Friday 24 February 2012

سائين جي ايم سيد جي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن سان ملھايل شام ۾ ڪيل تقرير 31 مارچ سن1973ع ــ


عزيز دوستو! اوھان سان شام ملھائڻ يا قوتي کائڻ جي برابر آھي ھھڙن موقعن تي ضروري ٿئي ٿو ته ڪجھ ٻڌجي ۽ ڪجھه ٻڌائجي.
مون اوھان کي 4 مارچ 1973ع تي آگاھه ڪيو ھو ته سگھو ئي وقت اچڻ وارو آھي جڏھن ممڪن آھي ته اوھان تي وڏين جوابدارين جو بار پوي ، ان لاءِ اوھان کي تيار ٿيڻو آھي . صرف صالح ۽ لائق ماڻھو ان امتحان مان ڪامياب ٿي نڪري سگھن ٿا.جيل ۾ وڃڻ لٺيو جھلڻ سولو ڪم آھي پر جوابداريءَ جو بار سنڀالڻ اوکو ڪم آھي. ان ڪم جي سرانجاميءَ لاءِ اوھان کي مخلص ڪارڪنن جو گروه پيدا ڪرڻو پوندو جي ڪارڪنن سنڌ جي سياسي ، سماجي ، اقتصادي مسئلن کي پوريءَ طرح سمجھي سگھن ۽ پنھنجي ذھن صاف ڪرڻ بعد ھم خيار دوست جو تعداد وڌائين.
اوھان کي ھيٺين مسئلن تي غور ۽ فڪر بعد صحيح نتيجن تي پھچڻو آھي.
1)  قومي نظريو:ـ
قومي نظرئي جي مختلف تصورن جي معلومات حاصل ڪرڻ بعد ھڪ نظرئي کي قبول ڪرڻو آھي.
آئون غور ، فڪر ۽ تجربي بعد ھن نتيجي تي پھتو آھيان ته سنڌ جا رھاڪو زبان  ، ڪلچر ، تاريخي روايات ، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي جدا قوم آھن ۽ قومن جي حق خوداراديءَ جي آڌار تي  سندن سياسي ، اقتصادي ۽ ڪلچر آزاديءَ خوشحاليءَ ۽ ترقي لاءِ پاڻ فيصلا ڪرڻ جا حقدار آھن.
2)  سنڌو ديش:ـ
برصغير پاڪ ۽ ھند ۾ ھزارن ورھين کا جدا تاريخي ملڪ رھيو آھي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن وانگر کيس پنھنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو ھر ڪو حق آھي.
3)  سنڌي زبان:ـ
قديم زماني کان سنڌ جي زبان سنڌي رھي آھي اھا پاڪستان ۾ سڀ کان زياده جھوني ۽ شاھوڪار زبان آھي. ان ڪري ان کي ملڪ جي سرڪاري ۽ قومي زبان بنجڻ جو ھر ڪو حق آھي.
4)  ملڪي آئين:ـ
آئين سازيءَ جي مسئلي کي سمجھڻ لاءِ پھرين ھن ڳالھ جو فيصلو ڪرڻو پوندو ته آئين ھڪ قوم جي بنياد تي ٺاھيو وڃي ٿو يا چئن قومن جي بنياد تي پھرئين نظرئي مطابق سنڌي اقليت ۾ ٿي ٻئي اڪثريت واري صوبي جي ڪثرت جا محتاج ٿي پوندا . ٻئي نظرئي مطابق ڪوبه آئين سنڌين جي رضامندي کانسواءِ ٺھي نه سگھندو:
(الف) ھڪ قومي نظرئي جي آڌار تي اڪثريت وارو صوبو (پنجاب) سندس  تعداد ، پيسي ، ملٽري ۽ سول سروس جي آڌار تي سنڌ تي حاوي رھندو، جنھن ڪري سنڌ جي پيسي وسيلي ، سنڌ تي حڪومت ڪندو.
(ب) ان نظرئي جي آڌار تي سنڌ جي پيدائڻ ، زمين ، ڪارخانن ۽ نوڪرين تي ٻين صوبن جي رھاڪن جو استحصال رھي سگھندو.
(ت) ھڪ قومي نظرئي جي آڌار تي نظرئي پاڪستان ، اسلامي آئين ، مضبوط مرڪز جي چنبي مان سنڌي نڪري نه سگھندا.
(ث) ان نظرئي جي آڌار تي ٻين صوبن جا رھاڪو ھن صوبي مان پيسا ڪمائي ، ٻاھر کڻي ، صوبي جي معيشت کي نقصان پھچائي سگھندا.
(ج) ان نظرئي جي آڌار تي ٻاھرين مٽاسٽا، واپار، بئنڪن ، ريلوي ، پوليس ، ٽيليگراف، ريڊئي، ٽيليويزن، کاڻين۽ اقتصادي ادارن تي مرڪزي حڪومت جو قبضو رھندو.
(ح) ان نظرئي جي آڌار تي دفاع ، پرڏيھي معاملن ۽ ڪرنسي کانسواءِ ٻين کاتن تي به مرڪز کي اختيار ھوندو.
(خ) ان نظرئي جي آڌار تي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ سنڌي کي ساري پاڪستان جي آباديءَ جي لحاظ کان نمائندگي ملندي.
(د) ان نظرئي جي آڌار تي مرڪزي حڪومت جي نوڪرين ۾ سنڌي کي ھن وقت وانگر صرف ھڪ سيڪڙو نوڪريون ملنديون.
(ذ) ان نظرئي جي آڌار تي سول سروس مرڪزي حڪومت جي ھٿ ھيٺ رھڻ ڪري صوبائي خودمختياري بيڪار بنجي ويندي.
(ر) ان نظرئي جي آڌار تي ملڪ جي قومي زبان غيرملڪي اردو زبان ٿيندي.
(ز) ان نظرئي جي آڌار تي ملڪ ۾ مذھب ۽ سياست گڏيل رھندا.
(س) ان نظرئي جي آڌار تي ڀر وارن ملڪن سان مخاصمت جي پاليسي جاري رھندي.
(ش) ان نظرئي جي آڌار تي ٻين صوبن جي ماڻھن کي سنڌ ۾ ڪالونائيز ڪرڻ جي ڇوٽ ھوندي.
(ص) ان نظرئي جي آڌار تي سوشلزم پوريءَ طرح رائج ٿي نه سگھندو.
5)  سنڌي ڪلچر:ـ
سنڌ کي گذريل چئن ھزار ورھين جي تاريخ آھي. جنھن جي بنياد تي ھن پنھنجو قومي ڪردار ۽ ڪلچر ٺاھيو آھي. اھي سندن قومي ورثا آھن. انھن کي وساري ، نون آيل ماڻھن جي ڪلچر ۾ سمائجڻ سنڌي لاءِ پاڻ وسارڻ جي برابر ٿيندو.

6)  سامراجي مفاد جو استحصال:ـ
سنڌي کي ان ڳالھ بابت ذھن صاف ڪرڻا آھن ته اھي ڪھڙا مستقل مفاد آھن جي سندن استحصال ڪن ٿا . ٿوري غور بعد پتو پوندو ته مھاجر پنجابي مستقل مفاد سندن سياسي آزادي سلب ڪيو ويٺا آھن سندن اقتصادي ذريعن تي  قابض آھن ، سندن ڪلچر تي غلبو ڪري ويا آھن. ان جي سدباب لاءِ ويچار ڪرڻو اٿن.
7)  قومپرستي ڇا کي چئجي ٿو؟
مٿي چئي آيو آھيان ته اسان سنڌين جي جداگانه قوم کي مڃون ٿا . پر ڏسڻو آھي ته سنڌي قومپرستيءَ جا بنيادي متا ڪھڙا آھن؟
منھنجي نظر ۾ ھيٺيان ٿي سگھن ٿا:
(الف) سنڌ جي جدا ملڪ ۾ ويساھه رکڻ.
(ب) پاڪستان ھڪ ملڪ نه آھي بلڪه چئن جدا ملڪن جو مجموعو آھي ان ۾ اعتماد رکڻ.
(ث) سنڌي جدا قوم جي حيثيت ۾ پنھنجي مستقبل بابت فيصلي ڪرڻ جو حق رکن ٿا.
(ج) سنڌي قومپرستيءَ جي راھ ۾ رڪاوٽون، نظريه پاڪستان، اسلامي نظام حڪومت ، مضبوط مرڪز ۽ پاڪستان جا مجموعي مفاد آھن.
8)  سيڪيولر نظام حڪومت:ـ
ساري دنيا ۾ حڪومتي نظام سيڪيولر بنياد تي ٻڌل آھي پر ھتي پاڪستان ۾ ھڪ سامراجي مستقل مفاد عوام جو توجھه ملڪ جي حقيقي مسئلن کان ھٽائڻ لاءِ اسلامي نظام حڪومت جو راڳ اچاري رھيا آھن. ان جو مقصد عقل جي عيوض مذھب جي نالي ۾ مُلا جي اٿارٽيءَ ھيٺ حڪومت ھلائڻ آھي جي مُلا گھڻي قدر سرمائيدار ۽ حاڪم جا ايجنٽ ٿي ڪم ڪن ٿا.
9)  صحيح جمھورت ڇا آھي؟
صحيح جمھوريت ۾ ھيٺين ڳالھين جو ھئڻ ضرور آھي.
(الف) ان ۾ ھڪ قوم جو ٻيءَ قوم تي سندس اڪٿريت ، قابليت ، تشدد ، پيسي ۽ ھنر جي آڌار تي تسلط قائم نه رھندو.
(ب) جنھن ۾ ھڪ گروھ يا طبقو ٻئي گروھ يا طبقي جو اقتصادي استحصال ڪري نه سگھي ۽ ملڪ جي جملي ماڻھن کي ھڪ جھڙا حق ۽ موقعا حاصل ھجن.
(ت) جنھن ۾ شاھوڪار ، ڪارخانيدار ، مُلا ۽ پير کي ملڪي سياست ۾ دست انداز ڪرڻ تي بندش ھجي.
10)     سوشلزم ڇا آھي؟
ان جو مقصد ملڪ جي جملي پيداواري ذريعن ، ورھاست ۽ پيسي تي عوامي حڪومت جو تسلط ھئڻ آھي . جا ان تسلط کي ماڻھن جي مجموعي مفاد لاءِ ڪتب آڻيدي ان ۾ شخصي ۽ طبقاتي استحصال جا رستا بند ڪيل ھوندا آھن . ان جو بنياد زماني جي حقيقتن ۽ عقل جي آڌار تي ٿئي ٿو. مذھبن ۾ شخصي ۽ طبقاتي مفاد کي بچاءُ ڏنل آھي. جنھن ڪري سوشلسٽ معاشري جي حصول ۾ رڪاوٽ پوي ٿي. اسلامي سوشلزم ٿيندي ئي نه آھي.
 11)     اسلامي آئين ۽ اسلامي نظام حڪومت:ـ
ملڪ جوآئين معاشري جي  حالتن جي آڌار تي ھلايو وڃي ٿو. تنھن ڪري اسلامي آئين يا اسلامي  نظام حڪومت ٿيندا ئي ڪونه آھن، جيڪي ماڻھو اھڙي گفتگو ڪن ٿا سي يا ته ڌوڪيباز آھن يا ته بيوقوف آھن.
12)       سنڌو ديش جي معنيٰ ڇا آھي؟
سنڌو ديش جي معنيٰ سنڌو طاس جي موجوده سنڌ ملڪ واري ايراضي آھي. ان ملڪ ھزارين ورھين کان پنھنجي علحده حيثيت قائم رکي آھي. سنڌ ۽ سنڌو ديش ۾ تفاوت ھي آھي ته سنڌ ۾ ساري انڊس ويليءَ وارو ملڪ اچي وڃي ٿو پر سنڌو ديش ۾ صرف موجوده سنڌ جي ايراضيءَ آھي جيئن بينگال جي معنيٰ اُڀرندو ۽ الھندو بينگال آھي ، ۽ بنگلاديش جي معنيٰ صرف اُڀرندي بينگال وارو آزاد ملڪ آھي . سنڌو ديش نالي وٺڻ مان اسان جو مقصد ان خطه زمين جي سياسي آزادي، اقتصادي خوشحالي ۽ ڪلچر ترقي ٿئي ٿو جاھن وقت صوبي سنڌ تي مشتمل آھي.
 13)        سنڌي قوم جي تڪميل:ـ
         اھا حقيقت آڳي ته سنڌ جا رھواسي علحده قوم سڏائڻ جا حقدار آھن. پر ان ڳالھ کان ڪير به انڪار ڪري نٿو سگھي ته ھڪ فعال باغيرت ۽ يڪجھت قوم بنجڻ لاءِ جنھن قومي عصبيت جي ضرورت ٿئي ٿي. سا اڃان سنڌ جا رھاڪو پوريءَ طرح پيدا ڪري نه سگھياآھن. ان جي راھ ۾ رڪاوٽون آھن تن جي دور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي. مثلن: پير، وڏيرو  ۽ غلام صفت مڊل ڪلاس جي اڪثريت ان ۾ رڪاوٽ آھن.
 14)        پاڪستان ۽ سنڌ:ـ
 سنڌ پاڪستان کان سواءِ رھي سگھي ٿي پر پاڪستان جو سنڌ کان سواءِ قائم رھڻ مشڪل آھي . پاڪستان جي قيام جو مدار حڪمران طبقي جي سنڌ سان برتاءُ تي آھي. جيڪڏھن سندن موجوده ذھنيت ۾ تبديلي آڻي، سنڌ ۽ سنڌين جي قومي وجود کي تسليم نه ڪيو ۽ سنڌين کي سندن واجبي حق نه ڏنا ته دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان کي قائم رکي نه سگھندي.

15)        پاڪستان جون موجوده سياسي پارٽيون:ـ
پاڪستان ۾ موجوده سياسي پارٽيون ، سواءِ ” جيئي سنڌ“ ۽ ”خدائي خدمتگار“ جي ، سڀ آل پاڪستان جمائتون آھن. اھي بنيادي طرح نظرئي پاڪستان جي آڌار تي ٺھيل آھن. جنھن ۾ سنڌ ۽ ٻين صوبن جي جداگانه حيثيت جو انڪار ڪيل آھي. انھن ۾ سنڌي قوم پرست جو داخل ٿيڻ سنڌ جي موت جي وارنٽ تي صحيح ڪرڻ جي برابر آھي.
16)     حڪومت جي پاليسي:ـ
سنڌين کي ھر حڪومت جي پاليسي پرکڻ لاءِ ڪي ڪسوٽيون مقرر ڪري ان مطابق فيصلو ڪرڻو پوندو. منھنجي نظر ۾ ھيٺيون ڳالھيون آھن جن جي آڌار تي اوھان حڪومتن جي پاليسيءَ بابت راءِ ظاھر ڪري سگھو ٿا:
(1)          نظرئي پاڪستان ۾ اعتماد رکندڙ حڪومت سنڌين کي ڪڏھن به فائدو پھچائي نه سگھندي.
(2)          مضبوط مرڪز ۾ اعتماد رکندڙ حڪومت سنڌ جي دشمن ٿيندي.
(3)          اسلام آئين يا اسلامي نظام حڪومت ۾ مڃيندڙ سرڪار سنڌ لاءِ ھاڃيڪار ٿيندي.
(4)          اصولن تي ھلڻ بجاءِ اقتدار جي قيام کي ترجيع ڏيندڙ حاڪم سنڌ جا خيرخواه ٿي نٿا سگھن.
(5)          سنڌي جي جداگانه قوم ۽ سنڌو ديش جي آزاديءَ جي اصولن کان انڪار ڪندڙ حڪومت سنڌ دشمن شمار ڪري سگھجي ٿي.
 
17)     سنڌي لاءِ مفيد خارجه پاليسي:ـ
ٻاھرين ملڪن مان آمريڪا اسرائيل تان جھڪو ڪرائڻ خاطر پاڪستان کي ڀارت سان ويڙھائڻ گھري ٿي. آمريڪا ھٿيارن جي نيڪال لاءِ جنگجويانه پاليسيءَ جي حامي آھي. آمريڪا روس جي دشمنيءَ خاطر پاڪستان جي مھاجر پنجابي مستقل مفاد تسلط قائم رکڻ جي حامي آھي. چين ، ڀارت جي طاقت کي ايشيا ۾ ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڀارتي دشمني اختيار ڪئي آڳي . انھيءَ ڪري پاڪستان جي معاملي ۾ اھو آمريڪا جي پوئلڳي ۾ ھلي ٿو. تنھن ڪري سنڌين لاءِ ڪنھن به حڪومت جي آمريڪا ۽ چين سان دوستي سنڌي حقوق لاءِ نقصانڪار ٿيندي. ڀارت ، روس ، افغانستان ، ايران ۽ عرب ملڪن سان دوستي سنڌي مفاد وٽان آھي.
 18)        پئن اسلامزم:ـ
    ھيءُ نظريو فرسودو ۽ بيڪار بنجي چڪو آھي آئيندي مختلف ملڪن سان تعلقات سيڪيولر بنياد تي پيدا ڪرڻ گھرجن. انھي نظرئي ۾ اعتماد رکڻ سان اڻ سڌيءَ طرح سنڌين کي مھاجر پنجابي مستقل مفاد سامراج ۽ انھن جي مددگار آمريڪا ۽ چين سامراجين جي سازشن ۾ ڦاسائڻ جي برابر ٿيندو.
 19)        سياسي اخلاق:ـ
     سياست ۾ جھڙيءَ طرح اصول مقرر ڪرڻ ضروري آھن . اھڙيءَ طرح اصولن تي عمل ڪرڻ به لازمي آڳي. جي ماڻھو شخصي اخلاف برقرار رکي نٿا سگھن ، انھن کان اصولي يا سياسي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي بربر آھي. ابن الوقتي ۽ ڦرڻي گھرڻي پاليسي عارضي طور ڪن شخصن کي وقتي فائدو ڏئي سگھي ٿي ليڪن اھڙي پاليسي قومن ۽ ملڪن جي ديرپا مفاد لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي.
 20)        ذھني قابليت ۽ صلاحيت:ـ
ڪي به افراد ، گروھه يا قومون حڪومت ھلائڻ جون اھل ٿي نه  سگھنديون جيڪڏھن انھن ۾ ذھني صلاحيت پيدا نه ٿي آھي. انھيءَ کانسواءِحاصل ڪيل اقتدار پاڻيءَ جي ڦوٽي جي مثل آھي . جو ھوا جي جھوٽي سان ختم ٿي سگھي ٿو، تنھن ڪري جيڪڏھن اوھان پنھنجي ملڪ جا وارث ٿيڻ گھرو ٿا ته سياسي اخلاق ۽ ھني صلاحيت جا حامل ٿيو.
21)        سياستدان جا قسم:ـ
ھڪڙا پرئڪٽيڪل پاليٽيشن آھن. جي سياست عمليءَ ۾ اعتماد رکندي عارضي ڪاميابيءَ يا اقتدار جي حصول لاءِ اصولن کي قربان ڪن ٿا.
ٻيا آئڊيلسٽ سياستدان آھن جي ملڪ ۽ قوم جي مجموعي مفاد لاءِ ڪي اصول مقرر ڪري ان مطابق ھلن ٿا ۽ ٻين کي ان تي ھلڻ جي ترغيب ڏين ٿا . انھن وٽ عارضي ڪاميابي يا اصولن کي قربان ڪرڻ بعد اقتدار جو قيام بي معنيٰ شيون آھن.
اھي ۽ ٻيا اھڙا سوال آھن جن بابت اوھان کي ذھن صاف ڪرڻا پوندا، بجاءِ ان جي جو اوھان ٻاھر نڪري حڪومت جي پاليسيءَ يا ڪن پارٽين جي فائدي يا مخالفت لاءِ ڪم ڪريو . بھتر ائين آڳي ته شاگرد برادريءَ جي ذھنن صاف ڪرڻ واسطي سندن تعليم ۽ ترغيب لاءِ وقت صرف ڪيو. اوھان کي دعوت ڏجي ٿي ته 12 شاگردن جا گروپ ھفتي کن لاءِ موڪل وٺي ملڪي مسئلن ، سياسي نظرين ۽ اخلاقي  ڳالھين جي وچ ۾ تميز حاصل ڪرڻ لاءِ مون وٽ سن ۾ اچي ڪچھري ڪري تربيت حاصل ڪريو.

(تقرير پوري ٿي)
سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ (سائين جي ايم سيد)
پيج نمبر 183 کان 191 تائين

No comments:

Post a Comment