Friday 6 May 2011

شهيد هيمون ڪالاڻي

شهيد هيمون ڪالاڻي




شهيد هيمون ڪالاڻي

”ڦاهي جو ڊپ ڪانئرن کي ٿيندو آهي، جيڪو پنهنجو ضمير چانديءَ جي سڪن عيوض وڪڻي ڇڏيندو آهي، موت جو نالو وٺي مون کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش نه ڪريو، معافي مان تڏهن وٺان جڏهن مون پنهنجي عمل کان پڇتايو هجي، پر مون کي ته پنهنجي عمل تي فخر آهي ۽ جي زندهه رهيس ته اهڙا ڏوهه بار بار ڪندو رهندس، انگريز سامراج کان معافي گهري اُڌاري ورتل زندگيءَ کان آزادي لاءِ مون کي قبول آهي، موت سورهين جو مرڪ آهي ۽ بزدل ماڻهو ئي موت کان خوف کائيندا آهن.“ مٿيان لفظ سنڌ جي انهيءَ عظيم امر شهيد هيمون ڪالاڻيءَ جا آهن، جيڪي هن ان وقت چيا هئا، جڏهن کيس معافي وٺي جان بچائڻ جي صلاح ڏني وئي هئي.

هيءَ 1942ع جو زمانو هو، ان وقت سموري هندستان ۾ ڪانگريس پارٽي ”انگريز هندستان خالي ڪريو“ جو نعرو ڏئي انگريزن خلاف سول نافرمانيءَ جي تحريڪ شروع ڪئي هئي ته وري ٻئي پاسي ڀڳت سنگهه جي تحريڪ سموري هندستان تي پنهنجا اثر ڇڏيا هئا ۽ ڀڳت سنگهه نوجوان دلين جو هيرو بنجي پيو هو، ته ٽئين پاسي وري سنڌ ۾ حر گوريلا تحريڪ انگريز سامراج لاءِ تمام وڏو مسئلو کڙو ڪيو هو، جنهن ڪري انگريز سامراج ان وقت سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي ۽ سرڪار جا چمچا ملڪ جي هر گهٽيءَ ۾ پيا آزادي پسندن جي ڳولا ڪندا هئا. جڏهن آزاديءَ جا متوالا سواءِ ڪنهن خوف جي پنهنجي سرگرمين کي جاري رکندا پي آيا، ان وقت سنڌ جي نوجوانن پنهنجون انقلابي سرگرميون به تيز ڪري ڇڏيون، اهڙن ئي نوجوانن مان هيمون ڪالاڻي به هڪ هو.

هيمون ڪالاڻي جنهن جو جنم پراڻي سکر ۾ 23 مارچ 1923ع تي ٿيو هو، ان وقت هو، اڻويهه ورهين جو ڳڀرو نوجوان هو ۽ هن جي دل ۾ به وطن جي آزاديءَ جو درد سمايل هو ۽ هو به پنهنجي جان وطن تان نڇاور ڪرڻ لاءِ تيار هو. ان وقت هو پنهنجي نوجوان ساٿين سان گڏ انقلابي سرگرمين ۾ مشغول هو ته هن جي دوستن کي خبر پئي ته 23 آڪٽوبر 1942ع تي سکر مان انگريز سامراج جي هڪ ٽرين جنهن ۾ فوجي گولا بارود ۽ ٻيو جنگي سامان هوندو، سکر وٽان گذرندي هيمون ۽ ان جي ساٿين انهيءَ ٽرين کي ڪيرائڻ جو منصوبو ٺاهي ورتو ۽ جڏهن اُهي پنهنجي منصوبي موجب مقرر تاريخ ۽ وقت تي ٽرين جي اچڻ کان ٿورو اڳ ريلوي پٽڙيءَ کي اکيڙي رهيا هئا ته انگريزن جي هڪ جاسوس انهن کي ڏسي ورتو. هيمونءَ جا ٻيا ساٿي ته نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پر هيءَ پنهنجي ڪم ۾ ايترو ته مست ۽ مگن هو جو هن کي سرڪاري اهلڪار جي اچڻ جي خبر نه پئي ۽ هيمون کي گرفتار ڪيو ويو.

گرفتاريءَ کانپوءِ هڪ پاسي ته هن تي هر قسم جو ٽارچر ڪري منصوبي ۾ شامل ٻين دوستن جا نالا پڇڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ته ٻئي پاسي مٿن اهو دٻاءُ وڌو ويو ته هو انگريز سرڪار کي معافي نامو لکي ڏئي ته کيس معاف ڪيو ويندو پر هيمون معافي نامو ڏيڻ کان انڪار ڪيوڍ.. جنهن ڪري هيمون کي مارشل لا ڪورٽ موت جي سزا ٻڌائي ۽ ائين سنڌ جي هن سورهيه سرويچ کي 21 جنوري 1943ع تي صبح جو سوير سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاسيءَ جي سزا ڏني وئي. بظاهر ته انگريز سامراج هيمونءَ کي شهيد ڪري اهو سمجهيو ته هنن وطن جي آزاديءَ جي هڪ ارڏي سپاهي کي موت جي ننڊ سمهاري انگريز سامراج خلاف اٿندڙ بغاوت کي ختم ڪيو آهي پر حقيقت انهيءَ جي ابتڙ هئي هيمون جي ڦاسي گهاٽ ۾ لڳايل نعري ته ”انگريزو منهنجو وطن خالي ڪريو“ جي پڙاڏي جي گونج اهڙي هئي، جنهن ٻيا هزارين هيمون پيدا ڪيا ۽ نيٺ انگريز سامراج کي هيءَ ڌرتي خالي ڪرڻي پئي.

الطاف ملڪاڻي

No comments:

Post a Comment