Friday 14 October 2011

War of National Liberation قومي آزادي جي ويڙه


قومي آزادي جي ويڙهه، سامراجي بيٺڪي، ڌاري قوتن خلاف مظلوم، محڪوم قومن، محبِ وطنن جي پنهنجي وطن جي آزادي جي ويڙهه آهي. جيڪا آزادي لاءِ وڙهندڙ ۽ هٿيار بند تنظيم Gorilla Organization جي اڳواڻي ۾ وڙهي ويندي آهي.

ڪابه سياسي، سماجي، انقلابي تحريڪ، تبديلي ۽ قومي آزادي جي ويڙهه خودرو ۽ حادثن مان پيدا ناهي ٿيندي، پر ان لاءِ سياسي، معاشي، سماجي ۽ نفسياتي دٻاءَ ۽ ڇڪتاڻ جي شدت ۽ گهرائي ۾ هجڻ لازمي هوندو آهي. جڏهن سماج ۾ موجود سامراجي، بيٺڪيتي ڌاري قوتن ۽ مقامي آبادي ۽ مهڪوم قوم وچ ۾ اهڙو دٻاءُ، ڇڪتاڻ، تضاد شدت سان موجود هجي ۽ ان کي گهرائي سان محسوس ڪيو وڃي ته اهڙي حالتن ۾ ڪو ننڍڙو واقعو ۽ حادثو انقلابي تبديلي جو سبب پڻ بڻجي ويندو آهي.
حقيقت ۾ انقلابي جدوجهد ۽ قومي آزادي جي ويڙهه هڪ عوامي مذاهمت هوندي آهي، جنهن ۾ عوام جي شعور، فهم ۽ سگھه کي بنيادي اهميت هوندي آهي. بهترنتيجا وٺڻ لاءِ ويڙهاڪ تنظيمون پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ تشدد Violence جو منظم طريقو استعمال ڪنديون آهن جنهن سان سامراجي نظام ڪمزور ٿيڻ لڳندو آهي. 20 صدي ۾ سموري دنيا ۾ قائم ظالم، جابر، سامراجي، بيٺڪيتي Colonial ۽ قومي غلاميءَ خلاف دنيا جي ڪمزور، نٻل ۽ مظلوم قومن وڏي جرئت، همٿ ۽ بهادري سان پنهنجن وطن جي آزادي لاءِ ويڙهيون ڪيون. انهن ويڙيهين ۾ مذاهمت جي نتيجي ۾ صدين کان قائم بيٺڪيتي Colonial ۽ سامراجي Imperialism نظام ٽٽي ويو هو.

دراصل 15 صدي ۾ سامراجي Imperialist ۽ بيٺڪيتي نظام Colonialism جي جڙڻ جي نتيجي ۾ سموري دنيا جون اڪثر قومون غلامي ۽ بيٺڪيت جو شڪار ٿي ويون هيون. اسپين، پورچوگال، هالينڊ، برطانيه، آمريڪا هن نظام کي قائم ڪرڻ ۽ معاشي ڦرلٽ، جبر ۽ ڏاڍ ڪرڻ جا اڳواڻ هئا. سامراجي ۽ بيٺڪيتي ڄار ۾ ڦاسڻ ڪري انهن مظلوم ۽ محڪوم قومن جو سُک، امن، خوشحالي، اخلاقي سماجي قدر هن نظام ۾ ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويا هئا. هزارين سالن جي قدامت رکندڙ تهذيب ۽ ثقافت، سياسي ۽ سماجي نظام، سامراجي نظام جي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري ڊانواڊول ٿي ويو. صدين کان قائم هن نظام مظلوم ۽ ڪمزور قومن لاءِ تشدد، ظلم، جبر، ڏاڍ، ايذاءُ، ٽوڙڦوڙ، قبائلي تضاد، فرقيواريت، نسلي فرق ۽ مذهبي انتهاپسندي پيدا ڪئي. هن ڊگھي غلامي ۾ مظلوم ۽ محڪوم قومن کي قتل، غارتگيري، ڦاهيون، تشدد، ڪمزور ۽ نٻل انسان، چچريل چيٿاڙيل انساني وجود، بک، بدحالي، خوف و حراس، استحصال، ڦرلٽ، غربت، جهالت، نفرت، ڪٽرپڻو تعصب، لالچ، بيوسي، نااميدي، پرماريت قومن جي زندگي جو حصو بڻجي ويا. مظلوم ۽ محڪوم قومن جي وطن تي قبضي ڪرڻ لاءِ چڙهايون، حملا، انهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڌاريون آباديون منتقل ڪرڻ جون سازشون ڪيون ويون. غلام قومن جي وسيلن، معاشيات جي ڦرلٽ ۽ ان کي پنهنجي ترقي لاءِ استعمال ڪرڻ هن نظام جي اهم خصوصيت هئي. هي سمورو سامراجي نظام ۽ بيٺڪيتي نظام هزارين سالن کان قديم قومن جي تهذيب، وطنن، قومن ۽ انسانيت دشمن نظام آهي جنهن ۾ قومن جي سونهن ڀريون خوبصورت زندگيون، بدصورت، بدزيب ۽ ڪِرڀ جهڙيون بڻجي ويون هيون.

اها حقيقت آهي ته صدين کان قائم سامراجيت جو خوف، دهشت، حراس، گوليون، ڦاهيون، بمباريون، ڏاڍ، تشدد ۽ ڦٽڪا قومن کي آزادي جي جدوجهد کان روڪي نه سگھيون ۽ نه ئي قومن مان آزاديءُ جو جوش ۽ جذبو ختم ڪري سگھيون آهن. محبِ وطنن، انقلابين، بهادرن ۽ سرفروش انسانن جو جوش، ولولو، همٿ، جرئت ۽ بهادريون سامراجي نظام کي اُکيڙڻ لاءَ ڪافي هيون.

ٻي عظيم جنگ کان پوءِ هڪڙي پاسي ظالم قومن جو معاشي استحصال، ڦرلٽ، ڏاڍ، جبر شدت اختيار ڪئي ته ٻئي پاسي مظلوم ۽ محڪوم قومن به پنهنجي وجود جي بقا لاءِ پاڻ کان وڌيڪ طاقتور سامراجي قوتن خلاف سينو سُپر ڪري بيٺا، سوين سالن کان قائم ڏاڍ تي ٻڌل نظام جنهن کي ڪو لهر، لوڏو ڪونه هو تن کي ڪمزور قومن هٿياربند جدوجهد جي ذريعي شڪستون ڏئي حُب الوطني ۽ پنهنجي ڌرتي سان محبت جي نئين تاريخ لکي. ايشيا، آفريڪا، لاطيني آمريڪا بلڪه دنيا جو ڪوبه اهڙو کنڊ نه هو جتي سامراجيت خلاف مظلوم قومن وطن جي آزادي جي ويڙهه وڙهي نه هجي.

آئرلينڊ (21-1919) جي برطانوي سامراجيت مان آزادي 20 صدي جي پهرين ڪامياب جدوجهد هئي. بعد ۾ الجير (62-1954) ۾ فرانس جي غلامي مان آزاد ٿيو. ويٽنامي جيتامڙن (54-1946) ۾ هٿياربند ويڙهه ذريعي اول فرانس ۾ بعد ۾ (75-1959) دنيا جي سُپر پاور آمريڪا کي تاريخي شڪست ڏني، ان کان علاوه لاطيني آمريڪا ۾ ڪيوبا، نڪارگو، آفريڪا ۾ موزمبيق، گني بسائو Guinea Bissau انگولا ۽ اريٽريا Eritrea ۾ ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي قومي آزادي جي جدوجهد ڪامياب ٿي.

ماضي ۾ سموري دنيا ۾ هليل قومي آزادي جي تحريڪن ۽ ويڙهه جو سرسري جائزو وٺڻ کانپوءِ اگر سنڌ جي موجوده صورتحال جو تجزيو ڪجي ته اها ڳالهه بلڪل واضع ۽ چٽي نظر اچي ٿي ته سنڌ اسانجي ڌرتي ماتا تاريخ جي بدترين، غلام، معاشي ڦرلٽ، پسماندگي، بدحالي، ظلم جي دور مان گذري رهي آهي. جڏهن برطانوي سامراج برِصغير خالي ڪيو هو ته تڏهن ٿيڻ ايئن کپندو هو ته انگريز سنڌ کي اڳوڻي آزاد حيثيت ۾ بحال ڪن ها، پر ان جي ابتڙ سنڌ کي غلاميءَ ۾ ڌڪيو ويو. گذري 64 سالن جي دور ۾ هن نام نهاد انتها پسند سامراجي رياست ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڪنهن کان به ڳجھو نه آهي. سنڌ جي قديم تهذيب ۽ ثقافت خلاف سازشون، سنڌي ٻولي خلاف سازشون، سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهي پاڻي بند ڪرڻ جون سازشون، قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ، سنڌ جي روينيو تي قبضا، هڪ منصوبي تحت ڌاري آبادي کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون، مذهبي تعصب ۽ قبيلائي جھيڙا سڀ اسان جي سامهون آهن. ان کان علاوه خوف، حراس جيڪو نام نهاد رياست پيدا ڪيو آهي اهو به اسان جي سامهون آهي. هن نام نهاد رياست جي پيدا ڪيل صورتحال خلاف جھيڙيندڙ ۽ مزاحمت ڪندڙ سنڌ جي محب وطن، حلالي فرزندن جون گرفتاريون، تشدد ۽ گمشدگيون به سڄي دنيا جي سامهون آهن.

هڪ ڳالهه سوچڻ جي آهي ته 64 سالن کان قومي وجود خلاف ٿيندڙ سازشن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي تحريڪ 38 سالن جي ڊگهي عرصي دوران ڪا واضع حڪمت عملي ۽ پاليسي نه جوڙي سگھي آهي. اڃا تائين قومي تحريڪ اهو طئي نه ڪري سگھي آهي ته هن جابر، غير مهذب، سفاڪ، وحشي صفت، بي رحم، انتها پسند سامراج خلاف جدوجهد جو ڪهڙو رستو ۽ طريقو اختيار ڪرڻ گھرجي. اڃان تائين اهو طئي نه ٿي سگھيو آهي ته جدوجهد پارلياماني هجي، عدم تشدد تي ٻڌل هجي يا هٿياربند ويڙهه هجي. هن فيصلا ڪن مرحلي تي جابر، ظالم ۽ قوم دشمن سامراج ۽ ان جي اتحادين خلاف اسان کي واضع ۽ چٽي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گھرجي. جنهن سان سامراج کي شڪست ڏئي قومي وجود بچائي سگھجي. هن صورتحال ۾ اها ڳالهه سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته تجزيا، تقريرون، حوال، سکڻيون ڳالهيون، اعلان ۽ بي مقصد ڌرڻا، جلسا جلوس سنڌ کي هن بدترين غلامي مان آزادي ڏياري نه ٿيون سگھن. سنڌ جي وجود جي بقا لاءِ جدوجهد ڪندڙ، پاڻ پتوڙيندڙ، جان ڏيڻ لاءِ تيار، سنجيده ۽ محب وطن ۽ حلالي فرزندن کي ڌرتي کي ڌارئي سامراج جي غلامي مان آزادي لاءِ مزاحمتي تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۽ نئين صف بندي ڪرڻ گھرجي. قومي ڪارڪن، محب وطن مٿان اها ذميواري ٿئي ٿي ته سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن، سامراجي قوتن ۽ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جون ذميواريون نڀايون ۽ وجود جي بقا لاءِ مزاحمتي تحريڪ جو حصو بڻجي تاريخ جو 
فرض ادا ڪريون.

Strategy and Tactics

حڪمتِ عملي ۽ گُرَ

سالن کان طاقت، سگھه، خوف ۽ دهشت تي ٻڌل سامراجي بيٺڪيتي ۽ غلامي واري نظام جي ڪوشش هوندي آهي ته اهو هميشه قائم رهي ۽ مظلوم ۽ محڪوم قومن جي معاشي ڦرلٽ ڪري پنهنجي علائقي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ واڌارو ڪندو رهي. ان لاءِ سامراجي نظام جون فوجون پيراملٽري فورسز ۽ جاسوسي ادارا ان نظام کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. انهن جي هميشه ڪوشش هوندي آهي ته مظلوم ۽ محڪوم قومن ۾ مزاحمت جو عنصر پيدا نه ٿئي. جنهن لاءِ سامراج قوتون هميشه فوج ۽ طاقت جو استعمال ڪري آزادي جي جذبي ۽ جوش کي ڪچلڻ جون ڪوششون ڪنديون آهن، نتيجي ۾ قتل غارتگيري، معاشي ڦرلٽ ۽ سامراجي طاقت خلاف مزاحمت ڪندڙ تنظيم ۽ نظريا پڻ جنم وٺندا آهن. طاقتور، فاشي سامراجي فوج خلاف اهي تنطيمون هٿياربند ويڙهه جون حڪمت عمليون ۽ گُرَ استعمال ڪنديون آهن. حقيقت ۾ هٿياربند ويڙهه، گھٽ افرادي قوت ۽ هٿيارن جي اڻ هوندي به مظلوم ۽ محڪوم قومن جو وڏو هٿيار رهي آهي. سامراجي قوتن خلاف هٿياربند ويڙهه جي حڪمت عملين ۽ گُرن جو بنيادي مقصد گھٽ متحرڪ قوت جو استعمال ڪري دشمن کي گھڻو نقصان پهچائڻ ۽ ملڪ نيڪالي ڏيڻ هوندو آهي. هٿياربند ويڙهه ۾ ڌڪ هڻڻ ۽ نڪري وڃڻ Hit and Run جي اصول جو استعمال ڪيو ويندو آهي. جنهن جو مقصد دشمن کي نقصان پهچائڻ ۽ پنهنجو بچاءُ ڪرڻ هوندو آهي. بنيادي طور هي اصول قديم دور ۾ ڪمزور فوجون طاقتور فوجن خلاف ڪنديون رهيون آهن. حڪمت عملي جو واسطو ڪمانڊر جي تخليقي صلاحيتن، رٿابندي ۽ سپهه سالاري Art of Generalship فوج ۽ ويڙهاڪن جي تربيت سان هوندو آهي. جڏهن ته گُرن Tactics جو واسطو جنگ جي ميدان ۾ فوجي سگھه ۽ هٿيار جو استعمال هوندو آهي.

Guerrila Organization

هٿيار بند تنظيم

هٿيار بند ويڙهه وڙهڻ لاءِ هٿياربند تنظيم جو هجڻ لازمي هوندو آهي. هٿيار بند تنظيم جو مقصد عوام ۾ مزاحمتي سگھ پيدا ڪرڻ هوندو آهي. گوريلا تنظيم ننڍن يونٽن ۽ اسڪاڊ تي ٻڌل هوندي آهي جنهن ۾ 1 کان 9 تائين ويڙهاڪ هوندا آهن. حالتن ۽ افرادي قوت جي حساب سان اهو تعداد وڌيڪ به ٿي سگھي ٿو. ان کان علاوه علائقائي ڪمانڊر، ڊويزنل ڪمانڊر ۽ ان جي هاءِ ڪمانڊ گوريلا تنظيم جي جوڙجڪ جو حصو هوندا آهن. ذميواريون بهتر طريقي سان نڀائڻ لاءِ گوريلا تنظيم ۾ شعبا پڻ جوڙيا ويندا آهن. هٿياربند تنظيم جو نظم و ضبط Discipline انتهائي سخت هوندو آهي.

Stages of National Liberation War

قومي آزادي جي ويڙهه جا ڏاڪا.

انقلابن ۽ سماجي تبديلين جي تاريخ تي نظر وجھبي ته معلوم ٿيندو ته دنيا ۾ ڪيتريون ئي سياسي، سماجي ۽ انقلابي تحريڪون اڀريون آهن جن تاريخ جي مخصوص دورن ۾ سماجن اندر اهم سياسي ۽ سماجي تبديليون آنديون آهن، انهن سماجي تبديلين مان ڪيتريون ڪامياب ٿيون آهن ۽ ڪجھ وري مختلف سبب جي ڪري ناڪام ٿيون آهن ڪابه تحريڪ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تائين جدوجھد جي مختلف دورن ۽ ڏاڪن مان گذرندي آهي. انقلابي اڳواڻ مائوزيتنگ موجب انقلابي تحريڪ جدوجهد جي ٽن دورن مان گذرندي آهي، مخصوص حالتن موجب اها وڌيڪ دورن مان به گذري سگھي ٿي. تحريڪ جا دور هي آهن:
پهريون دور First Stage

پهريون دور بنيادي طور قومي آزادي جي تحريڪ جي جنم ۽ اڀرڻ جو دور هوندو آهي، هن دور ۾ تحريڪ ۽ تنظيم منظم ٿيندي آهي ۽ عوامي تحريڪ ۽ اڀار جي صورت اختيار ڪندي آهي. هن شروعاتي دور ۾ قومي مسئلن کي سمجھڻ، رٿابندي ڪرڻ، تنظيم سازي ڪرڻ، ڪارڪنن جي تربيت، پروپيگنڊا ڪرڻ لاءِ مظاهرا ۽ احتجاج ڪرڻ اهم هوندا آهن. هن دور ۾ تنظيم دشمنن خلاف حڪمت عمليون ۽ جدوجھد جي رٿابندي ۽ تحريڪ کي ڊگھي عرصي تائين هلائڻ لاءِ انتظام ۽ بندوبست ڪندي آهي، هن ئي دور ۾ صحيح قدم کڻڻ ۽ درست حڪمت عملين، اڳواڻن جي ڏاهپ جي ڪري تحريڪ طاقتور ۽ سگھاري ٿيڻ شروع ٿيندي آهي.
ٻيو دور Second Stage

پهرين دور کان پوءِ جڏهن قومي آزادي جي تحريڪ ٻئي دور ۾ داخل ٿيندي آهي ته ان ۾ ايتري قوت پيدا ٿي ويندي آهي جو اها سامراج مخالف عمل ڪرڻ ۽ اڳرائي Agressive جي قابل ٿي ويندي آهي، هن دور ۾ تحريڪ هٿيار بند ويڙهه Guerrilla Warfare جي حڪمت عملي ۽ گُر Tactics استعمال ڪندي دشمن تي ذهني ۽ نفسياتي دٻاءَ وجھندي آهي، جنهن سان دشمنن جي جرئت ۽ سوچڻ جي صلاحيت تي ضرب لڳندي آهي. حقيقت اها آهي ته هي دور ئي هٿياربند ويڙهه جو متحرڪ، سرگرم ۽ اهم دور هوندو آهي. هن دور ۾ دشمنن جي اهم آمدرفت جي ذريعن، رسد، ٺڪاڻن، اهم عملدارن ۽ ڪارندن کي نشانو بڻايو ويندو آهي. جنهن سان دشمن جو معاشي نقصان ٿيندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ رياست جو عوام مٿان ضابطو ۽ خوف ختم ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. ٻئي دور ۾ عوامي طاقت قومي آزادي جي تحريڪ لاءِ ڀرجھلو ٿيندي آهي.
ٽيون دور Third Stage

هي دور ڪنهن به انقلابي ۽ آزادي پسند تحريڪ لاءِ اهم ۽ فيصلا ڪن دور هوندو آهي. ڪنهن به تحريڪ جي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جو دور هوندو آهي. اهو تنظيم جي حڪمت عملي، رٿابندي تي دارومدار رکندو آهي ته اها هن دور ۾ ڪاميابي ۽ دشمنن کي شڪست ڏيڻ لاءِ اثرائتا ۽ سگھارا قدم کڻندي آهي. هن دور ۾ هٿياربند تنظيم کي گھرجي ته دشمن کي گھڻو معاشي، سياسي ۽ فوجي نقصان پهچائي ته جيئن دشمن علائقو خالي ڪرڻ تي مجبور ٿئي.
محرڪ قوتون Serving Forces

قومي آزادي جي جدوجهد ۾ مظلوم، محڪوم ۽ غلام قوم جو پيڙهيل عوام پنهنجي سياسي شعور جي آڌار تي ڀرپور ڪردار ادا ڪندو آهي، قوم جا سمورا طبقا جيڪي قومي غلامي جو شڪار هوندا آهن، غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ قومي آزادي جي ويڙهه ۾ متحرڪ ۽ سرگرم ڪردار ادا ڪندا آهن. هاري مزدور، محبِ وطن، سرمائيدار وچولو طبقو ۽ هيٺيون وچولو طبقو قومي آزادي جي ويڙهه جا حمائتي ۽ ساٿاري هوندا آهن. انهن طبقن جا ڪجھ فرد اهڙا هوندا آهن جيڪي سامراجين جا ساٿاري ۽ ڏيهي دلال جو ڪردار ادا ڪندا آهن.

“جي سين”

Goal of National Liberation

قومي آزادي جو مقصد

مجموعي طور قومي آزادي جي ويڙهه قومي آزادي جي تحريڪ جي اوچي شڪل آهي، جيڪا تحريڪ دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم قومن کي ڌارين سامراج جي Oppression خلاف سياسي ۽ معاشي آزادي جي لاءِ وڙهي هئي. قومي آزادي جو بنيادي مقصد ٻاهرين سامراج جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ نظرياتي تسلط ۽ قبضي کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست جو قيام هوندو آهي.

ڪنهن به سماجي ۽ قومي آزادي جي انقلاب لاءِ سياسي طاقت حاصل ڪرڻ اهم مسئلو هوندو آهي. قومي آزادي جي انقلابن کان پوءِ اختيار ڌاري سامراج کان قومي محبِ وطن ۽ جمهوري قوتن ڏانهن منتقل ٿي ويندا آهن.

قومي آزادي جي انقلاب جي خصوصيت ۽ Tasks ان جون متحرڪ قوتون Motive Forces طئي ڪنديون آهن. قومي آزادي جي ويڙهه جون محرڪ قوتون هاري، مزدور، پيٽي بورجوازي، عوام ۽ فوجي داستا رهندا آهن. قوم جا سمورا طبقا ۽ سماجي گروهه سامراج جا حمائتي ڏيهي دلال، جاگيردارن، سرمائيدارن کان علاوه قومي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ دلچسپي وٺندا آهن. قومي آزادي جي جدوجھد دوران قومن جون سياسي ۽ معاشي حالتون ۽ سطحون مختلف رهيون آهن، تنهن ڪري مزدور تنظيمون ۽ سياسي شعور جي سطح مختلف ۽ غيرهموار رهيون آهي. تنهنڪري انهن جو انقلاب ۾ ڪردار به مختلف رهيو آهي. ڪٿي مزدور طبقو گھڻائي ۾ رهيو آهي جنهن ڪري ان انقلابي فڪر ۽ جدوجھد جي سرواڻي ڪئي، پر جتي اهو ڪمزور، غير اهم، منتشر، گھٽ تعداد، غير منظم رهيو آهي جنهن ڪري اتي انقلابن ۾ ان جو ڪردار فيصلا ڪن نه رهيو آهي.
هاري ڪيترن انقلابن ۾ اهم ۽ فيصلا ڪن ڪردار ادا ڪيو آهي. جتي انهن جو تعداد گھڻو آهي. بيٺڪي نظام ۾ هاري جاگيردارن ۽ ڌاري سامراج جي ٻٽي استحصال ۽ ڦرلٽ جو شڪار رهيو آهي.
ڏيهي دلال سرمائيدار جيڪو سامراج جو ساٿاري هوندو آهي، حقيقت ۾ قومي آزادي جي لاءِ ويڙهه ۾ انهن سامراجن جو سڌوسنئون حمائتي ۽ ساٿاري هوندو آهي. محبِ وطن سرمائيدار، ڌاري ۽ ڏيهي دلال سرمائيدار جي ابتڙ قومي آزادي جي جدوجھد جو ساٿاري ۽ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.
آزادي جي ويڙهه ۾ محبِ وطن دانشور، اديب پڻ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، (خاص پيٽي بوزواجي) وچولو طبقو، ڪاريگر، هنرمند ۽ ننڍا واپاري پڻ آزادي جي جدوجھد ۾ سرگرم ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪندا آهن.
20 صدي ۾ قومي آزادي جا انقلاب هڪ نئين سماجي قوت ٿي اڀريا. اهي انقلاب سڄي دنيا ۾ سامراج جي ٺاهيل ڦرلٽ جي استحصالي نظام کي ٽوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

No comments:

Post a Comment