Monday 30 May 2011

جسمم چيئرمن شفيع محمد برفت جو پيغام جيڪو سنڌ يونيورسٽي ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ياد ۾ ٿيل ميڙاڪي ۾ پڙهيو ويو



       
ها اڃان منهنجي ڌرتي جي پهاڙن کي چئو
 اوچا رهن ڇو ته منهنجو ڪنڌ جهڪڻو ڪونه آ

نوجوان شاگرد ساٿيو!
جيئي سنڌو ديش جيئي رهبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد


اڄ توهان سڀ سنڌ جا بهادر ڳڀرو نوجوان انهي ڌرتي جي فرزندن جي شهادتن جي ڏهاڙي کي ملهائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيو جن کي 17 آڪٽوبر يا ٽوڙهي جي شهيدن جي نالي سان هر سال ياد ڪندا آهيو. 17 اڪٽوبر 1984ع اهو ڏينهن جنهن ڏينهن سنڌ جي پنج ڳڀرو جوانن کي پنجابي سامراج جي فاشي ۽ يزيدي فوج ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ هٿيارن جا منهنکولي انتهائي بي دردي سان شهيد ڪيو هو.

اي ڌرتي توکي ڀيٽ ڏنا، ڪنهن لڙڪ ڦڙا ڪنهن ماڪ ڦڙا؛

جن توکي پنهنجو سيس ڏنو سي سڀ کان پاڻ ملهائي ويا.

هي عظيم سنڌ ڌرتي جا اهي اڙٻنگ ۽ اربيلا نوجوان هئا، جن پنهنجي رت جو ريج ڏيئي غلامي جي گھري ننڍ ۾ ستل پوري سنڌي قوم جون اکيون کولي ڇڏيون.ڇو ته اهو دور نظرياتي ڇڪتاڻ وارو دور هو. اهو دور قومي مفادن جي پاسي، حق ۽ صداقت
جي پاسي ليڪو ڪڍي بيهڻ جو دور هو. اهو دور پاڪستاني رياست جي نام نهاد ڪوڙي نظريي کي ڌڪاري تاريخ جي سچاين سان بيهڻ ۽ نڀائڻ جو دور هو ۽ سموري سنڌ ان وقت ڄاڻي چڪي هئي ۽ اڄ اهو بار بار ثابت ٿي چڪو آهي ته تاريخ جو سچ، تاريخ جي صداقت ۽ تاريخ جي لازوال سڏ جو ٻيو نالو فڪرِ سائين جي ايم سيد آهي ۽ توهان مان سمورا پارکو نوجوان اهو ڄاڻيندا هوندا ته هن فاشٽ رياست جي 63 سال جي ڄمار ۾ ان جي سموري نظرياتي، تاريخي، سياسي جوازن، ملن، ڪميونسٽن، جمهوريت جي دعويدارن، اسلامي نظام جي جاهل ٽولي خلاف صرف سيد جو فڪر ۽ فلسفو ئي هو جنهن ان تي ڄمي ڪوڙي ڪوٽ کي ڪيرايو. ۽ تاريخ اڄ اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته سيد جو فڪر ئي سچاين جي عظمتن کي حاصل ڪرڻ جواڪيلو مجاز آهي. باقي سموريون سياسي هيراڦيريون ان جي اڳيان ڪا به معني نٿيون رکن.

نوجوان ساٿيو!
اڄ جڏهن سموري دنيا مذهبي بنياد پرستي، ملائيت، جنون، جهادي جهالت ۽ فتني فساد جي ور چڙهيل آهي هن وقت سموري دنيا جا ڏاها ۽ فلسفي، سياستدان ۽ تاريخ نويس، مدبر ۽ انساني ماڻهپي ۾ ويساهه رکندڙ ذهن حيران آهن ته ڪيئن نه هزارن سالن کان مذهبي رواداري، انسان دوستي، ماڻهپي، سهپ ۽ برداشت وري سوچ کي سنڌ پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيو آهي. ڪيئن نه سنڌي قوم 30 هزار سال پهرين شيو مهراج“ ۽ ”شڪتي ديوي“ جي خدائي تصور کي دنيا اڳيان روشناس ڪرايو ۽ پوري انسانذات کي پنهنجي فڪر ۽ فلسفي کان منور ڪيو. ڪيئن نه موهن جي دڙي جي دراوڙي تهذيب جيڪا سنڌي قوم جي شهري رياست جو دنيا ۽ انسان ذات ۾ پهرين ابتدا هئي سنڌي سياسي، سماجي، اخلاقي، معاشي، قانون جوڙي انسان ذات کي تهذيب فراهم ڪئي. ان کان پوءِ واري تاريخ ۾ ڏسو ته شاهه لطيف کان سچل تائين، سامي کان شيخ اياز تائين، استاد بخاري کان حليم باغي تائين، سائين عطا محمد ڀنڀري کان ابراهيم جويو تائين، راشد مورائي کان منشي ابراهيم تائين ۽ سائين جي ايم سيد کان خاڪي جويو تائين سنڌي قوم جي شاعرن اديبن ۽ قومي رهبرن تائين ڪيئن نه انساني ماڻهپي جي سربلندي اتحاد انساني امن عالم ترقي بني آدم ۾ بقا باهمي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. ان حوالي سان ڏٺو وڃي سنڌي قوم نه صرف انسان ذات جي ماضي جي شاندار روايتن جي اهڃاڻ رهي آهي پر ڌرتي جي امن سلامتي بقا ۽ آئندي جي انساني محفوظ مستقبل لاءِ پڻ اگر ڪنهن قوم وٽ ڪو پيغام فڪر، سوچ ۽ فلسفو آهي ته اها صرف سنڌي قوم وٽ آهي اهو ئي سبب آهي ته سائين جي ايم سيد سنڌوديش جي آزادي کي دنيا جي امن ۽ سلامتي لاءِ انتهائي لازمي قرار ڏنو هو.سنڌو ديش جي آزادي جو فڪري بنياد به سائين جي ايم سيد هن ئي سنڌ يونيورسٽي ۾ رکيو هو جنهن ته اڄ قومي تحريڪ عمل ڪري رهي آهي. اڄ جيئي سنڌ متحده محاذ سنڌو ديش جي آزادي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي ان کان پوري قوم ۽ خاص ڪري سنڌ جا نوجوان چڱي ريت واقف آهن اڄ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ياد ۾ توهان نوجوانن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جسمم طرفان هي جيڪو پروگرام منعقد ڪيو آهي آئون
توهان ڌرتي جي سمورن باشعور پٽن سان پنهنجو اهيو عزم ڌهرائيندي واضع ٿو ڪريان ته سنڌو ديش جي آزادي لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين جدوجهد ۽ قومي مزاحمت ڪندو رهندس ۽ توهان نوجوانن کان پڻ اهيو وڃن وٺڻ ٿو چاهيان ته توهان سنڌو ديش جي آزادي لاءِ پنجابي سامراج خلاف جوٽيل هن جنگ ۾ ڪاميابي جي آخري گھڙي تائين ڇا اسان جو ساٿڏيندو........!!!!! نوجوان شاگردو ڇو ته شهيدن جي رت سان انصاف ڪرڻ جو اهو ئي واحد طريقو آهي ته اسان انهن جي فڪري مشعل کي روشن رکون ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻلاءِ دشمنن سان جنگ جوٽي مادرِ وطن کي آزاد ڪرايون....



اوهانجو پنهنجو
شفيع محمد برفت
چيئرمن جيئي سنڌ متحده محاذ

No comments:

Post a Comment