Monday 1 August 2011

سنڌي ڪلچر:::: ليکڪ : سائين جي ايم سيد


پيش لفظ
ڪتاب سنڌي ڪلچر
ليکڪ : سائين جي ايم سيد

قديم زماني کان دنيا جو اھو دستور رھيو آھي ته مختلف ملڪن جي رھاڪن جا ، رسم رواج ۽ ڪلچر ، مذھبي عقيدن ۽ ملڪي مسئلن وغيره جي دائون ۾ ھڪ ٻين تي اثر پيئي پيا آھن. اِھي اثر ، پھرين مھاڀاري لڙائئَ کان پوءِ، ھيٺين سببن ڪري پاڻ وڌيڪ تيز ۽ گھڻا پوڻ لڳا ، ۽ تقريبا ساري دنيا انھئَ عمل جي دائري ۾ اچي ويئي.

1. ريل گاڏين، ھوائي جھازن ، تارن ،ريڊين ،اخبارن ۽ ڪتابن مفاصلن کي گھٽائي ڇڏيو ۽ جدا جدا ملڪن جي رسم رواج، مذھبي عقيدن،ڪلچر سياسي ۽ اقتصادي نظرين جي باھمي ڏي وٺ لاءِ ريت وسيلن جو ڪم ڏنو.

2. مغربي ملڪ ، جديد علم ۽ سائنسي معلومات ، ھنري ترقي ۽ جديد ھٿيارن جي زور تي ، گھنن ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن تي قابض ٿي، اتي پنھنجا سامراج قائم ڪري چڪا ھئا. ۽ انھن ملڪن کي پنھنجن استحصالي مفاد لاءِ ڪتب آڻي رھيا ھئا، ان سلسلي ۾ پنھنجن محڪوم ملڪن ۽ سماجن کي جديد علمن ۽ ڪاريگرن سان روشناس ڪري رھيا ھئا ۽ انھن کي پنھنجي پنھنجي ڪلچر جي رنگ ۾ رڱي رھيا ھئا ۽ موٽ ۾ پاڻ به انھن جي ڪلچري وجود کان متاثر ٿي رھيا ھئا.

مغربي دنيا جي ھنن سامراجن جو اڳتي ھلي ، استحصالي موقعن ۽ “ حقن ” جي ڳالھين تان پاڻ ۾ تصادم ٿيو، جنھن نيٺ دنيا کي پھرين مھاڀاري لڙائئَ ۾ اَڙائي ڇڏيو. ھن خونخوار لڙائي ۾ ھڪ طرف جرمني ، ھئبسرگ ۽ ترڪ شھنشاھتن حصو ورتو ، ته ٻئي طرف انگلنڊ، فرانس ۽ روس مُکيه ملڪن طور شامل ٿا، جن سان آخر ۾آمريڪا به اچي شريڪ ٿيوپھرين ڌُر کي محوري ملڪ (Axis Countries) ۽ ٻئي ڌُر کي اتحادي ملڪ (Allied Countries) جي نالي سان سڏيو ويو.

ايشيا ۽ آفريڪا ۾ اتحادين جي ماتحت گھڻا ملڪ ھئا، تنھنڪري انھن ملڪن جي ماڻھن کي به جنگ ۾ گھليو ويو ۽ اتي جي پيسي ۽ خام مال کي به جنگي مقصدن لاءِ ڪتب آندو ويو. جنگ جي وقت اتحادين طرفان پنھنجن محڪوم ملڪن سان گھڻا وعدا ڪيا ويا، انھن تي ظاھر ڪيو ويو ته اھا جنگ ڪمزور قومن جي آزادئَ لاءِ لڙي پئي ويئي. انھن وعدن ۽ اعلانن جي آڌار تي ماتحت ملڪن به جنگ ۾ پنھنجن حاڪم ملڪن جي مدد ڪرڻ ۾ ڪين گھٽايو.

ھئَ جنگ 1914ع ۾ شروع ٿي ۽ 1918ع تائين ھلي . ھندستان جنھن صورت ۾ انگريزن جي ماتحت ھو، ان ڪري ان کي به ھن جنگ ۾ گھليو ويو. ھتي جو پيسو جنگ تي خرچ ڪيو ويو.ھتي جا سپاھي يورپ ۾ جنگ لاءِ موڪليا ويا. جن يورپين سپاھين سان گڏجي لڙائيءَ ۾ حصو ورتو ۽ اتي جي عادتن ، رسمن ۽ رواجن مان واقفيت پرائي، جنگ جي ميدن تي حاڪم ۽ محڪوم ڪَٺا لڙي رھيا ھئا. ان جنگ ۾ لکين ماڻھو مُئا ۽ ڦٽيا. اربن جو خرچ ٿيو. آخر ۾ آمريڪا جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ ڪري اتحادين جي فتح ٿي.

انھئَ وقت آمريڪا جو صدر مسٽر وڊرو ولسن ھو. جو نھايت نيڪ نيت ۽ شريف ماڻھو ھو. ھن جنگ جي تباھ ڪارين کان متاثر ٿي،آئيدي لاءِ مختلف ملڪن جي اختلافي مسئلن کي نبيرڻ لاءِ آمريڪن ڪانگريس اڳيان 8 جنوري 1918ع تي ھيٺين چوڏھن نقطن جو پروگرام پيش ڪيو.

1) آئيدي حڪومتن جي وچ ۾ عھدناما کليل طرح ڪيا وڃن.

2) ھر ڪنھن ملڪ کي بين القوامي عھدنامن مطابق بند ٿيل ايراضين کانسواءِ ھر سمنڊ ۾ جھاز دانئَ جو پورو حق ، صلح توڙي جنگ جي حالت ۾ ھئڻ گھرجي.

3) جيتريقدر ٿي سگھي ، اقتصادي رڪاوٽون ۽ بندشون ڪڍي ڇڏجن.

4) سڀ ڪنھن ملڪ جي اندروني انتظام ۽ بچاءُ جو لحاظ رکندي ، ھٿيار سازي جي چٽاڀيٽئَ کي گھٽ ڪيو وڃي.

5) سامراجي ملڪن جي بيٺڪن ۾ ، مڪاني ماڻھن جي حقن کي سامھون رکي سُڌارا آندا وڃن.

6) روس جي نئين حڪومت سويت يونين جي حدن مان لشڪر ڪڍي، اُتان جي ماڻھن کي سندن قومي ۽ ملڪي معاملات جي فيصل ڪرڻ لاءِ آزاد ڪيو وڃي.

7) بيلجم جي حدن مان لشڪر ڪڍي اُن کي آزاد ڪيو وڃي.

8) فرانس جي حدن مان لشڪر ڪڍي ، فرانس کي جرمني جا ٻه علائقا ، ايس ۽ لورين ڏياريا وڃن.

9) اٽلئَ جي حڪومت کي سندن قومي ايراضي واپس ڏياري وڃي.

10) آسٽريا ۽ ھنگرئَ جي رھاڪن کي مڪاني خودمختياري ڏياري وڃي.

11) رومانيا ، سربيا، ھنگرئَ جي حدن مان لشڪر ھٽائي اتي آزاد حڪومتون قائم ڪيون وڃن.

12) تُرڪن کي سندن اڪثريت وارين ايراضين ۾ قومي حڪومت ڏياري وڃي. سندن ماتحت ٻين قوميتن جي ماڻھن کي خودمخياري ڏيارڻ لاءِ سھوليتون مھيا ڪيون وڃن. دره دانيال کي کليو رکيو وڃي.

13) پولينڊ کي آزاد قومي حڪومت ڏياري وڃي.

14) بين القوامي معاملن کي باھمي فيصلن ذريعي نبيرڻ ۽ ننڍين قومن جي آزادي برقرار رکڻ لاءِ “ دينا جي قومن جي جماعت” ٺاھي وڃي.

انھن مقصدن جي پورائيءَ جي سلسلي ۾ صدر ولسن 18 جنوري 1919ع تي يورپ آيو. اتحادين ھن جي اچڻ تي سندس وڏي مرحبا ڪئي. ليڪن پيش ڪيل 14 نڪتاتي پروگرام مان صرف ليگ آف نيشن ( دنيا جي قومن جي جماعت ) قائم ڪرڻ جي تجويز بحال ڪئي ويئي . سندس باقي رٿون انھئَ خيال کان ته انھن مان اتحادي حڪومتن جي مفاد کي نقصان پھچڻ جو ڊپ ھو، بحال نه ڪيون ويون. ان تي ھو دلشڪستو ٿي واپس آمريڪا موٽي ويو.

تاريخ 8 آڪٽوبر 1958ع تي مارشل لا ڊيڪلئر ٿين بعد حالتن جي ناسازگارئَ ڪري ارادو ڪيو ھوم ته طيبعت کي آرام ڏيڻ ، علمي معلومات وڌائڻ ، بگڙيل خانگي ڪاروبار کي درست ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ۾ اچي رھان. يوناني حڪيم افلاطون ( پليٽو) به اھڙين حالتن جي موجودگئَ ۾ مشورو ڏنو ھو ته :

“ جڏھن ملڪ ۾ جمھوريت جي جاءِ ڊڪٽيٽر شپ والاري ته ان حالت ۾ سمجھدار ماڻھوءَ کي گھر جي چوديوارئَ ۾ بند ٿي لکڻ پڙھڻ جي ڪم ۾ مشغول ٿيڻ گھرجي. جيسين تائين ڪو ناموافق ھوائون ملڪ تان گذري وڃن.”

ٻئي ڏينھن ڳوٺ اچڻ جو ارادو ھوم ليڪن چوڻي آھي ته “ بندي جي من ۾ ھڪڙي صاحب جي من ۾ ٻي ” وانگر 10 تاريخ اڌ رات جو گرفتاري ڪري اچي جيل ۾ بند ڪيائون . مٿي ذڪر ڪيل خيال ۽ ارادا دل ۾ رھجي ويا.

وارنٽ ۾ ڄاڻايل ھو ته “ تنھجو ٻاھر رھڻ پاڪستان جي داخلي خواه خارجي سلامتئَ لاءِ نقصانڪار ھو ان ڪري سيڪيورٽي ائڪٽ ھيٺ تو کي ڇھن مھينن لاءِ جيل ۾ موڪلجي ٿو.”

جيل ۾ 15 مھيان رھڻا پيا. ان کانپوءِ ڳوٺ سن ۾ مارچ 1968ع تائين نظربند رھيس.

ان سموري عرصي ۾ تاريخي ڪتابن جو مطالعو ڪيم، جنھن بعد ڪيترن مسئلن تي غور ڪري ڪي احوال قلم بند ڪيم. ان عرصي ۾ 24 کن ننڍا وڏا ڪتاب لکي سگھيس.

سنڌ جي ڪلچر تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جو موقعو مليو. جنھن سلسلي ۾ حاصل ڪيل معلومات ھن ننڍي پمفليٽ جي صورت ۾ ناظرين جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.

ھر قوم کي ھزارن ورھن جي تجربئَ ، تاريخي روايات ، ملڪي ماحول وغيره ڪري ڪي بنيادي ورثا ميراث ۾ ملن ٿا جن جي حفاظت ۽ ترقي ھو سندس مکيه فرض سمجھي ٿي. جن جا مکيه ورثا ھيٺيان آھن.

(1) وطن ۽ ان ۾ آزادانه زندگي بسر ڪرڻ جو حق.
(2) قومي زبان
(3) قومي ڪلچر
(4) قومي اقتصادي مفاد

وطن ۽ ان ۾ آزادانه زندگي بسر ڪرڻ جو حق:

سنڌ ھزارن ورھن کان ھڪ جدا ملڪ ٿي رھي آھي . جنھن جا رھاڪو باوجود جدا جدا نسلن ، ٻولين ۽ مذھبن جي آخري طور ھڪ اھڙي قومي حيثيت حاصل ڪرڻ کي ويجھا ٿي ويا ھئا، جنھن جھڙو مثال ساري بريصغير ھندوستان ۾ ملڻ مشڪل آھي. ھنن وٽ ھڪ زبان ، ڪلچر ، قومي روايتون ۽ مذھب جي بنيادي وحدت جو تصور موجود رھيو ھو. جيڪڏھن ھنن ڪنھن وقت ڌارين جي تسلط ھيٺ اچي وقتي سندن آزادي وڃائي ٿي ڇڏي ته سگھوئي ھمت ۽ ڪوشش سان اھا وري ھٿ ٿي ڪيائون.
 
مٿين مختلف دورن ۾ ايرانين، يونانين ، عربن ، پٺاڻن، مغلن ۽ انگريزن جي حڪومت جو قبضو ٿيل ھو. جن سندن زبانن،ڪلچر ۽ اقتصادي مفاد کي مٿان زوري مڙھيو ھو. ليڪن ٿوري وقت بعد اھي ڌارين جا تسلط ۽ قبضا ختم ٿي ويا. سنڌ ان جي زبان ، ڪلچر ، قومي ڪردار ۽ مفاد سلامت آھن.دنيا جي ٻين آزاد قومن وانگر ھنن کي به پنھنجي نموني آزاد زندگي گذارڻ جو پورو حق آھي. ڊنمارڪ ، فنلئنڊ، سويڊن ، پورچوگال، ھالينڊ، سائپرس،لبنان ، جورڊان،سريا،يمن وغيره قومون ۽ ملڪ آزاد ۽ قومن جي سڀا جا ميمبر آھن. سي ڪيترين ڳالھين ۾ ھن کان نه ايراضئَ نه آبادئَ ۾ وڏا آھن.

اھو ھڪ تاريخي حادثو ھو ته انگريزن ساري ھندستان تي قبضو ڪري ان کي انتظام خاطر صوبن ۾ ورھائي ۽ وڃڻ بعد پاڪستان ۽ ڀارت جي صورت ۾ آزاد ڪري ڇڏيو. جنھن ۾ سنڌ پاڪستان جو صوبو بڻيو. ان سان سنڌ جي ھندن کي گھڻي ڀاڱي حالتن جي ناموزون ھئڻ ڪري لڏي وڃڻو پيو. ٿوري وقت بعد سنڌ جي صوبي کي ڪن مستقل مفاد جي مد نظر مغربي پاڪستان جي طاقتور صوبي پنجاب جي ماتحت ڪيو ويو.

ھن وقت ملڪ ۾ ڪنٽرولڊ جمھوريت مروج آھي، دنيا جون طاقتور حوڪومتون سندن مصلحتن خاطر اھڙي طرز حڪومت جون طرفدار آھن.سنڌ جي ڪيترن ھندن کي لڏي وڃي پرديس وسائڻو پيو آھي. باقي پوئتي رھيل سنڌي بي يار و مددگار ھئڻ ڪري ڪجھ ڪرڻ کان مجبور آھن. منجھن طاقت نه آھي،جو ھي سنڌ جي اندروني آزادي حاصل ڪرائي سگھن. تنھن ڪري ھنن لاءِ ٻيو طريقو نه رھيو آھي ته سندن باقي ورثن جي حفاظت ۽ ترقئَ لاءِ ڪوشش وٺن.

ليڪن ان ڏس ۾ به لين ڪيتريون مشڪلاتون درپيش ھيون،ملڪ جو تسلط ھڪ غير ھمدرد گروه جي ھٿ ۾ وڃڻ ڪري ، جن جي زبان ، ڪلچر ، مذھبي تخيل، سياسي ۽ اقتصادي مفاد علحده آھن. حالتن کي درست ڪرڻ سھل نه ھو.

پاڪستان بنجڻ کان پوءِ جي حالتن وري سنڌ کي نئين مشڪلات جي مقابل ڪيو آھي. لکھا سنڌي ڄاڻندڙ ۽ ڳالھائيندڙ سنڌي ڪلچر جا حامي ھندو ملڪ ڇڏي ڀارت ھليا ويا. انھن جي جاين تي لکھا ماڻھو ڀارت کان لڏي سنڌ ۾ آيا. انھن جي ٻولي ، لباس ، ڪلچر ، مذھبي نقطه نگاھ علحده آھن. ازانسواءِ ون يونٽ ٿيڻ بعد ، سنڌي مفاد سان ھٿ چراند ٿيندي رھي آھي. تن نھايت مايوس ڪن حالتون پيدا ڪيون آھن.

تاريخ جي اڳين واقعن کان ھي حالتون مختلف آھن، اڳي يوناني ، ايراني ، مغل ۽ انگريز مالي نفعي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا ھئا. ھنن قديم باشندن کي لکن جي تعداد ۾ لڏائي انھن جي جاءِ ٻاھرين ماڻھن سان گھڻي تعداد ۾ ڪانه ڀري ھئي.انھن جي ڪلچر ، زبان ۽ نون عقيدن جو سنڌ تي ايتري قدر اثر نه پيو جيترو ھن حالت ۾ پئجي رھيو آھي. ھن وقت ته سنڌ جي جداگانه وجود ختم ڪيو ويو آھي ان جي زبان کي صوبائي زبان تسليم ڪري، ان ۾ اعليٰ تعليم نٿي ڏياري وڃي. ريڊيو ۽ سئنيما وغيره جي ذريعي سنڌي زبان جي ايتري به ھمت افزائي نٿي ڪئي وڃي.جيتري ڀارت ۾ سنڌين جي صوبي نه ھجڻ جي باوجود ڪئي وڃي ٿي.اتي سنڌي زبان کي صوبائي زبان جو درجو ڏنو ويو آھي ، جنھن مطابق اعليٰ ۾ اعليٰ تعليم تائين ، ھو ان کي پڙھي سگھن ٿا. دھلي ريڊيو تان سنڌي زبان ۾ خبرون نشر ڪيون وڃن ٿيون. حالانڪ ھتي ڪراچئَ سنڌ جي مرڪز تان به سنڌئَ کي ڪو خاص وقت نٿو ڏنو وڃي. سنڌين طرفان صوبي جي ون يونٽ کان پوءِ آزادئَ کي ڇڏي، صرف زبان ۽ ڪلچر جي بچاءُ ۽ ترقي لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته به ان کي ناپسندئَ جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ سزائون ڏنيون وڃن ٿيون.

ٻئي طرف اسان جي مٿاھين طبقي جو ڪردار ڪري پيو آھي ۽ خود مطلبي ، قوم فروشي ، نفاق ۽ بزدلي منجھن ايترو گھر ڪري ويل آھي . جو ڊپ وٺيو وڃي ته اسان ھن نئين آزمودي مان ڪھڙي طرح نڪري پار پونداسون. اسان جي ماڻھن جو زياده تعداد ساده مزاج،علم ۾ گھٽ ، مذھب جي تشريح جي نالي ۾ دوڪو کائيدڙ ، تعداد ۾ ٿورو ، محنت کان گسندڙ ، لالچ ۾ لڙھي ويندڙ ، جھڳڙي فساد کان گوشي ڪرڻ ڪري ، مقابل حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ اھل ثابت نه ٿي سگھيو آھي.وٽن ايندڙ ماڻھن سان ڪيترا پاڻ کي فاتح ، مھذب ۽ بھتر سمجھن ٿا، وٽن اسلام جو فسطائي تخيل ، پاڪستان ۾ اسلامي حڪومت جو نعرو ، اتحاد مسلمانان وغيره جھڙا دلڪش ۽ ڀلائيدڙ نظريا موجود آھن. سندن خيالات جي پرچار لاءِ جديد قسم جي پروپيگنڊا جا جملي ذريعا جھڙوڪ اخبارون ،رسالا، ڪتاب،ريڊيا،ٽيليويزن، سئنيما ، مذھبي عالمن جا پرچارڪ گروھ موجود آھن.

ان حالت ۾ سنڌ جي ورھايل وڇڙيل، پٺتي پيل ڳوٺاڻن ، اڻ پڙھيل ، مختلف ھنگامي نعرن ھيٺ برغلجي ويندڙ ماڻھن جي ڪلچر ۽ زبان جي ڪاميابئَ جا آسرا رکڻ ڪيتري قدر درست آھي. اھي ۽ اھڙا ٻيا خيال ڪمزوري پيدا ڪندڙ ھئا.

ازانسواءِ موجوده حالتن جي مد نظر ، جڏھن ھن دنيا ۾ لڳندڙ ھوائن جي نقطي نظر کان خيال ٿي ڪيم ته نيون حقيقتون ۽ مشڪلاتون ڏسڻ ۾ آيون ٿي.

اڳي دنيا جا ملڪ وڏن دريائن، سمنڊن، رڻ پٽن ، جبلن ، نسلن ، وطني ماحول، طاقتور حڪومتن جي ملڪن ۾ وراھيل ھئا.

ليڪن ھاڻ سائنس جي ايجادن،جھڙوڪ ھوائي جھاز، ٽيليگراف،اخبارن،ڪتابن،ريڊين انھن ملڪن جا سندا ھڪ طرف مٽائڻ شروع ڪيا ھئا، ته ڪيترن ملڪن جي وفاقي طور ملڻ جي رجحان ۽ سامراجي طاقتن جي انھن کي ملائڻ لاءِ ڪوشش جاري ھئي.

ساڳئَ طرح ٻولين جي جدا۽ مخصوص صورت به مٽجڻ شروع ٿي ھئي. مختلف زبانن جي ڄاڻندڙن جو باھمي رابطو ، ترقي يافته ملڪن ، قومي ۽ زبانن کان علمي ، ھنري ۽ سائنسي لفظن جي آڌار ، حڪومت وقت جي سنڌي زبان سان معاندانه پاليسي، ٻولئَ جي بقا ۽ فروغ ۾ ڪئين مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون ھيون. سنڌي ٻولئَ تي نظر ٿي ڪيم ته شاھ لطيف جي زماني کان، جنھن کي صرف ٻه سئو ۽ ڪي ورھيه گذريا آھن ته ان جو رنگ گھڻو بدلجي چڪو آھي. ان ۾ اڳئي دروايدي،پارسي،عربي،منگول ۽ انگريزي زبان جا گھڻا لفظ داخل ٿي ويا ھئا. ھاڻ ھنري ۽ سائنسي دور شروع ٿيڻ ڪري ڪيترا لفظ اُڌارا وٺڻا ھئا.

ٽئي طرف ملڪي ڪلچر تي نظر ٿي ڪيم ته ان لاءِ به حالتون اطمنيان بخش نظر نٿي آيون. ڪلچر ڇا آھي ان بابت حقيقت اڳتي ڪتاب ۾ ڏني ويندي. انھن حالتن تي غور فڪر ڪرڻ بعد معلوم ٿيڻ لڳو ته حالتون آسان نه ھيون. حڪومت ۽ نئين حالات سان گڏ، تاريخي ارتقائي رجحان اسان جي کڙي ڪيل قومي ديوار ۾ سوراخ وجھي انقلاب آڻڻ جي پويان ھئا.

ھر شئَ کي پنھنجو دور ۽ موسم ٿيندي آھي. ان وقت ان جي حفاظت يا پرورش ڪرڻ ڦل دائڪ ٿيندي آھي ، پر موسم کانپوءِ ڪھنه پودا ڪري ، نوان ڄمندا آھن.

اکين اڳيان ڏٺو اٿئون ته بمبئيءَ کان سنڌ کي آزاد ڪرائي اڃان ٺيڪ طرح ھلائڻ مس شروع ڪيو ھئوسون ته وري اسان کي پنجاب سان گڏي ان جي مڪاني آزادئَ کي سلب ڪيو ويو آھي. زبان تيزيءَ سان بدلجي رھي آھي، مڪاني ڪلچر تي ٻاھرين ڪلچرن جو اثر پئجي رھيو آھي. مڪاني ماڻھن جي اقتصادي حالت خراب ٿي رھي آھي.انھن نون پيدا ٿيل حقيقتن ۽ مسئلن جي روشنئَ ۾ سموري سوال تي نئين سر غور ڪرڻو ھو.

صرف گذشته تاريخ جي چند مثالن ۽ جذباتي اثرن ھيٺ خوش فھمئَ ۾ مبتلا رھن مان ڪو فائدو حاصل ٿيڻ وارو نه ھو. انھن ڳالھين کي مدنظر رکي مون ڪي نتيجا ڪڍيا آھن، جي ڪتاب جي متن ۾ ٻڌائيدس. قوميت جو تخيل جدا جدا زمانن ۾ ۽ ماڻھن جي گروھن ۾ مختلف پي رھيو آھي. جنھن ۾ نسلي، شھري،سامراجي ، مذھبي ۽ وطني قوميت جا تخيل مکيه رھيا آھن.

ھن وقت جنھن قوميت جو تخيل دنيا ۾ عام طور تسليم ڪيو وڃي ٿو ، سو وطني قوميت جو آھي. ھر ملڪ (وطن) ۾ آب ھوا، جاگرافيڪل حالات، ماحول ، تاريخي روايات،نسلي رجحانات جي بنياد تي ڪي خصوصيتون پيدا ٿين ٿيون. جن جي بنياد تي قومي جوڙ جڪ، ان جي گذر معاش جا ذريعا ، قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان شڪل وٺن ٿا.

گذريل پنج ھزار ورھين کان سنڌ جي جداگانه جاگرافيائي ۽ تاريخي حيثيت تسليم ٿيل آھي. دنيا جي ٻين قديم مھذب ۽ متدن ملڪن وانگر ھن کي زماني جا لاھا چاڙھا ڏسڻا پيا آھن. ھتي جا رھاڪو غير ملڪي تسلط کان آزاد رھي ، مڪاني حڪومتن جي ھٿ ھيٺ رھيا آھن،ته ان وقت سندن قومي شيرازو متحد ڪرڻ ، معاشي ذريعن جي ترقي ، قومي ڪردار،ڪلچر ۽ زبان جي واڌاري لاءِ ڪوشش پئي ٿي آھي.

پر جڏھن سنڌ سياسي آزادي وڃائي ڌارين تسلط ھيٺ آئي آھي ته ان وقت سندس معاشي ذريعي کي ڌارين جي مفاد لاءِ ڪتب پئي آندو ويو آھي. زور،لالچ ۽ غلط تعليم جي ذريعي سندن ڪردار،ڪلچر کي بگاڙڻ ۽ ڌارين زبان کي ملڪي زبان تي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿي آھي.

اھو مسئلو بحث طلب آھي ته ملڪ جي سياسي آزادي زياده اھم آھي يا قومي ڪردار،ڪلچر ۽ زبان جي آزادي ، حفاظت ۽ ترقي وڌيڪ اھميت رکي ٿي.

ھڪڙن ماھرن جو چوڻ آڳي ته ملڪ جي سياسي غلامي ، قومي ڪردار ، ڪلچر ۽ زبان کي معزول ۽ معدوم ڪريو ڇڏي.

ٻين ماھرن جو رايو آھي ته جي ماڻھو، پنھنجا قومي ڪردار ، ڪلچر ۽ زبان محفوظ ۽ سلامت رکڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، سي گھڻو وقت سياسي غلامي ۾ نٿا رھي سگھن.

سياسي غلامئَ جو ڌڪ عارضي آھي ، قومي ڪردار،ڪلچر ۽ زبان جي ڪمزوري ۽ پستي دائمي قسم جي آھي.

ھن مضمون ۾ آئون ڪلچر ڇا کي چئجي ؟ ان جا جوڙ جڪي عنصر ڪھڙا آھن؟ ھر ھڪ ملڪ جو ڪلچر ڪھڙي طرح ٺھي ٿو؟ ان جي ٺھڻ تي ڪھڙين ڳالھين جو اثر رھي ٿو؟ سنڌ جي جداگانه ڪلچر جا مکيه جزا ڪھڙا آھن؟ تي بحث ڪندس...

مون کي ملڪ جي مکيه سياسي ليڊرن جا تازو ڪڍيل گفتا اڃان تائين ڪنن ۾ گونجي رھيا آھن.

ھڪ چيو ته : “ ننڍو صوبو ننڍن دماغن جي ماڻھن سان ڀريل آھي.” (سردار پٽيل)

ٻئي چيو ته: “ سنڌين جو ڪلچر گڏھن ھڪلڻ ۽ اُٺن ڪاھڻ وارو آھي.” ( لياقت علي خان)

تنھن ڪري آئون ھن وقت سياسي آزادئَ جي حصول کان قومي ڪردار،ڪلچر ۽ زبان جي حفاظت ۽ سلامتئَ کي زياده اھم سمجھي ان تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.


ـ غلام مرتضيٰ ـ
ڪتاب سنڌي ڪلچر

No comments:

Post a Comment