Thursday 5 May 2011

سنڌو ديش مقدر آ. سائين جي ايم سيد رھبر آ


   






             

                         
                                               الله اورانھون ڇڏي...!

    خدا کي انسان جي ضرورت ھئي يا انسان کي خدا جي ضرورت ۽ ڪنھن؛ ڪنھن کي تخليق ڪيو آھي، خدا انسان کي يا انسان خدا جي تصور کي ، اھو معمو انسان جي شعور، سمجھ ۽ آگھئَ جي اعلي ترين مرحلن جي طئه ٿيڻ سان پنھنجي آخري انجام تائين ھڪ ڏينھن ضرور پھچڻو آھي. فلسفي ڏاھا ، درويش ۽ مدبر ان سلسلي ۾ پنھنجي علم، ڏاھپ، آگھي ۽ ادراڪ جي روشنئَ سان ان گپت ڪھاڻئَ جي ڳولا ۾ مصروف آھن،ٻئي طرف بندي ۽ خدا جي ڪيفيت جي ڪشمڪش مٽئَ جي مورتي ۾ جاري آھي، ھڪ طرف انسان جو جسم خاڪي آھي جنھن مٽئَ جي مورت کي پنھنجون انائون، گھرجون، ڪاوڙ ، ڪروڌ، کاڌي پيتي جي اڻ تڻ، ننڊ آرام، آسائش ۽ آرائش جي بي پناھ طلب آھي، ان کي پنھنجي سماج مادي حالتن، تھذيب ۽ وجود مان کوڙ ساريون، جبلتون ميسر ٿيل آھن، جڏھن ته ٻئي طرف فرمانِ الاھي اھو پڻ آھي ته: ”اي بندا مان تو کي تنھنجي ساھ جي رڳ کان وڌيڪ ويجھو آھيان.“

ڪيڏي نه مٽئَ جي مورت جي عزت ۽ عظمت آھي جو خدا فرمائي ٿو ته مون تو ۾ پنھنجو روح ڦوڪي پوءِ خلقيو آھي ۽ پنھنجو پاڻ کي تو ۾ اتيو اٿم. اصل ۾ اتان کان ئي ڏاھپ، ادراڪ ، سمجھ ۽ فھم جو ناسمجھي، جھالت، اڻڄاڻائي ۽ تيسي سان جنگ ھلندڙ آھي.

انساني وجود جي اصل جدليات (جوھر ۽ جوڙجڪ) اھا آھي ته ھڪ طرف اھو مٽئَ جي مورت آھي ته ٻئي طرف اھو خدا جو پاڪ روح پڻ آھي. انھن ٻنھي شين کي ڳوھي ملائي ھڪ ھنڌ گڏ ڪيو ويو آھي، ٻنھي جي ڪشمڪش ۽ جھيڙو ازل کان ھلندو ٿواچي ۽ اھا ھڪ اھڙي ڳجھارت آھي، جنھن کي ھزارين ۽ لکين سالن کان ڏاھا ، فلسفي ۽ مدبر حل ڪرڻ لاءِ جتن ڪري رھيا آھن، ان ڳجھارت جي سلجھائڻ لاءِ ھزارين سالن کان جيڪا ڪوشش اوليائن ، ولين ، پيغمبرن ، درويشن ، جوڳين ، سامي ، رشي ڪندا رھيا آھن، جن جي انھن ڪوششن کي پاڻ مذھبن جو نالو ٿا ڏيون. مذھب معني عقل، فھم ۽ ڏاھپ جون اھي ڳالھيون جيڪي وقت ۽ حالتن سان گڏ مقدس بنجي ويون آھن، اھي ڳالھيون جيڪي انھن سماجي حالتن ۽ بيھڪ موجب اسان جي بزرگن کي درست لڳيون ٿي ۽ انھن سماج جي ڀلائيءَ ۽ بھتريءَ لاءِ انسان ذات کي آگاھ ڪيون ھيون، اصل ۾ مذھب بنيادي طرح ” لھرن لک لباس، پاڻئَ پسڻ ھيڪڙو“ وراي فلسفي جو تت آھي ته ٻئي طرف وري ڏسجي ٿو ته مٽئَ جي مورت ۾ مالڪ ”پاڻ پسڻ آيو پنھنجو تماشو“ جيئن ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ھن بندي جي روپ ۾ ان مٽئَ جي پتلي ۾ اچي پناھ ورتي آھي، ” جيڏانھن ڪر نظر تيڏانھن صاحب سامھون“ آھي، پر اھا ڳالھ نڀاڳن ملن ، پادرين ۽ پنڊتن کي ڪڏھن به پلئه نه پئي “ چي جھاد ٿا ڪيون! اڙي نڀاڳا مالڪ ٿو چئي ته ” مون ۾ آھين تون ، متان تنھنجو ئي توکي لڳي“ يا چئي ٿو ته ” اندر تون اُجار پنا پڙھندين ڪيترا“ ھي قرآن، گيتا ، انجيل ، توريت ، زبور ڪنھن ڪنھن کي ڪيترو پڙھندين، اصل ڳالھ اندر اُجارڻ، سمجھڻ ۽ پروڙڻ جي اٿئي ، ڇو ته مالڪ ته مندرن، مسجدن ۽ چرچن ۾ رھيوئي ڪو نه ٿي، ھو ته ماءُ جي ممتا ۾ ، معصومن جي مُرڪن ۾ ، محبوبن جي ادائن ۾ ۽ غريبن جي دلين ۾ ٿي رھيو. ھر شئَ ۾ سندس ديرو ۽ مقام ھو. ھوءَ ازل کان آھي ۽ ابد تائين رھندو. اھا ڳالھ سائنس به ثابت ڪئي آھي ته ھر مادي شئي ساھ واري آھي، اھا تحرڪ ۾ رھي ٿي، اھا فنا نه ٿي ٿئي ۽ مادو ازل کان آھي ۽ ابد تائين رھندو ۽ مادو غيبي طاقت رکي ٿو. ھاڻ جيڪڏھن انسان ۾ خدا جو روح ڦوڪيل آھي ته پوءِ مادي ۾ به خدا جو روح ۽ شڪتي آھي، ان ڪري سنڌي صوفين ۽ درويشن جي نظر ۾ جيئن بندو ۽ خدا جدا جدا ناھن، ائين مادو ۽ خدا ڀلا جدا ڪئين ٿا ٿي سگھن؟
” پڙاڏو سو ئي سڏ، ور وائئَ جو جي لھين،

ھئا اڳي ئي گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا...“

ھن ڪائنات جا اصولن سبب ، شڪتيون اصل ۾ انسان لاءِ ڌڻي تعالي آھن. مُلي جو خدا ۽ عقل ، فھم ۽ ڏاھپ وران جي خدا ۾ فرق آھي. صوفين ، درويشن واري خدا ۽ ظالمن، جابرن واري خدا ۾ فرق آھي، جھالت، جنون، جھادين جي خدا ۽ ماڻھپي ، انسان پڻي ۽ خلق خدا جي ٻاجھ واري خدا ۾ فرق آھي، جيڪو فرق ھزارين سالن کان اسان سنڌين کي اسان جا صوفي بزرگ، ڏاھا ، شاھ لطيف، سچل سائين ، سامئَ، سائين جي ايم سيد، علام آءِ آءِ قاضي ، شاھ عنايت ، قلندر ۽ وتائي فقير جي روپ ۾ ٻڌائيندا ۽ سمجھائيندا رھيا آھن. انھن سمورن بزرگن جي تعليم جو محور ۽ مرڪز انساني ڀائپي، رواداري، ماڻھپي جي بلندين تائين رسائي تائين پھچڻ ھو.

اڄ انساني ماڻھپي کان وڏو ڪو به مذھب ناھي، سنڌ جنھن ” شِوَمھاراج“ ۽ ” شڪتي ديوي“ جو تصور ڏنو، جنھن جو مقصد انسان ذات کي خدائي فلسفي، ماڻھپي کان آگاھ ڪرڻو ھو ۽ اسان سنڌين جو خدا ”شِوَ مھاراج“ ۽ ”شڪتي ديوي “ رھيا آھن. جن جو نقل ڪندي عربن ” آدم ۽ حوا“ جو تصور تخليق ڪيو. اھو آدم جيڪو سنڌي فلسفي آتما مان ڦري آتم ۽ بعد ۾ آدم ٿيو آھي. سموري انساني تھذيب، شناس ، فھم ۽ ادراڪ جون سوچون سنڌ مان دنيا ۾ ڦھليون. شِوَ مھاراج جيڪو اسان سنڌين جو خدا، قومي ھيرو ۽ فلسفو رھيو آھي، جنھن تان سموري انسان ذات کي عقل ۽ فھم جا انيڪ موتي نصيب ٿيا آھن. قديم مصر، ميسوپوٽاميه ، دجله ، فرات ۽ يونان تائين سنڌ جي فڪر ۽ فلسفي جا جوھر سفر ڪندا رھيا آھن. ھڪ جامع راءِ اھا پڻ آھي ته عربن وارو ”ابراھيم“ لفظ اصل ۾ سنڌي ”برھمڻ“ مان نڪتو آھي، جيڪي سنڌي واپارين سان گڏ عراق، يسرب ۽ مصر تائين پنھنجي مذھب ، فڪر ۽ فلسفي جي ڦھلاءَ لاءِ ويندا رھيا آھن، انھن کي عربن برھمڻ مان ڦيرائي ابراھيم بنائي ڇڏيو ھو. نه ته عرب جاھلن کي ڪھڙي خبر ته خدا ۽ پيغمبر ڇا ٿيندا آھن. اسان جي انھن مفڪرن کي دنيا تائين پنھنجو پيغام رسائڻو ھو، جيئن دنيا کي امن، سڪون ، آرام ، مادي ترقي ۽ ڀائيچارو ميسر ٿئي . سنڌ جي موھن جي دڙي جا آثار ان ڳالھ جي گواھي ڏين ٿا ته سنڌي واپار، فڪر ، فلسفي، ڏاھپ، شھري زندگي ، قانون، فلڪيات، حسابن، جھاز راني جا ڄاڻو ۽ ڦيٿي جا ايجاد ڪندڙ ھئا، اڄ ان سرزمين سنڌ کي مذھبي ڪٽرپڻي ، غلامئَ، ذلت، استحصال ۽ ڦرلٽ جو شڪار بنايو پيو وڃي. ھن وقت سنڌ سميت پوري دنياکي جنھن مذھبي رواداريءَ، سھپ، برداشت جي ضرورت آھي، ان وقت مذھبي آپي مان نڪتل ماڻھو انسان ذات کي خدا جي نالي ۾ ماري قتل وغارتگيري ڪري رھيا آھن، سنڌي قوم وٽ جيڪو انسان ذات لاءِ امن، سلامتي، سک ۽ شادابئَ جو پيغام آھي ، ان جي جيڪا اڄ دنيا کي ضرورت آھي، اھا ھن کي اڳ ڪڏھن به ناھي رھي. اھڙي وقت ۾ جڏھن پنجاب سامراج سنڌ کي غلام رکڻ سان گڏ ان کي مذھبي ڪٽرپڻي ۾ ڌڪڻ جو سازشون ڪري رھيو آھي، پنجاب دنيا جي اڳيان سنڌ جو انسان دوست ، صوفي ۽ ماڻھپي واري چھري کي بگاڙي پيش ڪرڻ ٿو چاھي ته جيئن سنڌ جو قومي ڪيس مذھبي جنون ۽ ڪٽرپڻي جي وَر چڙھي وڃي، جيئن ڪشميرين پنھنجو قومي ڪيس مذھبي رنگ جي ڪري خراب ڪري ڇڏيو آھي. ان ڪري اسان جيئي سنڌ متحدا محاذ طرفان سنڌ جي نوجوانن ۽ دنيا کي اھو ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته اسان سنڌي مذھبي جنون ۽ جھالت جا حامي ڪڏھن به ناھيون رھيا، اسان جو ايمان انساني ماڻھپي ۽ رواداريءَ ۾ رھيو آھي...
”اسان آدم ڪنون اڳي ھئاسين، آدم ساڍا ڄايا اي“
                                                                                 توھان جو پنھنجو
                                                                                  شفيع محمد برفت
                                                                                        چيئرمين
                                                                                جيئي سنڌ متحدا محاذ

No comments:

Post a Comment