Saturday 15 October 2011

هڪڙي چٺي تنهنجي نالي....! شفيع محمد برفت چيئرمين جيئي سنڌ متحدا محاذ

سنڌ جا اديب، دانشور ۽ اهلِ دل ماڻهو

اسلام عليڪم! سموري سنڌ جي ساڃاهه وند اهل ادراڪ (دانشور)، اديبن، شاعر، ليکڪن ۽ اهل دل ماڻهن جو ڌيان جيئي سنڌ متحدا محاذ جي ڳڀرو پٽ، مظفر ڀٽو جي هڪ مهيني کان مٿي وقت تائين رياستي ادارن هٿان گرفتاري، گمشدگي، تشدد اذيت ۽ ظلم طرف ڇڪائڻ چاهيان ٿو. جنهن کي رياستي ادارن پاران بغير سبب جي اغواه ڪري ويا. مظفر ڀٽو جي گمشدگي کان پوءِ ان جي ماءُ، وني ۽ ٻار ڪيئن زندگي گذاريندا هوندا، اگر ان آهه کي سنڌ محسوس نه ڪيو ۽ ان پيڙاهه جي احساس ۾ انهن کي اڪيلو يا تنها ڪري ڇڏيو ويو ته ڇا پوءِ اسان ۾ ڪو به باضمير، باغيرت ۽ باشعور سنڌ واسي اهو سوچي ۽ سمجهي نٿو سگھي ته ڪٿي اسان پنهنجي قومي ٻڌي، قومي احساس ۽ حب الوطني جي فرض ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ غلفت جو شڪار ته نه ٿيا آهيون.
معزز دانشور: اخبارون ان سڄي ڳالهه جي گواهي ڏين ٿيون ته ڪهڙي ريت گم ٿيلن جي مائٽن انساني حقن جي تنظيمن، سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي واهر ڪرڻ لاءِ پڪاريو آهي. اڄ مان پارٽي چيئرمين جي حيثيت ۾ گرفتار ڪيلن جي مائٽن پاران گڏيل طور سنڌ جي ڏات ڌڻين کي مخاطب آهيان ته اسان ڀٽائي جي سٽ “اڳي پوءِ مران مرمران مارڳ ۾” وانگر اڄ سيد جي ڏسيل واٽ تي سنڌ جي آس، عزت وقار، محفوظ مستقبل لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. هي سنڌ جا ڳڀرو پٽ ڌرتي خاطر پنهنجيون حياتيون ۽ جوانيو ارپي چڪا آهن. ۽ جسمم اڳواڻن کي ان ڪري ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي جو حاڪمن ۽ آقائن جي ابتڙ هلڻ جي پاڻ ۾ عادت وجھي چڪا آهن. سنڌ ۾ هر طرف خاموشي، سانت ۽ سناٽو آهي، اڄ جڏهن آقا اسان سنڌين کي غلامي واري زندگي گذارڻ جي عادت وجهي رهيا آهن، هن وقت خوف، آپشاهي ۽ دهشت جو هي راڪاس سنڌ جي قومي وجود، قومي وسيلن، ٻولي ۽ سياست کي ڳڙڪائي اسان سنڌين کي مجبور، لاچار، ويڳاڻو، ويچارو ۽ دائمي غلام ٿي رهڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن. ان وقت اگر حاڪمن جي ڪنن تي آزادي جا ٺڪاءُ پرلائن جي صورت ۾ سندن گهيرو ڪندي نظر پيا اچن ۽ جڏهن فڪرِ جي ايم سيد جي سوڳن کڻي آزاديءَ عشق جي قيمت چڪائڻ لاءِ جسمم جي ڳڀروئن جي چونڊ ڪئي وئي آهي. جيئن ڪلهه انگريز سامراج خلاف پير سائين پاڳاري جي حرن جي چونڊ ڪري انهن کان سنڌ جي عشق ۽ آزادي جي قيمت وصول ڪئي هئي اهڙي نموني اڄ جي سنڌ جي قومي تحريڪ کي حوصلو همٿ، بخشڻ لاءِ جسمم “مرڻ مون سي هل، پٺيءِ تو پنڌ ڪيان”، وارو رستو اختيار ڪيو آهي. ته پوءِ ڇا سنڌ جي سڃاهه ۽ شعور کي جڳائي ٿو ته هو ڌرتي جي پٽن کان لاتعلق ۽ اوپرو ۽ پري ٿي رڳو تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري؟ اڄ جڏهن سنڌ جا نوجوان ۽ فڪرِ جي ايم سيد جا پيروڪار غلامي جي صورتحال قبول ۽ برداشت ڪرڻ کان انڪار ڪري ۽ نروار ٿي بيٺا آهن. سنڌ جي سرفروش پٽن اهي اعلان ڪيا آهن ته “هوتن لاءِ هاڙ هو اجائيندس رت” ڪيو اٿن ته ٻئي پاسي رياستي ادارا نازي ۽ فاشي طريقي سان سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ قافلي خلاف روش اختيار ڪري رهيا آهن اهڙي موقعي تي قوم جي حقيقي دانشورن ۽ اديبن جو ڪردار ڪهڙو هجڻ گھرجي؟ ڇا آزادي جي مقصد ۽ منزل ماڻڻ لاءِ سر جو سانگو لاهي بيهندڙ هي سنڌ جا نوجوان پٽ ايترو به نه لهڻن جو اسان جا قومي اديب ۽ دانشور هڪ ڪلاڪ جي علامتي بک هڙتال ڪرڻ انفرادي ۽ اجتماعي طرح پاڻمرادو پريس ڪلب تي اچي اهو چون ته اسان گم ٿيلن جي ونين، مائرن، ڀينرن ۽ ٻارڙن سان انهن جي پيڙاهه ۾ برابر جا شريڪ آهيون. مان سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن کي جسمم ڪارڪنن جي لڳاتار گمشدگي واري عمل معتلق ٻڌائندي واضع ٿو ڪريان ته سنڌ امڙ جي لاءِ اسان جيڪو شمع کڻي روشن ڪرڻ لاءِ اڳتي نڪتا آهيون. ان منزل تي هلندي سنڌ ۽ سيد جي فڪر کي گواهه بڻائيندي، ساڳي طرح سنڌ جي سمورن دانشورن کي آئون گم ڪيل ۽ گرفتار ٿيل جسمم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وارثن طرفان اپيل ٿو ڪيان ته مظفر ڀٽو جيئن ته سنڌ جو سچو پٽ آهي انهن جي آزادي ۽ حياتي بچائڻ لاءِ سمورا اديب، دانشوراڄ وچن ڪن ته هو هڪ ڏينهن ڪڍي صرف پنج منٽ پريس ڪلب حيدرآباد يا پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ علامتي بک هڙتال لاءِ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو. جيڪڏهن ائين ٿيندو ته اسان سمجهنداسين ته سنڌ کي دانشورن ۽ ڏاهن، دهشت ۽ خوف واري ماحول باوجود سنڌ جو ساٿ ڏيڻ ناهي ڇڏيو.



شفيع محمد برفت
چيئرمين جسمم

حوالو؛ تعميرِ سنڌ 14 نومبر 2005

No comments:

Post a Comment