Saturday 15 October 2011

قومپرستن جي سنڌ ۽ سنڌ جا قومپرست، جادم سنڌو

قومپرستن جي سنڌ ۽ سنڌ جا قومپرست:
جادم سنڌو

اوڻويھ سئو ٽيهتر جو آئين پاڪستان جي هر جائز توڙي ناجائز شهريء کي اهو حق ڏئي ٿو ته هو سنڌ ۾ اچي آباد ٿئي،سنڌ ۾ ملڪيت وٺي،سنڌ جو شانختي ڪارڊ ٺهرائي،سنڌ جو ڊوميسائيل حاصل ڪري،سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺي،سنڌ جي سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ روزگار ڪري،پنهنجون ڪالونيون جوڙي،پنهنجي نسل جي ماڻهن جي لاء نئون تڪ جوڙي سنڌ اسيمبليء ۾ اچي پنهنجي سامراجي نسل جي نمائندگي ڪري. پاڪستان جي سامراجي رياست جنهن جو بنياد لاهور جي 1940 واري قرارداد تي هيو انهيء قرارداد ۾ اهو مڃيل هيو ته پاڪستان جي اندر شامل رياستون آزاد ۽ خودمختيار هونديون جن جو برابريء جي بنياد تي هڪ الحاق ٿيندو جنهن ۾ سموريون قومون پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار قومي سڃاڻپ قائم رکنديون. پر پاڪستان جي ٺهڻ کان پوء سنڌين، بنگالين ۽ بلوچن جي قومي حيثيت ختم ڪري پنجاب سامراج جو تسلط قائم ڪيو ويو. پهريان ته ون يونٽ جوڙي سنڌ ۽ بلوچستان جي جاگرفيائي حيثيت ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي پوء سنڌ ۽ بلوچستان جا قومي وسيلا پنجاب سامراج جي حوالي ڪيا ويا. سنڌ جي زرعي زمين پنجابي فوجين جي حوالي ڪري پنجابي ماڻهن جي آبادڪاري ڪري سنڌ جي خوشحال زرعي علائقن گهوٽڪي، خيرپور،نوابشاھ،نوشهروفيروز ،سانگهڙ،بدين ۽ ميرپور خاص ۾ پنجابين جي آبادڪاري ڪئي وئي. جڏهن سنڌين،بنگالين ۽ بلوچن جي قومي تحريڪن جي نتيجي ۾ ون يونٽ ٽٽو ته پنجابي سامراج پنهنجي سرڪاري سرپرستيء هيٺ هڪ سنڌي اقتدار پرست سياستدان ذوالفقار ڀٽي جي هٿان اوڻويھ سئو ٽيهتر جو نام نهاد آئين تيار ڪرائي سنڌ ۽ بلوچستان جي زرعي،معدني توڙي معاشي وسيلن تي قبضو قائم رکڻ جي لاء پنجاب ۽ پختونخواھ جي گڏيل سامراج کي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گهر وٺڻ،دوڪان کولڻ،ڪاروبار ڪرڻ،سراڪاري نوڪريون ڪرڻ،اسيمبليء جي اليڪشن ۾ بيهڻ جو حق ڏنو ويو. هندوستان جي ورهاڱي کان پوء جيڪي پناهگير چوڏهن لک آيا سي هينئر صرف هڪ ٻڙيء جي واڌاري سان هڪ ڪروڙ چاليھ لک ٿي چڪا آهن ۽ نادرا جو رجسٽريشن عملو جن تيرهن لک پٺاڻن جو سنڌ ڏانهن لڏي اچڻ جو اعتراف ڪري ٿو سي به صرف هڪ ٻڙيء جي واڌاري سان هڪ ڪروڙ ٽيھ لک ٿي سنڌ کي ٽه لساني صوبي ۽ خانا جنگيء جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي چڪا آهن. سنڌ جون قومپرست پارٽيون ۽ انهن پارٽين جا پيٽ پرست اڳواڻ جن جي اڪثريت لاهور ۽ راولپنڊيء جي دلالي ڪن ٿا،انهن جي وائڙائپ به هڪ سواليه نشان بڻيل آهي،قومپرست تنظيمون ته پنهنجي ڌرتيء تي آيل هر هڪ ڌارئي جو منهن ٽوڙ مقابلو ڪري کين پنهنجي ڌرتيء تان تڙي ڪڍندا آهن پر سنڌ جا قومپرست نه صرف لاهور ۽ راولپنڊيء جي چانهن پارٽين ۾ نڪ ٻوڙائي اچن ٿا پر ان سان گڏ ڪابل ۽ قنڌار مان آيل نسوار خور نسل جي ماڻهن جي جلسن جلوسن ۾ وڃي سندن رهائش ۽ روزگار جو حق مڃڻ سان گڏ مهاجرن جي ڀيٽ ۾ سندن مدد ڪرڻ جو اعلان ڪن ٿا. هڪ نسلي ۽ دهشتگرد تنظيم ايم ڪيو ايم جو ٽوڙ ڪڍڻ جي لاء سنڌ جا قومپرست اڳواڻ هڪ ٻي نسل پرست ۽ دهشتگرد تنظيم اي اين پيء جا ڪلها ٺپين ٿا. سنڌ جي آزادي پسند شهيد ذوالفقار ڪولاچيء جي تڏي تي ويندي سنڌ جي قومپرستن کي موت اچي ٿو پر اهي ساڳيا قومپرست هڪ پٺاڻ منشيات فروش امين خٽڪ جي لاش جا ڪانڌي ٿيڻ پهچي وڃن ٿا. هڪ مظلوم قوم ٻي مظلوم قوم جي اتحادي هوندي آهي جيئن سنڌي بلوچن جا اتحادي آهن،هڪ ظالم قوم ٻي ظالم قوم جي اتحادي هودي آهي جيئن پٺاڻ پنجابين جا اتحادي آهن. هڪ قومپرست ٻئي قومپرست جو اتحادي هوندو آهي،هڪ آزادي پسند ٻئي آزادي پسند جو اتحادي هوندو آهي،پر هي سنڌ جا ڪهڙا قومپرست ۽ آزادي پسند آهن جيڪي جهادي ملن حيد گل،عمران خان،قاضي حسين،نواز شريف،وفاق پرست پليجي ۽ قادر مگسيء سان ته گڏ ويهي سگهن ٿا پر سنڌ جي آزادي پسند شفيع برفت ۽ آريسر سان گڏ ويهي نه ٿا سگهن ـ

ڊاڪٽر جادم سنڌو

No comments:

Post a Comment