب سان سرفراز ڪري عروج ۽ اقبال جي آخري منزل تي پھچايو.“مردم شناس سلطان جي منتخب ڪيل ماڻھو ، سندس ڪارڪردگي سبب بادشاھ جي زندگيءَ ۾ نمڪ حلالي ۽ جفاڪشي ڪندي سموري سلطنت جوڳاٽ اوچو رکيو. بلڪ سندس وفاتيءَ کان بعد به اھو اڪيلو امير ھو جنھن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ مسلسل جدوجھد جاري رکي، پنھنجي جيئري مغلن کي ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو اول ۾ دره بولا خان وٽ پھچي کين شرمناڪ شڪست ڏيئي پٺتي ھٽايو. آخر ۾ ٺٽي جي چائنٽ وٽ لڙندي وڙھندي تير ۽ تلوارن ھڻدي ۽ کائيندي پنھنجو سر صدقو ڪري ڇڏيو.ان کان پوءِ ” خرابي سنڌ “ جو باب کلي پيو. جنھن نه صرف ٺٽي بلڪ ساري سنڌ لاءِ غيرن جي غلاميءَ جو رستو ھموار ۽ صاف ڪري ڇڏيو. اھو واقعو 926ھ مطابق 1420ع تي سرزد ٿيوان کان پوءِ سنڌ 1131ھ مطابق 1719ع تائين غيرن جي غلامي ھيٺ رھي . جنھن کي ميان نور محمد صاحب ڪلھوڙي جي ڏينھن ۾ مٿي کنھڻ جي فرصت ملي . پر سندس ڏينھن ۾ نادر شاھ جي ڪاھ وري سنڌي حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو.حق ته اھو آھي ته ھھڙي بھادر ، سرويچ ، مدبر شھيد سنڌ جون سال بسال ورسيون ملھائي يادگار قائو ڪريو

بنا ڪرند خوش رسمي ، بخون و خاڪ علطيدن،
خدا رحمت ڪند اين، عاشقان پاڪ طينت را.

معني: ” خدا رحمت ڪري انھن پاڪ صفت عاشقن تي جن پنھنجا رت ھاري سندن بھادري ۽ قربانيءَ جا مثال قائم ڪري ڇڏيا آھن . وري پير حسام الدين شاھ مڪلي نامه ۾ لکي ٿو ته:ـ
 
” نواب دريا خان سنڌ کي ھر لحاظ سان مضبوط ۽ محڪم ڪيو . ان جي فوجي ، سياسي ، خواھ سماجي ۽ اقتصادي صورت کي اھڙيءَ ڪريءَ تي بيھاريو جو مورخن جو متفقه قول آھي ته اھڙو زمانو سنڌ نه پھرين ڏٺو نه پوءِ. انھيءَ ۾ تعميري ، رفاھي صلاحيتن سان گڏ منجھس آزدي ۽ وطن پرستيءَ جو جيڪو رنگ ھو اھو سنڌ جي تاريخ ۾ کيس ھميشه زنده ۽ پاينده رکندو. سر جا سانگا لاھي وطن کي ڌارين جي قبضي کان آزاد رکڻ لاءِ ھن جيڪا جدوجھد ڪئي اھا سنڌ جي تاريخ ۾ مثل آھي.سندس سمورو خاندان انھيءَ رنگ ۾رَتل ھو. سندس سڀئي مٽ مائٽ ، دوست، خواه ، جري جوان ۽ بھادر ھئا. علاوءالدين منجھن عالم نڪتو. محمود خان ۽ موٽڻ خان سپاھي مرد ھئا. پڇاڙي سوڌو ارغونن سان خوب وڙھيا . سارنگ خان چوٿون نمبر فرزند ھوس جو به پنھنجو مٽ پاڻ ھو.“
( مڪلي نامه : پير حسام الدين شاھ راشدي )

شھيد روپلو ڪولھي : ڪتاب : سنڌ جا شھيد


شھيد روپلو ڪولھي
ڪتاب : سنڌ جا شھيد ( ليکڪ : اسرار شام )

تريءَ تي بھشت مڱڻ يا ٻين تي ڀاڙڻ يا ٻين جي ڪلھن تان بندوق ڇوڙڻ ، عمل کان عاري ۽ ڪاھل قوم جي نشاني ھوندي آھي.اھڙين حالتن ۾ ڪنھن به پست قوم جي تاريخ اول ته چرڻ وارا پار نه ڏيکاريندي آھ، پر کڻي تربيت ڏني ويندي آھي ته اھا تاريخ بجاءِ مئل ماڻھن جي سوانح عمري وڌيڪ لڳندي آھي ان ويل ڪن ڪارڻن ڪري وجھ وٺي ” ٻيا “ يا ٻين لفظن ۾ ” ڌاريان “ تاريخون ترتيب ڏيڻ جو ڪم شروع ڪري ڏيندا آھن. جيڪو اڳتي ھلي ڪارنامون پڻ بڻجي پوندو آھي.
اھڙين زھر جھڙين ، مگر سچين حقيقتن جي پيش نظر سنڌ جي تاريخ تي نظر وجھجي ته گھڻي ڀاڱي مارو ئي ساروڻين جي منتقليءَ جا پڙاڏا ته ٻڌڻ ۾ ايندا ، مگر ورق خالي نظر اچڻ لڳن ٿا ڇو ؟
جيتوڻيڪ انھيءَ ” ڇو “ کي ڇڏڻ سان اڄ اسان کي ” سنڌ ڪي تاريخ ڪيسي لکي جائي؟“ جھڙا ڪتاب بمع خطاب جي پڻ ملي چڪا آھن . پوءِ به اسان پاڻيءَ جون دٻو ڳولھڻ بجاءِ جيءَ ۾ جھاتي پائڻ بجاءِ حالتن جو نڪور تقاضائن کي رد ڪندي ستا ئي پيا ھجون ته پوءِ سلطاني سھاڳ ته پري ٿيو پر ڌرتيءَ جي ڌوڙ به نصيب ٿي نه سگھندي !ـ
اھوئي سبب آھي جو سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي لافاني ڪردار ، اڄ به تاريخ ۾ موجود ضرور آھن پر ان جي ورقن ۾ سندن ڪردار سواءِ گمشدگيءَ جي اشتھار کان به وانجھيل رھندا پيا اچن. سنڌ صدين کان آھي ۽ صدين کان ئي ڌارين جي حملن جو شڪار به ان ڪري پئي رھي آھي جو ڇڏڻ وارن ھر دور ۾ ساڳي ” ڇو ؟ “ کي به ڇڙواڳ ڇڏيو آھي.انيڪ حملي آور قومن مان ھڪ قوم انگريز سامراج سنڌ کي حلوو سمجھي ڳڙڪائڻ لاءِ سنڌ تي 1843ع ۾ ڪاھ ڪري فتح ڪئي . ان ۾ شھيد ھوش محمد شيدي جھڙا سنڌي سرويچ جنرل اڀريا ته ، اڳتي ھلي 1857ع جي جنگ آزديءَ جي لھر ۾ ” روپلي ڪولھي “ جھڙا ڪونڌر به اڌما ڏيئي اٿيا ۽ ڌرتيءَ کي رت ڏيئي . 21 آگسٽ 1859ع ڦاھي چڙھي سرخرو ٿي ويا!
سنڌ جي تاريخ جي محققن ھن جوڌي ڪردار سان ڪھڙو ورتاءُ ڪيو؟ ان سلسلي ۾ سڄي سنڌ جي سونھن ۽ شاھ جي سورمي مارئي جي ملڪ ملير ( ٿر ) جي لال ترتيب ڏيئي لاشڪ سنڌي ساھت ۽ سنڌ جي تاريخ تي ٿورا ضرور ڪيا آھن. پر افسوس ته روپلي جي ڪردار کي ايترو مان ڏنو جيترو جو ھو حقدار ھو!

سرڳواسي رائچند پنھنجي تصنيف ” تاريخ ريگستان “ جي پھرين ڀاڱي ۾ : ننگر پارڪر ۾ بغاوت ( 1859ع ) واري باب ۾ پيرائتي نموني انگريزن جي انتظامي جوڙجڪ ، معاشي استحصال ۽ وفاداريون وڪڻندڙ جو ڪارائتو ذڪر ڪري ٿو. جڏھن ته مکيه ڦورو ۽ سامراجي ڪردار جنرل تروٽ سان جڏھن ٿاڦيل قدمن ڪري مذاحمت شروع ٿيڻ تي جن جوڌن جو ذڪر ڪري ٿو انھن ۾ روپلي جي نانءَ جي نشاندھي ڪرڻ مھل کيس اڻ سڌيءَ طرح ۽ ” ٻيا “ واري اصطلاح ۾ آخر ۾ ھن ريت بيان ڪري ٿو :
” راڻن جڏھن تروٽ صاحب کي ڳولا ڪرڻ سان به نه لڌو تڏھن ھنن سمجھيو ته مارجي ويو. انھيءَ ڪري ھيڪاري جوش وڌيو ،ڪچھري ته حملو ڪري ڪن سپاھين کي ماريائون ۽ ڪيترا ڦٽيا ، پارڪر جا ڪيترا سوڍا اچي شامل ٿيا ۽ بھادريسان وڙھيا. انھن ۾ مکيه لاڌو سنگ وير واءِ جو داڻو، ڪرڻجي ننگر پارڪر جو راڻو ، رامجي ، ورڻ اڌي سنگ، ڪلجي ، پونجو ، مھاسينگ ۽ روپلو ڪولھي مشھو جوڌا ھئا. ( ص 208 ) ساڳئي باب ۾ سرڳواسي اڳتي ھلي روپلي جي ” وفا “ بابت ھيءُ اکر ڏسي ٿو : ” روپلي ڪولھيءَ جو راڻي سان وفاداري ڪري سندس نالو اڃان پيو ڳائجي ، اھو سندس لاءِ امر انعام آھي.“ ( ص 221 ) ھن پھرين ڀاڱي ۾ روپلي جو ڦاھيءَ تي چڙھڻ ، جنھن جي ڄاڻ اسان کي اڳتي ھلي ورسي ملھائڻ ڪري پئي ، ڪو نالي ماترو اشارو به نٿو ملي.سرڳواسي اڄ اسان وٽ موجود نه آھي، نه ته پاڻ ئي ڪجھ ٻڌائي سگھي ھا. البت ھن منجھيل سِٽ کي سنوت ۾ آڻيدڙ ڪي سنڌ جا ٽياڪڙ تاريخ نويس ( جيڪر موجود ھجن) اسان جھڙن طالبعلمن کي به ڪو گس ٻڌائي نج ڄاڻ ڏين ته ، حقي ڪردار سان انصاف ڪرڻ جي تقاضا پوري ٿي سگھندي.ھن ڏس ۾ شڪي امڪان ھن طرح اڀري ٿو ته، روپلو ڪولھي ذات جو ھو ان ڪري کيس فقط وفاداريءَ ( جنھن جي طرح نوڪر وانگر لڳي ٿي ) تائين ڳڻائي دنگ ڪيو ويو.يا ائين به ٿي سگھي ٿو ته سرڳواسي رائچند جي ترتيب ڏنل ” تاريخ ريگستان“ جي ” اصل مسودي “ ۾ روپلي جي ڪردار کي حقيقت جي روبرو پيش ڪيو ويو ھجي ، پر ” ڪن سببن “ ڪري تراش خراش Subing جي سيراڻ تي آندو ويو ھجي! ڇاڪاڻ ته رائچند جي تاريخ ريگستان کي سنڌي ادبي بورڊ 1956ع ۾ ڇپائي ھيٺ پڌرو ڪيو ھو. بورڊ اسان جو خودمختياري ( نيم سرڪاري ) ادارو ضرور آھي ، پر تخليقي ادب کان ورتو وڃڻ يا اڃا توڻي سنڌي جي جامع ۽ مستند تاريخ نه ڏيڻ ڪري پنھنجو پاڻ مرادو ڀرپور ۽ مڪمل ڪردار ادا نه ڪرڻ ڪري ضروري نه آھي ته ان جي ڇپايل ھر ڪتاب کي مستند ۽ مڪمل سمجھيو وڃي پر گھٽ ۾ گھٽ ھن ڏس ۾ رائچند جي اصل مسودي ۾ روپلي جو اھم ڪردار متعين نه ڪيو ھجي. جنھنجو اسين گمان جي بنياد تي ذڪري ڪري رھيا آھيون! اھو به تڏھن غالب ٿيو جڏھن خود روپلي جي برادري ( ڪولھي ) پنھنجي ارڏي ۽ جوڌي ڪردار روپلي کي ورسيءَ جي حوالي سان سرڳواسي رائچند جي مکيه نقطي کان ھٽي ڪري بياني توڙي سانگ وسيلي پيش ڪيو!
ھن ڏس ۾ پيش ٿيندڙ صورتحال ( ورسي ) جي پيش نظر سرڳواسي ته مطمئن ڪندي نٿو نظر اچي ( يا ٿي سگھي ٿو ته ھن جملن جي اڻت کان پوءِ ٻيو ڪو اھل قلم مطمئن ڪندڙ نقطئه نظر ساڻ ڪري اچي يا ن اچي.)
اھو ته اڳتي ھلي وقت ٻڌائي سگھندو. البت کوڙ ساريون شابسون ھجن اڳوڻي ھڪ پرائمريءَ جي استاد ۽ حال ڪائونسل پريم پارڪريءَ کي جنھن ڳوٺ پريم نگر لڳ نبي سر روڊ ، ٿرپارڪر ۾ سنڌ جي ھن لافاني ۽ ويڙھاڪ ڪردار ” روپلو ڪولھي “ جي پھريون گھمرو 125 ورسي پنھنجي برادري ، ڪولھِن جي سرواڻيءَ ۾ ڌوم ڌام سان ملھائي دم پٽي ڏيکاريو!

ھن ورسيءَ جو سٽاءُ ٿر جي برپٽ تي تڏا تنئوريون وڇائي ڪيو ويو ھو. جنھن جو عملي پھلو منجھند 4 وڳي کان رات جو 12 وڳي تائين ھلي پورو ٿيو.
اٽڪل 400 کن ڪولھي جنھن ۾ ٻڍا ، ٻار ، جوان زائفون شامل ھيمون ، موجود ھئا. ويندي ويندي ننگر پار کان پڻ ڪجھ عقيدتمند ڪولھي پاڻ به لٿا ھئا. ميڙاڪي کي منھن ڏيڻ لاءِ نڪي ڊائس نڪي مائيڪ ھئا. مقرر خطابي نه ھو . گوڏو ڀڃي ، پاٿولي ، ماري ۽ ڪانڀ ٻڌي ڪچھري ڪرڻ وارو ٺيٺ سنڌي ثقافت وارو سمان ھو.
ڊزن کن جھونن ڪولھين شاعريءَ ۾ روپلي تي عقيدت جاگل نڇاوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڏنا، وڏي ڦري جيئان پنھنجي ٻولي ۽ پنھنجي تڪ بنديءَ ۾ بر زبان پڙھندا ٿي ويا. ايڪڙ ٻيڪڙ نه سمجھندڙ بعض لفظن کي سمجھندي روپلي سان وھيل تاريخي ويل تي پڻ متاثر ٿيندي ڏٺا پئي ويا.

ھن ويھڪ پڄاڻيءَ پريم پارڪريءَ ترجماني ڪندي ٻڌايو ته شاعري ۾ شاعرن روپلي کي ڪجھ ھن ريت سوڀارو بيان ڪندي ڳايو ته انگريز جڏھن سنڌ تي حملو ۽ فتح حاصل ڪرڻ کانپوءِ ، نظام نافذ ڪرڻ وقت جڏھن مختيار ڪاريون قائم ڪيون ۽ ڍلون اوڳاڙڻ جو طريقو ٿاڦيو، ٽيليگراف جون تارون وڇائڻ وقت ، ڪارندن ، ٻڪري، ڪڪڙ، وھٽ ۽ وني جي ڦرلٽ شروع ڪئي ته روپلي معاشي استحصال ۽ غلامي ڪرڻ بجاءِ انگريز سان ٽڪر کائڻ جو وچن ڪيو. آزاديءَ جي جنگ شروع ھئي ان جي لھر ۾ ھن سرويچ 5 ھزار ماڻھن جو جٿو جوڙيو. انگريز کي کڙڪ پيئي . جنھن سازش جا ڄار وڇائڻ شروع ڪيا. آخر ڪار انگريز جنرل تروٽ ، حملو ڪيو مگر نتيجي ۾ ڀاڄ کائي حيدرآباد ڀڄي ويو . جتان وري ھي نئين سر فوجي کيپ سان مسلح ٿي ننگر پارڪر پھتو. ۽ بعض مقامي ماڻھن جي غداريءَ ڪرڻ ڪري روپلي کي قيد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو . سندس ساٿين کي پيش پوڻ لاءِ جنرل تروٽ مٿس طرح طرح جا اذيت ناڪ ظلم ڪرايا . ايتري قدر جو ڪپھ جي ٺھيل ڏيئي جي وٽن وانگر وٽون ٺاھي ، سندس ڏھن ئي آڱرين کي ساڙيو ويو ، پر ھن سرويچ ھڪ به ساٿي جو نالو ٻڌائڻ بجاءِ امر ٿي مرڻ کي ترجيح ڏني.
انگريز ٻي چال ھلندي ۽ سندس وريتيءَ کي انعامن جي لالچ ڏيندي چيو ته تنھنجو مڙس حسين ۽ جوان آھي کيس سمجھائينس . ھن پاڻ مائيءَ ھام ڀري. کيس منگھرن ۾ واڙيل روپلي آڏو پيش ڪيو ويو ۽ مائي ، روپلي کي مخاطب ٿيندي چيو : ” روپلا! تنھنجي قوم تنھنجي مرڻ تي ماتم ته برداشت ڪري ويندي پر غداري ھرگز برداشت نه ڪندي ڇو جو مائرون اڃان سنڍ نه ٿيون آھن . جيڪي اڃان ڪيئي روپلا پيدا ڪنديون.“

اھڙي طرح ٻيو ڪو چاريو نه ڏسي انگريز جنرل ھن سوڍي کي 21 آگسٽ 1859ع تي ٻٻر جي وڻ ھيٺان ڦاھي چاڙھي ڇڏيو . ان وڻ جي جاءِ تي ھيئنر کٻڙ بيٺل آھن پريم پارڪر جي لنڱ ڪانڊاريندڙ ترجماني ڪرڻ کان پوءِ عملي سانگ شروع ٿيو جنھن کي ناٽڪ به چئجي ته ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو.نيلي آڪاش ھيٺ ڀونءَ ڀلاريءَ جي ڇاتيءَ تي روپلي جو فن ڪاريگريءَ جو اعتبار کان مٽيءَ جو بھترين مجسمون ٺاھي ان کي ان وقت جا ويس وڳا ۽ گلن جا ھار پارائي ھٿ ۾ ترار ڏيئي دفاع جو سمبل بڻائي کڙو ڪيو ويو ھوجڏھن ته ٻئي پاسي روپلي جو لشڪر جيڪو پڻ ٻن ڊزن کن نوجوانن تي مشتمل ھو جنرل تروٽ جا ڪجھ باوردي سپاھي تيار ڪري ، ٻنھين ۾ جنگ ڪرائي ويئي . ان ويل ائين لڳي رھيو ھو ڄڻ سچي پچي جنگ ٿي رھي آھي!!
اھڙي طرح ھيءَ ورسي سنڌ جي ورقن کي اٿلائڻ لاءِ امنگون ۽ اتساھ ڏياريندي، رات جي رڃ ۾ پوري ٿي ويئي . ۽ پوءِ جو جتان آيو اوڏانھن اُسھڻ لاءِ ڪک پن ٿي ويو !