Wednesday 22 June 2011

جي ايم سيد: عبدالواحد آريسر

جي ايم سيد
عبدالواحد آريسر

جي ايم سيد بنيادي طرح صوفي آھي، شروع کان وٺي سندس طبيعت توڙي سياست تي تصوف جو اثر غالب عنصر جي حيثيت ۾ رھيو آھي. اھو ئي سبب آھي جو صوفين جون بنيادي خصوصيتون ، امن پسندي ، انساني دوستي ، رواداري ، عدم تشدد ۽ سادگي ، نالي ، شھرت ۽ اقتدار جي خواھش کان بي نيازي جي ايم سيد جي زندگي جون لازمي وصفون بنجي ويون آھن.

صوفين جو ھڪڙو گروھ رھيو آھي، جنھن کي انارڪسٽ  (Anarcist) سڏيو وڃي ٿو. انھن جي طبيعت ، طريقي ۽ عقيدت ۾ سماج ، معاشري ۽ ماحول جي ھر شئَ کان بغاوت سا به کليل لفظن ۾ ھوندي آھي . اھڙي گروھ وٽ صرف تخريب ھوندي آھي ، بغاوت ھوندي آھي ۽ انڪار ھوندو آھي. تخريب بغاوت ۽ انڪار کان اڳتي، تعمير ، انقلاب ۽ اثبات لاءِ وٽن ڪو باقاعدي ، منظم ۽ مرتب پروگرام نه ھوندو آھي، جنھن جي بنياد تي انسانيت جي نئين سر تخليق ٿي سگھي .
ھو معاشري جي ھر قانون ،ھر رسم ، ھر رواج ، ھر ضابطي ۽ ھر اخلاقي قدر جي باري ۾ باغيانه ، جارحانه ۽ منفي پاليسي تي عمل ڪندڙ ھوندا آھن. جنھن جو نتيجو ھي نڪرندو آھي. جو اھڙا ماڻھو معاشري ۽ ماحول کان ڪٽجي ، اڪيلا ۽ ڇڙواڳ ھلندا آھن. ھنن جا خيال ڪو به مفيد نتيجو ڪڍڻ بنان ، ملنگن ۽ موالين تائين محدود ٿي ويندا آھن.
ٻيا صوفي اھي ھوندا آھن جيڪي ڏاھن ۽ مفڪرن وانگر معاشري جي اندر رھي ، چڱاين جي حوصله افزائي سان گڏ براين جي خاتمي لاءِ مڪمل پروگرام ۽ رٿابندي جي ذريعي پنھنجي خيالن جو اشاعت جو آغاز ڪندا آھن ، ھنن وٽ تخريب کان پوءِ تعمير ، بغاوت کان پوءِ  اصلاح ، انڪار کان اڳتي اثبات جو پروگرام ھوندو آھي. اھڙن صوفين جي طريقي ۽ فڪر ۾ جارحيت جي بجاءِ ميٺاج ۽ محبت ھوندي آھي ھو انھئَ طريقي سان انساني سماج ۾ زبردست تبديليون پيدا ڪري ھڪ نئين انسان جي تخليق ڪندا آھن. جنھن جو ھر ڪم وسيع تر انسانيت جي ڀلائي ، امن ۽ ترقي لاءِ رضاڪارانه خدمت ھوندو آھي.
انھئَ قسم جي صوفين جي تمام ڪوششن ، ڪاوشن ۽ جاکوڙن جو مقصد صرف اھڙي نئين انسان جي تربيت ۽ تخليق ٿئي ٿو جيڪو زندگي جي ھر ميدان ۾ رضاڪار ھجي. ھن جي سوچ ۽ لوچ ، ھن جي محنت ۽ مشقت ، ھن جي قرباني ۽ ايثار ۾ ڪنھن نه قسم جي لالچ، لوڀ ، غرض ، مطلب پرستي ۽ شخصي لذت جي تمنا نه ھوندي آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھنن جي طبقتن ۽ ذھنن کي مخالفتون ، نشنيون، بي قدريون ۽ سزائون نه رنجيده ڪري سگھنديون آھن ۽ نه وري انعام ، صلا، ستائش، ساراه ۽ واکاڻ ڦونڊائي ، غرور ۽ تڪبر جي آڙاه ۾ اڇلائي سگھي ٿو.
جي ايم سيد پوئن گروھ جي صوفين مان آھي ۽ سندس زندگئَ جي طويل جدوجھد ۾ صوفين جو تخليق ڪيل رضاڪار انسان اسان کي ھر جڳھ نمايان نظر اچي ٿو. جنھن کي نه طاقت جو خوف آھي ، نه سزا جي پرواھ ، نه وري ستائش ، صلي ، انعام ، اڪرام جي لالچ. ھن جيڪي ڪجھ ڪيو ان جو اجر يا معاوضو ڪڏھن به طلب نه ڪيو اٿس ۽ ھن جي پوري جدوجھد ۽ جاکوڙ نئين رضاڪار انسان جي تخليق لاءِ وقف پئي رھي آھي . اھو ئي سبب آھي جو ھو تحريڪ ۾ پيڊورڪر رکڻ جي خلاف رھيوآھي.
اڄ کان ڇھ سال اڳ ھن اخبار حريت کي انٽرويو ڏيندي چيو ھو ته:
“ آءُ صوفي آھيان. منھنجي مذھب ۾ نفرت ۽ تعصب حرام آھي. ھن سر زمين تي آءُ تعصب ۽ نفرت نه، پر محبت ۽ رواداري جو علمبردار آھيان. آءُ تنازع اللبقا جي بجاءِ تعاون براءِ ترقي ، جو قائل آھيان، مون وٽ محبت اھا عالمگير زبان آھي، جنھن کي جانور به سمجھي سگھن ٿا. آءُ صوفي ھجڻ جي باوجود صوفين جي انارڪسٽ گروھ مان نه آھيان.”
ھڪ دفعي مون سائين جي ايم سيد کان چڇيو ته اوھان جيئن ته مذھبي ڪٽرپڻي جي خلاف آھيو ۽ انسانيت ۾ فرقي پرستي جا مخالف به آھيو . منھنجي خيال ۾ مذھبي ڪٽرپڻي جي خلاف جيڪا تنقيد ۽ بغاوت سچل وٽ آھي ، سا ڪنھن ٻي صوفي وٽ ورلي نظر اچي ٿي، ان جي باوجود توھان سچل کان وڌيڪ لطيف کي اھميت ڏيو ٿا. ان جو ڪھڙو سبب آھي.
سائين جواب ڏنو ته:  لطيف کي اھميت ڏيڻ جا ڪيترائي سبب آھن، انھن مان ھڪ ھي به آھي ته ، سچل انارڪسٽ آھي ۽ لطيف مفڪر ۽ مصلح آھي. لطيف مذھبي ڪٽرپڻي کي ختم ڪرڻ کان پوءِ، انسانيت جي شاندار ۽ روشن مستقبل جو به پروگرام ڏئي ٿو. ھن زبان ۾ جارحيت جي بجاءِ اصلاح ۽ ميٺاج جو درس ۽ رس آھي.  ھو ڪنھن شي کي ڊاھڻ کانپوءِ انسان کي ڇڙواڳئَ جي حالت ۾ نٿو ڇڏي  پر زندگئَ جي ساز ۾ ھڪ باترتيب  ۽ منظم موسيقي جون لھرون ٿو ڀري. اھا ڳالھ سچل ۽ ٻين اھڙن صوفين وٽ گھٽ ، مبھم ۽ غير واضع آھي.
جي ايم سيد جنھن محبت ۽ انسانيت دوستي واري صوفين جي پروگرام جي تبليغ ۽ تلفين ڪندو آيو آھي. انجو تفصيل سندس بيمثال ڪتاب “ ديار دل داستان محبت ” ۾ موجود آھي. سائين جي ايم سيد ھڪ دفعي مون کي ٻڌايو ته منھنجي نياڻي (دُرشھوار) ڪتاب ”دياردل داستان محبت“ پڙھي سوال ڪيو ته سائين جنھن صورت ۾توھان محبت جا مبلغ آھيو.۽ انسانيت جي نجات صرف مذھب،محبت ۾ ئي سمجھو ٿا، ته پوءِ پنجابين ۽ پناھگيرن سان نفرت ڇو ٿا ڪريو ، جڏھن ته محبت ھڪ مثبث جذبو آھي ۽ نفرت منفي ۽ ڌار ڪندڙ وصف آھي سائين جو جواب ھي ھيو
 ”آئون پنجابين ۽ پناھگيرن کان نفرت ڪو نه ٿو ڪريان، پر جھڙي ريت انسان کي پنھنجي جسم جي سڀني عضون سان محبت ھوندي آھي ۽ جڏھن ڪو عضوو اھڙي حالت کي پھچي وڃي ، جو ان کي وڍڻ کان سواءِ پورو انساني جسم ختم ٿيندو نظر اچي ته پوءِ انسان پنھنجي جسم جي ڀلائي لاءِ پنھنجو محبوب عضوي کي وڍڻ لاءِ به مجبور ٿي پوندو آھي. ساڳي حالت منھنجي پنجابين ۽ پناھگيرن جي باري ۾ آھي .اھي ان عضوي وانگر ٿي ويا آھن،ان ڪري انھن کان سنڌ جي محبت واري ماحول کي پاڪ ڪرڻ ضروري آھي. اھي نفرت جا جراثيم آھن ۽ ھڪ محبت جي داعي جي حيثيت ۾ ، مون کي نفرت جي ھر حالت کي ختم ڪرڻو آھي.”
جي ايم سيد صوفي ان ڪري ناھي ته ھن ھڪ اھڙي خاندان ۾ جنم ورتو، جتي پيري مريدي جو سلسلو ھلندڙ ھو، ۽ ھو نسلي طرح سيد خاندان سان واسطو رکندڙ آھي، جيتري قدر پيري مريدي ۽ نسلي بزرگي جو تعلق آھي ، سيد جو پورو فڪر ۽ فلسفو انھئَ سلسلي ۽ نظام جي خلاف آھي. ھن عملي طرح پيري، مريدي ، ڌاڳي ، ڦيڻي ۽ ڪشف ڪرامت واري اصول جي خلاف ھميشه جدوجھد ڪئي آھي ۽ ڪندو رھي ٿو.
مون کي ياد آھي ته ھڪ دفعي ھن سن جي ڪنھن ماڻھو مون کي چيو ته مون کي سائين کان ڌاڳو پڙھائي ڏي آءُ ڌاڳو کڻي سائين وٽ ويس ۽ پوري حقيقت ٻڌايم.
سائين جواب ڏنو: منھنجو اھرين واھيات شين ۾ ايمان ئي ناھي.
عرض ڪيم: پر ھن جو ته ايمان آھي نه.
سائين ناراض ٿي پيو، چئي اسان کي ماڻھن جي اھڙن واھيات عقيدن کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ گھرجي ، يا ماڳھين انھن جو حوصله افزائي ڪجي.
پيري مريدي جي ڍونگ کي ختم ڪرڻ لاءِ جي ايم سيد جو وڏو ڪارنامو سندس مشھور  معروف ڪتاب “ جيئن ڏٺو آھ مون ” آھي.
مون کي سنڌ جي مشھور عالم مولانا عبدالحق رباني ٻڌايو ، ته جڏھن سيد جو ڪتاب “ جيئن ڏٺو آھ مون” ڇپيو ، تڏھن مون سيد ڏانھن نياپو موڪليو ته اسان ساري عمر سيدن  ۽ پيرن خلاف مٿو ماري ڪندا آيا آھيون ، پر توکي آفرين آھي جو موروثي گادي نشين ھئڻ جي باوجود ، پيرن ۽ سيدن جي مڪرن جي پردو چاڪ ڪيو اٿئي. “ اين کار از تو آيدو مردان چنيين کنند.”
انھئَ مان معلوم ٿيو ته سيد ، صوفي خانداني ورثي جي ڪري ناھي ، پر ھن عملي ۽ نظرياتي طرح وڏي محنت ۽ جدوجھد ، مختلف نظامن ، نظرين جي مطالعي جي جاکوڙ کان پوءِ تصوف کي فطري ۽ نظرياتي طرح پنھنجي علم ۽ عقل جي واضع روشني ۾ قبول ڪيو آھي. ھن وڏي مطالعي ، تحقيق ، ڇنڊ ڇاڻ ۽ جاکوڙ کان پوءِ ، معلوم ڪيو ته موجوده دور ۾ بيمار انسانيت جي شفا جو نسخو ، ڀٽڪيل مسافرن جو سونھون ، زخمي قافلن جو ملم ، اڃايل واٽھڙن لاءِ آب حيات ۽ پريشان ، سر گردان ۽ حيران فردن جو سڪون صرف ھڪ ئي دڪان تان ملي سگھي ٿو ۽ اھو دڪان آھي تصوف ، تصوف ئي آھي . جيڪو نفرتن جي طوفانن ۾ محبت جو واھوندو واري سگھي ٿو. تصوف ئي آھي ، جيڪو جنگ جي ميدانن ۾ امن جو جھنڊو جھولائي سگھي ٿو. تصوف ئي آھي جيڪو وجود جي ڇڪتاڻ ۾ باھمي تعاون ۽ ترقي جو رستو ٻڌائي سگھي ٿو.تعصب ۽ ڪٽرپڻي جي خلاف ڀائيچاري ۽رواداري جو مظاھرو ڪري سگھجي ٿو.
تصوف ئي آھي ، جنھن حقيقي معنيٰ ۾ امن انسانيت دوستي ۽انسانيت جي ھڪجھڙائي ، مساوات ۽ عظمت انسان جو راز پوشيده آھي . سيد جي نظر ۾ اڄ جي دور جو سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته ۽ انساني مونجھارن جو صحيح سچو حقيقي حل تصوف ۽ صوفي ازم ئي آھي. ڇو ته جھڙي ريت اڄ ڏينھن تائين ڌار ڌار مذھبن جي ڇڪتاڻ انسانيت جي اتحاد کي نقصان پھچائي قتل ، خونريزي ، تباھي جو سامان موجود پئي ڪيو آھي . بلڪل ساڳي نموني اڄ جي دور ۾ ڌار ڌار نظرين ، نظامن ۽ فڪرن جي ٽڪراءَ  قتل ، خونريزي ، تشدد پسندي ، مھم جوئئَ ، انسانيت کي مسلسل خوف ، ھراس ۽ ڊپ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي ۽ انسان انھي گھٽيل فضا مان ٻاھر نڪرڻ لاءِ ھٿ پير ھڻي رھيو آھي . تصوف کي برصغير جي ڪن جارحيت پسند دانشورن ۽ فلسفين آفيم سڏيو آھي . ان ڪري عام طرح تصوف جي باري ۾ اھو مشھورٿي ويو آھي، ته ان ۾ دنيا کي ترڪ ڪرڻ ، رھانيت  جي زندگي گذارڻ ، مونن ۾ منھن وجھي ، ڪائنات جي ارتقائي سفر ۽ فطري سفر کان منھن موڙڻ جي تلقين ٿيل آھي ، ۽ صوفي ھن دنيا ۽ ان ۾ انسانن جي فراضن جي سرانجامي کان بلڪل غافل ۽ بيپرواھ بنجي ، پنھنجي ذات ۾ ئي گم ٿي رھي ٿو. انڪري صوفي ازم مان انسانيت جي شاندار مستقبل جي تعمير لاءِ ڪابه مدد نه ٿي ملي سگھي، ۽ اھو تصوف ئي آھي، جنھن انسان کي صبر ، شڪر قناعت ۽ سست جي تعليم ڏئي ، ماڻھن جي تباھي جو سامان موجود ڪيو آھي. تصوف جي اھا تعمير ۽ تشريح سراسر غلط ۽ من گھڙت آھي . صوفين ۾ اھڙي قسم جي تعليم صرف انھن ماڻھن پئي ڏني آھي  جن صحيح  معنيٰ ۾ تصوف جي روح کي سمجھيو ئي ڪونه ھو. يا دنيا کان ڪٽجڻ واري فلسفي جا مبلغ چند انارڪسٽ قسم جا صوفي پڻي رھيا آھن. جي ايم سيد جي تصوف جو سلسلو سنڌ جي بلاولي فقيرن ۽ درويشن سان ملي ٿو. ھن جي تصوف جا نيسارا مخدوم بلاول جي انسانيت دوستي ۽ حب الوطنئَ واري صوفي ازم مان نڪرن ٿا.
                          
     ڪتاب    جي ايم سيد
     ليکڪ:   عبدالواحد آريسر
پيج نمبر  ( 81 کان 87) 


No comments:

Post a Comment