Wednesday 27 July 2011

روس Russian Revolution of 1905 to 1917

روس
Russian Revolution of 1905 to 1917

روس ۾ بالشويڪ انقلاب کان اڳ ۾ ، وڏي پيماني تي خودرو تحريڪون شروع ٿينديون رھيون ۽ وقت به وقت مشتعل شاگردن ، غير مطئمن مزورن ۽ مظلوم ھارين بغاوتون ڪري ، يونيورسٽين ، ڪارخانن ، زمينن ۽ جاگيرن تي قبضا ڪيا،اميرن،جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي حويلين کي باھيون ڏنيون ۽ ٿاڻن تي حملا ڪيا ويا. پوري ملڪي انتظام کي دھرم برھم ڪري ڇڏيو. انھن ھڙتالن ، مظاھرن ۽ احتجاجن ۾ ھزارين ماڻھو راز شاھي فوج ، پوليس ۽ جاگيردارن جي پالتو ڪتن ھٿان ماريا ويا.

سن 1901ع جي بغاوت ۾ ھزارين ھاري، مزدور ، شاگرد ۽ ٻيا ماڻھو پوليس ۽ فوج جي فائرنگ ۽ لاٺي چارج سان ماريا ويا.

انھئَ بغاوت ڪري پوري روس جي ھر شھر ۽ علائقي ۾ انقلاب لاءِ ميدان ھموار ٿيڻ لڳو. انھئَ عمل پوري ملڪ کي پنھنجي لپيٽ ۾ ورتو. جنھن جو نتيجو سن 1905ع وارين بغاوتن جي صورت ۾ نڪتو. سن 1905ع ۾ سينٽ پيٽرزبرگ ۾ پوليس فائرنگ سان سوين پورھيت ماريا ويا. جنھن جي بنياد تي روس ۾ بورجوا جمھوري انقلاب جي ابتدا ٿي ـ ساڳي وقت ماسڪو ۽ ٻين شھرن ۾ پورھيتن جون بغاوتون ٿيون جنھن ۾ ھزارين جانيون ضايع ٿي ويون.

انھئَ حادثي ، ھارين، پورھيتن ، شاگردن ۽ پوليس وارن کي راز شاھي خلاف ڪري ڇڏيو. اھري ريت سن 1905ع وارو انقلاب آيو. انھئَ انقلاب ۽ ان کان اڳ وارين حالتن تي تبصرو ڪندي ، لينن لکيو آھي ته سن 1901ع کان سن 1905ع تائين واريون بغاوتون روس ۾ غير معمولي تبديلئَ جا اھڃاڻ ھيون، جن سن 1905ع واري انقلاب کي جنم ڏنو ۽ اھو انقلاب عظيم آڪٽوبر انقلاب جي تياري ھئي.

لينن سن 1917ع جي انقلاب کان اڳ وارين بغاوتن جي مذمت ڪرڻ ، انھن کي خودڪشي سڏڻ ۽ موت کي دعوت ڏيڻ نه ڪوٺيو. پر عوام جي انھن شاندار ڪوششن کي عوام جون بي مثال قربانيون سڏيو ۽ ٻڌايو ته اھي سماج ۾ بي چيني جون وقتي ، فطري ، اڻ ٽر لھرون روسي معاشري کي انقلاب جي چائنٽ تي پھچائڻ جون ذميدار ھيون. نه صرف سن 1905ع واري انقلاب ۽ ان کان اڳ وارين ڪاررواين پر سن 1905ع کان سن 1917ع تائين روسي عوام جي جدوجھد ۽ جاکوڙ جنھن جي قيادت بالشُويڪ پارٽي نه پئي ڪئي ، تنھن جي به لينن ساراھ ڪئي آھي ـ

No comments:

Post a Comment