Friday 5 August 2011

رهبرِ سنڌ سائين جي.ايم سيد جا انٽرويوز



رهبرِ سنڌ سائين جي.ايم سيد جا انٽرويوز


سوال: عام طرح چيو وڃي ٿو ته سنڌ تمام ننڍو ملڪ آهي اهو آزاد ملڪ طور قائم رهي نه سگھندو. ان لاءِ اوهان جو ڇا چوڻ آهي؟
جواب: اها ڳالهه ته سنڌ ننڍو ڪمزور ۽ پيداواري وسيلن ۾ گھٽ ملڪ آهي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگھندو، غلط آهي. مون ان مسئلي تي پنهنجي ڪتاب ” سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ“ ۾ تفصيلي روشني وڌي آهي. جنهن۾ڏيکاريو اٿم ته اقوام متحده جي اٽڪل 150 ميمبر ملڪن مان 110 ملڪ سنڌ کان ايراضيءَ ۽ آدمشماريءَ يا پيدائش ۾ گھٽ آهن ۽ سنڌ تاريخ جي گھڻي دور ۾آزاد ملڪ طور پئي رهي آهي. ان کانسواءِ اهو به ڏيکاريو اٿم ته هن وقت عام آواز ايترو زوردار ۽ اثر وارو ٿي چڪو آهي جوڪو به وڏو ڀر وارو ملڪ ننڍي ملڪ تي زوريءَ سڌو سنئون قبضو گھڻي وقت تائين نه ٿو رکي سگھي. ڪيترا ملڪ اهڙا آهن جن کي پنهنجون فوجون ڪونه آهن ۽ انهن جي ايراضي به سؤ چورس ميلن جيتري مس آهي. ڪويت، مالٽا، لگسمبرگ، اردن، اسرائيل، ابوظهبي،(عرب امارات)، اردن، يمن، مالديو وغيره ملڪ، انهن مان ڪجھه آهن جيڪي اقوام متحده جا ميمبر آهن ۽ آدمشماريءَ، آباديءَ ۽ پيداوار ۾ سنڌ کان گھٽ آهن. تنهنڪري اهو چوڻ ته سنڌ ننڍو ملڪ آهي، آزاد رهي نه سگھندو، سا ڳالهه غلط ۽ ڌوکي کانسواءِ ڪجھه به ناهي. سنڌ جي ايراضي 57 هزار چورس ميل آهي ان ۾ آباديءَ جي لائق زمين 3 ڪروڙ ايڪڙ ٿي سگھي ٿي. سنڌ ۾ سامونڊي بندر آهي، مال جي چاري جا وسيع ميدان آهن، کاڻين ۽ معدنيات وارا جبل آهن ، تيل، قدرتي گيس موجود آهي1500 کان مٿي مختلف قسمن جا ڪارخانا آهن. سنڌ ۾ گھڻي تعداد ۾ ڪمند ڪپهه ۽ ڪڻڪ پيدا ٿئي ٿي. باغن لاءِ سنڌ وسيع زمين آهي. سامونڊي ڪناري درياهه ۽ ڍنڍن ۾ گھڻي تعداد ۾ مڇي مري ٿي، جا ٻاهر موڪلي ويندي آهي. جيڪڏهن چتائي ڏسبو ته سڄي پاڪستان جو مدار سنڌ تي آهي ۽ سنڌ کانسواءِ پاڪستان لولو لنگڙو آهي. سنڌ پيداوار جا انگ اکر منهنجي ڪتاب” سنڌوءَ جي ساڃاهه“ ۾ ڏنل آهن. هن وقت سنڌ ۾ ڪپهه11لک 67 هزا ر ايڪڙن تي پوکي وڃي ٿي. آزاديءَ بعد اها ايراضي وڌائي ٽيڻي ڪري سگھجي ٿي ڇو ته آزاديءَ بعد اسان سنڌو درياهه جو پورو پاڻي استعمال ڪري سگھنداسون. هن وقت پنجاب اسان جو پاڻي 1945 جي معاهدي جي خلاف ورزي ڪري کڻي وڃي ٿو. جنهن ڪري اسان وڌيڪ آبادي ڪري نٿا سگھون. سنڌ م ڪمند هيٺ 2 لک 51 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي پر آزاديءَ بعد وڌائي 11 لک ڪئي ويندي. ڪڻڪ هن وقت 20 لک 76 هزار ايڪڙن تي پوکي وڃي ٿي، پر آزاديءَ بعد اها ايراضي وڌائي 50 لک ايڪڙ ڪئي ويندي. سنڌ ۾ هن وقت 1 لک ايڪڙن تي ڀاڄيون ٿين ٿيون آزاديءَ بعد لک5 ايڪڙ جي ايراضيءَ تي ڀاڄيون پوکي پيداوار ۾ اضافو ڪنداسون. هن وقت سنڌ ۾ سيمنٽ جا صرف پنج ڪارخانا آهن ۽ آزاديءَ بعد انهن جو تعداد وڌائي ويهه ڪيو ويندو. ان وقت سنڌ جي استعمال کان واڌو سيمنٽ ٻاهر موڪلي پرڏيهي ناڻو ڪمايو ويندو. سنڌ کي 150 ميلن جو سامونڊي ڪنارو آهي جنهن ۾ هر سال هڪ لک نوي هزار ٽن مڇي مري ٿي، ان ڪم لاءِ 800 ٽرا لر، 800 لانچون ۽ ساڍي ٽي هزار ٻيريون استعمال ٿين ٿيون. آزاديءَ بعد ٽرا لرن، لانچن ۽ ٻيرين جو تعداد وڌائي مڇيءَ جي پيداوار جو اضافو ڪري سگھنداسون. سنڌ ۾ هن وقت 520 ڍنڍون، ڍورا ۽ پاڻيءَ جا تالاب آهن، جن مان هن وقت پوري نظرداري نه هئڻ ڪري به اٽڪل 19 هزار ٽن مڇي مري ٿي. آزاديءَ بعد ان جو تعداد ٻيڻو ٽيڻو ڪري سگھجي ٿو. اهي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي واضع ڪن ٿيون ته سنڌ وڏي پيداوار وارو ملڪ آهي ۽ ننڍو ملڪ ناهي ۽ آزاديءَ بعد اهو ٿوري وقت اندر دنيا جي ترقي يافته ۽ شاهوڪار ملڪن مان هڪ بنجي سگھي ٿو.
 
سوال: اسان وٽ نه فوج آهن نه ماڻهو منظم آهن نه اسان وٽ دولت ۽ ٻيا وسيلا آهن. ان کان سواءِ اسان جي مٿين طبقي وڏيري، پير، مُلي ۽ ڪاموري جي گھڻائي ڌارين جي دلال آهي.. ان صورت ۾ سنڌو ديش ڪيتري قدر ممڪن آهن؟

جواب: جيڪي حالتون ڄاڻايون وڃن ٿيون، سي هڪ حد تائين صحيح آهن، پر هڪ غلام ملڪ جون حالتون ان نموني جون ٿينديون آهن. هندستان جڏهن انگريزن جي غلاميءَ هيٺ هو ته ان جي رهاڪو مسلمانن، هندن ۽ سکن جو مٿيون طبقو انگريزن جي غلاميءَ ۾ راضي هو. انگريزن، آزاديءَ جي تحريڪ هلندي هنن کا ن ملڪ دشمني ۽ غداريءَ جا ڪيئي ڪم ڪرايا، جنهن جي عيوض جاگيرون، عهدا، ماجسٽريٽيون، سر ۽ خانبهادريءَجا لقب ۽ ٻيون نوازشون ڪيون ويون ٿي. پر جنهن وقت ماڻهن جي گھڻائي آزاديءَ جي لاءِ خواهشمند ٿي ته هتان جي ماڻهن ٽن طريقن سان آزاديءَ جي راهه ۾ ڪم ڪيو. هڪڙن اسيمبليءَ ۾ وڃي ميمبر ٿي ملڪ جي حقن جي حفاظت جو آواز اٿارڻ شروع ڪيو، ٻين دهشت پسندي ۽ تشدد ذريعي آزادي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٽين وري مهاتما گانڌيءَ جي رهنمائيءَ هيٺ اهنسا جي اصول تي قائم رهي انگريزن سان تعاون نه هئڻ، سوِل نافرماني ۽ بائڪاٽ وغيره جي طريقن تي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي. پوءِ ٿوري وقت اندر لکين ماڻهون جيلن ۾ ويا، لٺيون جھليائون، سينن تي گوليون سٺيائون، ملڪيتون ۽ جائدادون ضبط ڪرايائون. پر آزاديءَ جھڙي لهر کي برٽش امپائر جھڙي طاقتور قوت روڪي نه سگهي. ۽ بين الاقوامي عام راءِ انگريزن کي مجبور ڪيو ته هندستان خالي ڪري وڃن. هتي اسان به ساڳئي طور تي مٿين ٽن طريقن سان سامراجين کي مجبور ڪري آزادي حاصل ڪري سگھنداسون. جڏهن اسان جا هزارين جيلن ۾ وڃي لٺين کائڻ لاءِ تيار ٿيندا ته دنيا جي عام راءِ ۽ آزاديءَ جا همدرد ملڪ اسان جي مدد ڪندا ۽ اهو وقت پري ناهي جو سنڌو ديش به دنيا جي نقشي تي آزاد ملڪ جيان اڀري اچي. پر ان لاءِ پهريون قومي ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ ضروري آهي ۽ ماڻهن ۾ آزاديءَ لاءِ جذبي جو پيدا ٿيڻ لازمي آهي. کري ۽ کوٽي کي سڃاڻڻو آهي. ڪرسيءَ جي بکئي ۽ لالچي ماڻهن کي تحريڪ جي آڏو اٿڻو ناهي ۽ انهن جي دوکيبازين کان بچي سنڌ ۽ سنڌ جي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. شخصي ليڊر شپ جي جاءِ تي گڏيل ليڊرشپ ۽ اصولن لاءِ ڪم ڪرڻ جي ماڻهن ۾ عادت پيدا ڪرڻي آهي. پوءِ اهو ڏينهن پري ڪونه ٿيندو جو اسان باوجود مٿي ڄاڻايل مشڪلاتن جي سنڌي آزاد ڪرائي سگھنداسون.

سوال: مرحوم ذالفقارعلي ڀٽي جي حڪومتي دور ۾ هن پنجاب کي وڏا فائدا ڏنا جھڙوڪ: نوي هزار قيدي آزاد ٿيا، ڀارت وٽان ڦٻايل ملڪ جو حصو واپس ورتو، لاهور ۾ خشڪ بندر ٺهيو، آئين ۾ پنجاب جي بهتري حاصل ٿي. مقامي قومن جو وجود آئيني طور ختم ڪيو ويو وغيره ، پوءِ ڪهڙو سبب هو جو پنجابين پنهنجي وڏي خير خواهه کي ڦاسيءَ چاڙهيو؟


جواب: انهيءَ مسئلي کي پوري طرح سمجھڻ کان سواءِ ڪيل سوال جي دائري ۾ ان جو جواب ڏيڻ حقيقت جي پوري طرح عڪاسي ڪري نه سگھندو؛ تنهنڪري آءُ بهتر ٿو سمجھان ته ان مسئلي تي تاريخي پس منظر سان نگاهه وجھي جواب ڏنو وڃي. هندستان هڪ برصغير آهي، ان ۾ مختلف جاگرافي خطن، جدا جدا آبهوائن، مختلف قومن، جدا جدا مذهبي خيالن، جدا جدا زبانن ۽ نسلن جا ماڻهون رهندا آهن. ان تي ٻن حقيقتن يا جزن (factors) پنهنجي نقطه نظر کان اثر انداز ٿيڻ ڪوشش پئي ڪئي آهي. هڪ طرف جاگرافيءَ ۽ تاريخي بنيادن تي، ماحول ۽ مختلف سببن جي ڪن مخصوص ٽڪرن (خطن) ۾ مختلف زبانن، نسلن، ڪلچر، سياسي ۽ اقتصادي فائدن گڏجي قومون بنائڻ جو ڪارنامو سرانجام پئي ڏنو آهي. ٻئي طرف مختلف نظرين جي بنياد تي مذهبي ماڻهن يا بادشاهن ملڪ کي گڏي هڪ ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. ٻنهي ڌرين کي پنهنجا پنهنجا دليل ۽ جواز پئي رهيا آهن. ان پسمنظر کي سمجھڻ لاءِ آئون ٻن هزار سالن جي تاريخ ۽ ان تي ڄاڻايل ٻن حقيقتن جي پاڻ ۾ تضاد وارن اختلافن کي ٽن دورن ۾ ورهائي ذڪر ڪندس. هڪ دور مها راجا اشوڪا کان وٺي انگريزن جي دور تائين شمار ڪري سگھجي ٿو. ٻيو دور پاڪستان ٺهڻ کان وٺي يحى خان جي دور تائين ليکبو. ٽيون دور ڀٽي ۽ موجوده حڪومت جو دور سڏي سگھجي ٿو. پهرين دور ۾ هڪ طرف ٻڌن، هندن،۽ مسلمانن پنهنجي مذهبي نظرين جي آڌار تي سامراج برپا ڪري متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ٻئي طرف مڪاني سياسي ۽ اقتصادي اختلافن آبهوا جي تفاوت ۽ نسلن جي جدا گانه حيثيت ماڻهن کي ڪن خاص خطن ۾ قومن جي صورت وٺائڻ ۾ مدد پئي ڪئي آهي. ڪڏهن طاقت جي زور تي اشوڪا ٻڌڌرم جي بنياد تي سڄي هندستان کي متحد ڪرڻ جي پاليسي پئي هلائي ته ڪڏهن ”وڪر ماجيت“ جي دور حڪومت ۾هندو مذهب کي زور وٺائي ان ذريعي هندستان ۾ هڪ خيال ۽ يڪجھتي ويدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪڏهن وري مسلمانن جي دور حڪومت يعني علاءُالدين خلجي ۽ اورنگزيب جي ڏينهن ۾ هندستان جي مختلف پرڳڻن کي فتح ڪري اسلام جي بنياد تي سڄي هندستان کي متحد ڪرڻ ڪوشش ڪئي وئي. اهي ڪوششون پرڳڻن جي اختلافن، آبهوائن جي تفاوت، ماحولن، نسلن، ٻولين ۽ تهذيبن جي جداگانه وجودن سبب عارضيءَ طرح ڪاميابيءَ جي ويجھو نظر آيون، پر مڪمل طرح ڪامياب نه ٿي سگھيو ۽ نه مختلف سامراج گھڻو وقت جٽاءُ ڪري سگھيا. ٻيو دور پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي يحى خان جي دور تائين هليو. هن دور ۾ تاريخي حقيقتن کي نظرانداز ڪري اسلامي نظرين جي بنياد تي پاڪستان ۾ مختلف شريڪ قومن کي سندن زبانن، تاريخي روايتن، تهذيبن، سياسي ۽ اقتصادي مفاد ۽ تاريخي ۽ جاگرافيائي حقيقتون جدا هيون. ان ڪري اهي ڪوششون ڪامياب ٿي نه سگھيون. ان مذهبي ڏاڍ جي ڪري مورڳو اوڀر پاڪستان ، بنگلاديش جدا قومي حيثيت حاصل ڪري آزاد ٿي ويو. تجربي جي بنياد تي سياستدانن کي سڄي مسئلي تي نئين سر غور ڪرڻ گھربو هو، پر ائين نه ٿيو. ڀُٽي جي دور حڪومت ۾وري ساڳيون غلطيون مذهب جي نالي ۾ دهرايون ويون. رهيل پاڪستان ۾ تاريخي ۽ جاگرافيائي وجود رکندڙ قومن (سنڌين، پنجابين، بلوچن ۽ پٺاڻن) کي زبردستيءَ هڪ قوم ” پاڪستاني قوم “ بنائڻ جي ڪوشش جاري رکي وئي. هيءَ ڳالهه پاڪستان ٺهڻ بعد پيدا ٿيل ”نظرئي پاڪستان“ جي هڪ ڪڙي هئي. ڀُٽي صاحب پنهنجي دور۾ جيڪي ڪم ڪيا انهن جي جدا حيثيت ڪانه هئي. پر مٿي ڄاڻايل مختلف دورن ۾ ايجاد ڪيل نظرين جي شاخ هئا. مهاجر ـ پنجابي سامراجين سنڌ مان ڀٽي صاحب کي ذهني صلاحيتن جو مالڪ سمجھي اقتدار لاءِ چونڊي پنهنجي اصل مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڪم آندو. ڀٽي جي پنهنجي آزاد حيثيت ڪانه هئي، پر هو ان نظرياتي گروهه جو گماشتو هو. ان ڪري جڏهن مهاجر ـ پنجابي سامراج ڏٺو ته ڀٽو پنجن سالن جي ڪوششن باوجود پاڪستان کي حقيقي طور ” هڪ ملڪ “ بڻائي نه سگھيو ۽ نه ” گھڻ قومي اختلافن “ کي پوري طرح ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جيتوڻيڪ سنڌين، پٺاڻن ۽ بلوچن طرفان قومي حقن جي گھر تي مٿن بغاوت جا ڪيس هلائي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ان ۾ حقيقي ڪاميابي ڪانه ٿي سگھي هئي. ٻئي طرف ڌارين سامراجين جي ڦر لٽ سببان سنڌ ۾ پيدا ٿيل رنجيدگي ۽ بي اطمينانيءَ ”سنڌو ديش“ جي آزاديءَ جي تحريڪ اڀري آئي هئي. اهي ٻئي ڳالهيون مهاجر ـ پنجابي سامراج جي موت جو ڪارڻ بڻجي سگھيون ٿي. جيئن ته نظرياتي طرح ماڻهن کي متحد ڪرڻ جا تصور تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي بنياد تي پدا ٿيل قومن جي خلاف هئا، ان ڪري ڀٽو صاحب پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ٿي نه سگھيو. تنهن ڪري( مهاجر ـ پنجابي سامراجين ) ڀٽي کي اقتدار اعلى تي آندوهو، تن کس مکيه مقصد ۾ ناڪام ٿيڻ ڪري اقتدار تان هٽائي کيس ناڪاميءَ جو جوابدار سمجھي آخر ۾ ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏيو. ڀٽي صاحب نه صرف اسلام جي بنياد تي پر سوشلزم ۽ جمهوريت جي نالي ۾ ماڻهن کي متحد ڪرڻ ٿي گھريو، پر جنهن صورت ۾ تاريخي ۽ جاگرافيائي حقيقتون نظرياتي بنيادن تي ملڪ کي متحد ڪرڻ جي خلاف هيون، ان ڪري ڀٽو صاحب رٿيل مشن ۾ ناڪامياب ٿيو. هن وقت کيس اقتدار تان هٽائيندڙ ماڻهو (مهاجر ـ پنجابي سامراج)سوشلزم ۽ جمهوريت جي نعرن کي ڇڏي صرف مذهب جي نالي ۾ ماڻهن کي زوريءَ پاڪستاني قوم بنائي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر اهي به ناڪامياب ٿيندا، ڇاڪاڻ ته هزارن سالن جي تاريخي، جاگرافيائي، زباني، تهذيبي، سياسي ۽ اقتصادي اختلافن هوندي اهو منصوبو پورو ٿي نه سگھندو. هنن ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏئي مهاجر پنجابي سامراج جي هڪ هٽي ( Monopoly ) ۽ قبضي کي مظبوط ڪرڻ ۽ اڀري آيل گھڻ قومي لاڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪا پاليسي هلائي آهي سا ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب نه ٿيندي، پر ڏک اهو ٿيندو ته هنن سامراجين جي مذهبي ڏاڍ جي ڪري ماڻهن مان مونڳو اسلام جي محبت به ختم ٿي ويندي. لطيف سرڪار فرمايو آهي
ڪٺيس ڪويڄن، تن طبيب نه گڏيا
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏين ڏکويو!
 
سوال: ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي وڏيرن ۽ مفاد پرست ۽ انهن کان سواءِ ٻيا اڪثر ماڻهو” جيئي سنڌ تحريڪ “کي سمجھڻ لڳا آهن ۽ چاهن ٿا ته” سنڌ ۽ سنڌين جو حل پاڪستان جو ٽٽڻ“ آهي. ان جذبي منظم ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟

جواب: ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کان پوءِ سنڌ جي اڪثر عوام ۾ پاڪستان جي خلاف جيڪو ردعمل پيدا ٿيو آهي سو پخته دماغي ۽ صحيح شعور جي ڪري نه ٿيو آهي، پر هڪ جذباتي رجحان آهي. پر جيڪڏهن ڪٿي اهو ردعمل صحيح صورت ۾ آهي به ته اهو اسان جي جيئي سنڌ تحريڪ جي لاڳيتي ۽ وقت بوقت اٿاريل آواز جو نتيجو آهي. ڀٽي جي ڦاسيءَ کان اڳ ڪي مخلص ماڻهو صحيح حقيقتن کان واقفيت نه هئڻ ڪري مون وٽ آيا ۽ چيائون ته آئون ڀٽي کي ڦاسيءَ کان بچائڻ لاءِ رحم جي اپيل ڪريان. مون کي خبر هئي ته ڀٽي صاحب پنهنجي دور حڪومت ۾ مهاجر ـ پنجابي سامراج کي وڏا فائدا رسايا ۽ٌ سنڌ کي نقصان پهچايا هئا، پوءِ به حالتون ان ڪڙيءَ تي وڃي بيٺيون جو کيس اقتدار تي آڻڻ وارين ڌرين مٿس ڪيس هلائي ڦاسي ڏيڻ پئي گھري. انهن ساڳين سامراجين مون کي سنڌي قوم جي آزاديءَ جي آواز ڪڍڻ سبب، بنا ڪيس هلائڻ جي دائمي نظربند ڪري ڇڏيو هو. دنيا جي وڏن اڳواڻن جمي ڪارٽر، برزنيف، ڪرٽ والڊهائيم، فرانس جي صدر، شاهه خالد ۽ ٻين جي ” رحم جي اپيلن“ جي باوجود سامراجين ڀٽي کي آزاد نه ڪيو، سي مون جھڙي ۽ سندس بنيادي مخالف جي اپيل تي کيس ڪيئن ڇڏي پئي سگھيا، سا ڳالهه پڌري پٽ پئي هئي. ڀٽي جي پوئلڳن کي اڃان صحيح سمجھه نه آئي آهي ۽ اهي اڃان به هڪ ڀيرو (پنجاب جي پٺيان لڳي) گمراهه ٿي سگھن ٿا. اها ڳالهه سمجهڻ جي لائق آهي ته انسان روح ۽ مادي جو مرڪب آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو شخصي طرح خراب ڪم ڪري ٿو ته ان جي کيس سزا عملي طور دنيا ۾ ملي ٿي. پر ڪي ڏوهه اهڙا به آهن جن جو قوم جي مجموعي مفاد، اخلاق ۽ مستقبل جي زندگيءَ سان واسطو رهي ٿو. انهن جي سزا عملي دنيا ۽ نتيجن جي دنيا (تاريخي دنيا) ٻنهي ۾ ملڻي آهي. ( ان ئي اصول تي مختلف مذهبن وارن عملن جي سزا وارو تصور ايجاد ڪيو آهي. ) ان ڪري ضروري آهي ته ڀٽي صاحب جي سنڌي پوئلڳن کي هاڻ پاڪستان جي سياست ڇڏي ”سنڌ جي سياست“ ۾ ايمان رکي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪرڻ کپي. سنڌ ۾ پاڪستان ۽ پنجاب جي خلاف پيدا ٿيل آواز کي وڌائي منظم ۽ مظبوط ڪرڻ کپي. اهو ئي واحد حل ۽ نجات جو ذريعو آهي.
سوال: پاڪستان کان سنڌ کي آزاد ڪرائڻ جي جدوجهد ۾ اسان سنڌين جو بلوچن سان اتحاد ڪرڻ ڪيتري قدر فائديمند ثابت ٿيندو؟

جواب: مون کي صحيح طور معلوم نه آهي ته بلوچن جي موجوده ليڊرشپ جا اصل ارادا ۽ مقصد ڪهڙا آهن. جيڪڏهن اهي بلوچستان کي جدا ملڪ سمجھي پاڪستان کي ڊاهي پنهنجي ملڪ کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا ته ان حالت ۾ اسان مظلوم جي حثيت ۾ هم زخيال مظلوم قوم سان گڏجي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪري سگھون ٿا ۽ اها جدوجهد اسان لاءِ فائديمند ٿي سگھي ٿي. جيتري قدر مون غور ڪيو آهي ته موجوده پاڪستان جي چئن پرڳڻن مان پٺاڻ ۽ پنجابي سامراجين جي مرضي آهي ته سنڌ کي ڪالوني بنائي ان جو اقتصادي، سياسي ۽ تهذيبي استحصال ڪيو وڃي. سنڌ ئي اهو واحد صوبو آهي جو مالي وسيلن ۾ زرخيز آهي. ان کي سمنڊ ڪنارو آهي، ٻاهرين ملڪن سان واپار لاءِ بندر آهي. ان ۾ کاڻين ۽ تيل ملڻ جا امڪان آهن. هتي هنري ڪارخانن کولائڻ لاءِ سهولتون موجود آهن. سنڌ ۾ زراعت ۽ مالداريءَ لاءِ گھڻا موقعا ميسر آهن. سامونڊي مڇي گھڻي انداز ۾ مري ٿي ان ڪري باقي صوبا، جيڪي اقتصادي وسيلن ۾ گھٽ آهن سي مشڪل سان استحصال مان هٿ ڪڍن، ڇاڪاڻ ته اهي سنڌ جي ڪمائيءَ وسيلي ئي پنهنجي خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ جا خواب ڏسي رهيا آهن. تنهنڪري آخرڪار اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهي آزادي حاصل ڪرڻي پوندي.
شاهه لطيف جو هيٺيون بيت اسانجي رهنمائي ڪري سگھي ٿو:

هيڪليائي هيل، پورينديس پنهونءَ سين،
آڏا ڏونگر، لڪيون، سوريون سجھن سيلهه،
ته ڪر ٻيلي آهن ٻيلهه، سور پريان جا ساڻ مون!

اتحاد هميشه هم خيال ۽ مقصدن جي هڪجھڙائي رکندڙ قوم سان ٿي سگھي ٿو. باقي مستقل مفاد سامراجين سان اتحاد ڪرڻ غلطي ٿيندي، ان ڪري ڪنهن به هم خيال ۽ مظلوم قوم سان اتحاد فائديمند ٿي سگھي ٿو.

سوال: ڇا موجوده صورتحال ۾ اوهان جي تحريڪ جا ماڻهو چونڊن ۾ حصو وٺندا؟ ڇا چوندون سنڌ جي بنيادي مسئلن جو حل آهن.؟
جواب: موجوده پاڪستان جي آئين موجب سنڌ کي نه جدا آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت حاصل آهي ۽ نه ان جوجدا قومي وجود برقرار آهي. موجوده آئين ۾ اسان هڪ وڏيءَ پنجابي قوم جي قبضي هيٺ اقليت طور غلام رکيا ويا آهيون. سنڌ جا مفاد ۽ پنجاب جا مفاد ساڳيا ناهن، پر متضاد آهن. جا ڳالهه هنن لاءِ فائدي واري آهي، سا اسان جي نقصان جو ڪارڻ بنبي ۽ جيڪا اسان لاءِ فائدي واري آهي، سا هنن کي نقصان رسائيندي. هن آئين مطابق چونڊن ۾ حصو وٺڻ پنهنجي اقليت ( ٿورائي ) کي تسليم ڪرڻ، قومي وجود جي انڪار کي قبول ڪرڻ ۽ سنڌين جي جدا ملڪي حيثيت تان هٿ کڻڻ جي برابر آهي. اسان جي مسئلي جو حل چونڊن وسيلي نه پر آزاديءَ جي جدوجهد وسيلي حاصل ٿي سگھندو. تنهن ڪري چونڊن لاءِ سوچڻ به پاڻ کي گمراهه ڪرڻ ۽ پاڻ کي غلط مفروضن ۾ ڦاسائڻ جي برابر ٿيندو. انڪري جيئي سنڌ جو ڪو به ماڻهو چونڊن ۾ حصو نه وٺندو.....

No comments:

Post a Comment