Monday 9 May 2011

سنڌوءَ جي ساڃاھ سائين جي ايم سيد


سنڌ جي غلامي جو سٽاءُ:

ھن ڪتاب ۾ مون سنڌ جي تاريخي ابتدا کان وٺي سامراج ۽ مڪاني رھاڪن جي تصاد جو ذڪر ڪري ، اھل سنڌ کي واقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته ڪيئن ماضئَ ۾ سنڌ کي مشڪلاتون درپيش آيون. انھن مان ڪھڙي طرح اھلِ سنڌ نڪري وڃي پار پيا ۽ ھن وقت ھو ڪھڙين مصيبتن مان گُذري رھيا آھن ۽ آئيندي سندن اڳيان ڪھڙا معاملا پيش اچڻ جا امڪان آھن. ان جو اختصار ھي آھي ته ماضئَ ۾ ڪھڙيءَ طرح به وڃي پار پياسون، پر ھن وقت جي حالت ھي آھي ته:
(1) سنڌي ھن وقت مھاجر پنجابي مستقل مفاد جي سامراج ھيٺ غلامئَ جي زندگي گذاري رھيا آھن.
(2) سندن جداگانه ملڪ ۽ قومي وجود کان انڪار ڪيو وڃي ٿو.
(3) سندن زبان ۽ ڪلچر جي ختم ڪرڻ لاءِ سازشون سٽجي رھيون آھن.
(4) سال بسال لکھا ماڻھن کي ٻاھران گھرائي، اصل رھاڪن جي آباديءَ جي توازن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش جاري آھي.
(5) اھڙيءَ طرح سنڌ جي اصل رھاڪن کي منظم منصوبي ماتحت ريڊ انڊين يا اڇوتن جھڙو بنائڻ جو سلسلو جاري آھي. ڀارت ۾ مرڪزي حڪومت طرفان سنڌي زبان کي زور وٺائڻ لاءِ ساليانو ھڪ ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا. ليڪن ھتي مرڪزي خزاني ۾ 80 سيڪڙو ٽيڪس اھل سنڌ طرفان ڏيڻ جي باوجود، مرڪزي حڪومت طرفان سنڌي زبان جي ترقئَ لاءِ ھڪ ڪوڏي به خرچ نٿي ڪئي وڃي.

سنڌين جي اخلاق بگيڙڻ ۽ روايات ختم ڪرڻ سان گڏ، انھن کي صوفيائي ڪرام جي محبت واريءَ تعليم جي عيوض اسلام جي نالي ۾ ھٿرادو نفرت جي تعليم ڏيئي، گمراھ ڪيو وڃي ٿو. سنڌي قومپرستن کي ھيسائي؛ سنڌين جي ملڪيتن تي ڌاڙا ھڻي، سنڌ جي وسائل کي غير سنڌين جي فائدي لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. انھن کي شھرن مان نيڪالي ڏيئي، مکيه مرڪزن مان ڪڍي، سندن جاين تي غير سنڌين کي ڪالونائيز ڪيو وڃي ٿو تنھن ڪري سنڌين ۾ بيروزگاري روز بروز وڌندڙ آھي.
وڏو ظلم اِھو آھي ته سنڌ جي خود مطلب زميدارن ، بي غيرت پيرن ، ويڪو ملن، بي ضمير سياستدانن، بزدل ۽ غدار سنڌي ڪامورن کي ھيسائي ، يا لالچ ڏيئي ، مھاجرن پنجابي سامراج جي ايجنٽ طور ڪتب آندو وڃي ٿو.
منھنجي نظر ۾ اھل سنڌ جي سامھون ھن وقت ٻه رستا وڃي رھيا آھن:
ھڪ رستو اِھو آھي ته سجاڳ ٿي، جدوجھد ڪري ، پاڪستاني سامراج کي ڊاھي ، سنڌوديش کي آزاد ڪرائي ، ان جي مستقبل روشن ڪجن.
ٻيو رستو اِھو اٿن ته اسلام ، مسلم قوم، پاڪستان جي نالي ۾ ڌوڪو کائي ، يا خريد ٿي، يا ڊڄي ، سنڌ جي ھزارن ورھين جي وطن ، ڪلچر ، شاندار روايات، محبتي مذھب جي عقيدي ، پنھنجي قومي ، سياسي ۽ اقتصادي مفاد، جداگانه ملڪ ۽ قوم جي آزاديءَ ۽ خوشحالي تان ھٿ کڻي ، صفحي ھستي تان مٽجڻ لاءِ تيار ٿين.

پھرئين مقصد (رستي) جي حصول جي راھ ۾ مون کي ھيٺيون رنڊڪون نظر اچي رھيون آھن:

1. نظريو پاڪستان: جنھن موجب پاڪستان جي رھاڪو مختلف ھزارن ورھين جي وجود ۾ آيل قومن جي جدا وجود کان انڪار ڪري، مذھب جي نالي ۾ ھتي جي مسلمانن کي ھڪ گڏيل قوم شمار ڪيو وڃي ٿو.
2. ھڪ ملڪ: برصغير ھند جي جدائي بعد مغربي ھند جي چئن جدا جدا ملڪن جھڙوڪ سنڌ،پنجاب،بلوچستان ۽ پختونستان کي گڏي ھڪ ملڪ پاڪستان جي نالي سان سڏي اُتي ڄاڻايل تاريخي ملڪن جي وجود کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
3. اسلام جي غلط تشريح: ھن ملڪ ۾ اسلام جي غلط تشريح ڪري عوام ۾ نفرت ۽ نفاق پيدا ڪري ماڻھن کي گمراھ ڪيو وڃي ٿو.
4. مسلم ملڪن جو اتحاد: مسلمان ملڪن جي اتحاد جي نالي ۾ نئين بدعت پيدا ڪري مڪاني قوميتن جو توجھ سندن حقيقي مسئلن کان ھٽايو وڃي ٿو.
5. پير، مُلان، زميدار، واپاريءَ ۽ ڪاموري کي ايجنٽ بنائي خوف ذريعي ھيسائي يا لالچ ڏيئي خريد ڪري سنڌي مفاد جي مخالفت ڪرائي وڃي ٿي.
6. اسلام، پاڪستان، مسلم قوم جي نالي ۾ سنڌي قوم پرستن جي تحريڪ کي نقصان پھچائي ، غلط پروپيگنڊا ۽ زور زبردستئَ ذريعي بزدل ۽ گمراھ بنايو وڃي ٿو.

انھن رنڊڪن کي دور ڪرڻ لاءِ ھيٺيون ڳالھيون اسان لاءِ مشعل راھ جو ڪم ڏيئي سگھن ٿيون:
1. سنڌ جي ھر ھڪ دائمي رھاڪوءَ کي پوءِ اھو نئون ھجي يا قديم، سنڌو ديش جي محبت ۽ وفاداريءَ کي پاڪستان ، اسلام ۽ مسلم قوم تي ترجيح ڏيارڻ جي تعليم سيکاري وڃي.
2. جاھل ۽ خودمطلب پير ، ويڪو ۽ صحيح اسلامي تعليم کان اڻ واقف مُلا، بزدل ۽ قومي جذبي کان خالي زميدار، لالچي ۽ سنڌيت جي احساس کان دور واپاريءَ ، سنڌي قومپرستئَ کان بي بھره رشوتي ۽ ڌارين جي غلامي ڪندڙ ڪاموري کي سڃاڻڻ، انھن کي پس پشت اڇلائو وڃي.
3. ماڻھن جي ذھن صاف ڪرڻ لاءِ کين ھيٺين سوالن تي صاف راءِ قائم ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻو پوندو:

(الف) راجا ڏاھر کي قومي ھيرو ڪري شمار ڪجي ۽ محمد بن قاسم ۽ عرب سامراج کي سنڌ دشمن ڪري سمجھجي.
(ب) سامراجي اسلامي تشريح کي رد ڪري، سنڌي درويشن جي ٻڌايل طريقي مطابق، قومپرستئَ جي بنياد تي مذھب جي نئين تشريح ڪجي.
(ت) صحيح قومپرست ان کي شمار ڪجي ، جو جناح ۽ لياقت کان ڊاڪٽر چوئٿرام جي زياده عزت ڪري.
4. سنڌو ديش جي آزاديءَ لاءِ دنيا جي ھر اداري خواه حڪومت يا گروھ جي مدد وٺڻ کان نه ھٻڪجي ، مذھب يا ڪميونزم، جي ان جي راھ رڪاوٽون بنجن ته انھن کي ڦٽو ڪجي.

سنڌيءَ جي شناخت ھيٺين ڳالھين جي ڪسوٽئَ تي ڪجي:

(1) جو به ماڻھو سنڌوديش جي آزاديءَ جو حامي ھجي ۽ پاڪستان جي وجود کي سنڌ جي آزاديءَ جي راھ جي رڪاوٽ سمجھي، ان کي سنڌي سڏي سگھجي ٿو ، پوءِ اُھو نئون آيل ھجي يا قديم ھجي.
(2) جو به ماڻھو سنڌ جي رھاڪن کي جدا قوم سمجھي ان جي سياسي ۽ اقتصادي مفاد،ڪلچر، زبان ۽ روايات جو حامي ھجي ، ۽ ان قوم۾ ضم ٿيڻ لاءِ تيار ھجي ، پوءِ اھو قديم يا نئون رھاڪو کڻي ڇو نه ھجي، اھو سنڌي سڏائڻ جو حقدار ٿي سگھي ٿو.
(3) جيڪو سيڪيولر طريقي حڪومت ۾ اعتماد رکندڙ ھجي ، اھو سچي سنڌي ٿيڻ جو لائق ٿئي ٿو.
(4) جو قوم پرستئَ کي مذھبي يا اقتصادي نظرين تي ترجيح ڏئي، ان کي سنڌي سڏي سگھجي ٿو.

اھو نھايت غلط ٿيندو ته ڪنھن سنڌ ۽ سنڌي دشمن سنڌيءَ کي سنڌين ۾ شمار ڪجي ۽ جو ٻاھريون ماڻھو دائمي طور سنڌ ۾ رھي ٿو ۽ ذڪر ڪيل اصولن کي مڃي ٿو ان کي غير سنڌي سمجھيو وڃي.



سنڌ کي غلامئَ جي ڌُٻڻ ۾ ڌڪيندڙ:

1ـ محمد بن قاسم جي نالي تي بند، رستا،ليبرريون ۽ ڪاليج قائم ڪيا ويا آھن. حالانڪه تاريخدانن کي پتو آھي ته اُن ماڻھوءَ سنڌ تي عرب سامراج قائم ڪرڻ لاءِ قبضو ڪري ، اُن مان ھزارھا مرد ۽ عورتون غلام ۽ ٻانھيون ڪري وڃي عرب ملڪن ۾ وڪيون ھُيون. سنڌ جا ڪروڙھا رپيا ڦر ڪري عرب موڪليا ھئا، سنڌ جي محافظ مھاراجا ڏاھر جي زال ۽ نياڻين سان زنا ڪئي ھئي، جنھن ڪري سندس حاڪم طرفان سزا طور ھن کي قيد ڪري مارايو ويو ھو.


2ـ محمد علي جناح ھي اُھو ماڻھو آھو، جنھن باوجود سنڌ ۾ جنم وٺڻ جي ، شخصي اقتدار جي لالچ خاطر، لاھور واري مسلم ليگ جي ٺھراءُ کي بدلائي، ”سنڌ ۽ ٻين قومي رياستن جي آزاد ۽ خودمختيار رياستن بنائڻ) جي اصولن تان ڦري، پاڪستان کي ھڪ ملڪ ۽ قوم بنائي، سنڌ جي جداگانه قوم جي وجود کان انڪار ڪيو ھو. جنھن ڪراچئَ کي سنڌ کان علحده ڪري مھاجرن جي خاص مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ زوريءَ سنڌ اسيمبلئَ جي ٺھراءُ ۽ عام راءِ جي خلاف مرڪزي حڪومت جي ماتحت آندو ھو. جنھن اُردو زبان کي زوريءَ ملڪ جي قومي زبان بنائي. سنڌي زبان کي قھري ڌڪ ھنيو ھو. جنھن لکھا مسلمانن کي ھندستان کان لڏائي، سنڌ جي ھندن کي لُٽرائي، سنڌ جي سرزمين، ڪارخانن ، دڪانن، واپار، جاين، نوڪرين ۽ بئنڪن کي سندن حوالي ۾ ڏئي، سنڌين جي اقتصادي استحصال لاءِ ماحول سازگار بنايو ھو، اُنھن حالتن جي باوجود، اُن جي قبي تي ڪروڙھا روپيا خرچ ڪري ماڻھن تي اھو اثر وھارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ھو ” قوم جو ابو“ ھو. اسپتالن ، رستن ، شھرن ۽ ڪاليجن تي سندس نالا رکي، اھو ظاھر ڪيو وڃي ٿو ته ھو محسن ملڪ ۽ محسن قوم ھو . تازو اُن جي سوء ساله سالگرھ ملھائي، ماڻھن جا ذھن گندي پروپيگنڊا ذريعي مسخ ڪري، ھڪ غاصب ۽ ”غدار سنڌ“ سياستدانن کي اعلي انسان ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ھئي. ان مان سندن مقصد صاف پڌروپئي ڏسڻ ۾ آيو ته مھاجر پنجابي مستقبل مفاد سامراج برپا ڪندڙ حق بجانب ھو ۽ ھر اُھو ماڻھو جو سنڌ دشمنئَ جا ڪم ڪري ٿو، سو عزت جي لائق بنجڻ جو حقدار ھو.


3ـ لياقت علي خان اصل ۾يورپي جو رھاڪو ھو، مھاجر جو مکيه رڪن ھو ، فرعون صفت ھئڻ ڪري سنڌين کي حقارت جي نظر سان ڏسندو ھو، جڏھين سنڌين جو ھڪ وفد وٽس سنڌ جي ڪلچر ۽ زبان جي حفاظت واسطي سيد علي اڪبر شاھ صدر مسلم ليگ جي اڳوائيءَ ۾ عرض ڪرڻ لاءِ ويو ھو ته ھن چيو ته : ” سنڌين جو ڪھڙو ڪلچر ھو، ھو اُٺن ڪاھڻ ۽ گڏھن ھڪلڻ وارا ماڻھو ٿي رھيا آھن.“ اھڙيءَ طرح ھن سنڌي تھذيب لاءِ حقارت جو اظھار ڪيو ھو. اِھو اُھو ماڻھو ھو جنھن ٻاھران ھندستان کان منظم طريقي سان مسلمانن کي لڏائي آڻڻ خاطر سنڌ جي رھاڪو ھندن خلاف پنھنجھي ماڻھن ھٿان فساد ڪرائي ھندن کي لڏرائي انھن جي جاين تي لکن جي تعداد ۾ ھندستان کان مھاجر لڏائي اچي سنڌ کي ڪالونائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.اُن سنڌ جي حقن جي حفاظت ۽ ھندن کي پناھ ڏيڻ جي پاداش ۾ خان بھادر محمد ايوب کھڙي، سنڌ جي وزير اعلي کي ڪوڙي ڪيس ھيٺ جيل ۾ وڌو ھو ۽ ايبڊو ھيٺ ھن کي وزارت مان خارج ڪيو ھو. ان جي سنڌ سان ظلمن جي داستان جو ” ھيڏا ھاڃا ٿين. بري ھن ڀنڀور ۾“. ۽ ”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ“ ڪتابن پڙھڻ مان پتو پئجي سگھي ٿي. اھڙي سنڌ دشمن ماڻھوءَ جي نالي رستا تعمير ويا آھن،اسپتالن تي سندس نالا رکيا ويا آھن؛ مارڪيٽن ، ڪاليجن ، ڪالونين تي سندس نالا رکي ، سنڌين جي غيرت کي للڪاريو ويو آھي. ان جي قبر کي زيارت گاھ بنائي ماڻھن تي اھو ذھن نشين ڪيو وڃي ٿو ته ھي ڪو اعلي انسان ھو. کيس ”قائد ملت“ جي خطاب سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

4ـ ميان غلام محمد خان پنجاب جو ويٺل ، انگريز سول سروس جو ماڻھو، جنھن ڪڏھن به سياست ۾ بھرو نه ورتو ھو. ان کي جناح صاحب قابل عملدار سمجھي پاڪستان بنجڻ کان پوءِ وزارت ۾ کنيو ھو. لياقت علي جي مارائڻ ۾ ھن جو وڏو ھٿ ھئڻ جي گفتگو زابان زد عام پئي رھي آھي. لياقت علئَ جي ائين جارجڻ کان پوءِ ميان ناظم الدين اھل پنجاب کي رضامند ڪرڻ خاطر کيس گورنر جنرل بنايو ھو.ان ڪي ذمي ھيٺيان خاص ڪم شمار ڪري سگھجن ٿا.

(الف) ھن آئين ساز اسيمبلئَ کي ٽوڙي چونڊيل وزيراعظم کي ڊسمس ڪري ٻاھران ھڪڙو غير نمائنده ماڻھو آڻي اُ کي وزيراعظم ڪري رکيو ھو ۽ اھڙيءَ طرح جمھوريت جي پارليامينٽري اصولن کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو ھو.

(ب) ھن زوريءَ سنڌ ۽ ٻين صوبن کي مغربي پاڪستان ۾ جذب ڪري ون يونٽ قائم ڪرايو ھو، جنھن کي نيٺ تجربي بعد نقصانڪار سمجھي ختم ڪيو ويو.

(ت) ھن پنجابين کي سنڌ جي بئراجن ۽ مکي ڍنڍ جي ايراضين ۾ زمينون ڏياري، سنڌ ۾ ڪالونائيز ڪرڻ جي شروعات ڪئي ھئي.

(ث) ھن لياقت علي خان وزيراعظم پاڪستان کي پنھنجي حوارين ھٿان مارائڻ سان سياسي قتل ڪرائڻ جي بدعت رائج ڪئي ھئي.

(ج) جنھن سنڌ جي چونڊيل وزيراعلي، مسٽر عبدالستار پيرزادي کي ڊسمس ڪري ، ايبڊو ھيٺ خارج ٿيل ماڻھوءَ کي ان جي جاءِ تي نامزد ڪيو ھو.

اھڙي مانھوءَ جو ڪوٽڙي بئراج تي نالو رکي سندس اھڙن ڪارنامن کي ساراھڻ ڪيتري قدر جائز ھو!

5ـ جنرل جان جيڪب: انگريزن سنڌ کي زوريءَ فتح ڪري سندن سامراج ھيٺ آندو، جو ڪم سر چارلس نيپئر ڪيو ۽ ان جو مکيه جنرل جان جيڪب ھو.انگريزن ان جي يادگار قائم رکڻ لاءِ اپر سنڌ ضلعي جي ھيڊ ڪواٽر واري شھر تي جيڪب آباد نالو رکي، سال بسال اُن جي ياد ملھائڻ لاءِ اتي ميلا لڳائڻ جو رواج وڌو ھو. ملڪ جي آزاديءَ بعد اميد ھئي ته انگريز سامراج جي يادگارن کي مٽايو ويندو، پر ائين نه ڪيائون جيتوڻيڪ پنجاب مان مانٽيگمري شھر تان نالو مٽائي ساھيوال رکيوويو آھي پر اھل سنڌ کي ڪمزور سمجھي اتي ساڳيو سامراجي يادگار نالو ۽ ميلي جو دستور قائم رکيو وڃي ٿو.

اھي مختصر حقيقتون آھن. جن ڪري آھستي آھستي ٿي مون تي ذھن نشين ٿيڻ لڳو ته ھي مھاجر پنجابي مستقل مفاد سندس سامراج کي قائم رکڻ لاءِ ڪھڙيءَ طرح سنڌين کي سندن غلامئَ تي رضامند رکڻ لاءِ سنڌ دشمنن سامراج جي حامين اھڙا ڪارناما ڪيا آھن...


سنڌوءَ جي ساڃاھ
سائين جي ايم سيد

No comments:

Post a Comment