Sunday 17 July 2011

ڪتاب جي ايم سيد :: ليکڪ عبدالواحد آريسر


ڪتاب جي ايم سيد
ليکڪ عبدالواحد آريسر

يوناني ديو مالائي ڪھاڻي جو ھڪ ڪردار پروميٿيس ""Prometheus آھي جنھن جي متعلق مشھور آھي ته ھن اولمپس جبل تان باھ چورائي انسانن کي ان جو استعمال جو راز سيکاريو.
انھئَ گناھ جي پاداش ۾ ھن کي ھڪ ڇپ سان ٻڌو ويو، جتي سڄو ڏينھن بکايل ڳجھون سندس گوشت پٽي کائينديون رھنديون ھيون. شام جو وري ديوتا سندس جسم کي تندرست ڪري ڇڏيندا ھئا، ان کان پوءِ کيس چيو ويندو ھو ته تون پنھنجي عقل ۽ شعور تان دستبردار ٿي، زيوس ديوتا جو فرمانبردار پُٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪر ، تون ديوتائن جو نافرمان پُٽ بڻجي پليت ٿي ويو آھين ۽ جيسيتائين فرمانبرداري ذريعي پاڪ نه ٿيندين، تيسين انھئَ عذاب ۾ مبتلا رھندين . پروميٿيس جو ھر ڀيري اھو جواب ھوندو ته:
پليت اھو ناھي جيڪو روايتي ديوتائن کي ٺڪرائي ٿو، پليت اھو آھي ، جيڪو ديوتائن جي باري ۾ روايتي عقيدن کي تسليم ڪري ٿو، پنھن جي آقائن کي وڃي چيو ته: آءُ ڪنھن ديوتا کان رحم ڪونه پندس. آءُ پنھن جي قابل رشڪ زندگئَ کي توھان جي ذلت آميز غلامئَ سان نه بدلائيندس ، مون کي اھو پسند آھي ته آءُ زنجيرن ۾ جڪڙيو رھان ، پر مون کي اھو ھرگز پسند ناھي ته آءُ زيوس ديوتا جو فرمانبردار پٽ بنجي وڃان.
پروميٿيس عالمي ادب ۽ حوصلي ، ھمت ۽ بغاوت جي علامت طور استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ سندس باغيانه باھمت ڪردار کي دنيا جي ھر اديب ۽ مفڪر خراج عقيدت پيش ڪيو آھي ۽ ھو جڳ مشھور ڪميونسٽ مفڪر ڪارل مارڪس جو پڻ ھيرو آھي.
جي ايم سيد کي جيڪو ماحول مليو ۽ ان ماحول ۾ ھن پنھن جي نظرياتي سان وفادارئَ جو عظيم مظاھرو ڪيو آھي، اھو سندس ڪردار کي يوناني ديومالا جي باغي ھيري پروميٿيس سان مشابھت ٿو ڏياري ـ پاڪستان ٺھڻ شرط مذھب جي نام نھاد ٺڪيدارن ھن خطي کي به ويھين صدي مان ڌڪي پوئتي تاريخ جو اونداھي دور ۾ داخل ڪري ڇڏيو. جتي سوچن تي پھرا ، عقل تي چوڪيون ۽ زبانن تي تالا ۽ چپن تي مُھرون لڳايون وينديو ھيون ساڳيو حال ھتي به آھي.
ھن ملڪ جي سياست جا مالڪ گندگئَ جي پيدائش ھئا ، تن گندگئَ ۾ رھڻ ٿي چاھيو. ذھني گٽرن جا رھاڪو ھئا ۽ ذھني گٽرن ۾ ئي رھڻ ٿي چاھيائون. فڪري اونداھين جي پئدائش ھئا ، جن روشنئَ کي ڏسڻ ته ٿي چاھيو . ھنن جي خواھش ھئي ته ڪٿان به ڪنھن صفائي ، کليل ھوا ۽ روشنئَ جو ذرو به ھن ملڪ ۾ نه پھچي . اھڙي ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ ھنن اھي طريقا اختيار ڪيا ، جن کي وقت جي رفتار پيرن سان لتاڙي ، گندگئَ جي ڍيرن ۾ دفن ڪري آئي ھئي، جيڪي ھن صديءَ جي انسانن لاءِ باعث شرم ھئا. جن به ماڻھن اھڙي ماحول ۾ رھڻ کان انڪار ڪيو . گندگئَ  کان نفرت جو اظھار ڪيو ، ھن اونداھئَ جو فرزند ٿيڻ کان بغاوت ڪئي ، اھڙن ماڻھن جي سوچن تي پھرا، عقلن تي چوڪيون، زبانن تي تالا ۽ چپن تي خاموشي جون مُھرون ھڻي ڇڏيون . ملڪ جي حالت ايتري قدر گھٽيل ،دونھاٽيل ، بدبودار رجعت پسند ۽ انسانيت جي بي عزتي تي مبني ھئي جو ھتي ڪنھن ماڻھوءَ جو وھابي سڏائڻ ۽ پاڻ کي ديوبند ڏانھن منسوب ڪرڻ به وڏو جرم ڪري ليکيو ويندو ھو ۽ جيڪڏھن ھندستان کان آيل ۽ اسلام جي ٺيڪيدارن کي خبر پوندي ھئي ته سندن مسجد ۾ ڪنھن اھڙي ماڻھو نماز پڙھي ، جيڪو رسول کي انسان ٿو سمجھي ته اھا مسجد ڌوتي ويندي ، ھن ملڪ جي گورنر جنرل کي خدا جو پاڇو ڪري ليکيو ويندو ھو.
اھڙي ماحول کان اسان جي پروميٿيس جي ايم سيد انڪار ڪيو. بغاوت ڪئي ۽ پنھنجي قلم ذريعي ، ھن ملڪ ۾ روشني ۽ روشن خيالئَ جي باھ جي استعمال جو ھنر ماڻھن کي سيکارڻ لڳو. ھن نه صرف اونداھئَ ۾ رھڻ کان انڪار ڪيو ، پراونداھئَ کي ھن ملڪ مان تڙي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو.ھن وقت جي اونداھي پرست حاڪمن کي چئي ڏنو ته اوھان جو وجود ھن روشن ڌرتي اونداھي پاڇي وانگر آھي ، توھان چمڙا آھيو . آءُ ھن روشن ڌرتي جو فرزند آھيان. آءُ انھن فرزندان روشني جي صداءِ بازگشت آھيان. جن اونداھ سان جنگيون جوٽي اونداھ جي پاڇولن کي ھن سرزمين تان ھميشه ختم ڪري ڇڏيو. پنھنجو صدين کان بسيرو گٽر بجاءِ ھالار جي چوٽي تي رھيو آھي. منھن جو مسڪن ، صدين کان ھن ڌرتئَ جا اناج جي خوشبوءَ سان ٽمٽار پرينءَ جي پيشاني جھڙا کيت ۽ عاشق جي دل جھڙا ڪشادا ميدان رھيو آھي. آءُ انھي قافلي جو فرد آھيان، جنھن عرب، ھند، چين ، يورپ ، آمريڪا  ۽ آفريڪا ۾ ھميشه اوندھ خلاف ۽ روشني جي فائدي ۾ گٽرن جي خاتمي ۽ فضائن جي بلندين جي حق ۾ ، گندگي کي مٽائڻ ۽ انساني ذھن کي خوشبوءَ جي زندگئَ سان ڀرڻ لاءِ جنگيون پئي جوٽيون آھن.اوھان انسانيت کي ارنداھي ، جھالت، تعصب ، ڪٽرپڻي ڏانھن واپس وٺي وڃڻ ٿا چاھيو. آءُ انسانن کي علم،روشني ،رواداري ۽ وسيع نظري ڏانھن وٺي وڃڻ ٿو چاھيان.اوھان اونداھي جا عاشق آھيو ته آءُ روشنئَ جو راھي آھيان.
آءُ انڪار ٿو ڪريان ته اوھان جي اونده واري سياست کان آءُ غلط ٿو سمجھان توھان جي گٽر واري زندگئَ کان آءُ بغاوت ٿو ڪريان گندگئَ جي سياست جي باني زيوس ديوتا جي تقدس ۽ احترام کان آءُ آخري وير تائين وڙھندس.آءُ روشني ۽ صداقت جي جنگ جو ھن سر زمين تي ناقابل فراموش نشان ڇڏڻ ٿو چاھيان ـ توھان وٽ ديوتائن جي طاقت آھي ۽ مون وٽ حوصلي جي قوت واھان کي تلوار جي جيت تي ڀروسو آھي ۽ مون کي انساني حوصلي جي ابدي فتح تي ايمان آھي.
اختلاف آھي انھئَ فرضي خدا سان. مون کي نفرت آھي ان جي بنايل يا خرات مليل جنت کان. منھنجي بغاوت آھي انھن روايتي مدي خارج حڪمرانئَ جي اصولن سان ، مون کي ڌڪار آھي ، انھئَ فرمانبردارئَ وارئَ زندگئَ تي . آءُ لعنت ٿو وجھان،غلامئَ ، محڪومي ۽ زيردستئَ واري ذليل زندگئَ تي، مون کي فخر آھي ، انھن زنجيرن تي ، جيڪي مون آزادئَ جي زيور طور پاتيون آھن.مون کي محبت آھي ، پنھنجي عقل ۽ شعور جي روشني ۾ ڪيل فيصلن سان.
سيد کي ھر دفعي گرفتار ڪيو ويو ۽ ھر ڀيري کائنس اھو ساڳيو جواب ٻڌو ويو.
اھڙئَ ريت جي ايم سيد کي پاڪستاني حڪمرانن زيوس ديوتا تي ايمان آڻڻ ۽ غلامئَ جي زندگي قبول ڪرڻ لاءِ،ھن ملڪ جي اونداھئَ جي پرستار حاڪمن اٺ ڀيرا گرفتار ڪيو ۽ انگريزن ۽ سندس ڇاڙتن حڪمرانن پورا پنجاھ ساک سيد جي خط ڪتابت تي چوسڪي رکي.
جڏھن ڪراچي کي سنڌ کان ڪٽڻ جي سازش ٿي ته سيد ھن ملڪ جي فرضي خدا جي ان فيصلي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ سنڌي قوم کي ان سازش کان خبردار ڪرڻ لاءِ ، سنڌ جي دوري تي نڪتو کيس 18 جون سن 1948ع تي گرفتار ڪيو ويو۽ ٽي مھينا بند رکي 18 آگسٽ تي آزاد ڪيو ويو. آزاد ڪرڻ مان مقصد اھو ھون ته شايد ھو جيل ۽ ڪفر جي فتوائن کان ڊڄي ، اسان جي ڪنھن ڪڌي ڪم ۽ وطن دشمن ڪاروائي جي مخالفت نه ڪري، پر جڏھن حڪمراني ٽولي پنھنجي فرضي ديوتائن ۽ آقائن کي وڌيڪ خوش ڪرڻ لاءِ ون_يونٽ جو رسواءِ زمانه منصوبو تيار ڪيو ۽ ان تي عمل ڪرڻ جون تياريون ڏسي ، سيد سنڌي قوم کي سندس وجود خلاف ٿيندڙ سازش کان آگاھ ڪيو ۽ اعلان ڪيوته انھئَ منصوبي خلاف اسان ھر طرح مزاحمت ڪنداسين. سيد جي انھئَ اعلان کان گھٻرائجي حڪومت ون_يونٽ ٺھڻ کان ٻارھن مھينا اڳ 3 نومبر 1954ع ۾ سيد کي قيد ڪري جيل ۾ رکيو . جڏھن ملڪ ۾ ايوب خان مارشل لا لاڳو ڪيو. ان وقت به جي ايم سيد کي 10 آڪٽوبر سن 1957ع ۾ گرفتار ڪري ، ھڪ سال چار مھينا سينٽر جيل ڪراچي جي وارڊ نمبر 14 ۾ رکيو .
( اسان ھن وقت نمبر 13 وارڊ ۾ آھيون. جيڪو سائين جي وقت ۾ زنانو وارڊ ھيو.) ۽ پوءِ صحت جي خرابي  جي بنياد تي گھر ۾ ڇھ سال ٽي مھينا نظربند رکي 12 فيبروري 1966ع تي آزاد ڪيو.نظر بندئَ کان نڪرڻ شرط سائين “ بزم صوفياءِ سنڌ” ٺاھي عوام ۽ قومي شعور پيدا ڪرڻ شروع ڪيو، ته وري کيس 23جون سن 1967ع تي گرفتار ڪري گھر ۾ نظربند ڪيو ويو، اھا نظربندي سال اٺ مھينا ھلي ۽ 23جون سن 1967ع ۾ سنڌي عوام جي زبردست احتجاج جي تحريڪ ڪري کيس آزدي ملي.
جڏھن بنگلاديش ۾ فوجي قدم کنيو ويو، ان وقت فوجي آپريشن ھلندي جي ايم سيد کي 18 مئي سن 1971ع ۾ گھر تي اٺ مھينا نظربند رکي ڊسمبر سن 1971ع ۾ بنگال جي آزادئَ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو.
جڏھن سنڌ ۾ سنڌي زبان خلاف غنده گردئَ جو مظاھرو ٿيو، ان وقت سيد سنڌي عوام کي پنھنجن حقن جي حاصلات لاءِ منظم ۽ متحد ڪرڻ خاطر سنڌ جي دوري تي نڪتو . انھئَ ۾ کيس مسلم ڪاليج اندر بم اڇلائي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ، پر جڏھن سيد قاتلانه حملن جي ڪري به پنھنجو پروگرام منسوخ نه ڪيو ، تڏھن کيس آگسٽ سن 1972ع ۾ گرفتار ڪري گھر ۾ نظربند ڪيائون ۽ پنج مھينا نظربند رکڻ کان پوءِ، کيس جنوري سن 1973ع ۾ آزاد ڪيو ويو. انھئَ آزادي جو عرصو چار مھينا کن ئي مس ھليو وري کيس 6مئي سن 1973ع ۾ گھر اندر نظربند ڪيو ويو، ۽ اھا نظربندي ھنن سٽن جي لکڻ تائين جاري آھي.
اھڙي ريت سيد کي پاڪستان جي تاريخ ۾ اٽڪل طور پندره سال جيل ۾ رکيو ويو آھي . پر ھن جيل کان گھٻرائجي ، ڊڄي يا ھيسجي پنھنجي پروگرام ، اصول ۽ نظرئي تان دستبرداري تي ھڪڙي سيڪنڊ کاءِ به نه سوچيو آھي.

سچ چيو آھي ڪنھن شاعر :
 ھي جو پوڙھو جھور ، وڙھندي ٿيو ويڙھ ۾،
اڃان به ڏمري ڏاڍ تي ، آڻ نه مڃي مور.

ڪتاب جي ايم سيد
ليکڪ عبدالواحد آريسر
پيج نمبر 163کان 169 تائين

No comments:

Post a Comment