Friday 8 July 2011

نالي ماتر انقلابي ــ ليکڪ آصف علي

نالي ماتر انقلابي ــ ليکڪ آصف علي

انقلابي سوچ ۽ عمل ۾ ڪافي فرق هوندو آهي،ڪنهن تبديلي لاءَ صرف انقلابي سوچ ڪافي ناهي هوندي،لينن
لکيو آهي (عمل کان بغير خالي سوچ بيڪار آهي جهڙي طرح هڪ عورت تا آهي پر ان ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت نا هجي)ساڳي ريت عمل کان بغير صرف انقلابي سوچ رکندڙ نوجوان ان عورت وانگر آهي جنهن جو لينن مٿي اشارو ڏنو آهي. دوستو!انقلاب صرف سوچ جو نالو ناهي پر انقلاب عمل جو نالو آهي،پر اسانجو سنڌي نوجوان صرف انقلابي سوچ رکي پاڻ کي هيمون ڪالاڻي، هوش محمد شيدي ،چي گويرا ،کان گهٽ ناهي سمجهندو.پر اهو ساڳيو نوجوان پاڻ کي چي گويرا سان ڀيٽيندو تا آهي پر چي گويرا جي ويڙه واري عمل کان گهڻو پري بيٽو هوندو آهي،مون هڪ دوست کان پڇيو توهان هڪ سياسي تنظيم جا ميمبر آهيو،توهان سنڌ جي آزادي ڪهڙي طريقي سان حاصل ڪندو؟هن يڪدم چيو اسان هن  رياست کي ٽوڙي هڪ الڳ رياست ٺاهينداسين،مون هن کي چيو ڀلا هن ايڏي وڏي ڪم لاءِ توهان ڪو گراونڊ ورڪ ڪيو ٿا؟هن چيو نا!مون چيو ڪا اسٽڊي سرڪل ،ڪا نظرياتي تعليم ۽ تربيت؟هن چيو نا ادا!!مون هن کي چيو ادا پوءَ رياست جلدي ٽٽندي.
ڪيڏي عجيب ڳاله آهي اسانجو نوجوان ۽ قومي پارٽين جو ورڪر صرف اها سخڻي خواهش رکي ٿو تا هن رياست کي ٽوڙينداسين،خواهش تا ٻار بي ڪندو آهي تا ڪاش چنڊ مهنجي هٿن ۾ هجي،پوءَ ڇا چنڊ ٻار جي هٿن ۾ هوندو آهي.لينن ،ماوزيتنگ،گانڌي صرف خواهش ڪن ها تا ڇا هنن جو وطن ۽ قومون آزاد هجن ها؟؟؟سنڌ جي سڀني قومي ڌڙن سنڌي نوجوانن کي ڪيترو انقلابي ٺاهيو آهي ؟سنڌ جي قومي تحريڪ پهنجي ڪيڊر کي ڪيترو مظبوط ٺاهيو آهي؟دنيا جي انقلابي سياست کان اسان جو قومي ورڪر ڪيترو واقف آهي؟تمام گهڻي تڪليف ٿيندي آهي جڏهن سنڌ جي نوجوان کي سياسي اصولن،سياسي تربيت،تنظيم جي اصولن کان غيرواقف ڏسندا آهيون.!!تنظيم ڇا ٿيندي آهي،تنظيم ڪاري ڇا هوندي آهي،سنڌ جي غلامي ڇا آهي سنڌ جي غلامي جي تاريخ ڇا اهي اها سموري ڄاڻ جيڪڏهن اسان کي حاصل ڪرڻي آهي تااسان کي جي.ايم ازم کي صحيح طريقي سان سمجهڻو پوندو.سنڌ جي قومي سياست کي ٻيهر اسٽڊي  ڪرڻو پوندو،مان هن مضمون ۾ قومي تحريڪ جي تاريخ جو مختصر احوال ڏيڻ کي ضروري سمجان ٿو.
 80 وارو ڏهاڪو جيئي سنڌ تحريڪ جو عروج جو دور هيو، هن دؤر ۾ عبدالواحد آريسر، تاج جويو، رسول بخش ٿيٻو، خالق جوڻيجو ۽ ٻين گڏجي ”پڙاڏو“رسالو ڪڍي قومي ڪارڪنن جي نظرياتي ۽سياسي تعليم تربيت ڪئي ۽ جيئي سنڌ مٿان ٿيندڙ حملن جو نظرياتي دفاع ڪيو.
1983ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جون مرڪزي چونڊون ٿيون جنهن ۾ شفيع محمد ڪرناڻي صدر ۽ فيض الله پيرزادو جنرل سيڪريٽري چونڊجي  ويا. ان بعد 1984ع ۾ گل محمد جکراڻي صدر ۽ ڊاڪٽر اديب انقلابي جنرل سيڪريٽري چونڊيا ويا. 17 آڪٽوبر 1984ع جو ڏينهن سنڌ جي قومپرست سياست ۽ شاگرد سياست جو اهم ترين ڏينهن آهي جڏهن سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي ۽ ايل. ايم. سي جا شاگرد گل محمد جکراڻي جي اڳواڻيءَ ۾ ٻن بسن ۾ سوار ٿي لاڙڪاڻي ۾ هڪ سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا جن کي ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ فوجين روڪي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ڪجه قومي ڪارڪن شهيد ٿيا، 20 کن شاگرد زخمي ٿي پيا ۽ ڪافي شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته گل محمد جکراڻي، ستار موريو، ڊاڪٽر دودو مهيري، سڪندر ميراڻي، سلمان جتوئي، عمرالدين زرداري، نظير تنيو ۽ اقبال تنيو کي ڪافي عرصي تائين جيل ۾ وڌو ويو،1991ع ۾ ”جيئي سنڌ تحريڪ“ جو باقائده عوامي سطح تي بنياد پيو جنهن جو پهريون صدر گل محمد جکراڻي، نائب صدر بشير خان قريشي ۽ جنرل سيڪريٽري صفدر سرڪي کي چونڊيو ويو
 25 اپريل 1995ع تي سائين جي. ايم. سيد جي وڇوڙي بعد جيئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد پيو. جنهن جو چيئرمين عبدالواحد آريسر ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري بشير خان قريشي کي چونڊيو ويو.
1995ع کان 2000ع تائين جسقم سنڌ جي واحد قومي نمائنده جماعت طور اُڀري سامهون آئي. هن سڄي دؤر ۾ جسقم جي نئين چونڊيل چيئرمين بشير خان قريشي پوري سنڌ۾ جيئي سنڌ هلچل کي عوامي سطح تي پهچايو.. پر 2000ع ۾ جسقم ٽٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. جنهن کان ٽٽل ڌڙو ”جيئي سنڌ متحدا محاذ“ جي نالي جي صورت ۾ اڳيان آيو. جسمم اڳتي هلي سنڌ جي آزادي لاءِ ”عدم تشدد جي پاليسي“ تبديل ڪري هٿياربند ويڙهه جو طريقه ڪار اپنايو.
2010ع تائين جسقم مان لڳاتار ڌڙا ڌارٿيندا رهيا، جن اڳتي هلي سنڌ جي قومي(انقلابي سياست) کي مختلف ڌڙن ۾ تقسيم ڪيو (جسقم آريسر)، جسم (زين شاهه)، جسم (رياض)، جيئي سنڌ تحريڪ (صفدر سرڪي) جي نالي ۾ نين نين پارٽين جي صورت ۾ سامهون آيا. جن جسقم کان ٽٽڻ کان پوءِ به سياسي پاليسي ساڳي ئي ”عدم تشدد“ واري برقرار رکي. جيئي سنڌ جي نئين مڌر پارٽين جي وجود ۾ اچڻ ڪري جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جيڪا سائين جي. ايم. سيد جي دؤر ۾ هڪ کان وڌيڪ پارٽين هئڻ باوجود هڪ ئي هوندي هئي) به هاڻي ڇهن ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي.
جڏهن سياسي پاليسي عدم تشدد ساڳي آهي، آزاد سنڌ جو مقصد ساڳيو آهي تهن جي باوجود ايتريون ساريون پارٽين ڇو؟؟؟ ڇا اها سنڌ جي قومي ايڪي جي ورهاست نا آهي؟ڇا هن عمل سان سنڌ جي شاگرد سياست ڪمزور نا ٿيندي!!!بلڪل هن ڳاله کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي،سنڌ جي شاگرد سياست تا بلڪل تباه آهي،جهن جي تباهي جو سبب رياستي هٿ نا بلڪ اسان جون قومي پارٽيون آهن،جيڪي پهنجن ورڪرن سان ڪميٽيد ناهن،جيڪي سنڌ جي قومي وحدت سان بي ڪميٽيد ناهن.آخر ڇو سنڌ جي قومي سياست چاڪي جي ڏاند وانگر هڪ هنڌ گول ڦري ٿي اڳتي ڇونٿي وڌي؟؟ 
سياست هڪ وسيع علم آهي جهن جو مطالعو نهايت ضروري آهي،اڄ جي دور ۾ سياست ۾ هي اسان جي اشوز جو حل آهي،ٻي ڳاله تا سياسي پاليسي ۽ اشوز تي سياست الڳ شيون آهن،پر اسان جا قومپرست هر اشو تي يڪدم چوندا آهن تا اسان عدم تشدد جا حامي آهيون،پوري دنيا جي انقلابي سياست ۾ ڪهن بي پارٽي وٽ عدم تشدد جي پاليسي ناهي رهي،سواءَ گانڌي جي،پرسياست ۾ هميشا هڪ پاليسي ناهي رهندي،ڪو قراني آيت يا حديث ٿوريءَ آهي جو تبديل نٿي سگهي!!!اسان وٽ جڏهن نوجوان عدم تشدد جي سياست مان بيزار ٿيو تا هن هڪ ٻيو رستو اختيار ڪيو ناهي ويڙه سواءَ ٻي ڪا واٽ جو.پر هن رستي ۾ نوجوانن کي انسپايريشن تا تمام گهڻي ملي،مان سيد جو ۽ سنڌ جو قسم کڻي چوان ٿو تا مون کي بي گهڻي ملي...پر صرف انسپايريشن ان کان وڌيڪ ڪجه نا!!!مون کي ياد آهي جڏهن شهيد سميع جيڪو مهنجي پاڙي جو هو ،جڏهن شهيد ٿيو ان وقت مان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هيس،اسان کي جڏهن خبر پهتي تا شهيد جو لاش پريس ڪلب حيدرآباد تي پيهتو آهي ان وقت اسان جلدي پريس ڪلب پهتاسين ،تمام شديد ڏک ٿيو افسوس بي ٿيو تا ان وقت اسان جون ڪجه عدم تشدد جو تاج پاتل قومپرست بلڪل ڪنڊ وٽي ويهي رهيا،جيتريون ڳالهيون اوترا وات
بحرحال ان وقت کان اڄ بي حالتون تبديل ناهن ٿيون،سنڌي ماڻهو اج بي قومي سياست کان گهڻو پري بيٺو آهي.آخر ڇو!!جهن جو بهتر جواب اسان جا قومپرست ڏيندا تا بهتر ٿيندو(،دل نااميد هي ناڪام تو نهين ،لمبهي هي غم کي شام ،مگر شام هي تو هي ـفيض)
سنڌي نوجوان جو مزاحمتي عمل جيڪو اسان لاءِ هڪ اهم هٿيار ثابت ٿي سگهي ها جيڪڏهن هي عمل هڪ منظم طريقي سان هلي ها،سنڌ جي ناڪام ٿيل قومپرست سياست لاءِ هڪ اهم هٿيار جيڪو اسان جا قومپرست پهنجي سياسي حڪمت عملي سان استعمال ناهن ڪري سگهيا،جيڪا اسان جي ناڪامي جو اهم ثبوت آهي.اڄ جي شاگرد سياست اسان لاءِ آيڊيل سياست جو عملي روپ ڌاري ناهي سگهي،اسان هر سال چار مارچ تا وڏي جوش و خروش سان ملا هيندا آهيون پر اڄ جي هن ڌور ۾ ڇا چار مارچ جي ان تحريڪ کي ٻيهر رقم نٿو ڪري سگهجي؟چا چار مارچ صرف اسان جو ماضي رهندي؟؟ڪهن بي قوم جي ترقي جو ڌارو مدار ان قوم جي نوجوان تي هوندو آهي . قومي تضاد ايترو تا شدت اختيار ڪري چڪو آهي جو هاڻي اسان جو دانشور بي قومي تحريڪ جي بحث ۾ شامل ٿي چڪو آهي،پر اهو دانشور صرف بحثن ۾ پهنجو پاڻ کي دانشور ثابت ڪرڻ لاءِ تيار آهي ان کان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار ناهي،جڏهن اسان جو دانشور تيار ناهي تا قومي سياست کي اثرايتي واٽ ڪير ڏسيندو!!
 بنگلاديش جي آزادي جي تحريڪ ۾ شاگرد سياست جو ڪهڙو ڪردار هو ان کان اسان جا قومپرست دانشور ۽ نوجوان واقف آهن،پر سنڌ جي موجوده قومي سياست ۾ اسان جو نوجوان ايترو بيوس ڇو آهي!!تازو سانگهڙ واقعو جهن جو ڏک پوري سنڌ جي نوجوانن ۽ سياسي ڪارڪنن کي اڄ بي دل ۾ آهي پر ان جو ري ايڪشن ڪهڙو ٿيو؟مان مڃان ٿو تا اسان جون قربانيون تا سنڌ ڌرتي لاءِ آهن پر انهن قربانين سنڌ جي عوام کي قومي تحريڪن جي ڪيترو ويجهو آندو آهي.اڄ اهي جيڪي ماضي جا قومي ڪردار هيا اڄ اهي صرف ماضي جا مزار وڃي رهيا آهن،اڄ اهي ڪٿي آهن جن قومي تحريڪ جي سياست کي پيهنجو ايمان سمجهو،ڪٿي آهي گل محمد جکراڻي، دودو مهيري ،ستار موريو خالق جوڻيجو؟؟ڇا انهن جو ايمان واري جو هو جو هٿن مان ڇڻي ويو.مان سنڌ جي قومي تحريڪ جي سڀني ڌڙن کي سنڌ ماتا جو قسم ڏيان ٿو ۽ رهبر سنڌ جي ان ايمان جو واسطو ڏيان ٿو تا سنڌ سان وفادري رهبر ۽ قوم سان وفاداري آهي ان وفادري کي پهنجن مفادن خاطر قربان نا ڪيو.رهبر سنڌ سائين جي. ايم. سيد هميشا چوندو هو تا جيڪڏهن اسان پيهنجي سنڌ امڙ سان وفادار نا ٿياسين تا اسان جو حشر ريڊانڊين ۽ اڇوتن وارو ٿيندو.مان سڀني قومي ڌڙن کي اهو عرض ڪندس تا صرف سنڌ ۽ قوم خاطر پهنجا اختلاف ختم ڪري قومي ايڪي جو ثبوت ڏيو،توهان جيڪڏهن قومي ايڪي جو بنياد وڌو تا اسان سنڌين لاءِ اهو قومي اعزاز کان گهٽ نا هوندو.

نه روئڻ پٽڻ ۾ اسان جو علاج،
نه دانهون ڪرڻ ۾ اسان جو علاج،
دنگن لاءِ، ننگن لاءِ وطن جي حدن لاءِ،
اُٿي پئون اٿڻ ۾ اسان جو علاج
(استاد بخاري)

No comments:

Post a Comment