Wednesday 24 August 2011

اڳيان اڏن وٽ پوين سر سانباھيا ( 21 اپريل 2011ع جو واقعو ) موھن ” ٻ “



اڳيان اڏن وٽ پوين سر سانباھيا
21 اپريل 2011ع جو واقعو
موھن ” ٻ “
سانگھڙ جي سنسان روڊ تي خاڪي وردي وارا ھڪ ڪار کي روڪي ويٺل مٿان گولين جو مينھن وسائين ٿا ڪار گولين سان ڇاڻي ٿي وڃي ٿي ۽ ويٺل جا جسم پروڻ ٿي وڃن ٿا پر پوءِ به خاڪي وردي وارن کي کائن خوف ٿي رھيو ھيو ان ڪري ھنن ھٽلر جي پر ڀاڙيندي ڪار مٿان ڪيميڪل ھاري باھ ڏئي ڇڏي، ڪار مان باھ جا شعلا اٿڻ لڳا جن گولين سان پروڻ ٿيل جوڌن جي جسم کي جلائڻ شروع ڪريو ان وقت ڪار سوارن مان ھڪ ڄڻي کي ھوش اچي وڃي ٿو ان جو سڄو جسم سڙيل ھو. ھُو ڪار مان نڪري ھيٺ ڪري ٿو مدد لاءِ پھچندڙ ڳوٺاڻن کي گاڏي مان باھ جون ڄڀون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ سنڌو ديش جا نعرا ڪنن ٻرڻ لڳن ٿا. ڳوٺاڻا پھچي ڏسن ٿا ته گاڏي سڄي سڙي چڪي ھئي جنھن ڪري 3 ڄڻا ته رک جو ڍير ۾ تبديل ٿي چڪا ھئا باقي گاڏي ھيٺ ھڪ نوجوان بيھوش ھيو.جنھن جون ٽنگون باھ ۾ سڙي چڪيون ھيون. گولين سندس سڄو جسم گھاڻي وڌو ھيو. ھن ڳوٺاڻن کي ڏسي اکيون پٽيون گولين سان چچريل ۽ باھ ۾ سڙيل نوجوان نه ڪنجھيو نه ڪرڪيو. ھو ڳوٺاڻن کي ٻڌائي ٿو ته آءُ جيئي سنڌ متحده محاذ جو ڪارڪن نورالله تنيو آھيان . آءِ ايس آءِ جي ڪتن منھنجي مرڪزي اڳواڻن سرائي قربان کھاوڙ ، روپلي چولياڻي ۽ بلوچ دوست نادر بگٽي کي شھيد ڪري سندن لاشن کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو آھي پوءِ ھو ڳوٺاڻن کان موبائل فون وٺي پنھنجي يادگيريءَ سان دوستن جا نمبر ملائي کين ڪربلا جھڙي قضئي جو ٻڌائي ٿو.ڳوٺاڻن کي ھن مرد مٿير جي ھمت جرئت ۽ بھادري ڏسي ڀٽائي سائين جي ھڪ سِٽ سمجھ ۾ اچي وئي. ” جيئن سڙن تيئن سچ،جيئن سڙن تيئن سزا “ ڳوٺاڻا ھن وڍيل ، چيريل ، چچريل ۽ سڙيل نوجوان کي اسپتال ڀيرو ڪن ٿا. جتي ميڊيا جا نمائيندا پھچي وڃن ٿا جن کي سندس سڙيل گوشت جي بوءِ اچي رھي ھئي نوجوان جو سڙيل جسم ڏسي صحافين جا لڱ ڏڪي وڃن ٿا.نورالله تنيو پاڻ سان ٿيل واردات بي خوف ٿي ٻڌائي ٿو ته پاڪستان ڊاھي سنڌوديش ٺاھڻ وارو پنھنجو مقصد به بيان ڪري رھيو ھيو. نورالله تنيو جون ڳالھيون ٻڌي اُتي موجود سمورن ماڻھن کي يقين ٿي ويو ته ھاڻي سنڌي قوم گھڻو وقت پاڪستان جي غلامي ۾ نه ٿي رھي سگھي.آءِ ايس آءِ جي ڪارندن سمجھيو ته ھو اھڙي سفاڪ ڪاروائي ڪري سنڌي نوجوانن جي دلين ۾ خوف پيدا ڪري وجھندا پر شھيد نورالله تنيو ان وقت ئي سندن غلط فھميون ختم ڪري ڇڏيون رنجيت سنگھ جي ناجائز اولاد کي خبر پئجي وئي سندس واسطو اھڙن پتنگن سان پيو آھي جن لاءِ ديس خاطر وڙھي مرڻ معراج برابر آھي. جيڪي محبت جي ميدان ۾ ارواح جا آسانگا لاھي ڪڏي ڪاھي پوندا آھن. جيڪي پيار پريت ، سونھن ۽ سچ تي سر ڏيڻ لاءِ ھر وقت تيار ھوندا آھن. جنرل ڊائر جي ناجائز اولاد ڀلي ڀت ڄاڻي ورتو ھوندو اھي ئي مخدوم بلاول جو روحاني اولاد آھن.جنھن گھاڻي ۾ پيڙھجڻ لي وصالِ يار سڏيو ھيو اھڙيون  بزدلياڻيون ڪاروايون سنڌي ماڻھن کي خوف زده نٿيون ڪري سگھن.ھو ته ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ ھڪ ٻئي لاءِ گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.
اڳيان اڏو وٽ ، پوين سر سانباھا
ڪاٽ ته پوين قبول ۾ ، مچڻ ڀائين گھڻو
مٿان مھائين جا پيا نه پسي پٽ
ڪلاڙڪي ھٽ،ڪسڻ جو ڪوپ وھي.
       ان جو ثبوت ان ڏينھن شھيد جي والد نيڪ محمد تنيو پريس ڪانفرنس ۾ ڏئي ڇڏيو، ھن پنھنجي مور جھڙي پٽ جي سڄي سڙي وڃڻ تي ڳوڙھو ڳاڙڻ بدران وڏي واڪ چيو ته ” نورالله ته ھو ئي قربان کھاوڙ ۽ سنڌ جو ، پر مونکي 6 ٻيا پٽ به سنڌ لاءِ قربان ڪراڻا پيا ته اھو سوڌو سستو ڀائيندس.“
       اھيو دشمنن لاءِ پيغام آھي ته توھان ڀلي سنڌ پرستن مٿان وار ڪندا رھو پر اڏيءِ تان اڏيل اسان جو ھر رت ڦڙو ھڪ نئي باغي کي جنم ڏيندو جيڪو آخري پساھ تائين رُڪ رھنديءِ راند ۾ رھندو. شھيد نورالله جون ٻئي ٽنگون ڪاٽيون ويون تڏھن به سندس ھمٿ ۽ حوصلو قائم رھيو ھن جي جرئت ، ايثار ۽ وفا ڏسي جسمم جي مرڪزي چيئرمين محترم شفيع برفت کيس پارٽئَ جو سينئر وائس چيئرمين مقرر ڪيو. ڇاڪاڻ جو ھن عشق جا سمورا امتحان پاس ڪري ڇڏيا ھئا.شھيد روپلي ، شھيد ذوالفقار ، شھيد قربان کھاوڙ جڏھن روايتي نعريبازي سياست کان تنگ ٿي پنھنجي ساٿين سميت قومي تحريڪ جي مزاحمتي اڳواڻ جي ھٿن سان ھٿ ملايا ھئا. تڏھن ڪن صاحبِ عقل ماڻھن کين صلاح ڏيندي چيو ھو تهَ ” ھُو آپگھات واري دڳ وٺي رھيا آھن“ تڏھن علل اعلان چيو ھو ته  ”رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي واٽ باھ وارو رستو آھي ، اسان ڄاڻي واڻي ڄري ۾ پيا آھيون، اسان جي مارڳ ۾ مري پياسين ته اسان جا ڇڏيل ھٿيا کڻي اسانجا ساٿي منزل ضرور ماڻيدا ، باقي اسان جيئي سنڌ جو ڪھاڙي وارو جھنڊو کڻي غاصب حڪمرانن کي سڪيورٽي جي درخواست ته ٿا ڪري سگھون.“
       قربان ، روپلي ، ذوالفقار ۽ اعجاز جيڪو به چيو اھو ڪري ڏيکاريو. ھنن جو پير پٽي تي نه ھو ھنن سنڌ جي محبت ۾ سڀ محبتون تياڳي ڇڏيون آھن، سندن مڙسئَ ۽ ھِمٿ کي فقط شفيع برفت نه پر سنڌ پرست سارھايو ھوندو اڄ مھاراجه ڏاھر کان وٺي رھبرسنڌ سائين جي ايم سيد جي روح تائين ھر ڪو کيج مان کلي کين آفرين ڏيندو ھوندو. شھيد سرائي قربان جي وارثن به سندس حق ادا ڪندي ھن دھشتگرد رياست کان انصاف جو ڪوبه مطالبو نه ڪيوآھي ۽ نه وري قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آھي. ڇاڪاڻ جو ھي دھشتگرد رياست ۽ ان جا ادارا اسان کي ڪو به انصاف نه ٿا ڏئي سگھن . شھيدن سان انصاف ۽ رھبرسنڌ سائين جي ايم سيد جي پيروي جو ھڪ ئي رستو آھي ته ھن دھشتگرد رياست جي ڪنھن به فيصلي کي ڪڏھن به قبول نه ڪجي. ھاڻي قومي ڪارڪنن کي اھيو فيصلو ڪرڻ گھرجي ته سائين جي ايم سيد جي واٽ جسمم وٺي رھي آھي يا ٺيڪن جي موسم ۾ سنڌو ديش جي نالي کي استعمال ڪندڙ مفاد پرست مان ھڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي ـ ـ ـ ـ
کاھوڙي پيج نمبر 58

No comments:

Post a Comment