Sunday 5 February 2012

کاھوڙي جائزو 2012 :ـ سنڌي ۽ بلوچن جو قومي جياپو قومي آزاديءَ سان مشروط آھي! شفيع محمد برفت


کاھوڙي جائزو ـــ  سنڌي ۽ بلوچن جو قومي جياپو قومي آزاديءَ سان مشروط آھي!
  شفيع محمد برفت

پاڪستاني رياستي برصغير جي مسلمانن جي سڀ کان وڏي چڪ ۽ گھڻ طرفو ڏوھ ثابت ٿي چڪي آھي، جيڪو گناھ ان وقت جي عالمي طاقت برطانيه پنھنجي جيو پوليٽيڪل اينڊ اسٽريٽيجڪ مفادن جي خاطر ڪرايو. پاڪستاني نام نھاد ٻه قومي نظريو يعنيٰ مذھب جي نالي تي مسلمان ھڪ قوم آھي وارو خفط ھن وقت نه صرف سنڌين ۽ بلوچن لاءِ ناسور بنجي چڪو آھي. پر ان کان اڳ ان مودودي ذھنيت جي اسلامي قوميت بنگالين جي تاريخ ، ڪلچر ، زبان ، سياسي ۽ اقتصادي مفادن ۽ وطني شناخت ۽ سرحدن کي قيد ڪري شديد غلاميءَ جي پنجوڙ ۾ کين جڪڙي رکيو ۽ بنگلاديش جي ڪامياب قومي آزاديءَ جي تحريڪ جنھن ۾ بنگالي غيرتمند قوم کي پنھنجي مادري وطن جي آزاديءَ لاءِ لکين شھيدن جي رت سان گڏ معصوم ڌرتي ڌياڻين جي عصمتن جي قرباني به ڏيئڻي پئي ھئي، آخر ڪار بنگالي قوم ان پاڪستاني غير فطري غيرمھذب فاشي رياست جي پنجوڙ مان آزاد ٿيا ھئا. دنيا ڏٺو ته واقعي به نه صرف مذھب جي نالي ۾ قوميت وارو اھو ڍونگ تاريخ جو بدترين انڪار ثابت ٿيو پر سموري مھذب دنيا جي معاشرن ، قومن ۽ انسانذات خلاف نام نھاد ٻه قومي نظرئي جي حامي رياست ۽ ان جي حرامي ادارن فوج ۽ آءِ ايس آءِ  وارن سموري انسان ذات ۽ عالمي امن ، سلامتي ، انساني ڀائيچاري ۽ ماڻھپي خلاف جيڪو دھشتگرديءَ ، مذھبي جنونيت جو رڻ ٻاري ڏنو ان جو اندازو افغانستان ۾ طالبانن واري جاھل حڪمرانيءَ ۽ ان جي نتيجي ۾ القاعده جو مضبوط ٿيڻ ۽ 9/11 جھڙن واقعن جي صورت ۾ سامھون آيو ته ٻئي طرف وري آءِ ايس آءِ جي مذھبي انتھاپسند ذھنيت جي مالڪ دھستگرد گروھ طرفان ممبئي شھر ۾ انساني ڪوس ۽ قتِل عام ڪرايو ويو. پنجاب جي سامراجي سوچ ، استعماري مفادن اسلامي ٻه قومي ڍونگ واري مذھب جي آڙ ۾ نه صرف برصغير ، ڏکڻ ايشيا ، وچ ايشيا پر سموري دنيا لاءِ جنونيت ۽ جھاد جي نالي ۾ زبردست خطرو ۽ جنگ مسلط ڪري ڇڏي عالمي قوتن جي ان وقت کين حشي ۽ ٽيڪ به شامل ھئي.ان ڪري جھادي تماشو ڊالر جي ٻلھه تي افغانستان جي آکاڙي ۾ جاري رھيو. پر جيئن ته اھو نظريو، جنگ جو اھو مقصد ۽ جنگي جنوني قوتون سموري جا سمورا ناجائز ۽ غير منصفاڻي سوچ جا شاھڪار ھئا.

ان ڪري ان جھادي ڍونگ واري راند کي وڌيڪ جاري رھڻ جو ڪوبه سياسي ، اخلاقي تاريخي جواز نه رھيو. ان ڪري ”بندي جي من ۾ ھڪڙي ته رب جي رضا وري ٻي“ وانگر پنجابي سامراج ۽ ان جي خونخوار خفيه ادارن آءِ ايس آءِ ۽ فوج سوچڻ شروع ڪيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي سرزمين تي قبضو ، ڦرلٽ کي غلام ڪري سندن تيل ، گئس، ڪوئلي ، سمنڊ ،درياھه ۽ جاگرافيائي سرحدن کي ڦٻائڻ ته ڄڻ ھضم ٿي چڪو آھي، پر ”ستارون سي آگي جھان اور ڀي ھي“  جيئن ھاڻ ھو ان مذھبي Theory کي کڻي جھادي ٽولڙيون پيدا ڪري سموري دنيا لاءِ اميرالموممنين بنجي حڪمرانيءَ جا خواب ڏسڻ لڳا ۽ ”پڪي پڪائي تازا روٽي“ وانگر سمورين مسلمان ملڪن کي اسلامي جھاد فراھم ڪندا رھيا . ائين پنجابي فوج ۽ آءِ ايس آءِ وارن پاڻ کي جنوني جھادين جو ٺيڪيدار سمجھڻ شروع ڪري ڏنو. اھڙيءَ ريت ھنن سموري مھذب دنيا کي اسلامي جھاد جو خوف ڏئي مال ميڙڻ ۽ ڊالر ڪمائڻ شروع ڪري ڏنو ۽ جھاد سندن ڌنڌو ۽ ڪمائيءَ جو ذريعو بنجي ويو . ھن فاشي رياست جي دھشتگرد خفيه اداري آءِ ايس آءِ ۽ فوج کي اھو اندازو ئي ڪونه ھئو ته جڏھن عالمي قوتن جي مفادن ۽ ضرورتن ۾ ڦيرو ۽ تبديلي آئي ته ” تيرا ڪيا بنيگا ڪاليا“ وانگر ھن فاشي رياست ٿيوڪريٽڪ رياست جي جھادي دھشتگرد ۽ جنوني حرڪتن جو ڇا نتيجو نڪرندو؟ ۽ اھوئي ٿيو جيڪو ڪجھ اڄ ڪلھ ھن رياست سان عالمي حوالي سان ٿي رھيو آھي ، آمريڪا ۽ نيٽو جا ملڪ ھن رياست جي اھڙن نام نھاد مذھبي جنوني نظرئي، فوجي ناجائز سگھ ،آءِ ايس آءِ جي دھشتگردي عملن جي خلاف سخت نوٽيس وٺڻ شروع ڪيا آھن. اڄ سموري دنيا جا مھذب ملڪ ، جمھوري معاشرا، سنجيدا قومون ۽ ميوار رياستون پاڪستان کي ھڪ ٿوڪي، لوفر ۽ دھشتگرد رياست ۽ جنوني معاشرو سمجھندي عالمي امن ، سلامتي ، ڀائيچاري ، ترقي لاءِ ھڪ سنگين خطرو تصور ڪن ٿا.

اھو ئي سبب آھي جو عالمي حوالي سان پنھنجي ساک ۽ پت وائکي ٿيڻ بعد پنجابي ظالم فوج ۽ آءِ ايس آءِ جي غنڊن طرفان عالمي قوتن خلاف طالبانن جي خفيه  مدد ڪري ھٿ چراند شروع ڪئي آھي. ساڳي وقت دنيا جي مھذب ملڪن پڻ ھن ناجائز رياست کي ختم ڪرڻ لاءِ ان جي وهشي ادارن مٿان وار ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي ورتي آھي. افغانستان لڳ پاڪستاني فوجي چوڪيءَ مٿان نيٽو جي حملي جنھن ۾ پاڪستان جي 24 فوجين کي ماري مڃ ڪيو ويو عالمي قوتن جي طرفان پنجابي فوج لاءِ اھو سڌو پيغام ھئو ته اسان جي توھان جي ھر چرپر تي نظر آھي جيڪڏھن توھان جھادي دھشتگرد ٽويلن کي حُشيون ڏيئي عالمي قوتن خلاف ڀڙڪائيندو ته توھان جو حشر اھڙو ڪيو ويندو.
دراصل پنجابي فوج پنھنجي عادت کان مجبور ٿي ان فوجي چوڪيءَ وٽ نه صرف طالبانن جي خفيه ڪئمپ ھلائيدي ھئي بلڪه اتان طالباني ٽولڙين کي نيٽو مٿان حملا  ڪرڻ لاءِ افغانستان ۾ داخل ڪرائيندي رھندي ھئي، آمريڪي فوجي قيادت طرفان پاڪستان کي پنھنجي اھڙين حرڪتن کان باز رھن لاءِ ڪيتريون ئي تنبيھون پڻ ڪيون ويون پر ھي نه مڙيا ۽ پادر کاڌائون. ان جي جواب ۾ وري پنجابي فوج بود ۾ اچي ويئي ۽ آمريڪا کان شمسي ايئربيس بلوچستان واري خالي ڪرايو ويو. نه صرف ايترو پر فوج ۽ آءِ ايس آءِ وارن پنھنجي سياسي حڪومت کي اک ڏيکارڻ شروع ڪئي ڇو ته ڪھڙي به صورت ۾ پنجابي فوج کي اھو قبول نه ھوندو ته ڪو سنڌي ملڪ جو صدر ھجي ۽ وزيراعظم ان جي چئي آکي وارو ھجي ان ڪري زرداري پنھنجي چوراڻي ۽ وڏيرڪي ذھنيت جو ڀرپور فائدو وٺندي آمريڪا کي دانھن ڪوڪ ڏيڻ لاءِ ميمو جو خفيه پتو کيڏڻ جو فيصلو ڪيو جيئن آءِ ايس آءِ ۽ فوج کي سندس خلاف قدم کڻڻ کان باز رکي سگھجي. ڇاڪاڻ ته ظاھري حوالي سان  ملڪ جو صدر ھجڻ جي باوجود سنڌيءَ جي حيثيت ۾ فوج ۽ آءِ ايس آءِ وارا زرداريءَ جي ڪابه ڳالھ نٿا ٻڌن، سندس پروگرامن ۽ ٻاھرين ملڪ جي مھمانن جي دعوتن ۾ فوجي جنرل ڪياني شريڪ ناھي ٿيندو جيئن دنيا اھو محسوس ڪري ته ملڪ جي صدر جي حيثيت ھڪ گڏي واري آھي اصل رياست جا والي وارث فوج ۽ آءِ ايس آءِ وارا آھن.

اھو ئي سبب آھي جو ھن غير فطري رياست جي سياسي حڪومت ۽ فوجي ادارن جا ھڪ ٻئي جي ڏاڙھي ۾ ھٿ آھن. ھاڻ ھن رياست جي حقيقت ۽ اصليت سموري دنيا جي سامھون نروار ٿي بيٺي آھي ته پاڪستان جو نظريو ، قوميت ، ملڪي حيثيت ، سماج ۽ معاشرتي بيھڪ سڀ ڪجھ ڍونگ آھي. اصل ۾ پنجابي سامراج جي مفادن جي پورائي لاءِ پنجابي فوج ۽ آءِ ايس آءِ ھن جاگرافيائي خطي جنھن کي پاڪستان چيو ٿو وڃي، جنھن جي حدن ۾ سنڌ ، بلوچستان ۽ سرائڪي تاريخي وطن ۽ خطا اچي ٿا وڃن . مٿان پنجاب جو فوجي ڏاڍ جبر وسيلي قبضو ڪيل آھي، حڪومتن ۽ سياست کي پنجابي فوج گاھه وجھڻ لاءِ تيار ناھي فوج سمجھي ٿي ته صرف ڏنڊي ۽ ڏاڍ جي زور ۽ جبر وسيلي ئي سنڌي ۽ بلوچن کي غلام رکي سگھجي ٿو. ان لاءِ سياست ، دليلن ، بحثن جي ڪابه ضرورت ناھي ، جڏھن ته پنجابي دانشور سمجھن ٿا ته نين حالتن ۽ بدلجندڙ عالمي صورتحال جي مد نظر سياسي بول چال ھيراڦيريءَ قانوني آئيني ڊرامي بازيءَ ۽ مظلوم قوم مان دلالن کي ھٿ ڪري سندن ڦرلٽ ۽ غلاميءَ واري عمل کي گھڻي وقت تائين جاري رکي سگھجي ٿو. جيئن اڄ ڪلھه سٺي حڪمرانيءَ جو راڳ سنڌ ۾ ميڊيائي مھربانن کا ڳائرايو پيو وڃي. جڏھن ته تازو جھيڙو اصل ۾ پنجابي فوج ۽ سياسي قيادت جي وچ ۾ ان ڳالھ تي آھي ته سنڌين ۽ بلوچن کي غلام ڪرڻ لاءِ ڪھڙو طريقو ۽ فارمولو بھتر آھي، ان ۾ فوج جو موقف آھي ته ڏنڊي ۽ جارحيت کي اڃان آزمائجي جڏھن ته پنجاب جي سياسي قيادت چوي ٿي ته آئيني قانوني ذريعن ۽ سياسي تگڙم بازيءَ کان ڪم وٺجي. عالمي قوتون وري ھاڻ ان نتيجي تي پھتيون آھن ته ھيءَ رياست ان جو ٻه قومي مذھبي نظريو، فاشسٽ فوجي جھادي آءِ ايس آءِ ۽ دلال سياسي حڪمران جيڪي مظلوم قومن جا حقيقي نمائدا ناھن، اھي نه گھجن ھاڻ ھن رياست ۾ قيد ڪيل حقيقي قومن سان ڳالھايو وڃي ۽ انھن جي آزاديءَ جي سوال تي سنجيدگيءَ سان غور ويچار ڪرڻ گھرجي اھو ئي سبب آھي جو ھن ميمو معاملي کي آمريڪا پڻ وڏي دلچسپيءَ سان نه صرف ڏسي رھيو آڳي پر ھو پنجابي فوج ۽ آءِ ايس آءِ کي اک پڻ ڏيکاري رھيو آھي.

پنجاب سامراج ان جي رت پياڪ فوج ۽ دھشتگرد فاشي آءِ ايس آءِ وارا ٻه قومي مذھب جي آڙ ۾ مظلوم بنگالين ، بلوچن ۽ سنڌين جو گھڻو ڪوس ڪري چڪا آھن. پاڪستاني رياست ۽ نام نھاد ٻه قومي مذھبي نظريو نه صرف سنڌين ، بلوچن جي قومي غلاميءَ جو سبب آھي پر ھي جنونيت مذھبي ذھنيت دراصل سموري دنيا لاءِ مصيبيت ، اذيت ۽ غذاب بنجي چڪي آھي. اڄ جڏھن آمريڪا يا ٻي ڪابه عالمي قوت پاڪستان جھڙي غير فطري رياست ۽ پنجابي ظالم فوج کي ڪمزور ۽ ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي ٿو ته عالمي قوتن جو اھو عمل تاريخي ، ترقي پسند ، انسان دوست ، مظلوم قومن سنڌي ۽ بلوچن جي قومي مفاد وٽان ھوندو.
جنھن عمل جي حمايت اسان مظلوم قومن جي حقيقي نمائيندن ۽ ترقي پسند سياسي قوتن کي کليل طريقي سان ڪرڻ گھرجي. ھن وقت پنجابي فوج ، عالمي قوتن اڳيان پنھنجو اعتماد ۽ ڪردار وڃائي چڪي آھي. سندن درميان ڪشمڪش شروع ٿي چڪي آھي. ضروري ناھي ته ان جھيڙي جي ھڪ ھڪاڻيءَ جو فوري ڪو نتيجو سامھون اچي پر ھي ھڪ شروعات آھي جنھن جو منتقي نتيجو ۽ انجام سمورن باشعور ماڻھن کي خبر ھجڻ گھرجي ته ھن غِر فطري ، ٻه قومي نظرئي جي حامي ۽ فاشست رياست پاڪساتن جي خاتمي جي صورت ۾ ئي نڪرڻو آھي ۽ لازمي نڪرندو. ڇاڪاڻ ته بلوچ قوم پنھنجي قومي رھبر ۽ فڪري رھنما محترم خير بخش مرِيءَ جي نظرئي تي عمل ڪندي شھيد بالاچ خان مري، شھيد اڪبر خان بگٽي سميت سوين بلوچ نوجوانن جي قربانين جي واٽ اختيار ڪئي آھي ، جڏھن ته سنڌ جي قومي تحريڪ اڳ ئي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ فلسفي تي عمل ڪندي شھيد سرائي قربان کھاوڙ ، شھيد روپلو چولياڻي، شھيد نورالله تنيو، شھيد سيمع الله ڪلھوڙو سميت سوين نوجوانن جي شھادت جي روپ ۾ منظم قومي مزاحمت وارو محاذ کولي ڇڏيو آھي. جيئن ھن پاپي پاڪستان ۽ يزيدي پنجابي فوج کان پنھنجي قومي آزادي حاصل ڪري سگھجي. عالمي قوتون آمريڪا ۽ ٻيون پڻ ھن رياست خلاف پنھنجو جائز ڪردار ادا ڪرڻ طرف وڌي رھيون آھن. اساما بن لادن کي ماري آمريڪا سموري دنيا لاءِ مذھبي جنونيت واري خطري کي گھٽائي ڇڏيو آھي. مذھبي جھاد ۽ جنونيت جيڪو نه صرف سنڌي سماج لاءِ خطرو ھئا پر سموري دنيا لاءِ پڻ ھڪ وڏي مصيبت ھئا. جڏھن ته اساما بن لادن کي آءِ ايس آءِ جي ڪارندن ۽ ماسٽر مائينڊ دھشتگردن طرفان لڪائي القاعده جي ڊپ، دڙڪي ۽ دھشت ذريعي دنيا کي بليڪ ميل ڪري ڊالر پئي ڪمايا، جڏھن آمريڪا ۽ نيٽو جي ملڪن کي آءِ ايس آءِ جي اھڙي سازش جي خبر پئي تڏھن نه صرف اسامه بن لادن کي ماريو پر ان سازشي حرڪت مٿان پردو کڄڻ سبب ھاڻ دنيا جو ڪو به ملڪ آءِ ايس آءِ ۽ پنجابي فوج مٿان اعتماد ۽ ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ناھي.

ھاڻ دنيا ۾ پاڪستان ۽ ان جي ادارن جي حيثيت ۽ عزت ٽڪي جي وڃي رھيا آھي ، عالمي قوتن ھاڻ پنھنجو ذھن ٺاھي ڇڏيو آھي ته ھو ھاڻ مظلوم قومن جي آزاديءَ لاءِ غور ويچار ڪري رھيا آھن. جيئن اڳتي ھلي ھن فاشي رياست جو جنازو ڪڍيو وڃي. پنجابي فوج ۽ آءِ ايس آءِ واران وري پنھنجي ٽڪي ۽ حشيءَ تي عمران خان جھڙن گڏن ۽ ڪٺ پتلي ليڊرن کي آڻڻ شروع ڪيو آھي ڇو ته ڀوتارڪي نااھل ۽ ڪرپٽ سياسي لڏي تي ھاڻ نه فوج ٿي ڀروسو ڪري نه ئي وري عالمي قوتن جو مٿن ڪو اعتماد رھيو آھي، ان ڪري عالمي قوتن جي مجبوري آھي ته اھي مظلوم قومن ۽ قومي تحريڪن جو ساٿ ڏين ۽ پنجابي سامراج جي وري اھا  مجبوري آھي ته اھو وري آمريڪا مالف ڪٺ پتلي ليڊر شپ عمران خان جھڙن جي صورت ۾ اڳيان آڻي اھو تاثر پيدا ڪري ته پاڪستان جو عوام ۽ سياسي اڳواڻ ھاڻي آمريڪا ۽ عالمي قوتن جي خلاف آھن. ان ڪري عالمي دنيا کي اھو چئي رھي آھي ته اسان جو ساٿ ڏيو. ٻي صورت ۾ ملڪ جو عوام  ۽ سياسي ڌريون آمريڪا ۽ نيٽو کي قبول ڪرڻ لاءِ ھاڻ تيار ناھن.
فوج دراصل پاڻ کي رياست جي اعليٰ ترين قوت سمجھي ٿي ، جڏھن ته سياسي ڌريون پنھنجي حيثيت مڃرائڻ لاءِ ھٿوراڙيون ڏيڻ شروع ڪيو آھن. جڏھن ته حقيقت اھا آڳي ته پاڪستان نه ئي ھتي جي قومن جو تاريخي وطن آھي ۽ نه ئي ڪا قومي رياست! ھيءَ رياست جيئن ته عالمي قوتن جي دلاليءَ ۽ پنجابي استعاري مفادن لاءِ ٺاھي وئي ھئي ان ڪري فوج پاڻ کي سمورن ادارن کان بالاتر سمجھندي پنھنجي ھڪ ھٽيءَ لاءِ دعويدار آھي. جيستائين غير فطري رياست ٻه قومي فرسودا نظرئي جي حامي رياست کي ڊاھي پٽ نٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين فوجي جنرلن جي مٿي مان ھوا نه نڪرندي اھا ڳالھ عالمي قوتن ۽ حقيقي سياسي ڌرين کي ذھن نشين ڪرڻ گھرجي. ھتي فوج جي آپي شاھي ، من مستي ۽ مڳي ان حد تائين آھي جو جڏھن بلوچستان جي پھاڙي سلسلن چاغي ۾ ايٽمي تجرباتي ڌماڪا ڪيا ويا ته بلوچستان جي وزيراعليٰ اختر مينگل کي ٻڙڪ به نه ٻڌائي ويئي ۽ کيس انھن ڌماڪن جي خبر آل انڊيا ريڊيو جي ذريعي پئي، تازو وري ملڪ جو وزيراعظم اھو پٽڻو پيو پٽي ته فوجي سربراھه چين جي دوري تي اسان جي اجازت ۽ مرضي کان سواءِ ويو آھي ۽ اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف وري پنھنجي ھڪ انٽرويو ۾ اھو فرمايو آھي ته بابا جڏھن مان وزيراعظم ھئس ته مونکي افغانستان ، ڪارگل ، انڊيا ، ڪشمير سميت ڪيترن ئي معاملن جي خبر چار فوج ۽ آءِ ايس آءِ وارا نه ٻڌائيندا ھئا ۽ اھي سمورا سياسي ۽ سفارتي معاملا فوج پاڻ ھلائيندي ھئي.ھاڻ جيڪي ڌريون سٺي حڪمرانيءَ جي ٻالڀولائيءَ جي دعوا ڪري رھيون آھن انھن لاءِ اھي مثال ڪافي آھن ته ھيءَ رياست مڪر، فريب، ڌوڪي ۽ دھشت جي ذريعي پنجابي مفادن لاءِ قائم ڪئي وئي آھي ھتي قومن جي حقن ، قمي وسيلن جي تحفظ ، سٺي حڪمرانيءَ جي اميد رکڻ ” ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي برابر آھي!“ ھي رياست ٺڳيءَ جو ٺاھ ھئي ۽ آھي. جيڪا ھاڻ پنھنجي منطقي انجام ڊھڻ طرف وڌي رھي آھي ان ڪري مظلوم قومن کي گھرجي ته ھو تاريخ جي سڏ ۽ صدا کي بروقت پرکي پروڙي وطن جي آزادي کي سنڀالڻ لاءِ ڪوشش ڪن.
بلوچ ۽ سنڌي قوم جي قومي سياسي اڳواڻن کي ھن فاشي رياست جي فوج ۽ آءِ ايس آءِ طرفان جيئرو ساڙي شھيد ڪرڻ، گم ڪرڻ ۽ لاپتا ڪرڻ واري عمل ۾ تيزي آندي وئي آھي جيڪا ان ڳالھ جو ثبوت آھي ته ھيءَ رياست ھاڻ پنھنجو مدو پورو ڪري چڪي آھي پر جيئن ته پنجاب جو جياپو سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن ، زمين ، سمنڊ تي آھي ۽ سنڌين ۽ بلوچن جو قومي جياپو ايندڙ نسلن جي بقا ۽ وطن جي سلامتيءَ کي تاريخ سنڌ قومي آزاديءَ سان مشروط ڪري ڇڏيو آھي.

ھاڻ اسان کي اھو سوچڻو پوندو ته سٺي حڪمرانيءَ جي نالي ۾ پنجاب جا فرمانبردار غلام بنجي رھون يا رت جي راند مان گذري غلاميءَ جي ذلت مان پنھنجي وطن ، قوم ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل کي ھميشه لاءِ محفوظ بنائي ڇڏيون.

گھڙيا سي چڙھيا، ائين اٿيئي ،
مئي متي مھراڻ ۾، پئو ٽپو ڏيئي،
ته ميھار مليئي ، سنڀوڙو سيڻاھه سين.

No comments:

Post a Comment