Saturday 8 October 2011

An appeal to united nations and international community to help my flood effected (sindhi) nation.


An appeal to united nations and international community to help my flood effected (sindhi) nation.
I also appeal to political leadership and Government of United States of America, British , Germany, France , India , Isreal,Afghanistan,Russia,African countries and all countries of European Union Arab world to immediately help of flood effected my ( Sindhi ) nation.

اسان ھن اشتھار جي ذريعي سموري دنيا جي مھذب، جمھوري ۽ سيڪيولر ملڪن جي حڪومتن، عوام،دانشورن کي آگاھ  ڪرڻ چاھيون ٿا ته اسان جي سنڌي قوم (Indus civllization) جي خالق آھي ۽ ھزارن سالن کان اسان سنڌي انساني ماڻھپي ، رواداريءَ،ڀائيچاري،سيڪيولر روايتن ۽ ڪلچر جي امين ۽ وارث قوم رھيا آھيون . موھن جي دڙي جي عمارتي آثارن ، ناچڻيءَ جي مورتي ، شو مھراج جي مورت ، ڏاند گاڏيءَ ۽ ڪڻڪ جي وسيع گدامن جي ملڻ مان صاف ظاھر آھي ته سنڌي قوم خوشحال،واپاري ، مھذب ، باشعور ۽ قومن جي درميان بقاءِ باھميءَ واري اصول کي مڃيندڙ قوم رھي آھي.پر افسوس جو اسان جي قوم کي جيڪا انساني سڀيتا،تھذيب ، ڪلچر جي شاندار اثاثن جي مالڪ قوم آھي، جنھن تاريخ ۾ ڪڏھن به ڪنھن جي خلاف اڳرائي ، جارحيت ۽ جنگ ناھي ڪئي. منھنجي ان سيڪيولر ۽ مھذب قوم کي ھن مذھبي رياست ۾ قيد ۽ غلام بنايو ويو آھي. جنھن رياست جو نظرياتي بنياد مذھبي فرسودا قوميت تي رکيل آھي. جنھن رياست جي ادارو آءِ ايس آءِ سموري دنيا ۾ مذھبي فتني ، فساد ، دھشتگردي، رتوڇاڻ، جنونيت ۽ نام نھاد جھاد جي نالي ۾ جھالت ۽ انساني ڪوس ، بربريت کي منظم ڪندي عالمي امن،سلامتي ، استحڪام خلاف مسلسل جارحيت ۽ سازشون ڪندو رھي ٿو. سموري دنيا جي مھذب ماڻھن کي چڱيءَ ريت خبر آڳي ته ھن رياست جا خفيه ادارا مذھبي انتھا پسند گروپن جي مدد ڪري رھيا آھن. جيئن ته اسين سنڌي ھڪ سيڪيولر مھذب قوم رھيا آھيون ان ڪري پنجابي سامراج ان جي ايجنسي آءِ ايس آءِ اسان جي قوم کي مذھب جي نالي تي غلام بنائي اسان جي قدرتي معدني وسيلن تيل،گيس،ڪوئلي،سمنڊ.درياءِ ۽ وطن تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي سنڌي ۽ بلوچ سياسي ۽ قومي ڪارڪنن کي روز روز آءِ ايس آءِ جي ڪارندن ھٿان  اغوا ڪري چيچلائي ماريو ، ساڙيو قيد ڪري مٿن غير انساني وحشت ۽ بربريت ڀريو تشدد ڪيو ٿو وڃي. اڄ جڏھن منھنجي سنڌي قوم رياستي بي ڌياني مجرماڻي غفلت ، ڪرپٽ حڪمرانن جي نااھلي نالائقيءَ سبب ٻوڏ جي تباھ ڪارين جي ڪري بي يارو مدد گار کليل آسمان ھيٺ زندگيءَ ۽ موت جي ٻه واٽي تي مھذب دنيا جي انساني مدد لاءِِ واجھائي رھي آھي ان صورتحال ۾ مان سنڌي قوم جي ھڪ سياسي فرزند جي حيثيت ۾ سموري دنيا کي کليل اپيل ٿو ڪريان ته اڳتي وڌي منھنجي قوم کي ٻوڏ جي تباھيءَ ، بک ، بيمارين ۽ بي وسيءَ جي مت کان بچايو. منھنجي قوم جون نياڻيون، معصوم ٻار،پيرسن بزرگ حاملا عورتون موت جي منھن ۾ آھن ھيءَ بنياد پرست رياست اسان جي غلامي ، ذلت ، بدحاليءَ جي ذميوار آھي اسان کي ان ۾ ڪا به اميد ۽ آسرو نه آڳي ان ڪري دنيا جي سمورن مھذب ملڪن ، حڪومتن عوام ۽ دانشورن عالمي ادارن کي اپيل ٿو ڪريان ته منھنجي قوم جي ھن ڏکيءَ گھڙيءَ ۾ سڌي ريت مدد ڪيو ـ

شفيع محمد برفت چيئرمين جسمم

No comments:

Post a Comment