Monday 30 May 2011

جسمم چيئرمن شفيع محمد برفت جو پيغام جيڪو سنڌ يونيورسٽي ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ياد ۾ ٿيل ميڙاڪي ۾ پڙهيو ويو



       
ها اڃان منهنجي ڌرتي جي پهاڙن کي چئو
 اوچا رهن ڇو ته منهنجو ڪنڌ جهڪڻو ڪونه آ

نوجوان شاگرد ساٿيو!
جيئي سنڌو ديش جيئي رهبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد


اڄ توهان سڀ سنڌ جا بهادر ڳڀرو نوجوان انهي ڌرتي جي فرزندن جي شهادتن جي ڏهاڙي کي ملهائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيو جن کي 17 آڪٽوبر يا ٽوڙهي جي شهيدن جي نالي سان هر سال ياد ڪندا آهيو. 17 اڪٽوبر 1984ع اهو ڏينهن جنهن ڏينهن سنڌ جي پنج ڳڀرو جوانن کي پنجابي سامراج جي فاشي ۽ يزيدي فوج ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ هٿيارن جا منهنکولي انتهائي بي دردي سان شهيد ڪيو هو.

اي ڌرتي توکي ڀيٽ ڏنا، ڪنهن لڙڪ ڦڙا ڪنهن ماڪ ڦڙا؛

جن توکي پنهنجو سيس ڏنو سي سڀ کان پاڻ ملهائي ويا.

هي عظيم سنڌ ڌرتي جا اهي اڙٻنگ ۽ اربيلا نوجوان هئا، جن پنهنجي رت جو ريج ڏيئي غلامي جي گھري ننڍ ۾ ستل پوري سنڌي قوم جون اکيون کولي ڇڏيون.ڇو ته اهو دور نظرياتي ڇڪتاڻ وارو دور هو. اهو دور قومي مفادن جي پاسي، حق ۽ صداقت
جي پاسي ليڪو ڪڍي بيهڻ جو دور هو. اهو دور پاڪستاني رياست جي نام نهاد ڪوڙي نظريي کي ڌڪاري تاريخ جي سچاين سان بيهڻ ۽ نڀائڻ جو دور هو ۽ سموري سنڌ ان وقت ڄاڻي چڪي هئي ۽ اڄ اهو بار بار ثابت ٿي چڪو آهي ته تاريخ جو سچ، تاريخ جي صداقت ۽ تاريخ جي لازوال سڏ جو ٻيو نالو فڪرِ سائين جي ايم سيد آهي ۽ توهان مان سمورا پارکو نوجوان اهو ڄاڻيندا هوندا ته هن فاشٽ رياست جي 63 سال جي ڄمار ۾ ان جي سموري نظرياتي، تاريخي، سياسي جوازن، ملن، ڪميونسٽن، جمهوريت جي دعويدارن، اسلامي نظام جي جاهل ٽولي خلاف صرف سيد جو فڪر ۽ فلسفو ئي هو جنهن ان تي ڄمي ڪوڙي ڪوٽ کي ڪيرايو. ۽ تاريخ اڄ اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته سيد جو فڪر ئي سچاين جي عظمتن کي حاصل ڪرڻ جواڪيلو مجاز آهي. باقي سموريون سياسي هيراڦيريون ان جي اڳيان ڪا به معني نٿيون رکن.

نوجوان ساٿيو!
اڄ جڏهن سموري دنيا مذهبي بنياد پرستي، ملائيت، جنون، جهادي جهالت ۽ فتني فساد جي ور چڙهيل آهي هن وقت سموري دنيا جا ڏاها ۽ فلسفي، سياستدان ۽ تاريخ نويس، مدبر ۽ انساني ماڻهپي ۾ ويساهه رکندڙ ذهن حيران آهن ته ڪيئن نه هزارن سالن کان مذهبي رواداري، انسان دوستي، ماڻهپي، سهپ ۽ برداشت وري سوچ کي سنڌ پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيو آهي. ڪيئن نه سنڌي قوم 30 هزار سال پهرين شيو مهراج“ ۽ ”شڪتي ديوي“ جي خدائي تصور کي دنيا اڳيان روشناس ڪرايو ۽ پوري انسانذات کي پنهنجي فڪر ۽ فلسفي کان منور ڪيو. ڪيئن نه موهن جي دڙي جي دراوڙي تهذيب جيڪا سنڌي قوم جي شهري رياست جو دنيا ۽ انسان ذات ۾ پهرين ابتدا هئي سنڌي سياسي، سماجي، اخلاقي، معاشي، قانون جوڙي انسان ذات کي تهذيب فراهم ڪئي. ان کان پوءِ واري تاريخ ۾ ڏسو ته شاهه لطيف کان سچل تائين، سامي کان شيخ اياز تائين، استاد بخاري کان حليم باغي تائين، سائين عطا محمد ڀنڀري کان ابراهيم جويو تائين، راشد مورائي کان منشي ابراهيم تائين ۽ سائين جي ايم سيد کان خاڪي جويو تائين سنڌي قوم جي شاعرن اديبن ۽ قومي رهبرن تائين ڪيئن نه انساني ماڻهپي جي سربلندي اتحاد انساني امن عالم ترقي بني آدم ۾ بقا باهمي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. ان حوالي سان ڏٺو وڃي سنڌي قوم نه صرف انسان ذات جي ماضي جي شاندار روايتن جي اهڃاڻ رهي آهي پر ڌرتي جي امن سلامتي بقا ۽ آئندي جي انساني محفوظ مستقبل لاءِ پڻ اگر ڪنهن قوم وٽ ڪو پيغام فڪر، سوچ ۽ فلسفو آهي ته اها صرف سنڌي قوم وٽ آهي اهو ئي سبب آهي ته سائين جي ايم سيد سنڌوديش جي آزادي کي دنيا جي امن ۽ سلامتي لاءِ انتهائي لازمي قرار ڏنو هو.سنڌو ديش جي آزادي جو فڪري بنياد به سائين جي ايم سيد هن ئي سنڌ يونيورسٽي ۾ رکيو هو جنهن ته اڄ قومي تحريڪ عمل ڪري رهي آهي. اڄ جيئي سنڌ متحده محاذ سنڌو ديش جي آزادي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي ان کان پوري قوم ۽ خاص ڪري سنڌ جا نوجوان چڱي ريت واقف آهن اڄ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ياد ۾ توهان نوجوانن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جسمم طرفان هي جيڪو پروگرام منعقد ڪيو آهي آئون
توهان ڌرتي جي سمورن باشعور پٽن سان پنهنجو اهيو عزم ڌهرائيندي واضع ٿو ڪريان ته سنڌو ديش جي آزادي لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين جدوجهد ۽ قومي مزاحمت ڪندو رهندس ۽ توهان نوجوانن کان پڻ اهيو وڃن وٺڻ ٿو چاهيان ته توهان سنڌو ديش جي آزادي لاءِ پنجابي سامراج خلاف جوٽيل هن جنگ ۾ ڪاميابي جي آخري گھڙي تائين ڇا اسان جو ساٿڏيندو........!!!!! نوجوان شاگردو ڇو ته شهيدن جي رت سان انصاف ڪرڻ جو اهو ئي واحد طريقو آهي ته اسان انهن جي فڪري مشعل کي روشن رکون ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻلاءِ دشمنن سان جنگ جوٽي مادرِ وطن کي آزاد ڪرايون....



اوهانجو پنهنجو
شفيع محمد برفت
چيئرمن جيئي سنڌ متحده محاذ

Friday 27 May 2011

رهبرِ سنڌ سائين جي.ايم سيد جا انٽرويوز



رهبرِ سنڌ سائين جي.ايم سيد جا انٽرويوز


سوال: عام طرح چيو وڃي ٿو ته سنڌ تمام ننڍو ملڪ آهي اهو آزاد ملڪ طور قائم رهي نه سگھندو. ان لاءِ اوهان جو ڇا چوڻ آهي؟ جواب: اها ڳالهه ته سنڌ ننڍو ڪمزور ۽ پيداواري وسيلن ۾ گھٽ ملڪ آهي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگھندو، غلط آهي. مون ان مسئلي تي پنهنجي ڪتاب ” سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ“ ۾ تفصيلي روشني وڌي آهي. جنهن۾ڏيکاريو اٿم ته اقوام متحده جي اٽڪل 150 ميمبر ملڪن مان 110 ملڪ سنڌ کان ايراضيءَ ۽ آدمشماريءَ يا پيدائش ۾ گھٽ آهن ۽ سنڌ تاريخ جي گھڻي دور ۾آزاد ملڪ طور پئي رهي آهي. ان کانسواءِ اهو به ڏيکاريو اٿم ته هن وقت عام آواز ايترو زوردار ۽ اثر وارو ٿي چڪو آهي جوڪو به وڏو ڀر وارو ملڪ ننڍي ملڪ تي زوريءَ سڌو سنئون قبضو گھڻي وقت تائين نه ٿو رکي سگھي. ڪيترا ملڪ اهڙا آهن جن کي پنهنجون فوجون ڪونه آهن ۽ انهن جي ايراضي به سؤ چورس ميلن جيتري مس آهي. ڪويت، مالٽا، لگسمبرگ، اردن، اسرائيل، ابوظهبي،(عرب امارات)، اردن، يمن، مالديو وغيره ملڪ، انهن مان ڪجھه آهن جيڪي اقوام متحده جا ميمبر آهن ۽ آدمشماريءَ، آباديءَ ۽ پيداوار ۾ سنڌ کان گھٽ آهن. تنهنڪري اهو چوڻ ته سنڌ ننڍو ملڪ آهي، آزاد رهي نه سگھندو، سا ڳالهه غلط ۽ ڌوکي کانسواءِ ڪجھه به ناهي. سنڌ جي ايراضي 57 هزار چورس ميل آهي ان ۾ آباديءَ جي لائق زمين 3 ڪروڙ ايڪڙ ٿي سگھي ٿي. سنڌ ۾ سامونڊي بندر آهي، مال جي چاري جا وسيع ميدان آهن، کاڻين ۽ معدنيات وارا جبل آهن ، تيل، قدرتي گيس موجود آهي1500 کان مٿي مختلف قسمن جا ڪارخانا آهن. سنڌ ۾ گھڻي تعداد ۾ ڪمند ڪپهه ۽ ڪڻڪ پيدا ٿئي ٿي. باغن لاءِ سنڌ وسيع زمين آهي. سامونڊي ڪناري درياهه ۽ ڍنڍن ۾ گھڻي تعداد ۾ مڇي مري ٿي، جا ٻاهر موڪلي ويندي آهي. جيڪڏهن چتائي ڏسبو ته سڄي پاڪستان جو مدار سنڌ تي آهي ۽ سنڌ کانسواءِ پاڪستان لولو لنگڙو آهي. سنڌ پيداوار جا انگ اکر منهنجي ڪتاب” سنڌوءَ جي ساڃاهه“ ۾ ڏنل آهن. هن وقت سنڌ ۾ ڪپهه11لک 67 هزا ر ايڪڙن تي پوکي وڃي ٿي. آزاديءَ بعد اها ايراضي وڌائي ٽيڻي ڪري سگھجي ٿي ڇو ته آزاديءَ بعد اسان سنڌو درياهه جو پورو پاڻي استعمال ڪري سگھنداسون. هن وقت پنجاب اسان جو پاڻي 1945 جي معاهدي جي خلاف ورزي ڪري کڻي وڃي ٿو. جنهن ڪري اسان وڌيڪ آبادي ڪري نٿا سگھون. سنڌ م ڪمند هيٺ 2 لک 51 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي پر آزاديءَ بعد وڌائي 11 لک ڪئي ويندي. ڪڻڪ هن وقت 20 لک 76 هزار ايڪڙن تي پوکي وڃي ٿي، پر آزاديءَ بعد اها ايراضي وڌائي 50 لک ايڪڙ ڪئي ويندي. سنڌ ۾ هن وقت 1 لک ايڪڙن تي ڀاڄيون ٿين ٿيون آزاديءَ بعد لک5 ايڪڙ جي ايراضيءَ تي ڀاڄيون پوکي پيداوار ۾ اضافو ڪنداسون. هن وقت سنڌ ۾ سيمنٽ جا صرف پنج ڪارخانا آهن ۽ آزاديءَ بعد انهن جو تعداد وڌائي ويهه ڪيو ويندو. ان وقت سنڌ جي استعمال کان واڌو سيمنٽ ٻاهر موڪلي پرڏيهي ناڻو ڪمايو ويندو. سنڌ کي 150 ميلن جو سامونڊي ڪنارو آهي جنهن ۾ هر سال هڪ لک نوي هزار ٽن مڇي مري ٿي، ان ڪم لاءِ 800 ٽرا لر، 800 لانچون ۽ ساڍي ٽي هزار ٻيريون استعمال ٿين ٿيون. آزاديءَ بعد ٽرا لرن، لانچن ۽ ٻيرين جو تعداد وڌائي مڇيءَ جي پيداوار جو اضافو ڪري سگھنداسون. سنڌ ۾ هن وقت 520 ڍنڍون، ڍورا ۽ پاڻيءَ جا تالاب آهن، جن مان هن وقت پوري نظرداري نه هئڻ ڪري به اٽڪل 19 هزار ٽن مڇي مري ٿي. آزاديءَ بعد ان جو تعداد ٻيڻو ٽيڻو ڪري سگھجي ٿو. اهي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي واضع ڪن ٿيون ته سنڌ وڏي پيداوار وارو ملڪ آهي ۽ ننڍو ملڪ ناهي ۽ آزاديءَ بعد اهو ٿوري وقت اندر دنيا جي ترقي يافته ۽ شاهوڪار ملڪن مان هڪ بنجي سگھي ٿو. سوال: اسان وٽ نه فوج آهن نه ماڻهو منظم آهن نه اسان وٽ دولت ۽ ٻيا وسيلا آهن. ان کان سواءِ اسان جي مٿين طبقي وڏيري، پير، مُلي ۽ ڪاموري جي گھڻائي ڌارين جي دلال آهي.. ان صورت ۾ سنڌو ديش ڪيتري قدر ممڪن آهن؟ جواب: جيڪي حالتون ڄاڻايون وڃن ٿيون، سي هڪ حد تائين صحيح آهن، پر هڪ غلام ملڪ جون حالتون ان نموني جون ٿينديون آهن. هندستان جڏهن انگريزن جي غلاميءَ هيٺ هو ته ان جي رهاڪو مسلمانن، هندن ۽ سکن جو مٿيون طبقو انگريزن جي غلاميءَ ۾ راضي هو. انگريزن، آزاديءَ جي تحريڪ هلندي هنن کا ن ملڪ دشمني ۽ غداريءَ جا ڪيئي ڪم ڪرايا، جنهن جي عيوض جاگيرون، عهدا، ماجسٽريٽيون، سر ۽ خانبهادريءَجا لقب ۽ ٻيون نوازشون ڪيون ويون ٿي. پر جنهن وقت ماڻهن جي گھڻائي آزاديءَ جي لاءِ خواهشمند ٿي ته هتان جي ماڻهن ٽن طريقن سان آزاديءَ جي راهه ۾ ڪم ڪيو. هڪڙن اسيمبليءَ ۾ وڃي ميمبر ٿي ملڪ جي حقن جي حفاظت جو آواز اٿارڻ شروع ڪيو، ٻين دهشت پسندي ۽ تشدد ذريعي آزادي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٽين وري مهاتما گانڌيءَ جي رهنمائيءَ هيٺ اهنسا جي اصول تي قائم رهي انگريزن سان تعاون نه هئڻ، سوِل نافرماني ۽ بائڪاٽ وغيره جي طريقن تي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي. پوءِ ٿوري وقت اندر لکين ماڻهون جيلن ۾ ويا، لٺيون جھليائون، سينن تي گوليون سٺيائون، ملڪيتون ۽ جائدادون ضبط ڪرايائون. پر آزاديءَ جھڙي لهر کي برٽش امپائر جھڙي طاقتور قوت روڪي نه سگهي. ۽ بين الاقوامي عام راءِ انگريزن کي مجبور ڪيو ته هندستان خالي ڪري وڃن. هتي اسان به ساڳئي طور تي مٿين ٽن طريقن سان سامراجين کي مجبور ڪري آزادي حاصل ڪري سگھنداسون. جڏهن اسان جا هزارين جيلن ۾ وڃي لٺين کائڻ لاءِ تيار ٿيندا ته دنيا جي عام راءِ ۽ آزاديءَ جا همدرد ملڪ اسان جي مدد ڪندا ۽ اهو وقت پري ناهي جو سنڌو ديش به دنيا جي نقشي تي آزاد ملڪ جيان اڀري اچي. پر ان لاءِ پهريون قومي ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ ضروري آهي ۽ ماڻهن ۾ آزاديءَ لاءِ جذبي جو پيدا ٿيڻ لازمي آهي. کري ۽ کوٽي کي سڃاڻڻو آهي. ڪرسيءَ جي بکئي ۽ لالچي ماڻهن کي تحريڪ جي آڏو اٿڻو ناهي ۽ انهن جي دوکيبازين کان بچي سنڌ ۽ سنڌ جي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. شخصي ليڊر شپ جي جاءِ تي گڏيل ليڊرشپ ۽ اصولن لاءِ ڪم ڪرڻ جي ماڻهن ۾ عادت پيدا ڪرڻي آهي. پوءِ اهو ڏينهن پري ڪونه ٿيندو جو اسان باوجود مٿي ڄاڻايل مشڪلاتن جي سنڌ ؛ي آزاد ڪرائي سگھنداسون. سوال: مرحوم ذالفقارعلي ڀٽي جي حڪومتي دور ۾ هن پنجاب کي وڏا فائدا ڏنا جھڙوڪ: نوي هزار قيدي آزاد ٿيا، ڀارت وٽان ڦٻايل ملڪ جو حصو واپس ورتو، لاهور ۾ خشڪ بندر ٺهيو، آئين ۾ پنجاب جي بهتري حاصل ٿي. مقامي قومن جو وجود آئيني طور ختم ڪيو ويو وغيره ، پوءِ ڪهڙو سبب هو جو پنجابين پنهنجي وڏي خير خواهه کي ڦاسيءَ چاڙهيو؟ جواب: انهيءَ مسئلي کي پوري طرح سمجھڻ کان سواءِ ڪيل سوال جي دائري ۾ ان جو جواب ڏيڻ حقيقت جي پوري طرح عڪاسي ڪري نه سگھندو؛ تنهنڪري آءُ بهتر ٿو سمجھان ته ان مسئلي تي تاريخي پس منظر سان نگاهه وجھي جواب ڏنو وڃي. هندستان هڪ برصغير آهي، ان ۾ مختلف جاگرافي خطن، جدا جدا آبهوائن، مختلف قومن، جدا جدا مذهبي خيالن، جدا جدا زبانن ۽ نسلن جا ماڻهون رهندا آهن. ان تي ٻن حقيقتن يا جزن (factors) پنهنجي نقطه نظر کان اثر انداز ٿيڻ ڪوشش پئي ڪئي آهي. هڪ طرف جاگرافيءَ ۽ تاريخي بنيادن تي، ماحول ۽ مختلف سببن جي ڪن مخصوص ٽڪرن (خطن) ۾ مختلف زبانن، نسلن، ڪلچر، سياسي ۽ اقتصادي فائدن گڏجي قومون بنائڻ جو ڪارنامو سرانجام پئي ڏنو آهي. ٻئي طرف مختلف نظرين جي بنياد تي مذهبي ماڻهن يا بادشاهن ملڪ کي گڏي هڪ ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. ٻنهي ڌرين کي پنهنجا پنهنجا دليل ۽ جواز پئي رهيا آهن. ان پسمنظر کي سمجھڻ لاءِ آئون ٻن هزار سالن جي تاريخ ۽ ان تي ڄاڻايل ٻن حقيقتن جي پاڻ ۾ تضاد وارن اختلافن کي ٽن دورن ۾ ورهائي ذڪر ڪندس. هڪ دور مها راجا اشوڪا کان وٺي انگريزن جي دور تائين شمار ڪري سگھجي ٿو. ٻيو دور پاڪستان ٺهڻ کان وٺي يحى خان جي دور تائين ليکبو. ٽيون دور ڀٽي ۽ موجوده حڪومت جو دور سڏي سگھجي ٿو. پهرين دور ۾ هڪ طرف ٻڌن، هندن،۽ مسلمانن پنهنجي مذهبي نظرين جي آڌار تي سامراج برپا ڪري متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ٻئي طرف مڪاني سياسي ۽ اقتصادي اختلافن آبهوا جي تفاوت ۽ نسلن جي جدا گانه حيثيت ماڻهن کي ڪنخاص خطن ۾ قومن جي صورت وٺائڻ ۾ مدد پئي ڪئي آهي. ڪڏهن طاقت جي زور تي اشوڪا ٻڌڌرم جي بنياد تي سڄي هندستان کي متحد ڪرڻ جي پاليسي پئي هلائي ته ڪڏهن ”وڪر ماجيت“ جي دور حڪومت ۾هندو مذهب کي زور وٺائي ان ذريعي هندستان ۾ هڪ خيال ۽ يڪجھتي ويدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪڏهن وري مسلمانن جي دور حڪومت يعني علاءُالدين خلجي ۽ اورنگزيب جي ڏينهن ۾ هندستان جي مختٿلف پرڳڻن کي فتح ڪري اسلام جي بنياد تي سڄي هندستان کي متحد ڪرڻ ڪوشش ڪئي وئي. اهي ڪوششون پرڳڻن جي اختلافن، آبهوائن جي تفاوت، ماحولن، نسلن، ٻولين ۽ تهذيبن جي جداگانه وجودن سبب عارضيءَ طرح ڪاميابيءَ جي ويجھو نظر آيون، پر مڪمل طرح ڪامياب نه ٿي سگھيو ۽ نه مختلف سامراج گھڻو وقت جٽاءُ ڪري سگھيا. ٻيو دور پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي يحى خان جي دور تائين هليو. هن دور ۾ تاريخي حقيقتن کي نظرانداز ڪري اسلامي نظرين جي بنياد تي پاڪستان ۾ مختلف شريڪ قومن کي سندن زبانن، تاريخي روايتن، تهذيبن، سياسي ۽ اقتصادي مفاد ۽ تاريخي ۽ جاگرافيائي حقيقتون جدا هيون. ان ڪري اهي ڪوششون ڪامياب ٿي نه سگھيون. ان مذهبي ڏاڍ جي ڪري مورڳو اوڀر پاڪستان ، بنگلاديش جدا قومي حيثيت حاصل ڪري آزاد ٿي ويو. تجربي جي بنياد تي ساستدانن کي سڄي مسئلي تي نئين سر غور ڪرڻ گھربو هو، پر ائين نه ٿيو. ڀُٽي جي دور حڪومت ۾وري ساڳيون غلطيون مذهب جي نالي ۾ دهرايون ويون. رهيل پاڪستان ۾ تاريخي ۽ جاگرافيائي وجود رکندڙ قومن (سنڌين، پنجابين، بلوچن ۽ پٺاڻن) کي زبردستيءَ هڪ قوم ” پاڪستاني قوم “ بنائڻ جي ڪوشش جاري رکي وئي. هيءَ ڳالهه پاڪستان ٺهڻ بعد پيدا ٿيل ”نظرئي پاڪستان“ جي هڪ ڪڙي هئي. ڀُٽي صاحب پنهنجي دور۾ جيڪي ڪم ڪيا انهن جي جدا حيثيت ڪانه هئي. پر مٿي ڄاڻايل مختلف دورن ۾ ايجاد ڪيل نظرين جي شاخ هئا. مهاجر ـ پنجابي سامراجين سنڌ مان ڀٽي صاحب کي ذهني صلاحيتن جو مالڪ سمجھي اقتدار لاءِ چونڊي پنهنجي اصل مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڪم آندو. ڀٽي جي پنهنجي آزاد حيثيت ڪانه هئي، پر هو ان نظرياتي گروهه جو گماشتو هو. ان ڪري جڏهن مهاجر ـ پنجابي سامراج ڏٺو ته ڀٽو پنجن سالن جي ڪوششن باوجود پاڪستان کي حقيقي طور ” هڪ ملڪ “ بڻائي نه سگھيو ۽ نه ” گھڻ قومي اختلافن “ کي پوري طرح ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جيتوڻيڪ سنڌين، پٺاڻن ۽ بلوچن طرفان قومي حقن جي گھر تي مٿن بغاوت جا ڪيس هلائي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ان ۾ حقيقي ڪاميابي ڪانه ٿي سگھي هئي. ٻئي طرف ڌارين سامراجين جي ڦر لٽ سببان سنڌ ۾ پيدا ٿيل رنجيدگي ۽ بي اطمينانيءَ ”سنڌو ديش“ جي آزاديءَ جي تحريڪ اڀري آئي هئي. اهي ٻئي ڳالهيون مهاجر ـ پنجابي سامراج جي موت جو ڪارڻ بڻجي سگھيون ٿي. جيئن ته نظرياتي طرح ماڻهن کي متحد ڪرڻ جا تصور تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي بنياد تي پدا ٿيل قومن جي خلاف هئا، ان ڪري ڀٽو صاحب پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ٿي نه سگھيو. تنهن ڪري( مهاجر ـ پنجابي سامراجين ) ڀٽي کي اقتدار اعلى تي آندوهو، تن کس مکيه مقصد ۾ ناڪام ٿيڻ ڪري اقتدار تان هٽائي کيس ناڪاميءَ جو جوابدار سمجھي آخر ۾ ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏيو. ڀٽي صاحب نه صرف اسلام جي بنياد تي پر سوشلزم ۽ جمهوريت جي نالي ۾ ماڻهن کي متحد ڪرڻ ٿي گھريو، پر جنهن صورت ۾ تاريخي ۽ جاگرافيائي حقيقتون نظرياتي بنيادن تي ملڪ کي متحد ڪرڻ جي خلاف هيون، ان ڪري ڀٽو صاحب رٿيل مشن ۾ ناڪامياب ٿيو. هن وقت کيس اقتدار تان هٽائيندڙ ماڻهو (مهاجر ـ پنجابي سامراج)سوشلزم ۽ جمهوريت جي نعرن کي ڇڏي صرف مذهب جي نالي ۾ ماڻهن کي زوريءَ پاڪستاني قوم بنائي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر اهي به ناڪامياب ٿيندا، ڇاڪاڻ ته هزارن سالن جي تاريخي، جاگرافيائي، زباني، تهذيبي، سياسي ۽ اقتصادي اختلافن هوندي اهو منصوبو پورو ٿي نه سگھندو. هنن ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏئي مهاجر پنجابي سامراج جي هڪ هٽي ( Monopoly ) ۽ قبضي کي مظبوط ڪرڻ ۽ اڀري آيل گھڻ قومي لاڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪا پاليسي هلائي آهي سا ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب نه ٿيندي، پر ڏک اهو ٿيندو ته هنن سامراجين جي مذهبي ڏاڍ جي ڪري ماڻهن مان مونڳو اسلام جي محبت به ختم ٿي ويندي. لطيف سرڪار فرمايو آهي ڪٺيس ڪويڄن، تن طبيب نه گڏيا ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏين ڏکويو! سوال: ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي وڏيرن ۽ مفاد پرست ۽ انهن کان سواءِ ٻيا اڪثر ماڻهو” جيئي سنڌ تحريڪ “کي سمجھڻ لڳا آهن ۽ چاهن ٿا ته” سنڌ ۽ سنڌين جو حل پاڪستان جو ٽٽڻ“ اهي. ان جذبي منظم ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟ جواب: ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کان پوءِ سنڌ جي اڪثر عوام ۾ پاڪساتان جي خلاف جيڪو ردعمل پيدا ٿيو آهي سو پخته دماغي ۽ صحيح شعور جي ڪري نه ٿيو آهي، پر هڪ جذباتي رجحان آهي. پر جيڪڏهن ڪٿي اهو ردعمل صحيح صورت ۾ آهي به ته اهو اسان جي جيئي سنڌ تحريڪ جي لاڳيتي ۽ وقت بوقت اٿاريل آواز جو نتيجو آهي. ڀٽي جي ڦاسيءَ کان اڳ ڪي مخلص ماڻهو صحيح حقيقتن کان واقفيت نه هئڻ ڪري مون وٽ آيا ۽ چيائون ته آئون ڀٽي کي ڦاسيءَ کان بچائڻ لاءِ رحم جي اپيل ڪريان. مون کي خبر هئي ته ڀٽي صاحب پنهنجي دور حڪومت ۾ مهاجر ـ پنجابي سامراج کي وڏا فائدا رسايا ۽ٌ سنڌ کي نقصان پهچايا هئا، پوءِ به حالتون ان ڪڙيءَ تي وڃي بيٺيون جو کيس اقتدار تي آڻڻ واراين ڌرين مٿس ڪيس هلائي ڦاسي ڏيڻ پئي گھري. انهن ساڳين سامراجين مون کي سنڌي قوم جي آزاديءَ جي آواز ڪڍڻ سبب، بنا ڪيس هلائڻ جي دائمي نظربند ڪري ڇڏيو هو. دنيا جي وڏن اڳواڻن جمي ڪارٽر، برزنيف، ڪرٽ والڊهائيم، فرانس جي صدر، شاهه خالد ۽ ٻين جي ” رحم جي اپيلن“ جي باوجود سامراجين ڀٽي کي آزاد نه ڪيو، سي مون جھڙي ۽ سندس بنيادي مخالف جي اپيل تي کيس ڪيئن ڇڏي پئي سگھيا، سا ڳالهه پڌري پٽ پئي هئي. ڀٽي جي پوئلڳن کي اڃان صحيح سمجھه نه آئي آهي ۽ اهي اڃان به هڪ ڀيرو (پنجاب جي پٺيان لڳي) گمراهه ٿي سگھن ٿا. اها ڳالهه سمجهڻ جي لائق آهي ته انسان روح ۽ مادي جو مرڪب آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو شخصي طرح خراب ڪم ڪري ٿو ته ان جي کيس سزا عملي طور دنيا ۾ ملي ٿي. پر ڪي ڏوهه اهڙا به آهن جن جو قوم جي مجموعي مفاد، اخلاق ۽ مستقبل جي زندگيءَ سان واسطو رهي ٿو. انهن جي سزا عملي دنيا ۽ نتيجن جي دنيا (تاريخي دنيا) ٻنهي ۾ ملڻي آهي. ( ان ئي اصول تي مختلف مذهبن وارن عملن جي سزا وارو تصور ايجاد ڪيو آهي. ) ان ڪري ضروري آهي ته ڀٽي صاحب جي سنڌي پوئلڳن کي هاڻ پاڪستان جي سياست ڇڏي ”سنڌ جي سياست“ ۾ ايمان رکي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪرڻ کپي. سنڌ ۾ پاڪستان ۽ پنجاب جي خلاف پيدا ٿيل آواز کي وڌائي منظم ۽ مظبوط ڪرڻ کپي. اهو ئي واحد حل ۽ نجات جو ذريعو آهي. سوال: پاڪستان کان سنڌ کي آزاد ڪرائڻ جي جدوجهد ۾ اسان سنڌين جو بلوچن سان اتحاد ڪرڻ ڪيتري قدر فائديمند ثابت ٿيندو؟ جواب: مون کي صحيح طور معلوم نه آهي ته بلوچن جي موجوده ليڊرشپ جا اصل ارادا ۽ مقصد ڪهڙا آهن. جيڪچهن اهي بلوچستان کي جدا ملڪ سمجھي پاڪستان کي ڊاهي پنهنجي ملڪ کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا ته ان حالت ۾ اسان م،ظلوم جي حثيت ۾ هم زخيال مظلوم قوم سان گڏجي آزاديءَ لاءِ جدڳجهد ڪري سگھون ٿا ۽ اها جدوجهد اسان لاءِ فائديمند ٿي سگھي ٿي. جيتري قدر مون غور ڪيو آهي ته موجوده پاڪستان جي چئن پرڳڻن مان پٺاڻ ۽ پنجابي سامراجين جي مرضي آهي ته سنڌ کي ڪالوني بنائي ان جو اقتصادي، سياسي ۽ تهذيبي استحصال ڪيو وڃي. سنڌ ئي اهو واحد صوبو آهي جو مالي وسيلن ۾ زرخيز آهي. ان کي سمنڊ ڪنارو آهي، ٻاهرين ملڪن سان واپار لاءِ بندر آهي. ان ۾ کاڻين ۽ تيل ملڻ جا امڪان آهن. هتي هنري ڪارخانن کولائڻ لاءِ سهولتون موجود آهن. سنڌ ۾ زراعت ۽ مالداريءَ لاءِ گھڻا موقعا ميسر آهن. سامونڊي مڇي گھڻي انداز ۾ مري ٿي ان ڪري باقي صوبا، جيڪي اقتصادي وسيلن ۾ گھٽ آهن سي مشڪل سان استحصال مان هٿ ڪڍن، ڇاڪاڻ ته اهي سنڌ جي ڪمائيءَ وسيلي ئي پنهنجي خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ جا خواب ڏسي رهيا آهن. تنهنڪري آخرڪار اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهي آزادي حاصل ڪرڻي پوندي. شاهه لطيف جو هيٺيون بيت اسانجي رهنمائي ڪري سگھي ٿو: هيڪليائي هيل، پورينديس پنهونءَ سين، آڏا ڏونگر، لڪيون، سوريون سجھن سيلهه، ته ڪر ٻيلي آهن ٻيلهه، سور پريان جا ساڻ مون! اتحاد هميشه هم خيال ۽ مقصدن جي هڪجھڙائي رکندڙ قوم سان ٿي سگھي ٿو. باقي مستقل مفاد سامراجين سان اتحاد ڪرڻ غلطي ٿيندي، ان ڪري ڪنهن به هم خيال ۽ مظلوم قوم سان اتحاد فائديمند ٿي سگھي ٿو. سوال: ڇا موجوده صورتحال ۾ اوهان جي تحريڪ جا ماڻهو چونڊن ۾ حصو وٺندا؟ ڇا چوندون سنڌ سنڌ جي بنيادي مسئلن جو حل آهن.؟ جواب: موجوده پاڪستان جي آئين موجب سنڌ کي نه جدا آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت حاصل آهي ۽ نه ان جوجدا قومي وجود برقرار آهي. موجوده آئين ۾ اسان هڪ وڏيءَ پنجابي قوم جي قبضي هيٺ اقليت طور غلام رکيا ويا آهيون. سنڌ جا مفاد ۽ پنجاب جا مفاد ساڳيا ناهن، پر متضاد آهن. جا ڳالهه هنن لاءِ فائدي واري آهي، سا اسان جي نقصان جو ڪارڻ بنبي ۽ جيڪا اسان لاءِ فائدي واري آهي، سا هنن کي نقصان رسائيندي. هن آئين مطابق چونڊن ۾ حصو وٺڻ پنهنجي اقليت ( ٿورائي ) کي تسليم ڪرڻ، قومي وجود جي انڪار کي قبول ڪرڻ ۽ سنڌين جي جدا ملڪي حيثيت تان هٿ کڻڻ جي برابر آهي. اسان جي مسئلي جو حل چونڊن وسيلي نه پر آزاديءَ جي جدوجهد وسيلي حاصل ٿي سگھندو. تنهن ڪري چونڊن لاءِ سوچڻ به پاڻ کي گمراهه ڪرڻ ۽ پاڻ کي غلط مفروضن ۾ ڦاسائڻ جي برابر ٿيندو. انڪري جيئي سنڌ جو ڪو به ماڻهو چونڊن ۾ حصو نه وٺندو...

Tuesday 10 May 2011

جسمم چيئرمين شفيع محمد برفت پاران عالمي اڳواڻن کي تازو موڪليل خط

جناب بان ڪي مون سيڪريٽري جنرل يونائيٽيڊ نيشنس،
جناب باراڪ اوباما صدر يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا،
يورپي يونين جي سياسي قيادت ءِ دنيا جي جهموري ملڪن جا سربراهو،

اسان پنهنجي هن اپيل جي ذريعي توهان جو ڌيان غير فطري پاڪستاني رياست (جنهن جي ڪا به قومي ءِ تاريخي سڃاڻپ ڪونهي) ان جي خفيه ايجنسين خاص ڪري آءِ ايس آءِ ۽ِ ٻين جي وحشت،درندگي،بربريت ۽ سفاڪي طرف ڇڪائڻ چاهيون ٿا،جنهن تحت آءِ ايس آءِ جي انهن حيوان صفت خونخوار وحشين 21 اپريل 2011 تي ڏينهن ڏٺي جو سانگهڙ لڳ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين سرائي قربان کهاوڙ،جسمم جي مرڪزي ڊبٽي سيڪريٽري جنرل عبدالجبار چانڊيو عرف روپلو چولياڻي،جسمم جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر نورالله تنيو ء قومي ڪارڪن نادر بگٽي مٿان انڌاانڌ فائرنگ ڪري کين سخت زخمي ڪرڻ بعد سندن گاڏي مٿان ڪيميڪل هاري کين جيئرو ساڙي ڇڏيو پر ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن جي بروقت پهچڻ ءِ مزاحمت ڪرڻ سبب جڏهن آءِ ايس آءِ جا درندا پنهنجي گاڏين ۾ سوار ٿي ڀڳا تڏهن ڳوٺاڻن ان باهه لڳل گاڏي مان اڌ سڙيل ء بيهوش ٿيل جسمم اڳواڻ نورالله تنيو کي ان سڙندڙ گاڏي مان ٻاهر ڪڍي سندس زندگي بچائي ورتي ۽ کيس سانگهڙ اسپتال پهچايو تڏهن نورالله تنيو ميڊيا کي آگاهه ڪيو ت مٿن فائرنگ ڪندڙ ءِ سندس گاڏي کي باهه لڳائي جسمم اڳواڻ سرائي قربان کهاوڙ روپلو چولياڻي ۽ نادر بگٽي کي جيئرو ساڙيندڙ لانگ بوٽ پاتل سرڪاري نمبر پليٽن وارين گاڏين ۾ سوار آءِ ايس آءِ جا وحشي اهلڪار هئا.


اهڙي طرح زخمي نورالله تنيو انهن قاتل آءِ ايس آءِ جي وحشين جي نشاندهي پنهنجي حياتي۾ ملڪي ءِ عالمي ميڊيا اڳيان واضح ڪري ويو آهي ۽ مٿن ٿيل ان انسان سوز حملي درندگي ۽ وحشيت جا تفصيل هن سموري دنيا جي اڳيان آندا.جنهن بعد سموري سنڌ نه صرف سراپا احتجاج بنجي وئي بلڪه سنڌ سڪتي ۽ صدمي ۾ وڪوڙجي وئي.

.سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين ءِ قومپرست اڳوانڻ ۽ ڪارڪنن جسمم جي شهيدن جي ڪوئلو بڻيل ميتن کي سڏڪن،آهن،دانهن،وهندڙ ڳوڙهن ۽ اوڇنگارن سان گڏ قومي گيتن ءِ شاهه جي سرن کي آلاپندي مٽي ماءِ حوالي ڪيو.اسان واضح ٿا ڪيون ته سنڌ جي سورهيه پٽن جي قتل جي ذميوار هي پاڪستاني بنياد پرست رياست ءِ ان جي خفيه ايجنسي آءِ ايس آءِ ۽ ان جا وحشي صفت ڪارندا آهن. جنهن جو مقصد سنڌ جي قومي تحريڪ خاص ڪري جيئي سنڌ متحدا محاذ کي سنڌ جي قومي آزادي (سنڌوديش) لاءِ جدوجهد ڪرڻ واري نقطي نظر تي سچائي ۽ ثابت قدم ٿي بيهڻ جي سزا ڏيڻ آهي.جيڪا ڳالهه سراسر نه صرف انساني حقن جي کليل توهين آهي پر سنڌي قوم جي اظهار راءِ جي آزادي تنظيم ء تحرير جي حق مٿان پاڪستان فاشسٽ رياست جو حملو پڻ آهي اسان سمجهون ٿا ته قومي آزادي جي نقطه نظر تي ثابت قدم ٿي بيهڻ ء ان لاء سياسي جدوجهد ڪرڻ اسان جو فطري ءِ عالمي انساني حق آهي جنهن کان اسان کي هي بدمعاش رياست روڪي رهي آهي.اهوئي سبب آهي جو صرف سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ سنڌ جي سياسي معاشي، ثقافتي، انتظامي، معاشرتي،ميڊيائي ۽ جاگرافيائي معاملن ۾ آءِ ايس آءِ جي کليل مداخلت ڏاڍ ءِ جبر رهيو آهي

آ ايس آءِ سنڌي معاشري ۾ زهر وانگر اسان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي اهوئي سبب آهي ته جسمم هن کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا عالمي ادارن ء مهذب جهموري ملڪن جي سربراهن کي خط لکي هن غير مهذب بنياد پرست فاشسٽ رياست ء ان جي قاتل ء درندا صفت ايجنسين (آءِ ايس آءِ) خلاف اپيلون ڪندا ء دانهيندا رهيا آهيون ء اهوئي سبب آهي جو جسمم جي سموري قيادت مٿان (مون چيئرمين سميت) هن رياست جي وحشي ايجنسين طرفان اسان جي سرن جي قيمت رکي اسانکي سياسي چرپر ڪرڻ ء پنهنجي عوام سان رابطو ڪرڻ سياسي تنظيم ڪاري ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي اهوئي سبب آهي جو جسمم جي مرڪزي اڳواڻ سرائي قربان کهاوڙ،روپلوچولياڻي،نادر بگٽي ۽ نورالله تنيو جڏهن رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سن ۾ 25 اپريل تي ورسي جي پروگرام جي تياري جي سلسلي ۾ سنڌ جي سياسي دوري تي نڪتل هئا ته کين سياسي دوري جي سزا ڏيڻ لاء جيئرو ساڙي ماريو ويو جن مان جسمم جو هڪ اڳواڻ نورالله تنيو جيڪو ڳوٺاڻن جي مڙسي جي ڪري زخمي حالت ۾ بچي نڪتو هو اهو ان وحشياڻي ڪارووائي ء بربريت جو اکين ڏٺو شاهد آهي ته اسانجي اڳواڻن کي پاڪستاني رياست ء ان جي ايجنسين هڪ منظم سازش ۽ رٿابندي سان انتهائي بربريت ء سفاڪي سان قتل ڪيو آهي. نورالله تنيو جيڪو بعد ۾ گولين ۽ سڙڻ جا زخم نه سهندي 30 اپريل تي شهيد ٿي ويو اهڙي طرح آءِ ايس آءِ پاران سانگهڙ ويجهو بيدردي سان قتل ڪيل جسمم جي سياسي اڳواڻن جو تعداد 4 ٿي ويو آهي.

مان سنڌي قوم جي سياسي نمائيندي جي حيثيت ۾ پنهنجي هن اپيل جي ذريعي اقوام متحدا جي انساني حقن واري اداري عالي انصاف واري عدالت دنيا جي مهذب ملڪن جي اڳواڻن انساني حقن جي عالمي تنظيمن جي اڳيان اهو واضح ٿو ڪيان ته سنڌ جي سياسي قومي ڪارڪنن کي ان ڪري قتل ء گم ڪيو پيو وڃي جو منهنجي قوم ( سنڌي قوم ) پنجابي سامراج ء ان جي نام نهاد مذهبي ٻه قومي نظرئي جي آڙ ۾ غلام بڻايل آهي اسان پنهنجي وطن جي آزادي جي ڳالهه ڪيون ٿا ان لاء سياسي جدوجهد ڪري رهيا آهيون اهو ئي ڪارڻ آهي جو منهنجي پارٽي جسمم جي خلاف رياستي ادارن جو آپريشن گهڻي وقت کان جاري آهي. جسممم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظفر ڀٽو،شاهنواز ڀٽو،رياض ڪاڪيپوٽو،ڄام ڀٽو،مبين شر،لالا ياسر پٺاڻ اڃان تائين ايجنسين هٿان گم آهن.

جسمم جا ڪيترائي قومي ڪارڪن آءِ ايس آءِ طرفان گرفتار ڪري گم ڪيا ويا آهن يا جيلن ۾ اڃ به قيد آهن لاپتا بڻايل اڳواڻن کي نامعلوم جاءِ تي ناحق قيد ۾ رکي مٿن غير انساني تشدد ء عقوبتون ڪيو پيو وڃن جئين بلوچستان ۾ سياسي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي قتل ڪري روزانه لاش ويرانين ۾ اڇلايا ٿا وڃن. هاڻ ساڳئي طرح سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي ماري انهن جي لاشن کي ساڙي سنڌ جي قومي تحريڪ مٿان جيڪا نفسياتي ء اعصابي جنگ شروع ڪئي وئي آهي. هن وقت تائين رياستي خفيهه ايجنسين ( آءِ ايس آءِ) طرفان پارٽي جي جن اڳواڻن کي شهيد ڪيو ويو آهي، انهن ۾ مٿئين سانگهڙ جي شهيدن کان سواء شهيد سميع الله ڪلهوڙو،شهيد ذوالفقار ڪولاچي،شهيد پروفيسر اعجاز سولنگي،شهيد ممتاز ڀثو،شهيد اسد عباسي،شهيد ماجد ميمڻ،شهيد بابر سنديلو،شهيد مشتاق خاصخيلي شامل آهن قومي غلامي،ذلت،بربريت ءِ وحشي پڻي جي خلاف اسانجي سياسي جدوجهد جاري آهي ۽ هر قيمت تي جاري رهندي. اسان سڙنداسين مرنداسين پچنداسين ۽ پڄرنداسين پر پنهنجي قومي آزادي جي مقصد ۽ جدوجهد تان ڪنهن به صورت ۾ دستبردار نه ٿينداسين.اهو وچن ء واعدو اسان پنهنجي شهيدن جي رت سان ڪيون ٿا ته اهڙو اقرار اسان پنهنجي قوم سان به دهرايون ٿا .هن اپيل جي ذريعي اسان اقوام متحدا ۽ عالمي جهموري ملڪن جي سربراهن کي چئون ٿا ته اهي اسانجي قومي آزادي ء جهموري حقن واري جدوجهد جي تائيد ڪن ء هن بنياد پرست پاڪستاني فاشسٽ رياست طرفان ناحق ساڙي شهيد ڪيل اڳواڻن شهيد سرائي قربان کهاوڙ،روپلو چولياڻي،نورالله تنيو،نادر بگٽي جي ناحق ڪيل خون جو نوٽيس وٺن ء مظفر ڀٽو سميت آءِ ايس آءِ طرفان گم ڪيل سنڌ جي سياسي اڳواڻن ۽ قومي ڪارڪنن جي حياتين کي بچائڻ لاءِ هن غير مهذب رياست مٿان دٻاء وجهن.

ياد رهي ته پاڪستاني رياست جنهن جو بنياد ء نظرياتي جوهر ء مذهبي ڪٽر پڻي ۽ انتهاپسندي تي رکيل آهي اها رياست ڪهڙي ريت مذهبي انتهاپسندي خلاف جوٽيل مهذب ملڪن جي ويڙهه ۾ انهن جو ساٿ ڏئي سگهي ٿي.ء ان بنياد پرست رياست جي خفيه ايجنسي آءِ ايس آءِ جيڪا دنيا کي بليڪ ميل ڪري گهمراهه ڪري رهي آهي جيڪا القائده ء جنوني طالبانن کي پنهنجي مهمان خانن ۾ پناهه ڏيو دنيا جي مهذب معاشرن خلاف وڙهائڻ لاء حشيون ڏئي رهي آهي.اسان جيئي سنڌ متحدا محآذ طرفان مذهبي ڪٽر پڻي خلاف وڙهي ويندڙ آمريڪي جنگ جي حمايت ۾ ء نيٽو جي قافلن تي سنڌ ( شڪارپور ۾) ڪيل مذهبي جنونين جي حملي خلاف زبردست هڙتال ڪرائي هئي. ان ڏينهن کان پاڪستاني ادارا ۽ آءِ ايس آءِ جسمم خلاف رتو ڇاڻ ۾ لڳي ويا آهن.

مان اقوام متحدا جي سيڪريٽري جنرل جناب بان ڪي مون،يورپي يونين جي سياسي قيادت سميت سموري دنيا جي جهموري سيڪيولر ء مهذب ملڪن جا اڳواڻن کي اپيل ٿو ڪيان ت اهي هن پاڪستاني بنياد پرست ء غير مهذب رياست طرفان سنڌي قوم جي سياسي معاشي،ثقافتي ء تهذيبي نسل ڪشي جو سخت ء بروقت نوٽيس وٺن.

گڏوگڏ سنڌ جي قومي تحريڪ خاص ڪري (جسمم) خلاف شروع ڪيل وحشي رتو ڇاڻ جو پڻ تدارڪ ڪن.جئين سنڌ جي سياسي ء قومي ڪارڪنن جي حياتين کي بچائي سگهجي.

Monday 9 May 2011

سنڌوءَ جي ساڃاھ سائين جي ايم سيد


سنڌ جي غلامي جو سٽاءُ:

ھن ڪتاب ۾ مون سنڌ جي تاريخي ابتدا کان وٺي سامراج ۽ مڪاني رھاڪن جي تصاد جو ذڪر ڪري ، اھل سنڌ کي واقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته ڪيئن ماضئَ ۾ سنڌ کي مشڪلاتون درپيش آيون. انھن مان ڪھڙي طرح اھلِ سنڌ نڪري وڃي پار پيا ۽ ھن وقت ھو ڪھڙين مصيبتن مان گُذري رھيا آھن ۽ آئيندي سندن اڳيان ڪھڙا معاملا پيش اچڻ جا امڪان آھن. ان جو اختصار ھي آھي ته ماضئَ ۾ ڪھڙيءَ طرح به وڃي پار پياسون، پر ھن وقت جي حالت ھي آھي ته:
(1) سنڌي ھن وقت مھاجر پنجابي مستقل مفاد جي سامراج ھيٺ غلامئَ جي زندگي گذاري رھيا آھن.
(2) سندن جداگانه ملڪ ۽ قومي وجود کان انڪار ڪيو وڃي ٿو.
(3) سندن زبان ۽ ڪلچر جي ختم ڪرڻ لاءِ سازشون سٽجي رھيون آھن.
(4) سال بسال لکھا ماڻھن کي ٻاھران گھرائي، اصل رھاڪن جي آباديءَ جي توازن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش جاري آھي.
(5) اھڙيءَ طرح سنڌ جي اصل رھاڪن کي منظم منصوبي ماتحت ريڊ انڊين يا اڇوتن جھڙو بنائڻ جو سلسلو جاري آھي. ڀارت ۾ مرڪزي حڪومت طرفان سنڌي زبان کي زور وٺائڻ لاءِ ساليانو ھڪ ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا. ليڪن ھتي مرڪزي خزاني ۾ 80 سيڪڙو ٽيڪس اھل سنڌ طرفان ڏيڻ جي باوجود، مرڪزي حڪومت طرفان سنڌي زبان جي ترقئَ لاءِ ھڪ ڪوڏي به خرچ نٿي ڪئي وڃي.

سنڌين جي اخلاق بگيڙڻ ۽ روايات ختم ڪرڻ سان گڏ، انھن کي صوفيائي ڪرام جي محبت واريءَ تعليم جي عيوض اسلام جي نالي ۾ ھٿرادو نفرت جي تعليم ڏيئي، گمراھ ڪيو وڃي ٿو. سنڌي قومپرستن کي ھيسائي؛ سنڌين جي ملڪيتن تي ڌاڙا ھڻي، سنڌ جي وسائل کي غير سنڌين جي فائدي لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. انھن کي شھرن مان نيڪالي ڏيئي، مکيه مرڪزن مان ڪڍي، سندن جاين تي غير سنڌين کي ڪالونائيز ڪيو وڃي ٿو تنھن ڪري سنڌين ۾ بيروزگاري روز بروز وڌندڙ آھي.
وڏو ظلم اِھو آھي ته سنڌ جي خود مطلب زميدارن ، بي غيرت پيرن ، ويڪو ملن، بي ضمير سياستدانن، بزدل ۽ غدار سنڌي ڪامورن کي ھيسائي ، يا لالچ ڏيئي ، مھاجرن پنجابي سامراج جي ايجنٽ طور ڪتب آندو وڃي ٿو.
منھنجي نظر ۾ اھل سنڌ جي سامھون ھن وقت ٻه رستا وڃي رھيا آھن:
ھڪ رستو اِھو آھي ته سجاڳ ٿي، جدوجھد ڪري ، پاڪستاني سامراج کي ڊاھي ، سنڌوديش کي آزاد ڪرائي ، ان جي مستقبل روشن ڪجن.
ٻيو رستو اِھو اٿن ته اسلام ، مسلم قوم، پاڪستان جي نالي ۾ ڌوڪو کائي ، يا خريد ٿي، يا ڊڄي ، سنڌ جي ھزارن ورھين جي وطن ، ڪلچر ، شاندار روايات، محبتي مذھب جي عقيدي ، پنھنجي قومي ، سياسي ۽ اقتصادي مفاد، جداگانه ملڪ ۽ قوم جي آزاديءَ ۽ خوشحالي تان ھٿ کڻي ، صفحي ھستي تان مٽجڻ لاءِ تيار ٿين.

پھرئين مقصد (رستي) جي حصول جي راھ ۾ مون کي ھيٺيون رنڊڪون نظر اچي رھيون آھن:

1. نظريو پاڪستان: جنھن موجب پاڪستان جي رھاڪو مختلف ھزارن ورھين جي وجود ۾ آيل قومن جي جدا وجود کان انڪار ڪري، مذھب جي نالي ۾ ھتي جي مسلمانن کي ھڪ گڏيل قوم شمار ڪيو وڃي ٿو.
2. ھڪ ملڪ: برصغير ھند جي جدائي بعد مغربي ھند جي چئن جدا جدا ملڪن جھڙوڪ سنڌ،پنجاب،بلوچستان ۽ پختونستان کي گڏي ھڪ ملڪ پاڪستان جي نالي سان سڏي اُتي ڄاڻايل تاريخي ملڪن جي وجود کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
3. اسلام جي غلط تشريح: ھن ملڪ ۾ اسلام جي غلط تشريح ڪري عوام ۾ نفرت ۽ نفاق پيدا ڪري ماڻھن کي گمراھ ڪيو وڃي ٿو.
4. مسلم ملڪن جو اتحاد: مسلمان ملڪن جي اتحاد جي نالي ۾ نئين بدعت پيدا ڪري مڪاني قوميتن جو توجھ سندن حقيقي مسئلن کان ھٽايو وڃي ٿو.
5. پير، مُلان، زميدار، واپاريءَ ۽ ڪاموري کي ايجنٽ بنائي خوف ذريعي ھيسائي يا لالچ ڏيئي خريد ڪري سنڌي مفاد جي مخالفت ڪرائي وڃي ٿي.
6. اسلام، پاڪستان، مسلم قوم جي نالي ۾ سنڌي قوم پرستن جي تحريڪ کي نقصان پھچائي ، غلط پروپيگنڊا ۽ زور زبردستئَ ذريعي بزدل ۽ گمراھ بنايو وڃي ٿو.

انھن رنڊڪن کي دور ڪرڻ لاءِ ھيٺيون ڳالھيون اسان لاءِ مشعل راھ جو ڪم ڏيئي سگھن ٿيون:
1. سنڌ جي ھر ھڪ دائمي رھاڪوءَ کي پوءِ اھو نئون ھجي يا قديم، سنڌو ديش جي محبت ۽ وفاداريءَ کي پاڪستان ، اسلام ۽ مسلم قوم تي ترجيح ڏيارڻ جي تعليم سيکاري وڃي.
2. جاھل ۽ خودمطلب پير ، ويڪو ۽ صحيح اسلامي تعليم کان اڻ واقف مُلا، بزدل ۽ قومي جذبي کان خالي زميدار، لالچي ۽ سنڌيت جي احساس کان دور واپاريءَ ، سنڌي قومپرستئَ کان بي بھره رشوتي ۽ ڌارين جي غلامي ڪندڙ ڪاموري کي سڃاڻڻ، انھن کي پس پشت اڇلائو وڃي.
3. ماڻھن جي ذھن صاف ڪرڻ لاءِ کين ھيٺين سوالن تي صاف راءِ قائم ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻو پوندو:

(الف) راجا ڏاھر کي قومي ھيرو ڪري شمار ڪجي ۽ محمد بن قاسم ۽ عرب سامراج کي سنڌ دشمن ڪري سمجھجي.
(ب) سامراجي اسلامي تشريح کي رد ڪري، سنڌي درويشن جي ٻڌايل طريقي مطابق، قومپرستئَ جي بنياد تي مذھب جي نئين تشريح ڪجي.
(ت) صحيح قومپرست ان کي شمار ڪجي ، جو جناح ۽ لياقت کان ڊاڪٽر چوئٿرام جي زياده عزت ڪري.
4. سنڌو ديش جي آزاديءَ لاءِ دنيا جي ھر اداري خواه حڪومت يا گروھ جي مدد وٺڻ کان نه ھٻڪجي ، مذھب يا ڪميونزم، جي ان جي راھ رڪاوٽون بنجن ته انھن کي ڦٽو ڪجي.

سنڌيءَ جي شناخت ھيٺين ڳالھين جي ڪسوٽئَ تي ڪجي:

(1) جو به ماڻھو سنڌوديش جي آزاديءَ جو حامي ھجي ۽ پاڪستان جي وجود کي سنڌ جي آزاديءَ جي راھ جي رڪاوٽ سمجھي، ان کي سنڌي سڏي سگھجي ٿو ، پوءِ اُھو نئون آيل ھجي يا قديم ھجي.
(2) جو به ماڻھو سنڌ جي رھاڪن کي جدا قوم سمجھي ان جي سياسي ۽ اقتصادي مفاد،ڪلچر، زبان ۽ روايات جو حامي ھجي ، ۽ ان قوم۾ ضم ٿيڻ لاءِ تيار ھجي ، پوءِ اھو قديم يا نئون رھاڪو کڻي ڇو نه ھجي، اھو سنڌي سڏائڻ جو حقدار ٿي سگھي ٿو.
(3) جيڪو سيڪيولر طريقي حڪومت ۾ اعتماد رکندڙ ھجي ، اھو سچي سنڌي ٿيڻ جو لائق ٿئي ٿو.
(4) جو قوم پرستئَ کي مذھبي يا اقتصادي نظرين تي ترجيح ڏئي، ان کي سنڌي سڏي سگھجي ٿو.

اھو نھايت غلط ٿيندو ته ڪنھن سنڌ ۽ سنڌي دشمن سنڌيءَ کي سنڌين ۾ شمار ڪجي ۽ جو ٻاھريون ماڻھو دائمي طور سنڌ ۾ رھي ٿو ۽ ذڪر ڪيل اصولن کي مڃي ٿو ان کي غير سنڌي سمجھيو وڃي.



سنڌ کي غلامئَ جي ڌُٻڻ ۾ ڌڪيندڙ:

1ـ محمد بن قاسم جي نالي تي بند، رستا،ليبرريون ۽ ڪاليج قائم ڪيا ويا آھن. حالانڪه تاريخدانن کي پتو آھي ته اُن ماڻھوءَ سنڌ تي عرب سامراج قائم ڪرڻ لاءِ قبضو ڪري ، اُن مان ھزارھا مرد ۽ عورتون غلام ۽ ٻانھيون ڪري وڃي عرب ملڪن ۾ وڪيون ھُيون. سنڌ جا ڪروڙھا رپيا ڦر ڪري عرب موڪليا ھئا، سنڌ جي محافظ مھاراجا ڏاھر جي زال ۽ نياڻين سان زنا ڪئي ھئي، جنھن ڪري سندس حاڪم طرفان سزا طور ھن کي قيد ڪري مارايو ويو ھو.


2ـ محمد علي جناح ھي اُھو ماڻھو آھو، جنھن باوجود سنڌ ۾ جنم وٺڻ جي ، شخصي اقتدار جي لالچ خاطر، لاھور واري مسلم ليگ جي ٺھراءُ کي بدلائي، ”سنڌ ۽ ٻين قومي رياستن جي آزاد ۽ خودمختيار رياستن بنائڻ) جي اصولن تان ڦري، پاڪستان کي ھڪ ملڪ ۽ قوم بنائي، سنڌ جي جداگانه قوم جي وجود کان انڪار ڪيو ھو. جنھن ڪراچئَ کي سنڌ کان علحده ڪري مھاجرن جي خاص مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ زوريءَ سنڌ اسيمبلئَ جي ٺھراءُ ۽ عام راءِ جي خلاف مرڪزي حڪومت جي ماتحت آندو ھو. جنھن اُردو زبان کي زوريءَ ملڪ جي قومي زبان بنائي. سنڌي زبان کي قھري ڌڪ ھنيو ھو. جنھن لکھا مسلمانن کي ھندستان کان لڏائي، سنڌ جي ھندن کي لُٽرائي، سنڌ جي سرزمين، ڪارخانن ، دڪانن، واپار، جاين، نوڪرين ۽ بئنڪن کي سندن حوالي ۾ ڏئي، سنڌين جي اقتصادي استحصال لاءِ ماحول سازگار بنايو ھو، اُنھن حالتن جي باوجود، اُن جي قبي تي ڪروڙھا روپيا خرچ ڪري ماڻھن تي اھو اثر وھارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ھو ” قوم جو ابو“ ھو. اسپتالن ، رستن ، شھرن ۽ ڪاليجن تي سندس نالا رکي، اھو ظاھر ڪيو وڃي ٿو ته ھو محسن ملڪ ۽ محسن قوم ھو . تازو اُن جي سوء ساله سالگرھ ملھائي، ماڻھن جا ذھن گندي پروپيگنڊا ذريعي مسخ ڪري، ھڪ غاصب ۽ ”غدار سنڌ“ سياستدانن کي اعلي انسان ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ھئي. ان مان سندن مقصد صاف پڌروپئي ڏسڻ ۾ آيو ته مھاجر پنجابي مستقبل مفاد سامراج برپا ڪندڙ حق بجانب ھو ۽ ھر اُھو ماڻھو جو سنڌ دشمنئَ جا ڪم ڪري ٿو، سو عزت جي لائق بنجڻ جو حقدار ھو.


3ـ لياقت علي خان اصل ۾يورپي جو رھاڪو ھو، مھاجر جو مکيه رڪن ھو ، فرعون صفت ھئڻ ڪري سنڌين کي حقارت جي نظر سان ڏسندو ھو، جڏھين سنڌين جو ھڪ وفد وٽس سنڌ جي ڪلچر ۽ زبان جي حفاظت واسطي سيد علي اڪبر شاھ صدر مسلم ليگ جي اڳوائيءَ ۾ عرض ڪرڻ لاءِ ويو ھو ته ھن چيو ته : ” سنڌين جو ڪھڙو ڪلچر ھو، ھو اُٺن ڪاھڻ ۽ گڏھن ھڪلڻ وارا ماڻھو ٿي رھيا آھن.“ اھڙيءَ طرح ھن سنڌي تھذيب لاءِ حقارت جو اظھار ڪيو ھو. اِھو اُھو ماڻھو ھو جنھن ٻاھران ھندستان کان منظم طريقي سان مسلمانن کي لڏائي آڻڻ خاطر سنڌ جي رھاڪو ھندن خلاف پنھنجھي ماڻھن ھٿان فساد ڪرائي ھندن کي لڏرائي انھن جي جاين تي لکن جي تعداد ۾ ھندستان کان مھاجر لڏائي اچي سنڌ کي ڪالونائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.اُن سنڌ جي حقن جي حفاظت ۽ ھندن کي پناھ ڏيڻ جي پاداش ۾ خان بھادر محمد ايوب کھڙي، سنڌ جي وزير اعلي کي ڪوڙي ڪيس ھيٺ جيل ۾ وڌو ھو ۽ ايبڊو ھيٺ ھن کي وزارت مان خارج ڪيو ھو. ان جي سنڌ سان ظلمن جي داستان جو ” ھيڏا ھاڃا ٿين. بري ھن ڀنڀور ۾“. ۽ ”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ“ ڪتابن پڙھڻ مان پتو پئجي سگھي ٿي. اھڙي سنڌ دشمن ماڻھوءَ جي نالي رستا تعمير ويا آھن،اسپتالن تي سندس نالا رکيا ويا آھن؛ مارڪيٽن ، ڪاليجن ، ڪالونين تي سندس نالا رکي ، سنڌين جي غيرت کي للڪاريو ويو آھي. ان جي قبر کي زيارت گاھ بنائي ماڻھن تي اھو ذھن نشين ڪيو وڃي ٿو ته ھي ڪو اعلي انسان ھو. کيس ”قائد ملت“ جي خطاب سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

4ـ ميان غلام محمد خان پنجاب جو ويٺل ، انگريز سول سروس جو ماڻھو، جنھن ڪڏھن به سياست ۾ بھرو نه ورتو ھو. ان کي جناح صاحب قابل عملدار سمجھي پاڪستان بنجڻ کان پوءِ وزارت ۾ کنيو ھو. لياقت علي جي مارائڻ ۾ ھن جو وڏو ھٿ ھئڻ جي گفتگو زابان زد عام پئي رھي آھي. لياقت علئَ جي ائين جارجڻ کان پوءِ ميان ناظم الدين اھل پنجاب کي رضامند ڪرڻ خاطر کيس گورنر جنرل بنايو ھو.ان ڪي ذمي ھيٺيان خاص ڪم شمار ڪري سگھجن ٿا.

(الف) ھن آئين ساز اسيمبلئَ کي ٽوڙي چونڊيل وزيراعظم کي ڊسمس ڪري ٻاھران ھڪڙو غير نمائنده ماڻھو آڻي اُ کي وزيراعظم ڪري رکيو ھو ۽ اھڙيءَ طرح جمھوريت جي پارليامينٽري اصولن کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو ھو.

(ب) ھن زوريءَ سنڌ ۽ ٻين صوبن کي مغربي پاڪستان ۾ جذب ڪري ون يونٽ قائم ڪرايو ھو، جنھن کي نيٺ تجربي بعد نقصانڪار سمجھي ختم ڪيو ويو.

(ت) ھن پنجابين کي سنڌ جي بئراجن ۽ مکي ڍنڍ جي ايراضين ۾ زمينون ڏياري، سنڌ ۾ ڪالونائيز ڪرڻ جي شروعات ڪئي ھئي.

(ث) ھن لياقت علي خان وزيراعظم پاڪستان کي پنھنجي حوارين ھٿان مارائڻ سان سياسي قتل ڪرائڻ جي بدعت رائج ڪئي ھئي.

(ج) جنھن سنڌ جي چونڊيل وزيراعلي، مسٽر عبدالستار پيرزادي کي ڊسمس ڪري ، ايبڊو ھيٺ خارج ٿيل ماڻھوءَ کي ان جي جاءِ تي نامزد ڪيو ھو.

اھڙي مانھوءَ جو ڪوٽڙي بئراج تي نالو رکي سندس اھڙن ڪارنامن کي ساراھڻ ڪيتري قدر جائز ھو!

5ـ جنرل جان جيڪب: انگريزن سنڌ کي زوريءَ فتح ڪري سندن سامراج ھيٺ آندو، جو ڪم سر چارلس نيپئر ڪيو ۽ ان جو مکيه جنرل جان جيڪب ھو.انگريزن ان جي يادگار قائم رکڻ لاءِ اپر سنڌ ضلعي جي ھيڊ ڪواٽر واري شھر تي جيڪب آباد نالو رکي، سال بسال اُن جي ياد ملھائڻ لاءِ اتي ميلا لڳائڻ جو رواج وڌو ھو. ملڪ جي آزاديءَ بعد اميد ھئي ته انگريز سامراج جي يادگارن کي مٽايو ويندو، پر ائين نه ڪيائون جيتوڻيڪ پنجاب مان مانٽيگمري شھر تان نالو مٽائي ساھيوال رکيوويو آھي پر اھل سنڌ کي ڪمزور سمجھي اتي ساڳيو سامراجي يادگار نالو ۽ ميلي جو دستور قائم رکيو وڃي ٿو.

اھي مختصر حقيقتون آھن. جن ڪري آھستي آھستي ٿي مون تي ذھن نشين ٿيڻ لڳو ته ھي مھاجر پنجابي مستقل مفاد سندس سامراج کي قائم رکڻ لاءِ ڪھڙيءَ طرح سنڌين کي سندن غلامئَ تي رضامند رکڻ لاءِ سنڌ دشمنن سامراج جي حامين اھڙا ڪارناما ڪيا آھن...


سنڌوءَ جي ساڃاھ
سائين جي ايم سيد

Friday 6 May 2011

جهاد ڪرڻ - سائين جي ايم سيد



 عربن پنهنجي غريب ۽ کٽل سوسائيٽي کي شاهوڪار بنائڻ ۽ مذهب جي وڌائڻ جي بهاني تي ٻين ملڪن کي زوريءَ فتح ڪري پنهنجي سامراج بنائڻ لاءِ جهاد کي شريعت اسلام موجوب مذهبي جزو بنائي ڇڏيو. هنن غلط پروپگنڊا وسيلي مسلمانن تي واضح ڪيو ته ٻين ملڪن تي حملا ڪري اُنهن کي تسلط هيٺ آڻڻ. اُتان جا وسائيل پنهنجي مفاد لاءِ ڪتب آڻڻ، ۽ ٻانهن ۽ ٻانهين هٿ ڪرڻ لاءِ جهاد ڪرڻ ثواب جو ڪم هو. ان وسيلي بهشت ملڻ جو آسرو هو ـ جت کين حورون، غلمان (نوجوان سهڻا ڇوڪرا) ، محلات ۽ هر قسم جي عيش جو سامان ملڻا هئا. بهشتي زندگيءَ جو تخيل اهڙو پيش ڪيو ويو، جتي دائمي زندگيءَ ۾ هر طرح جو عيش عشرت ملڻ جو حرص ڏياريل هو ـ مثلن: اھتي آرازم (ننڊ) ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي، اُتي ماڻهو سدائين جوان هوندا، هنن جي شهواني طاقت نهايت وڌي ويندي، ايتري قدر جو حقيقي زالن کان سواءِ ستر حورن ۽ ڏهن غلامانن جي پورائي به ڪري سگهندا. بهشت جي تشريح ۾ حورن جي نازڪ بدنن ۽ مردن جي جنسي طاقت جي واڌاري جو ذڪر اهڙي فحش انداز ۾ ڪيو ٿي ويو، جنهن مان اهو مطلب ٿي نڪتو ته بهشت، فحش ڪاريءَ جو هڪ اڏو ٿي ڪم اچڻو هو ـ
ٻين ملڪن کي فتح ڪري عرب سامراج هيٺ آڻڻ کي ثواب جو ڪم سمجهي، اُن لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳا ته ”ميدان جهاد“ ۾ شهيد ٿي مرن اِنهيءَ نقطي نگاھ کي مدنظر رکي، مسلمانن ” اسلام، سلامتيءَ ۽ امن واري دين“ جي نالي هيٺ هر طرح جا ظلم ڪيا، ملڪن ۽ قومن کي ڦريو لٽيو، پرايون زالون ٻانهيون بنائي ، ساڻن زنا ڪرڻ کي جائز سڏيو، ۽ فتوائون ڏيئي غير مسلم ملڪن کي فتح ڪرڻ جائز ٺهرايو. اُن جو اثر اهو نڪتو ته نه صرف غير مسلم ملڪن سان جنگيون ڪري قل عام ڪيائون، پر مسلمانن هڪ ٻئي جو (اسلام جي نالي ۾) خون وهايو، ڦرلٽون ڪيون ـ
ٻين سکين ملڪن جي رهاڪن ۽ حڪومتن کي (پنهنجي حملي جي جواز پيدا ڪرڻ لاءِ) لکيو وينديو هو ته اسلامي قبولي، عرب حاڪمن جا تابعيدار ٿي، سندن ماتحت رهن، ٻيءَ صورت ۾ مٿن حملو ڪيو ويندو. اھن بعد انهن ملڪن تي حملا ڪري، هزارين ماڻهو ناحق قتل ڪري، ملڪ کي ڦري لُٽي، اُتان جا مرد ۽ زالون غلام بنائي، عربن ۾ ورهايا ويندا هئا، ڄڻ سندن پيءُ ڏاڏي جي ملڪيت هئي ۽ اسلام خاص آيو ئي انهن ڪمن لاءِ هو. پوءِ اُنهن مفتوح ماڻهن کي مجبور ڪري سندن دين بدلارايو ويندو هو، عرب نالا رکايا ويندا هئا ۽ عرب نسل مان سڏائڻ تي آماده ڪيو ويندو هو. اهڙيءَ طرح اُن دين فطرت جي نالي ۾ طرح طرح جا ظلم ڪيا ويندا هئا. تاريخ پڙهي ڏسبي ته پتو پئجي ويندو ته ان اسلام جي علمبردارن مذهب جي نالي ۾ ڪهڙا نه برا ڪم ڪيا. مسلمانن کي اڃا به شرم ڪونه ٿو اچي، جو اجرن ڪارنامن کي مروج ڪندڙ جي حڪومت کي ”بهترين دور حڪومت“ ۽ ”حڪومت الاهيه جو دور“ سڏي، اُن تي فخر ڪندا رهن ٿا ـ

سنڌوءَ جي ساڃاھ - سائين جي ايم سيد

شهيد هيمون ڪالاڻي

شهيد هيمون ڪالاڻي




شهيد هيمون ڪالاڻي

”ڦاهي جو ڊپ ڪانئرن کي ٿيندو آهي، جيڪو پنهنجو ضمير چانديءَ جي سڪن عيوض وڪڻي ڇڏيندو آهي، موت جو نالو وٺي مون کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش نه ڪريو، معافي مان تڏهن وٺان جڏهن مون پنهنجي عمل کان پڇتايو هجي، پر مون کي ته پنهنجي عمل تي فخر آهي ۽ جي زندهه رهيس ته اهڙا ڏوهه بار بار ڪندو رهندس، انگريز سامراج کان معافي گهري اُڌاري ورتل زندگيءَ کان آزادي لاءِ مون کي قبول آهي، موت سورهين جو مرڪ آهي ۽ بزدل ماڻهو ئي موت کان خوف کائيندا آهن.“ مٿيان لفظ سنڌ جي انهيءَ عظيم امر شهيد هيمون ڪالاڻيءَ جا آهن، جيڪي هن ان وقت چيا هئا، جڏهن کيس معافي وٺي جان بچائڻ جي صلاح ڏني وئي هئي.

هيءَ 1942ع جو زمانو هو، ان وقت سموري هندستان ۾ ڪانگريس پارٽي ”انگريز هندستان خالي ڪريو“ جو نعرو ڏئي انگريزن خلاف سول نافرمانيءَ جي تحريڪ شروع ڪئي هئي ته وري ٻئي پاسي ڀڳت سنگهه جي تحريڪ سموري هندستان تي پنهنجا اثر ڇڏيا هئا ۽ ڀڳت سنگهه نوجوان دلين جو هيرو بنجي پيو هو، ته ٽئين پاسي وري سنڌ ۾ حر گوريلا تحريڪ انگريز سامراج لاءِ تمام وڏو مسئلو کڙو ڪيو هو، جنهن ڪري انگريز سامراج ان وقت سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي ۽ سرڪار جا چمچا ملڪ جي هر گهٽيءَ ۾ پيا آزادي پسندن جي ڳولا ڪندا هئا. جڏهن آزاديءَ جا متوالا سواءِ ڪنهن خوف جي پنهنجي سرگرمين کي جاري رکندا پي آيا، ان وقت سنڌ جي نوجوانن پنهنجون انقلابي سرگرميون به تيز ڪري ڇڏيون، اهڙن ئي نوجوانن مان هيمون ڪالاڻي به هڪ هو.

هيمون ڪالاڻي جنهن جو جنم پراڻي سکر ۾ 23 مارچ 1923ع تي ٿيو هو، ان وقت هو، اڻويهه ورهين جو ڳڀرو نوجوان هو ۽ هن جي دل ۾ به وطن جي آزاديءَ جو درد سمايل هو ۽ هو به پنهنجي جان وطن تان نڇاور ڪرڻ لاءِ تيار هو. ان وقت هو پنهنجي نوجوان ساٿين سان گڏ انقلابي سرگرمين ۾ مشغول هو ته هن جي دوستن کي خبر پئي ته 23 آڪٽوبر 1942ع تي سکر مان انگريز سامراج جي هڪ ٽرين جنهن ۾ فوجي گولا بارود ۽ ٻيو جنگي سامان هوندو، سکر وٽان گذرندي هيمون ۽ ان جي ساٿين انهيءَ ٽرين کي ڪيرائڻ جو منصوبو ٺاهي ورتو ۽ جڏهن اُهي پنهنجي منصوبي موجب مقرر تاريخ ۽ وقت تي ٽرين جي اچڻ کان ٿورو اڳ ريلوي پٽڙيءَ کي اکيڙي رهيا هئا ته انگريزن جي هڪ جاسوس انهن کي ڏسي ورتو. هيمونءَ جا ٻيا ساٿي ته نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پر هيءَ پنهنجي ڪم ۾ ايترو ته مست ۽ مگن هو جو هن کي سرڪاري اهلڪار جي اچڻ جي خبر نه پئي ۽ هيمون کي گرفتار ڪيو ويو.

گرفتاريءَ کانپوءِ هڪ پاسي ته هن تي هر قسم جو ٽارچر ڪري منصوبي ۾ شامل ٻين دوستن جا نالا پڇڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ته ٻئي پاسي مٿن اهو دٻاءُ وڌو ويو ته هو انگريز سرڪار کي معافي نامو لکي ڏئي ته کيس معاف ڪيو ويندو پر هيمون معافي نامو ڏيڻ کان انڪار ڪيوڍ.. جنهن ڪري هيمون کي مارشل لا ڪورٽ موت جي سزا ٻڌائي ۽ ائين سنڌ جي هن سورهيه سرويچ کي 21 جنوري 1943ع تي صبح جو سوير سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاسيءَ جي سزا ڏني وئي. بظاهر ته انگريز سامراج هيمونءَ کي شهيد ڪري اهو سمجهيو ته هنن وطن جي آزاديءَ جي هڪ ارڏي سپاهي کي موت جي ننڊ سمهاري انگريز سامراج خلاف اٿندڙ بغاوت کي ختم ڪيو آهي پر حقيقت انهيءَ جي ابتڙ هئي هيمون جي ڦاسي گهاٽ ۾ لڳايل نعري ته ”انگريزو منهنجو وطن خالي ڪريو“ جي پڙاڏي جي گونج اهڙي هئي، جنهن ٻيا هزارين هيمون پيدا ڪيا ۽ نيٺ انگريز سامراج کي هيءَ ڌرتي خالي ڪرڻي پئي.

الطاف ملڪاڻي

سائين جي ايم سيد جو نظريو ۽ اڄ جي عالمي صورتحال

جي ايم سيد جو نظريو ۽ اڄ جي عالمي صورتحال





هي دنيا ارتقا جا ڪيئي مرحلا طئه ڪري موجوده شڪل تائين پهتي آهي ۽ اڃا به ارتقا جي اصولن موجب ترقي ڪندي رهندي.

دنيا جي واڌ ويجهه ۽ ترقي ۾ انساني ضرورتن/گهرجن ۽ خود انسان جي ذهني اوس جو اهم رول رهيو آهي، انساني سماج جي ابتدائي مرحلن کان پوءِ هر موڙ تي ڪنهن نه ڪنهن سوچ رکندڙ، ، ڪنهن ”پيغمبر خدا“ ڪنهن فيلسوف ۽ ڪن حالتن ۾ ڪن سپهه سالارن يا ڪنهن بادشاهن جي سوچ، پلاننگ ۽ عمل جو ڏنل پئي رهيو آهي.

دنيا جا سائنسدان هن نتيجي تي پهتا آهن ته موجوده دنيا کي ڪيئي ڪروڙ سال گذري چڪا آهن، انهيءَ سڄي عرصي ۾ ڪيتريون ئي تهذيبون، عروج کي پهتيون ۽ جنگين، طوفانن ۽ ٻين سببن جي ڪري زوال پذير ٿي ويون.

اسان تاريخ جا ورق ورائينداسين ته معلوم ٿيندو ته سنڌ هزارن سالن کان آهي، سنڌ جي تهذيب اعليٰ درجي جي رهي آهي، ايجاد جا بنياد سنڌ مان ملن ٿا، بيل گاڏي جو ڦيٿو، ڪپڙي جو آڏاڻو، مورتيون، زندگي گذارڻ جا جديد طريقا، گريٽ باٿ، مارڪيٽ، ان جا گدام، رهڻ جون آرام ده جايون، بازارون، پاڻيءَ جا کوهه، گندي پاڻيءَ جي نيڪال جا ذريعا وغيره.

آخرڪار ههڙو شاندار ملڪ، ڪيئن پٺتي پئجي ويو؟ انهيءَ جو جواب خود سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ جيڪا ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري رهي هئي ان جي انهيءَ رستي ۾ بار بار رڪاوٽ پيدا ڪئي وئي، اها رڪاوٽ آهي ”قومي غلامي“ سائين جي ايم سيد جنهن سورنهن سالن جي ڄمار کان سنڌ جي سياست ۾ پير پاتن ۽ خلافت تحريڪ کان جيئي سنڌ محاذ تائين سياست جا مختلف گس ۽ پيچرا ڀيٽيا ۽ دنيا جي مختلف علمن جو اڀياس ڪيو ته بار بار سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي پر ان جو نتيجو نٿو اچي، سائين پنهنجي سياسي جدوجهد۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي، 1940ع جي قرارداد، پاڪستان ۾ ون يونٽ خلاف جدوجهد ۽ صوبائي خود مختياري، حق خود اختياري، قومي خودمختياري (فيڊريشن ۽ ڪنفيڊريشن) جي سوالن کي کڻي جدوجهد ڪندا رهيا، 1972ع ۾ اهڙو موڙ آيو جتي پاڻ انهيءَ نتيجي تي پهتا ته سنڌ جي مسئلن جي حل نه ٿيڻ ۾ سنڌ جي غلامي ان جو مکيه سبب آهي، ان ڪري سائين جي ايم سيد سنڌ کي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پنهنجو نظريو ڏنو ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي.

غلامي قومن جي ارتقائي عمل ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، طاقتور ملڪ جيڪي پنهنجن مفادن خاطر ٻين ملڪن تي پنهنجو قبضو ڄمائي ويهن ٿا اهي انهن جي هر شئي جا مالڪ بڻجي ويهن ٿا، اهي امن امان جو مسئلو اٿاري مظلوم قومن جو رت چوسين ٿا، اهي غلام بڻايل ملڪ جا پئسا ڦري کڻي وڃن ٿا، ايئن جيئين ايف ايف سي ايوارڊ ذريعي سنڌ جا پئسا وفاق ۽ پنجاب کڻي وڃن ٿا ٻيا بقول سنڌ جي وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه جي ته ”سنڌ اندر 80 لک ماڻهون ٻين صوبن جا ۽ 40 لک ماڻهن ٻاهرين ملڪن جا رهن ٿا، جيڪي به پگهارن، واپار ۽ ڪاروبار تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ اربين رپيا ناڻو سنڌ کان ٻاهر موڪلين ٿا، نتيجي طور سنڌ بدحاليءَ جو شڪار آهي، سنڌ جي پئسن سان پنجاب ۾ ترقي ٿئي ٿي، ظاهر آهي سنڌ وٽ دولت نه هوندي ته سنڌ ۾ تعليم عام ٿي نه سگهندي، صحت گهر بهتر ٿي نه سگهندا آبپاشيءَ جو نظام بهتر ٿي نه سگهندو، اهڙي صورت حال ۾ سنڌ ترقيءَ جون ڪي به منزلون ماڻي نٿي سگهي. جيستائين سنڌي قوم جي وجود جو سوال آهي ته اهو به سنڌ جي آزاديءَ سان وابسطه آهي، ڇو ته غلام معاشرن ۾ ڌاري آباد ڪارين کي ڪا به روڪ ٽوڪ يا پابندي نه هوندي آهي، ڇو ته اهي نوان آبادڪار يا ته قابض ملڪ سان تعلق رکندڙ هوندا آهن يا وري اهي دنيا جي ٻين غريب ملڪن مان لڏائي آندا ويا هوندا آهن، جيئن آفريڪا جي اندر ڪيو ويو اهو انهيءَ لاءِ به ضروري هوندو آهي ته جيئن انهن آبادڪارن معرفت مقامي باشندن جي جدوجهد کي نقصان رسائي سگهجي، ڇو ته آبادڪارن جا مفاد حاڪم طبقن يا قابض قومن سان هوندا آهن، جيئن برطانيه پاران آئر لينڊ ۾ ڪيو ويو يا اسرائيل جي اعلان کان پوءِ فلسطينن سان ڪيو ويو يا يوگو سلواڪيه ۾ البانوي نسل جي ماڻهن کي آباد ڪرڻ سان ٿيو، يا وري ڪامريڊ لينن جي سوويت يونين ۾ بالٽڪ رياستن اندر روسي ماڻهن سان ڪيو ويو، ساڳيءَ ريت سنڌ اندر هندستان، برما، بنگال، بهار، افغانستان ۽ ايران جي ماڻهن، توڻي پنجابي سرمائيندارن ۽ بيروڪريٽس جي اچڻ سان ٿيو آهي.

سائين جي ايم سيد بار بار انهن مسئلن جي نشاندهي ڪندو رهيو پاڻ ”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ“ ۾ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد جي حق ۾ سنڌ جي ناڻي جي ڦرلٽ، ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌ جي ڪلچرل ترقيءَ کي پهتل نقصانن جا تفصيل ڏنا آهن ۽ وضاحت سان سمجهايو اٿن ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جا ڪهڙ انقصان ٿيا آهن ۽ ڪهڙن نقصانن ٿيڻ جو وڌيڪ خدشو آهي.

2009ع ۾ سنڌ جي هڏ ڏوکين سنڌ جي ڪلچرل جو ڏينهن ملهايو، سمورن سنڌين سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پاتو ۽ گڏيل اظهار ڪيائون ته سنڌ جو ڪلچر بچايون ٿا، تمام سٺي ڳالهه آهي ۽ اهڙي ريت پنهنجي هر شئي جي حفاظت لاءِ سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻ گهرجي، پر هي نه وسارڻ گهرجي ته سڀ کان اڳ ۾ سائين جي ايم سيد سنڌ جي ڪلچر کي تباهي کان بچائڻ لاءِ آگاهي ڏني ۽ پاڻ ”سنڌي ڪلچر“ نالي ڪتاب رکيائون، اهو سائين جي ايم سيد جو ڏنل شعور آهي جيڪو سنڌ واسين کي درياهه سنڌ جي پيٽ ۾ رت جا ڏيئا ٻارائي ٿو، آخرڪار سنڌ جو پاڻي ڪنهن بند ڪيو آهي؟ ۽ ڇو بند ڪيو آهي؟ سنڌو درياهه مٿان ڊئيم ۽ ڪئنال ڪنهن ٺاهيا؟ ڪنهن ڪنهن سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪيو؟ جڏهن وٺڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته چيو وڃي ٿو ته سڀ سامان يا سڀ پاڪستاني ڀائر آهيون! جڏهن ڏيڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته پنهنجي بي چينيءَ جا قائدا ۽ قانون جوڙيا ٿا وڃن، جڏهن سنڌ تي عربن قبضو ڪيو هو ته جيڪي سنڌي مسلمان ٿيا انهن ۾ ۽ جيڪي عرب مسلمان آيا انهن جي مراعتن ۾ فرق رکيو ويو هو ۽ جيڪي مسلمان نه ٿيا انهن مٿان اهڙا ته نظريه رکيا ويا جو اهي سڄو سال ڪمائي به پيٽ ڀري نه سگهندا هئا، ڇو ته اهي غلام بڻايا ويا هئا، اڄ پاڪستان ۾ اين ايف سي بابت سنڌ جا پئسا، آباديءَ جو بنياد بڻائي پنجاب کي ڏنا ٿا وڃن، سنڌ جو پاڻي، 1960ع ۾ بنا معاهدي وڪرو ڪيو ويو، 1990ع ۾ پنجاب جي فائدي وارو معاهدو ٿيو پر انهيءَ تي به عمل نٿو ڪيو وڃي ۽ 1994ع ۾ ٿيل عارضي ورهاست نامي کي زوري قانون بڻائي سنڌ جو پاڻي کنيو ٿو وڃي، اهو ضروري آهي ته اسان درياهه سنڌ جي پيٽ ۾ ويهي سنڌوءَ جي ٿڌڙي واريءَ کي پنهنجن وارن ۾ وجهون ۽ دنيا آڏو پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايون پر ان کي به واضع ڪندي، جنهن اسان جي شينهن درياهه کي سڪايو آهي ۽ ان جو مکيه سبب ڪهڙو آهي ان طرف به ڌيان ڏيون.

اڄ دنيا مذهبي جنونيت جي مخالفت ٿي ڪري ۽ خاص طور مغربي دنيا کي مسلم مذهبي جنونن کان خطرو آهي! سائين جي ايم سيد 1952ع ۾ ويانا ڪانفرنس ۾ دنيا کي آگاهي ڏئي اڄ اهو سچ سڀن جي سامهون آهي، سائين انهيءَ کان پوءِ مذهبي جنونيت ۽ ملائيت خلاف جيڪا جدوجهد ڪئي ننڍي کنڊ ۾ ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي، سندس ڪتاب ”جيئن ڏٺو آهي مون“ شايع ٿيو ته سيد صاحب مٿان ڪفر جون فتوائون ڏنيون ويون، جن قوتن سيد صاحب مٿان ڪفر جون فتوائون ڏياريون انهن کي هاڻ، ڪنهن مسجد کي ڊاهڻ ثواب سمجهه ۾ اچي ٿو، پر سيد صاحب پنهنجي مشن جاري رکي ۽ سنڌوءَ جي ساڃاهه ۾ دنيا جي سمورن مذهبن جو مقصد لکي ملائيت ۽ پنڊتن کي انساني ترقي جو دشمن سڏيو، سيد صاحب واضع ڪيو ته سمورا مذهب انسانيت جو درس ڏين ٿا، انهن جو اقتدار ۽ حڪومت سان تعلق نه آهي ۽ نه هجڻ گهرجي، ڇو ته جيڪو مذهب انسان دوستي ۽ حق ۽ انصاف جو درس ڏئي ٿو اهو حڪمراني ۾ شامل ٿي، صرف هڪ طبقي يا صرف ڪنهن خاص قوم يا نسل جي مفادن لاءِ ڪم ڪري ٿو، جيئن پاڪستان ۾ قومن جي وجود کان انڪار ڪري، مذهب کي بنياد بڻائي، مذهبي رياست جو ڍونگ رچائي ڪيو پيو وڃي، هاڻ ته پاڪستان جا حڪمران به چون ٿا ته پاڪستان کي مذهبي جنونين مان خطرو آهي ۽ ان هن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هنن اترين علائقن ۾ جنگ شروع ڪئي آهي! ٿيو، ”دير آيو درست آيو“ پر سوال آهي ته پاڪستان جا حڪمران پنهنجو اسلامي رياست وارو نالو ته تبديل ڪن، پر اهي في الحال اهو ڪندي ڏسڻ ۾ نٿا اچن.

هي دنيا مڃي ٿي ته دنيا جي ترقي ۾ مذهبي جنوني رڪاوٽ بڻيل رهيا آهن، جيستائين يورپ ۾ ڪليسا جو قبضو هيو اوستائين يورپ دنيا اندر گهڻو پٺتي پيل هو، پر يورپ جي اڪابرن سڀ کان اڳ ۾ ڪليسا کي حڪومت مان ڌڪي ڌار ڪيو، ڇو ته مذهب سائنسي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻيل هو، انهيءَ ايجادات کي خدا جي معاملن ۾ دخل برابر سمجهيو ٿي، يورپ ۾ اڳ ۾ حاڪم جو مذهبي سربراهه هجڻ ضروري هيو، پر وڏي جدوجهد سان هنن ڪليسا کي حڪمرانيءَ کان ڌار ڪيو، نتيجي ۾ هنن، ايجادون ڪيون، ترقي ڪئي۽ اڳتي هلي سرمائيدارانه مفادن خاطر دنيا کي ڳيجهو بڻائي ڇڏيو آهي، پاڪستان جا حڪمران جيڪي افغان جنگ ۾ شريڪ رهيا ۽ هاڻ پنهنجي ملڪ ۾ جنگ وڙهي رهيا آهن، انهن پنهنجا مذهبي بنياد ڦٽا نه ڪيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ هي جنگ ختم ٿيڻ مشڪل ٿي لڳي، هي ڳالهه مڃڻي پوندي ته جيڪڏهن يورپي ملڪن پنهنجي حڪومتي نظام مان ڪليسا کي بي خدل ڪيو هيو پر ڪن سرمائيداراڻن مفادن خاطر هنن پنهنجي بنيادن تي اسرائيل کي قائم رکيو ۽ اڄ تائين ان جي مدد ڪن ٿا ۽ خود پاڪستان کي به پنهنجن مفادن خاطر ٺيڪو ڏيندا رهيا، ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جنهن جي نشاندهي سائين جي ايم سيد 1952ع ۾ ڪئي هئي، ته مذهبي بنياد پرستي تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ سڄي دنيا ان جا نتيجا ڀوڳيندو. موجوده حالتن ۾ صدر پاڪستان آصف علي زرداري صاحب اها ڳالهه ڪري ٿو ته پاڪستان عوام جي نالي ۾ حاصل ڪيو ويو پر انهيءَ کي مذهب جي بنياد تي هلايو ويو، اها ڳالهه به سيد صاحب جي نظرئي جي فتح آهي ۽ هاڻ وقت اچڻو آهي جڏهن اهو به قبول ڪيو ويندو ته پاڪستان ۾ شامل قومن جا حق کسيا ويندا رهيا آهن. اڄ سنڌ تڪليف ۽ مصيبتن ۾ آهي انهيءَ ڪري ته سنڌ جي ارتقا ۾ غلامي رڪاوٽ بڻيل آهي ۽ وقت به ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان جا مذهبي بنياد ڪنهن به ريت درست نه آهن ۽ سنڌ جي غلامي فطرت جي خلاف آهي...

علي نواز ٻٽ

هڪ صديءَ جو سٻاجهڙو ۽ اٽل انسان جي ايم سيد

هڪ صديءَ جو سٻاجهڙو ۽ اٽل انسان جي ايم سيد



سنڌ جي هڪ صدي اکين ۾ سمائي، آخري پساهن تائين آزادي لاءِ جاکوڙ رکندڙ شخص جو قيد دوران عجيب منظر اهو به هوندو هو  جو جڏهن هن تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪري، ان کي قيد رکڻ جو  جواز پيدا ڪيو ويو تڏهن هو قيديءَ جي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ ويندو هو ته اڪثر ڪري جج غائب هوندو هو ۽ جيڪڏهن جج عدالت ۾ حاضر رهندو هو ته پوليس اسڪواڊ نه هئڻ جو عذر ڏئي قيدي کي ڪورٽ نه پهچايو ويندو هو، حڪومت ۽ قيدي جي ايستائين اها راند جاري رهي جيستائين سيد جمهوريت جي نالي تي قائم ٿيل حڪومت ۾ قيديءَ جي حيثيت سان آخري پساهه پورا نه ڪيا سيد جيڪو پاڪستان جي جنم لاءِ جاکوڙيندڙ پهريون ننڍڙي عمر جو سياستدان هو جنهنجي ڪوششن سان سڀ کان پهريائين قرارداد پاڪستان سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي وئي، پر پاڪستان جي جنم وارن واعدن جيان، قرارداد پاڪستان جو مينار وري لاهور جي هڪ ميدان تي ٺاهيو ويو جتي پاڪستان جي قرارداد ڪڏهن پاس نه ڪئي وئي هئي پر لاهور جي ڀاڳ سان لاڙڪاڻي جي ڀيٽ ڪرڻ هن خدادا مملڪت ۾ ته ممڪن ئي ڪونهي ۽ ان لاهور جي لاڏلي راجه رجيت سنگهه جنهن کي پنجاب جو سابق وزير اعليٰ حنيف رامي پنهنجي ڪتاب ”پنجاب ڪا مقدمه“ ۾ قومي هيرو ڪري پيش ڪري ٿو، پر سنڌ ان کي اڄ به انگريز سامراج جو دلال ۽ ڀاڙيتو سمجهي ٿي، جنهن خلاف سنڌ جي پير پاڳاري جنگ جوٽي ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي پر گهڻين سازشن ۽ ڪيسن داخل ڪرڻ جي ڪوششن کان پوءِ انگريز سامراج ان مٿان به بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو پر سيد جي ڪيس جيان سورهيه بادشاهه تي ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ ان ڪيس جي شاهدن کي ڀرپور رعايتن سان نوازيو پر انگريز خوف سبب انهن کي پنهنجي تحويل ۾ رکڻ سان گڏوگڏ جڏهن سورهيه بادشاهه تي ڪيس هلايو ويو ته ان مسلمان وڪيل جي گهر ڪئي، جيڪا به سرڪار ڪنهن به صورت ۾ پوري ڪرڻ کان انڪاري هئي. جنهن کان پوءِ شاهدن کي جڏهن شاهدي لاءِ آندو ويو تڏهن به شاهدن ۽ سورهيه بادشاهه جي وچ ۾ پردو ڏنو ويو ڇو ته سورهيه بادشاهه جو انگريزن تي ايترو ته خوف طاري هو جو انهن کي خطرو هو ته متان سورهيه بادشاهه کي ڏسڻ سان ئي شاهد شاهدي نه ڏئي سگهن ۽ پوءِ جڏهن سورهيه بادشاهه کي بغاوت جي ڪيس ۾ ڦاهيءَ جي سزا ته ڏني وئي پر ڦاهيءَ کان پوءِ کيس دفنائڻ جو وڏو مسئلو ٿي ويو انگريزن کي انهيءَ سوچ اچي پريشان ڪيو ته سورهيه بادشاهه جي ڪٿي به مزار ٺاهي وئي ته اتي هزارين لکين مٿي ڦريا حر ڪٺا ٿيندا ۽ وري انهن ۾ آزاديءَ جي سوچ سگهاري ٿيندي ۽ انگريز خلاف هو پنهنجي مزاحمت جاري رکڻ پنهنجو فرض سمجهندا ۽ جيئن ته پاڪستاني رياست به انگريزن جي قانون جو نعملبدل آهي تنهن ڪري هن رياست کي به سائين جي ايم سيد مان سورهيه بادشاهه جيترو ئي خوف ۽ خطرو رهيو، جنهن ڪري هو هر صورت ۾ سيد کي قيد ۽ نظربند رکڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ۽ آخري وقت ۾ به کيس ٻاهرئين ملڪ علاج جي اجازت نه ڏني وئي پر سيد جي وصال کان پوءِ سن ۾ قائم ٿيل مزار تي لکين سندس سرفروش قومي ڪارڪن سالگرهه ۽ ورسيءَ جي ڏهاڙي تي ڪٺا ٿي نئون اتساهه وٺندا ۽ نئين جذبي ۽ جوش سان جاکوڙ جا وعده ۽ وچن ڪندا آهن قيد دوران سيد جي لاڏاڻي تي بي بي سي جي نمائندي سن جي منظر ڪشي ڪندي چيو هو ته اتي هزارين نوجوان ان هڪ صديءَ جي جهور پوڙهي جي وڇوڙي تي اهڙو ته ماتم ڪندا رهيا جو ڄڻ سندن پيءُ گذاري ويو هجي، حالانڪه هن جا هم عمر ماڻهو تمام گهٽ هئا پر گهٽ عمر جي ماڻهن جو اهو سڀ کان دنيا ۾ وڏو انبوه هو جيڪو پاڻ کان وڏي عمر جي ماڻهو لاءِ ائين ماتم ڪندو رهيو بي بي سي جي نمائندي کي ڪهڙي خبر ته سيد رڳو سنڌ جي قومي ڪارڪنن جو پرجهلو ۽ ڇپر ڇانو نه پر پيءُ ماءُ جو ڪردار ادا ڪندڙ اهڙو ته سٻاجهڙو ۽ جبل کان مضبوط شخص هو جيڪو هڪ طرف رياست لاءِ هڪ شخص چئلينج هو ۽ ٻئي طرف سيد جي بنگلي کي سنڌ جا قومي ڪارڪن پنهنجو گهر سمجهي نه صرف بغير ڪنهن کٽڪي جي رهڻ ايندا هئا بلڪه اچڻ کانپوءِ استعمال به ڪندا هئا گهڻو سفر ريل جو هئڻ ڪري سياري جي راتين ۾ هڪ بجي ڪڏهن ٻي ۽ ٽي بجي به ريل اچي سن اسٽيشن تي رڪبي هئي پر قومي ڪارڪنن کي اها ڳڻتي ڪو نه هوندي هئي ته بنگلي تي ماني ۽ هنڌ ڪير ڏيندو پر جڏهن ۽ جهڙي وقت به پهچندا هئا ته سياري جي پاري واري رات ۾ به سيد قومي ڪارڪنن جي سار لهڻ لاءِ پاڻ گهران نڪري اچي پڇا ڪندو ته سڀني ماني کاڌي آهي يا نه ۽ سڀني کي جدا، جدا بسترو مليو آهي يا نه ۽ پوءِ گهر هليو ويندو هو رات جو ڪيترائي ڀيرا پاڻ اچي ڪارڪنن تي هڪ محافظ ۽ ماءُ جيان ڏسندو ته ڪنهن تان سوڙ يا رلي ته نه لٿي آهي اها سڌي ڪندو ڪنهن کي ڪنهن شيءَ جي ضرورت ته ناهي رهي، راتين جو قومي ڪارڪنن جي جاڳي تيمارداري ڪرڻ ۽ ڏينهن جو انهن سان گڏ ماني کائڻ ڪچهريون ڪرڻ ۽ انهن جا مختلف انگل پيءُ جيان مڃڻ هر قيد مان آزاد ٿيندڙ قومي ڪارڪنن کي اجرڪ ڏيڻ ۽ خرچي ڏيڻ ۽ هر قومي ڪارڪنن کان پنهنجي تر ۽ آس پاس جا احوال وٺڻ ۽ بغير اميري غريبيءَ جي فرق کانسواءِ سڀني جو هڪجهڙو خيال رکڻ ڪو سيد کان سکي هو جيڪو ايڏو ته ٻاجهه ڀريو شخص هو جيڪو هر قومي ڪارڪنن جو انگل ته پورو ڪندو هو پر ڪيترائي ڪارڪن جڏهن واپسيءَ لاءِ سيد کان  ڪرايو گهرندا هئا ته هو انهن کي ڪرايو به ڏيندو هو پر هو هن رياست اڳيان ايڏو ته اٽل هوندو هو جو ڪنهن شاعر چواڻي ته ٽڪر سان آ ٽڪر پنهنجو ٽڪر بڻجي رهڻو آ، ضيائي مارشلا جي اونداهي دؤر ۾ سائين جي ايم سيد جي سن ۾ سالگرهه ملهائي پئي وئي سن کي چئو طرف فوج گهيرو ڪري ورتو ۽ سيد ڏانهن نياپو ڪيو ويو ته هو ڪنهن به صورت ۾ سالگرهه ٿيڻ نه ڏيندا، سيد پنهنجي پوئلڳن کان راءِ ورتي ڪن چيو ٿيڻ گهرجي ڪن چيو سائين وڏي خونريزي ٿيندي وغيره وغيره، سيد چيو ته جن کي ساهه پيارو آهي اهي سن ڇڏي وڃن هاڻي يا سالگرهه ٿيندي يا اسانجي لاشن تي ماتم، سيد جي اٽل ارادي تي بيهندو ڏسي فوج پوئتي هٽي وئي ۽ سيد جي سالگرهه ٿي، سيد عدم تشدد جو حامي ضرور هو پر مهاتما گانڌي ۽ سيد ۾ وڏو فرق هو، مهاتما گانڌي ڀڳت سنگهه کي ڦاهيءَ جي سزا ملڻ تي ڪو احتجاج ته نه ڪيو پر ڪو مذمتي ٺهراءُ به پاس نه ڪرائي سگهيو جڏهن سورهيه بادشاهه کي انگريز سرڪار ڦاهي ڏئي رهي هئي تڏهن به گانڌي انگريز سرڪار سان ميٽنگون پئي ڪيون پر سيد ته پنهنجي قومي ڪارڪنن جي نه صرف تحفظ پئي ڪيو پر اڪثر روپوش ٿيندڙ ڪارڪن سن کي ئي پنهنجو محفوظ جڳهه سمجهي رخ ڪندا هئا حيدر شاهه جڏهن جڏهن شيرين سومرو جي واقعي ۾ فوجين کي مارڻ جي الزام ۾ روپوش ٿيو ته سيد سندس رهائش جو رني ڪوٽ ۾ بندوبست ڪيو ويو پر هي اتان کسڪي نڪتو ۽ پوءِ گرفتار ٿيو اهڙا ڪيترائي ماڻهو سيد جي قافلي ۾ آيا ويا ۽ پوءِ سيد جي شخصيت تي سنگ زني ڪندا رهيا پر شيخ اياز جي چواڻي ته بڙ تي ڦوسڙي ويهي بڙ کي چيو بڙ هوشياري ڪجاءِ مان هاڻي اڏاءِ ٿي بڙ چيو هل ڙي ڦوسڙي تون جهڙيون ڪيئي ئي ڦوسڙيون آيون ويون آءُ اتي ئي بيٺو آهيان واقعي شيخ اياز سيد لاءِ ڏاڍو سچ لکيو هو ته ”شخصيتون تاريخ جا پير ٿينديون آهن جيڪي تاريخ کي اڳتي وٺي وينديون آهن جيڪڏهن روس ۾ لينن پيدا نه ٿئي ها ته روس جو انقلاب ڪيترو ئي وقت پوءِ اچي ها، جيڪڏهن ويٽنام ۽ ڪيوبا ۾ ڪامريڊ هوچي ۽ فيڊرل ڪاسترو پيدا نه ٿئي ها ته ڪيوبا ۽ ويٽنام جي اها صورتحال نه هجي ها پر جي سنڌ ۾ جي ايم سيد پيدا نه ٿئي ها ته اڄ جي سنڌ دولهه دريا خان واري سنڌ نه هجي ها، جي ايم سيد مذهبي جنونيت تي ڪاري ضرب هڻڻ لاءِ جيئن ڏٺو آهي مون“ جهڙو شاندار ڪتاب لکي حيدر شاهه سنائي وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ پيغام لطيف جهڙو شاهڪار ڪتاب لکي ڀٽائي کي مذهبي مرشد ۽ديوتا  مان انقلابي بڻائي ان کي حقيقي روپ ۾ پيش ڪري سنڌي قوم تي اهڙو وڏو احسان ڪري ويو، سنڌ جا سورما سميت سنڌوءَ جي ساڃاهه يا سنڌ ڳالهائي ٿي جهڙا ڪتاب لکي سنڌ جي غلامي آزاديءَ جي راهه جا سڀ رستا به ڏسي ويو انگريز سامراج ۽ پاڪستاني رياست جي هر جبر ڏاڍ گرفتارين، تشدد ۽ ٽارچر سيلن ۾ سالن تائين قومي ڪارڪنن کي قيد رکڻ کانپوءِ به هڪ ته سن ۾ لکين سنڌ جي آزاديءَ جا مست گڏ ٿين ٿا ۽ ٻيو سورهيه بادشاهه جي مرڪز پير جي ڳوٺ ۾ اڄ به لکين حر گڏ ٿين ٿا تشدد، ڏاڍ، ڏهڪاءُ آزادي جي پانڌيئڙن کي قيد ته ڪري سگهي ٿو پر آزادي جي آواز کي روڪڻ جي سگهه ساري نٿو سگهي....

سنڌ تي عرب قوم هٿان ٿيندڙ 14 حملا



پهريون حملو

حضرت عمر جي زماني ۾ عثمان بن ابي عاصي نعفي، بحرين ۽ عمان جي واليءَ ڪيو ويو هن سنڌ طرف حملو سمنڊ رستي ڪيو هو اتان ڦرلٽ ڪري واپس موٽيا

ٻيو ۽ ٽيون حملو

عثمان بن ابي عاصي، پنهنجي ڀاءُ مغيره کي هڪ جهاز ٻيڙي واري لشڪر جو سپھ سالار مقرر ڪري، حضرت عمر جي حڪم جي انحرافي ڪندي، سنڌ طرف موڪلي ڏنو

چوٿون حملو

عبدالرحمان بن سمره ( صحابي رسول) زرنج کان وڌي، سنڌ جي انهن ٽڪرن تي قبضو ڪيو

پنجون حملو

تغار بن صغير سنڌ جي سرحد تي ڪاھ ڪرڻ لاءِ مقرر هو، چوڻ ۾ اچي ٿو ته اتي ويھ هزار پهاڙي فوجن ساڻن مقابلو ڪيو ، پر هي انهن تي فتح حاصل ڪري مال غنيمت سان ڀرپور ٿي واپس موٽيا

ڇهون حملو

حارث بن مره عديءَ جو اڳئين حملي ۾ فتح پائي

ستون حملو

عبدالله بن عاصر ۽ راشد بن عمر سنڌ ڏانهن حملو ڪيو

اٺون حملو

عبدالله بن عاصر ۽ عبدالله سوار عبديءَ وري ٻئي دفعي سنڌ تي حملو ڪيو

نائون حملو

امير معاويي عبدالله بن سوار کي چار هزار سوار ڏيئي سنڌ ڏي فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو هو

ڏهون حملو

مهلب بن ابي صفره سنڌي تي حملو ڪيو

يارهون حملو

هيءُ حملو به ساڳي مهلب قندابيل ڪيو هو

ٻارهون حملو

زياد بن عبد ڪيو هو

تيرهون حملو

منذر بن جارود مڪران جو والي بنجي، سنڌ تي حملو ڪيو

چوڏهون حملو

آخري حملو جيڪو محمد بن قاسم ڪيو جنهن جو مقابلو راجا ڏاهر ڪيو

Thursday 5 May 2011

سنڌو ديش مقدر آ. سائين جي ايم سيد رھبر آ


   






             

                         
                                               الله اورانھون ڇڏي...!

    خدا کي انسان جي ضرورت ھئي يا انسان کي خدا جي ضرورت ۽ ڪنھن؛ ڪنھن کي تخليق ڪيو آھي، خدا انسان کي يا انسان خدا جي تصور کي ، اھو معمو انسان جي شعور، سمجھ ۽ آگھئَ جي اعلي ترين مرحلن جي طئه ٿيڻ سان پنھنجي آخري انجام تائين ھڪ ڏينھن ضرور پھچڻو آھي. فلسفي ڏاھا ، درويش ۽ مدبر ان سلسلي ۾ پنھنجي علم، ڏاھپ، آگھي ۽ ادراڪ جي روشنئَ سان ان گپت ڪھاڻئَ جي ڳولا ۾ مصروف آھن،ٻئي طرف بندي ۽ خدا جي ڪيفيت جي ڪشمڪش مٽئَ جي مورتي ۾ جاري آھي، ھڪ طرف انسان جو جسم خاڪي آھي جنھن مٽئَ جي مورت کي پنھنجون انائون، گھرجون، ڪاوڙ ، ڪروڌ، کاڌي پيتي جي اڻ تڻ، ننڊ آرام، آسائش ۽ آرائش جي بي پناھ طلب آھي، ان کي پنھنجي سماج مادي حالتن، تھذيب ۽ وجود مان کوڙ ساريون، جبلتون ميسر ٿيل آھن، جڏھن ته ٻئي طرف فرمانِ الاھي اھو پڻ آھي ته: ”اي بندا مان تو کي تنھنجي ساھ جي رڳ کان وڌيڪ ويجھو آھيان.“

ڪيڏي نه مٽئَ جي مورت جي عزت ۽ عظمت آھي جو خدا فرمائي ٿو ته مون تو ۾ پنھنجو روح ڦوڪي پوءِ خلقيو آھي ۽ پنھنجو پاڻ کي تو ۾ اتيو اٿم. اصل ۾ اتان کان ئي ڏاھپ، ادراڪ ، سمجھ ۽ فھم جو ناسمجھي، جھالت، اڻڄاڻائي ۽ تيسي سان جنگ ھلندڙ آھي.

انساني وجود جي اصل جدليات (جوھر ۽ جوڙجڪ) اھا آھي ته ھڪ طرف اھو مٽئَ جي مورت آھي ته ٻئي طرف اھو خدا جو پاڪ روح پڻ آھي. انھن ٻنھي شين کي ڳوھي ملائي ھڪ ھنڌ گڏ ڪيو ويو آھي، ٻنھي جي ڪشمڪش ۽ جھيڙو ازل کان ھلندو ٿواچي ۽ اھا ھڪ اھڙي ڳجھارت آھي، جنھن کي ھزارين ۽ لکين سالن کان ڏاھا ، فلسفي ۽ مدبر حل ڪرڻ لاءِ جتن ڪري رھيا آھن، ان ڳجھارت جي سلجھائڻ لاءِ ھزارين سالن کان جيڪا ڪوشش اوليائن ، ولين ، پيغمبرن ، درويشن ، جوڳين ، سامي ، رشي ڪندا رھيا آھن، جن جي انھن ڪوششن کي پاڻ مذھبن جو نالو ٿا ڏيون. مذھب معني عقل، فھم ۽ ڏاھپ جون اھي ڳالھيون جيڪي وقت ۽ حالتن سان گڏ مقدس بنجي ويون آھن، اھي ڳالھيون جيڪي انھن سماجي حالتن ۽ بيھڪ موجب اسان جي بزرگن کي درست لڳيون ٿي ۽ انھن سماج جي ڀلائيءَ ۽ بھتريءَ لاءِ انسان ذات کي آگاھ ڪيون ھيون، اصل ۾ مذھب بنيادي طرح ” لھرن لک لباس، پاڻئَ پسڻ ھيڪڙو“ وراي فلسفي جو تت آھي ته ٻئي طرف وري ڏسجي ٿو ته مٽئَ جي مورت ۾ مالڪ ”پاڻ پسڻ آيو پنھنجو تماشو“ جيئن ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ھن بندي جي روپ ۾ ان مٽئَ جي پتلي ۾ اچي پناھ ورتي آھي، ” جيڏانھن ڪر نظر تيڏانھن صاحب سامھون“ آھي، پر اھا ڳالھ نڀاڳن ملن ، پادرين ۽ پنڊتن کي ڪڏھن به پلئه نه پئي “ چي جھاد ٿا ڪيون! اڙي نڀاڳا مالڪ ٿو چئي ته ” مون ۾ آھين تون ، متان تنھنجو ئي توکي لڳي“ يا چئي ٿو ته ” اندر تون اُجار پنا پڙھندين ڪيترا“ ھي قرآن، گيتا ، انجيل ، توريت ، زبور ڪنھن ڪنھن کي ڪيترو پڙھندين، اصل ڳالھ اندر اُجارڻ، سمجھڻ ۽ پروڙڻ جي اٿئي ، ڇو ته مالڪ ته مندرن، مسجدن ۽ چرچن ۾ رھيوئي ڪو نه ٿي، ھو ته ماءُ جي ممتا ۾ ، معصومن جي مُرڪن ۾ ، محبوبن جي ادائن ۾ ۽ غريبن جي دلين ۾ ٿي رھيو. ھر شئَ ۾ سندس ديرو ۽ مقام ھو. ھوءَ ازل کان آھي ۽ ابد تائين رھندو. اھا ڳالھ سائنس به ثابت ڪئي آھي ته ھر مادي شئي ساھ واري آھي، اھا تحرڪ ۾ رھي ٿي، اھا فنا نه ٿي ٿئي ۽ مادو ازل کان آھي ۽ ابد تائين رھندو ۽ مادو غيبي طاقت رکي ٿو. ھاڻ جيڪڏھن انسان ۾ خدا جو روح ڦوڪيل آھي ته پوءِ مادي ۾ به خدا جو روح ۽ شڪتي آھي، ان ڪري سنڌي صوفين ۽ درويشن جي نظر ۾ جيئن بندو ۽ خدا جدا جدا ناھن، ائين مادو ۽ خدا ڀلا جدا ڪئين ٿا ٿي سگھن؟
” پڙاڏو سو ئي سڏ، ور وائئَ جو جي لھين،

ھئا اڳي ئي گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا...“

ھن ڪائنات جا اصولن سبب ، شڪتيون اصل ۾ انسان لاءِ ڌڻي تعالي آھن. مُلي جو خدا ۽ عقل ، فھم ۽ ڏاھپ وران جي خدا ۾ فرق آھي. صوفين ، درويشن واري خدا ۽ ظالمن، جابرن واري خدا ۾ فرق آھي، جھالت، جنون، جھادين جي خدا ۽ ماڻھپي ، انسان پڻي ۽ خلق خدا جي ٻاجھ واري خدا ۾ فرق آھي، جيڪو فرق ھزارين سالن کان اسان سنڌين کي اسان جا صوفي بزرگ، ڏاھا ، شاھ لطيف، سچل سائين ، سامئَ، سائين جي ايم سيد، علام آءِ آءِ قاضي ، شاھ عنايت ، قلندر ۽ وتائي فقير جي روپ ۾ ٻڌائيندا ۽ سمجھائيندا رھيا آھن. انھن سمورن بزرگن جي تعليم جو محور ۽ مرڪز انساني ڀائپي، رواداري، ماڻھپي جي بلندين تائين رسائي تائين پھچڻ ھو.

اڄ انساني ماڻھپي کان وڏو ڪو به مذھب ناھي، سنڌ جنھن ” شِوَمھاراج“ ۽ ” شڪتي ديوي“ جو تصور ڏنو، جنھن جو مقصد انسان ذات کي خدائي فلسفي، ماڻھپي کان آگاھ ڪرڻو ھو ۽ اسان سنڌين جو خدا ”شِوَ مھاراج“ ۽ ”شڪتي ديوي “ رھيا آھن. جن جو نقل ڪندي عربن ” آدم ۽ حوا“ جو تصور تخليق ڪيو. اھو آدم جيڪو سنڌي فلسفي آتما مان ڦري آتم ۽ بعد ۾ آدم ٿيو آھي. سموري انساني تھذيب، شناس ، فھم ۽ ادراڪ جون سوچون سنڌ مان دنيا ۾ ڦھليون. شِوَ مھاراج جيڪو اسان سنڌين جو خدا، قومي ھيرو ۽ فلسفو رھيو آھي، جنھن تان سموري انسان ذات کي عقل ۽ فھم جا انيڪ موتي نصيب ٿيا آھن. قديم مصر، ميسوپوٽاميه ، دجله ، فرات ۽ يونان تائين سنڌ جي فڪر ۽ فلسفي جا جوھر سفر ڪندا رھيا آھن. ھڪ جامع راءِ اھا پڻ آھي ته عربن وارو ”ابراھيم“ لفظ اصل ۾ سنڌي ”برھمڻ“ مان نڪتو آھي، جيڪي سنڌي واپارين سان گڏ عراق، يسرب ۽ مصر تائين پنھنجي مذھب ، فڪر ۽ فلسفي جي ڦھلاءَ لاءِ ويندا رھيا آھن، انھن کي عربن برھمڻ مان ڦيرائي ابراھيم بنائي ڇڏيو ھو. نه ته عرب جاھلن کي ڪھڙي خبر ته خدا ۽ پيغمبر ڇا ٿيندا آھن. اسان جي انھن مفڪرن کي دنيا تائين پنھنجو پيغام رسائڻو ھو، جيئن دنيا کي امن، سڪون ، آرام ، مادي ترقي ۽ ڀائيچارو ميسر ٿئي . سنڌ جي موھن جي دڙي جا آثار ان ڳالھ جي گواھي ڏين ٿا ته سنڌي واپار، فڪر ، فلسفي، ڏاھپ، شھري زندگي ، قانون، فلڪيات، حسابن، جھاز راني جا ڄاڻو ۽ ڦيٿي جا ايجاد ڪندڙ ھئا، اڄ ان سرزمين سنڌ کي مذھبي ڪٽرپڻي ، غلامئَ، ذلت، استحصال ۽ ڦرلٽ جو شڪار بنايو پيو وڃي. ھن وقت سنڌ سميت پوري دنياکي جنھن مذھبي رواداريءَ، سھپ، برداشت جي ضرورت آھي، ان وقت مذھبي آپي مان نڪتل ماڻھو انسان ذات کي خدا جي نالي ۾ ماري قتل وغارتگيري ڪري رھيا آھن، سنڌي قوم وٽ جيڪو انسان ذات لاءِ امن، سلامتي، سک ۽ شادابئَ جو پيغام آھي ، ان جي جيڪا اڄ دنيا کي ضرورت آھي، اھا ھن کي اڳ ڪڏھن به ناھي رھي. اھڙي وقت ۾ جڏھن پنجاب سامراج سنڌ کي غلام رکڻ سان گڏ ان کي مذھبي ڪٽرپڻي ۾ ڌڪڻ جو سازشون ڪري رھيو آھي، پنجاب دنيا جي اڳيان سنڌ جو انسان دوست ، صوفي ۽ ماڻھپي واري چھري کي بگاڙي پيش ڪرڻ ٿو چاھي ته جيئن سنڌ جو قومي ڪيس مذھبي جنون ۽ ڪٽرپڻي جي وَر چڙھي وڃي، جيئن ڪشميرين پنھنجو قومي ڪيس مذھبي رنگ جي ڪري خراب ڪري ڇڏيو آھي. ان ڪري اسان جيئي سنڌ متحدا محاذ طرفان سنڌ جي نوجوانن ۽ دنيا کي اھو ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته اسان سنڌي مذھبي جنون ۽ جھالت جا حامي ڪڏھن به ناھيون رھيا، اسان جو ايمان انساني ماڻھپي ۽ رواداريءَ ۾ رھيو آھي...
”اسان آدم ڪنون اڳي ھئاسين، آدم ساڍا ڄايا اي“
                                                                                 توھان جو پنھنجو
                                                                                  شفيع محمد برفت
                                                                                        چيئرمين
                                                                                جيئي سنڌ متحدا محاذ