Thursday 9 February 2012

انقلابي ڌرين کي پنھنجي حڪمت عملين کي ٻيھر منظم ڪرڻو پوندو!ـ شفيع محمد برفت


انقلابي ڌرين کي پنھنجي حڪمت عملين کي ٻيھر منظم ڪرڻو پوندو!ـ
شفيع محمد برفت


عالمي انقلاب کي ڪامياب ۽ سوڀارو ڪرڻ لاءِ انقلابي ڌرين کي پنھنجي حڪمت عملين کي ٻيھر منظم ڪرڻو پوندو. ان لاءِ قومي آزادي جي تحريڪن کي سگھارو ۽ منظم ڪندي دنيا جي مظلوم، مسڪين ۽ پورھيت عوام لاءِ معاشي، سياسي ، جمھوري آزادي ۽ برابري جو اصول ۽ نظام لاڳو ڪرڻو پوندو. مظلوم قومن جي آزادي اڄ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي عملي حقيقت آھي، جڏھن ته مارڪسزم اڄ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي نظرياتي سچائي آھي. ڏٺو وڃي ته معروضِ حقيقتن ۽ سچائيءَ جو صحيح ادراڪ نه ڪرڻ سبب ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا سميت سموري خطي ۾ ڪميونسٽ تحريڪون شديد تنظيمي ، عملي ۽ سياسي ڏيوالي جي ور چڙھي چڪيون آھن. تمام وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عراق، ايران ، افغانستان، پاڪستان ، انڊيا ، نيپال ، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي سياسي صورتحال جو غور سان جائزو وٺڻ بعد ائين محسوس ٿئي ٿو ته ھن سموري علائقي ۾ جيڪي به ڪميونسٽ تحريڪون آھن ، اھي ڄڻ ته سرد جنگ جي دوران مقامي جاگيردار ۽ فوجي آپيشاھي رياستن جي خفيه ادارن ۽ آمريڪي سي . آءِ . اي طرفان انتھائي ” پينيٽريشن “ جو شڪار رھيون آھن يا انھن ڪميونسٽ تحريڪن جي قيادت جي سياسي حڪمت عملين ۽ پاليسين ۾ سياسي بصيرت جي انتھائي کوٽ رھي آھي يا بزدلي ۽ موقعي پرستيءَ سبب انقلابي گھٽ ۽ ” ريفارمسٽ“ وڌيڪ رھيا آھن. اھوئي سبب آھي جو عراق جي آمر صدام حسين جي انتھائي وهشي عملن ، جارحيت پسند پاليسين ۽ انسان دشمن ڪارواين سان گڏوگڏ ڪرد قوم جي خلاف مجرماڻين ڏوھي سرگرمين  جي باوجود اتي جي ڪميونسٽن پنھنجو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاھي ڪئي ، اھو ئي سبب آھي جو ان جي نتيجي ۾ ان وحشي ۽ ظلم (صدام) جي برين جي آڙ ۾ آمريڪا کي اتي فوجي مداخلت ڪرڻي پئي. پر ڪامريڊ انقلاب کي منظم ۽ ميچوئر ڪري نه سگھيا. ٻئي طرف ايران جو مثال آھي جتي جي ڪميونسٽن ڦوڪي ڦوڪي پير کڻڻ واري پاليسيءَ تي عمل ڪرڻ جي سياسي حڪمت عمليءَ ۽ تدبير کي اختيار ڪيو، نتجي ۾ ايران جي پورھيت ۽ انساني دوست انقلاب کي اتي جا جاھل ۽ تاريخ جا انڪاري ملان ھائيجيڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ اسان پنھنجي پاڙي ۾ ھڪ ڀلوڙ ۽ سگھاري انقلاب کان محروم رھجي وياسين. ان کان پوءِ افغانستان جو مثال ڏسون  ٿا ته اتي به انقلابين ، انقلاب کي افغان سماج ۽ معروض مان پيدا ڪرڻ بجاءِ ان کي سوويت رياستي پاليسين جي رحم ڪرم تي برآمد ڪرڻ جي ڪُشش ڪئي، نتيجي ۾ افغان انقلاب ”ستڙئي ٻار “ وانگر بي وقتو ۽ ڪچو ثابت ٿيو. جنھن جو نتيجو اڄ تائين افغان عوام ۽ وچ ايشيائي قومون ڀوڳي رھيون آھن. پاڪستان ۾ وري ھتي جون ڪميونسٽ قيادتون تاريخي قومن خاص ڪري سنڌين ۽ بلوچن جي تاريخي وجود جي انڪار جي بنياد تي تاريخ جي حقيقت ۽ سچ کي پٺي ڏئي ھڪ غير فطري رياست ” پاڪستان“ جي جاگرافيائي حدن ۾ انقلاب کي قيد ڪري ، سخت موقعي پرستي ، منافقت ۽ سياسي جھالت جي ور چڙھي انقلاب دوستيءَ  جي نالي ۾ انقلاب دشمنيءَ سان خوب نڀائي رھيا آھن. سندن سياسي حڪمت عمليءَ جو مشھور ۽ جاھلاڻو مقولوآھي ته ” اسان سنڌ جي آزادي جا نه حمايتي آھيون نه ان جي مخالفت ڪنداسين.“

ڪعبي ڪس منه سي جائو گي غالب،
شرم تم ڪو مگر ، آتي نھين.

ھي به ڪميونسٽ آھن. ! ؟ يعني انقلاب کي پنجابي استعماريت ۽ مفادن لاءِ قائم ڪيل ۽ فوجي آپيشاھي ۽ جاگيرداري ڪلاس جي ترجمان ھن غير فطري رياست پاڪستان جي جاگرافيائي حدن جو سياسي طرح قيدي ۽ محتاج بنائي، گذريل 64سالن کان قومن جي آزادي جو مسلسل انڪار ڪندا ٿا اچن. اھڙا انڪار وطن ڪميونسٽ وري سڄي  دنيا ۾ ڪٿي به نظر نه ايندا. يعني ھڪ غير فطري سامراجي مفادن لاءِ قائم ڪيل رياست جي آسري تي ويھي تاريخي ۽ فطري قومن جي سياسي ۽ سماجي جدوجھدن جو انڪار ڪري ڇڏجي. انکان وڌيڪ ھنن ڪوڙن ڪميونسٽن جا نيرا پير ڪيئن ظاھر ٿيندا . اچو ٿا نيپال جي يارن اڳواڻن ”مائو باغين“ ڏانھن ، جن انقلابي طريقي سان مزاحمتي ويڙھ ڪندي ھيڏي ساري شھنشاھيت جا گوڏا کوڙائي ڇڏيا. باوجود ان جي انقلاب سان آخري وقت جي موقعي پرستي ڪندي سموري نيپالي سماج کي انقلابي اصولن ۽ مقصد تحت پورھيت دوست فڪري ڌارا واري انقلاب سان نئين سماج جي اڏاپت ڪرڻ بجاءِ پارلياماني موقعي پرستيءَ طرف وڌندي ، رفارمسٽ بڻجي انقلاب سان ويساھه گھاتي ۽ ڌوڪو ڪري ويھي رھيا. نتيجي ۾ نيپال جو ذري گھٽ ڪامياب ٿيندڙ انقلاب اڄ ” آدھا تيتر ، آدھا بٽير “ يعني ڌڙ ريڊون ٻوٿ ٻاڪرو بڻجي ويو آھي.
انڊيا جي ڪميونسٽن جو جائزو وٺڻ سان خبر پوي ٿي ته انھن ورھاڱي وقت سامراجي سازشن جو درست اڀياس ۽ ادراڪ ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ سبب ھڪ ته مذھبي بنيادن تحت برصغير جي ورھاڱي کي قومن جي ”حقِ خوداراديت“ سمجھي حمايت ڪئي ته ٻئي طرف پيٽي بورزوا تحريڪ ”ڪانگريس“ جي سحر ۽ پاپولر فينا مينا جي داٻي ۾ اچي ڪميونسٽ تحريڪ پنھنجي سياسي جدوجھد ۽ سامراج مخالف ويڙھه کي وقت سر منظم ڪري نه سگھي ، نتيجي ۾ برصغير جو غير فطري ورھاڱو عمل ۾ اچي ويو ۽ تاريخ روس ۽ چين کان پوءِ ھڪ وڏي ”ھندستاني“ انقلاب کان محروم ٿي وئي. ٻئي طرف بنگلاديش جيڪو معاشي طرح تمام پٺ تي پيل ، ڏتڙيل ۽ سماجي بدحالي جو شڪار ملڪ آھي ، اتي جون معروضي حالتون ۽ زمين ھر وقت انقلاب لاءِ تيار ۽ انتظار ۾ رھيون آھن پر اتي پڻ  ڪميونسٽ يارن جي سستيءَ سبب يا جدوجھد ، محنت ۽ جاکوڙ کان وانجھيل ھجڻ ڪري موجوده وقت ۾ انقلاب انقلابين کي ڳولھي رھيو آھي پر انقلابي دستياب نه آھن. سريلنڪا جي صورتحال اھا آھي جو اتي ڪميونسٽن جي سياسي تحريڪ جي ڪمزور ھجڻ ۽ نظرياتي پرچار ، تنظيم ڪاري ۽ جدوجھد جھول ھجڻ سبب اھو خال نسل پرست تامل مزاحمت ڪارن اچي ڀريو ، جنھن جا سياسي طرح ذميوار اتي جا ڪامريڊ آھن.

اسان پاڪستان جي قبائلي علائقن جي ويڙھ لاءِ گھڻو وقت اڳ پنھنجي پارٽي جي ترجمان رسالي ” کاھوڙي “ ذريعي ھڪ سياسي جائزر ۾ چيو ھو ته اھا ويڙھ ۽ مزاحمت بنياد پرستيءَ جي ليبل ۾ ضرور وڙھي پئي وڃي پر اھا ويڙھ آمريڪا مخالف ويڙھه ھرگز نه آھي، اھا ويڙھه اصل ۾ پختون قومي مفادن جي ويڙھه آھي . جيڪا ان وقت تائين مختلف رجحانن ، مذھبي ليبل يا ڪنھن ٻي شڪل ۾ ۽ صورت ۾ وڙھي ويندي يا جاري رھندي. جيستائن پختون قوم جي غير فطري ورھاست واري سامراجي ڊيورينڊ لائن کي ختم ڪندي پختون قوم کي ھڪ قوم طور گڏايو نه ٿو وڃي . اڄ اھا جنگ جيڪا اصل ۾ پختون قومي مفادن جي جنگ آھي، مذھب جي نالي ۾ ان ڪري وڙھي پئي وڃي جو اتي جي ترقي پسند سڏائيندڙ سياسي پارٽي ، اي ، اين ، پي آمريڪي ڳٺ جوڙ ۽ پنجابي  استعماريت سان ملي ڀڳت سبب سخت سياسي موقعي پرستي ڪري رھي آھي.
سنڌ جي سمورن حقيقي ڪميونسٽ ۽ ترقي پسند دوستن کي دعوت ٿو ڏيان ته ھو اڄ جي معروضي حالتن جي سچ ۽ حقيقت کي وقت سر محسوس ڪندي ”سنڌو ديش“ جي آزاديءَ جي سياسي جدووجھد جو حصو بڻجي سنڌ جي قومي طبقاتي انقلاب ۾ پنھنجو حصو ڳنڍين، ٻي صورت ۾ تاريخ کين سنڌ جي انقلاب کان محروم ڪري ڇڏيندي. آءُ سمجھان ٿو ته اڄ جو مارڪسزم اھو آھي ته سنڌي قوم جي قومي آزاديءَ قومي تشڪيل نو سان گڏ عالمي انقلاب لاءِ سنڌ جي حصي جو فرض ادا ڪيو وڃي. مونکي ان وقت تمام گھڻو افسوس ٿيندو آھي جڏھن سائين جي ايم سيد کي جاگيردار چوندڙ پاڪستاني ڪميونسٽ سياسي ، نظرياتي طرح پوري پاڪستان جي جاگيردار طبقي جي مفادن جي ترجمان پاررٽي پي پي جي کليل حمايت ۽ وڪالت ڪندا آھن، اھا سندن سياسي جھالت ، ڪوتاھه انديشي ، تنگ نظري ۽ موقعي پرستي نه آھي ته ٻيو ڇا آھي ! ؟ غور ڪرڻ جي ڳالھ آھي ته قوم پرستن جي کوڙ ڪمزورين ۽ اوڻاين جي باوجود قومپرستي سنڌي سماج ۾ پنھنجي لاءِ زبردست احترام ۽ عزت پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آھي ۽ سنڌي قوم ، قومپرستن ۽ قومپرستيءَ کي پنھنجي لاءِ ھڪ اميد ۽ آسرو سمجھن ٿا. جڏھن ته ڪميونسٽ تحريڪ سنڌي سماج ۾ پنھنجي لاءِ اھا جاءِ  ۽ احترام پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ڇو ثابت ٿي آھي. ان جو صاف مطلب آھي ته ڪميونسٽ معروضي حالتن ۽ حقيقتن کان بالاتر ٿي سياست ڪن ٿا يا معروضي سچ ۽ حقيقت جو ساٿ ڏيڻ کان لاچار آھن ۽ ان جو مڪمل ادراڪ پڻ نه ٿا رکن. اھڙن ڪوڙن ڪميونسٽن جي سڀ کان وڏي سياسي اخلاقي ۽ عملي ناڪامي اھا آھي ته ” گُس جائوم ڪامريڊو..!“ واري پاليسي تي عمل ڪندي پي پي جھڙي وڏيرڪي پارٽي ۾ ويھي مسڪين ماڻھن، پورھيتن ۽ ھارين جي حقن جي ڳالھ ٿا ڪن، جيڪا سندن  سڀ کان وڏي موقعي پرستي ، نااھلي ۽ گمراھ ڪندڙ حڪمت عملي آھي. ان کان سواءِ پاڪستاني ڪميونسٽ جي ٻي سڀ کان وڏي ڪوتاھي ۽ ڪمزوري اھا آھي ته ھو عارضي ۽ پاپولر حمايت جا موالي بڻجي پنھنجي اڀري سڀري سياست ۽ جدوجھد لاءِ ھٿ پير ھڻڻ کان قاصر رھيا آھن. بينظير جي وفات وقت سنڌي قوم طرفان ” نه کپي نه کپي پاڪستان نه کپي “ جا نعرا ھڻڻ مان ظاھر آھي ته سنڌي قوم سنڌ جي آزادي سان محبت ڪري ٿي ، جڏھن ته بزدل وڏيرا ۽ ويڪائون بيضمير جاگيردار طبقو سنڌ جي قومي آزادي ۾ رڪاوٽ بڻيل آھن.

جڏھن ته اسان جي اھا  به خواھش آھي ته ايم ڪيو ايم پنھنجي سياست مان نسلي نفسيات ۽ مڊل ڪلاس واري موقعي پرستي وارو تاثر ختم ڪري صاف سٿري سنڌ دوست سياست ڏانھن موٽي اچي. انقلاب جي دعويداريءَ جي باوجود اسان جيڪڏھن 5 ھزار سالن جي تاريخ جي مالڪ ۽ وارث مھذب سنڌي قوم کي بچائي ۽ آزادي ڏياري نه سگھياسين ته پوءِ اسان تاريخ جا سڀ کان وڏا گنھگار ۽ معياري ٿينداسين. آئون سنڌ جي سمورن سياسي ۽ قومي ڪارڪنن ۽ باشعور فردن کي دعوت ٿو ڏيان ته اچو ته سڀئي گڏجي سنڌ جي قومي آزاديءَ جي لاءِ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي انقلابي سٿ کي وڌيڪ سگھارو ۽ منظم ڪندي فڪرِ جي ايم سيد جي ”صراط مستقيم “ تي ھلندي مادرِ وطن سنڌو ديش جي آزادي ۽ مسڪين ماڻھن جي طبقاتي ذلت ۽ غلامي کان ڇوٽڪاري جو ڪارڻ بڻجون. ڇو ته ڳالھ بنھه سادي ۽ سولي آھي ته انقلاب حڪمت عملي ۽ انقلابي عمل کان سواءِ قومي ۽ طبقاتي آزادي ملي اھو ممڪن نه آھي! ان ڪري منھنجي خاص ڪري سنڌ جي ڪميونسٽ سياسي ورڪرن کي صلاح آھي ته جيسيتائين توھان طبقاتي جدوجھد کي قومي آزاديءَ جي انقلاب سان مشروط نه ڪندا ان وقت تائين توھانجي سياسي جدوجھد بي ثمر ۽ بي نتيجا ثابٿ ٿيندي ۽ توھان جي جاکوڙ سياسي رڃ ۾ ڀٽڪندي رھندي.

جسمم ترجمان کاھوڙي 2012

No comments:

Post a Comment