Tuesday 19 July 2011

اسان تي الزام ـ جادم سنڌو

سنڌ جي سياسي سوچ ۾ سنڌ جي اندر رهندڙ مختلف نسلن،ٻولين،گروهن جي باري ۾ ڪجھ تضاد رهيا آهن.هڪ سياسي سوچ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد ۽ سندس فڪر سان لاڳاپيل جيئي سنڌ جي مختلف گروپن جي رهي آهي جنهن سياسي سوچ جو اهو موقف آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ هندوستان منجهان لڏي آيل اردو ڳالهائيندڙ آبادي سنڌ ۽ سنڌي قوم جو هڪ حصو آهن ۽ انهن کان سواء ٻين صوبن توڙي نسلن جا ماڻهو پنجابي پٺاڻ افغاني ڌاريا آهن جن کي سنڌ نيڪالي ڏني وڃي. ٻي سياسي سوچ انهن ماڻهن تي مشتمل آهي جيڪي سياسي طور اسلام آباد ،راولپنڊي ۽ لاهور جي ويجهو رهن ٿا جن ۾ پيپلز پارٽي،عوامي تحريڪ ۽ ترقي پسند پارٽي به شامل آهي سندن سياسي سوچ اها رهي آهي ته اردو آباديء سان گڏ پنجابي پٺاڻن کي به سنڌ ۾ رهڻ جو حق آهي ۽ اردو آبادي به پنجابي پٺاڻن وانگر سنڌ ۾ ڌاري آهي.جيسيتائين تعلق پيپلز پارٽيء جو آهي ته سنڌ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏيڻ توڙي اردوء کي پاڪستان جي رياستي توڙي قومي ٻولي مقرر ڪرڻ ۾ پيپلز پارٽيء جو ئي هٿ آهي.موجوده صورتحال ۾ جڏهن سنڌ جي جاگرفيائي،سياسي،سماجي،قومي توڙي معاشي حد بندين ۾ سنڌي پنهنجي ڌرتيء جا وارث به نه رهيا آهن ۽ سنڌ جي سياسي،قومي توڙي معاشي استحصال ۾ ڀاڱي ڀائيواريء تي پنجابي پٺاڻ ۽ اردو آبادي هڪٻئي سان وڙهي رهي آهي انهيء صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوء اهو طئه ڪرڻ گهرجي ته اسان کي ڪهڙي ڌر جو ساٿ ڏيڻ گهرجي؟پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ سنڌ ۾ 100 سيڪڙو سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي پر پاڪستان جي ٺهڻ کان پوء سنڌي ماڻهو هڪ ڌڪ ۾ 73 سيڪڙو تي پهچي ويا ۽ سنڌ ۾ 27 سيڪڙو اردو آبادي شامل ٿي وئي.سنڌ جي سياسي قيادت تي غير سنڌين جي قبضي جي نتيجي توڙي ڪجھ نام نهاد سنڌي وڏيرن جي اقتدار پرستيء جي نتيجي ۾ سنڌ جا شهر سنڌ ماڻهن کان خالي ڪرائي اردو آباديء جي حوالي ڪيا ويا ۽ اردو آباديء کي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪري سنڌ جي سياسي،سماجي،قومي توڙي معاشي ڦرلٽ شروع ڪئي وئي.سياسي ۽ رياستي بحرانن پاڪستاني رياست کي ٻن حصن ۾ ورهائي پاڪستاني رياست جا اخلاقي بنياد ختم ڪري ڇڏيا جنهن جي موٽ ۾ پنجابي سامراج بنگالين ۽ بلوچن جو قتل عام شروع ڪيو ۽ سنڌ کي ڀٽي صاحب جي ڏنل 1973 جي آئين هيٺ هڪ ڪالوني بڻائي ڇڏيو.ٻوليء جي فسادن،جماعت اسلاميء جي مذهبي جنون مان جند آجي ڪري سنڌ جي اردو آبادي هڪ وچولي طبقي تي ٻڌل تنظيم ايم ڪيو ايم جوڙي پر بدقسمتيء سان ايم ڪيو ايم نسل پرستيء جي چنبي ۾ ڦاٿل رهي ۽ پنهنجو پاڻ کي هڪ الڳ قوم تقور ڪرڻ لڳي.پنجاب سامراج جي سازش هيٺ 1988 ۾ سنڌي مهاجر فساد ڪرائي سنڌين ۽ اردو آباديء کي ويڙهايو ويو.وقت ۽ حالتن جي وهڪري ۾ توڙي بنيادي سياسي سائنسي علم جي نتيجي ۾ هڪ حقيقت وائکي ٿي سنڌين ۽ اردو آباديء تي پڌري ٿي وئي ته هڪ ئي ڌرتيء تي رهندي ٻئي ڌريون جهيڙينديون ته ٻنهي جو نقصان ٿيندو ۽ ٽئين ڌر فائدو ُڍي ويندي ۽ آخر ۾ نتيجو اهوئي نڪتو جو سنڌ جي شهرن جي مالڪيء تان سنڌي قوم اردو آباديء سان ڪنهن معاهدي تي ته پهچي نه سگهي باقي پٺاڻ سامراجي قوتون پاڪستان جي سرهدي صوبي،اترين علائقن توڙي افعانستان مان لڏي سنڌ جي شهرن ۾ حاوي ٿي ويا جن وٽ منسيات جو پئسو،ٽرانسپورٽ جو نيٽ ورڪ،جهادي قوتن جو ساٿ،ايجنسين جي پٺڀرائي توڙي اي اين پيء جي سياسي تنظيم ڪاري شامل آهي.جيئي سنڌ جي مختلف گروهن تي ۽ خاص طور تي جيئي سنڌ متحده مهاذ تي سدائين اهو الزام لڳندو رهيو آهي ته جسمم ايم ڪيو ايم جي حمايت ڪري ٿي.ايم ڪيو ايم سان لکين اختلاف رکجن پر موجوده صورتحال جو جائزو وٺي پهريان اهو طئه ڪرڻ گهرجي ته ڪراچيء ۾ ايم ڪيو ايم جو جهيڙو ڪهڙي ڌر سان آهي؟آخر ڪهڙيون ڌريون ڪراچيء جي مالڪيء تي هڪٻئي جي خلاف مورچا بند آهن؟ڇا اهو جهيڙو پيپلز پارٽيء جي اندر موجود سنڌي وڏيرن ۽ ايم ڪيو ايم ۾ آهي؟ڇا اهو جهيڙو سنڌي قومپرستن ۽ ايم ڪيو ايم جي وڄ ۾ آهي؟ڇا اهو جهيڙو رياستي ادارن ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ آهي؟ڇا اهو جهيڙو پٺاڻن ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ آهي؟

جڏهن اسان کي انهن سوالن جو جواب ملندو ته اهو جهيڙو حقيقت ۾ پٺاڻن ۽ پٺاڻن جي پٺڀرائي ڪندڙ رياستي ادارن ۽ ايم ڪيو ايم جي وڄ ۾ آهي ته پوء اهو طئه ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿيندي ته اسان کي ڪهڙي ڌر جو ساٿ ڏيڻ گهرجي؟

ڊاڪٽر جادم سنڌو

No comments:

Post a Comment