Friday 6 May 2011

جهاد ڪرڻ - سائين جي ايم سيد



 عربن پنهنجي غريب ۽ کٽل سوسائيٽي کي شاهوڪار بنائڻ ۽ مذهب جي وڌائڻ جي بهاني تي ٻين ملڪن کي زوريءَ فتح ڪري پنهنجي سامراج بنائڻ لاءِ جهاد کي شريعت اسلام موجوب مذهبي جزو بنائي ڇڏيو. هنن غلط پروپگنڊا وسيلي مسلمانن تي واضح ڪيو ته ٻين ملڪن تي حملا ڪري اُنهن کي تسلط هيٺ آڻڻ. اُتان جا وسائيل پنهنجي مفاد لاءِ ڪتب آڻڻ، ۽ ٻانهن ۽ ٻانهين هٿ ڪرڻ لاءِ جهاد ڪرڻ ثواب جو ڪم هو. ان وسيلي بهشت ملڻ جو آسرو هو ـ جت کين حورون، غلمان (نوجوان سهڻا ڇوڪرا) ، محلات ۽ هر قسم جي عيش جو سامان ملڻا هئا. بهشتي زندگيءَ جو تخيل اهڙو پيش ڪيو ويو، جتي دائمي زندگيءَ ۾ هر طرح جو عيش عشرت ملڻ جو حرص ڏياريل هو ـ مثلن: اھتي آرازم (ننڊ) ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي، اُتي ماڻهو سدائين جوان هوندا، هنن جي شهواني طاقت نهايت وڌي ويندي، ايتري قدر جو حقيقي زالن کان سواءِ ستر حورن ۽ ڏهن غلامانن جي پورائي به ڪري سگهندا. بهشت جي تشريح ۾ حورن جي نازڪ بدنن ۽ مردن جي جنسي طاقت جي واڌاري جو ذڪر اهڙي فحش انداز ۾ ڪيو ٿي ويو، جنهن مان اهو مطلب ٿي نڪتو ته بهشت، فحش ڪاريءَ جو هڪ اڏو ٿي ڪم اچڻو هو ـ
ٻين ملڪن کي فتح ڪري عرب سامراج هيٺ آڻڻ کي ثواب جو ڪم سمجهي، اُن لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳا ته ”ميدان جهاد“ ۾ شهيد ٿي مرن اِنهيءَ نقطي نگاھ کي مدنظر رکي، مسلمانن ” اسلام، سلامتيءَ ۽ امن واري دين“ جي نالي هيٺ هر طرح جا ظلم ڪيا، ملڪن ۽ قومن کي ڦريو لٽيو، پرايون زالون ٻانهيون بنائي ، ساڻن زنا ڪرڻ کي جائز سڏيو، ۽ فتوائون ڏيئي غير مسلم ملڪن کي فتح ڪرڻ جائز ٺهرايو. اُن جو اثر اهو نڪتو ته نه صرف غير مسلم ملڪن سان جنگيون ڪري قل عام ڪيائون، پر مسلمانن هڪ ٻئي جو (اسلام جي نالي ۾) خون وهايو، ڦرلٽون ڪيون ـ
ٻين سکين ملڪن جي رهاڪن ۽ حڪومتن کي (پنهنجي حملي جي جواز پيدا ڪرڻ لاءِ) لکيو وينديو هو ته اسلامي قبولي، عرب حاڪمن جا تابعيدار ٿي، سندن ماتحت رهن، ٻيءَ صورت ۾ مٿن حملو ڪيو ويندو. اھن بعد انهن ملڪن تي حملا ڪري، هزارين ماڻهو ناحق قتل ڪري، ملڪ کي ڦري لُٽي، اُتان جا مرد ۽ زالون غلام بنائي، عربن ۾ ورهايا ويندا هئا، ڄڻ سندن پيءُ ڏاڏي جي ملڪيت هئي ۽ اسلام خاص آيو ئي انهن ڪمن لاءِ هو. پوءِ اُنهن مفتوح ماڻهن کي مجبور ڪري سندن دين بدلارايو ويندو هو، عرب نالا رکايا ويندا هئا ۽ عرب نسل مان سڏائڻ تي آماده ڪيو ويندو هو. اهڙيءَ طرح اُن دين فطرت جي نالي ۾ طرح طرح جا ظلم ڪيا ويندا هئا. تاريخ پڙهي ڏسبي ته پتو پئجي ويندو ته ان اسلام جي علمبردارن مذهب جي نالي ۾ ڪهڙا نه برا ڪم ڪيا. مسلمانن کي اڃا به شرم ڪونه ٿو اچي، جو اجرن ڪارنامن کي مروج ڪندڙ جي حڪومت کي ”بهترين دور حڪومت“ ۽ ”حڪومت الاهيه جو دور“ سڏي، اُن تي فخر ڪندا رهن ٿا ـ

سنڌوءَ جي ساڃاھ - سائين جي ايم سيد

No comments:

Post a Comment