Monday 1 August 2011

ڪتاب رھبر سائين جي ايم سيد

سنڌ ھزارن سالن کان وجود رکي ٿي. سنڌي قوم ، انھئَ ھزارن سالن جي تسلسل ۾ وجود پذير ٿي. انھئَ جي گواھي سنڌ ۾ جڳھ جڳھ موجود قديم آثار ڏين ٿا. اھي آثار سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحالئَ جي پڻ ساک ڀرين ٿا.

سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالئَ جون گواھيون دنيا جي اوائلي تاريخن ۽ سياحن جي سفر نامن مان ملن ٿيون. سنڌ اوائلي دور ۾ زارعت جي ميدن ، ڪپڙي جي صنعت ۽ فن تعمير ۾ ڪافي ترقي ڪئي. انھئَ جو سبب اھو ھيو ته ان وقت سنڌ آزاد ھئي. انھئَ آزاديءَ واري دور ۾ ئي موھن جي دڙي واري تھذيب جنم ورتو ھيو ۽ آمري ،رني ڪوٽ ۽ ڪوٽ ڏجي جي تعمير ٿي ھئي.پر بار بار ٻاھرين حملن سنڌ تي ڌارين جي قبضي ، نسل جي بنياد تي اختيار ڪيل امتيازي سلوڪ ۽ مسلسل ڦرلٽ سنڌ جي ترقئَ جي رفتار کي نه صرف روڪيو ، بلڪ پٺتي ڌڪي ڇڏيو. جيئن ته غلامي واري دور ۾ قومن جي ترقي رڪجي وڃي ٿي. جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ اڄ ھڪ پٺتي پيل غلام ملڪ آھي. انگريزن جو سنڌ تي 104 سال قبضو رھيو. انھن به سنڌ کي خوب لُٽيو ۽ ڦريو. ھنن ريلوي لائين ۽ ڪجھ روڊ رستا ته ٺھرايا پر انھئَ جو مقصد صرف سنڌ مان ڪچو مال گڏ ڪري کڻي وڃڻ ھيو ۽ انجي جاءِ تي برطانيا جو تيار ڪيل مال سنڌ جي مارڪيٽ ۾ آڻي وڪرو ڪرڻ ھيو. چيو ٿو وڃي ته انگريز وڏا مھذب ھيا. ليڪن ھنن 104 سالن ۾ سنڌ ۾ ڪوبه جديد تعليم جو رواج نه وڌو. ڪابه جديد صنعت متعارف نه ڪرائي . صرف ڪوئلي تي ھلندڙ ڪاريون انجڻيون مال ڍوئڻ لاءِ کڻي بيھاريون ھيون. جڏھڻ سنڌ جي مارڪيٽ ۾ يورپ جي ڪارخانن جو تيار ٿيل ڪپڙو ، سنڌ جي اُڏاڻن ۾ تيار ٿيندڙ ڪپڙي جي ڀيٽ ۾ سستو ۽ ججھي تعداد ۾ آڻي رکيو ويو. ته انجو نتيجو اھو نڪتو جو سنڌ جي ڪپڙي جي اوائلي صنعت ختم ٿي وئي. ڪورڪو ڌنڌو ڪندڙ ماڻھن واپس زمين جو رُخ ڪيو ۽ اھڙي ريت سنڌ ترقئَ جي ميدان ۾ پٺتي رھجي وئي.سنڌ جي ماڻھن انگريزن جي دور ۾ پنھنجي قوم سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ غلامي خلاف جدوجھد جو آواز بلند ڪيو. ان وقت جيڪا صورتحال بڻي ان جي نتيجي ۾ سنڌ پاڪستان ۾ شامل ٿي. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ پنجاب پنھنجي بيروڪريسئَ طاقت جي زور تي نه رڳو حڪمرانئَ تي قبضو ڪيو پر پاڪستان ۾ شامل سمورن ملڪن کي غلام بڻائي ڇڏيو.

پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ شروعاتي دور ۾ سنڌ ۾ ٿوري گھڻي صنعتي ترقي ٿي بعد ۾ انھئَ جو مڪمل رُخ پنجاب طرف موڙيو ويو ۽ اڄ پنجاب صنعتي ملڪن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائڻ جھڙو اچي ٿيو آھي. پاڪستان ۾ شامل ٻين قومن جا وسيلا به ڦري مرڪز جي نالي ۾ پنجاب جي حوالي ڪيا ويا آھن ۽ خاص طور سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ جي ڀرمار آھي. نتيجي طور نه رڳو سنڌي قوم پٺتي پيل رھجي ويئي آھي ،ھوندي سوندي ، بُک، بيروزگاري ۽ مھانگائي آڳي پر ھاڻ ته سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو ڊپ آھي. ڌاري آبادڪاري نه رڪجي سگھي ته سنڌي پنھنجي وطن ۾ ھڪ ننڍڙي اقليت بڻجي ويندا.

سائين جي ايم سيد پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ڪوشش ڪئي ته پاڪستان ۾ سنڌي قوم کي پنھنجا حق حاصل ٿين، ليڪن ھتانجي حڪمرانن ، ڊڪٽيٽرشپ مڙھي ، يا عددي اڪثريت جي بنياد تي جمھوريت جو ڍونڍورو وڄائي ھتان جي قومن جو استحصال جاري رکيو. سائين جي ايم سيد شروعاتي دور ۾ سنڌ سان ٿيندڙ مڙني ناالصافين جي خلاف اسيمبلين جي ايوانن ۽ ٻين مختلف پليٽ فارمن تان آواز بلند ڪيو ، ليڪن جيئن پوءِ تيئن صورتحال اھڙي بڻجندي وئي جو سائين جي ايم سيد انھئَ نتيجي تي پھتو ته سنڌ جي مڪمل آزاديءَ کان سواءِ سنڌ جو مسعلو حل ٿي نه سگھندو. انھئَ لاءِ سائين جي ايم سيد . “ سنڌو ديش جي آزاديءَ جو نظريو ڏنو ۽ چيو ته سنڌ ھزارن سالن کان وجود رکي ٿي، سنڌي قوم کي پنھنجي ڌرتي ، ٻولي ڪلچر ، قومي ڪردار ۽ تاريخي روايتون آھن، قومن جي عالمي چارٽر موجب کيس آزاد رھڻ جو حق حاصل آھي.”

ڪي سياسي ورڪر اھو چوندا آھن ته سنڌو ديش لاءِ جدوجھد ڇو ؟ سنڌ جي حقن لاءِ يا پاڪستان ۾ ڪي آئيني رعايتون وٺڻ لاءِ جدوجھد ڇو نه ڪرڻ گھرجي؟ انھن لاءِ ھن ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد لکيو آھي ته :

“ سنڌين گھڻو صبر ڪري ڏٺو ته پاڪستان ۾ شامل ٿيل ملڪن خاص طور سنڌ سان انصاف ڪيو ويندو ۽ انھن جي حقن سان دست درازي نه ڪئي ويندي ، سندس سياسي آزادي اقتصادي خوشحالي ۽ ڪلچرل ترقئَ جي راھ ۾ رڪاوٽ نه وڌي ويندي ته پوءِ سڀ ملڪ گڏجي ھڪ ڪامن ويلٿ طور باھمي تعاون سان رھي سگھندا پر گذريل سالن جي تلخ تجربي ثابت ڪيو آھي ته پاڪستان جو حڪمران طبقو ( مھاجر پنجابي مستقل مفاد) يا انھن جا مڪاني ايجنٽ حالتن جو ضحيح اندازو ڪررائي سنڌين جي درد دکن کي دور ڪري سندن فلاح ۽ بھبوديءَ لاءِ ڪو قدم کڻندا، سان اميد ختم ٿي وئي آھي. ھو راه راست تي اچڻ يا سنڌين جي دانھن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھن، ھو سواءِ سندن سامراجي فسطائي نظرئي جي ٻي ڪابه ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھن.

ڪي وري اھو سوال اٿاري سگھن ٿا ته مھاجرن کي سيد “ مھاجر پنجابي مستقل مفاد ” سڏيو آھي ۽ وري مھاجرن کي ڳنڍڻ جي ڳالھ به ڪري رھيو آھي انھئَ لاءِ ھن ڪتاب ۾ لکيل آھي ته،

“جيڪي ماڻھو سنڌ جي سياسي آزاديءَ لاءِ مدد ڪندا پوءِ ڀارت ۾ رھاڪو سنڌي ھندو ھجن يا موجده آيل مھاجرن مان سنڌي قوم ۾ شامل ٿيڻ جا خواھشمند ٻاھريان ھجن ، تن کي سنڌ جو دوست ۽ خيرخواھ شمار ڪري سگھبو، پر جيڪي به ماڻھو سنڌ جي پاڪستان سامراج کان ٻاھر نڪرڻ ۾ رنڊڪون وجھندا پوءِ سنڌي مسلمان ھجن ، مھاجر ۽ پنجابي ھجن ، اھي سڀ سنڌ دشمن شمار ڪري سگھبا.”

سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ ۾ سيد لکيو آھي ته ، “ مھاجر ٽن حصن ۾ ورھائبا ، ھڪڙا سنڌين سان ملي سنڌي قوم جو حصو بڻجندا ، ٻيا سنڌين سان تصادم ۾ ايندا ۽ ٽيان ٻين ملڪن ڏانھن ( يورپ ۽ آمريڪا) لڏي ويندا.” اھڙي ريت سائين جي ايم سيد مھاجرن ۾ سنڌيت جي پرچار جاري رکي ھئي.

ڪنھن به انقلاب لاءِ ٻن ڳالھين جي ضرورت ھجي ٿي، ھڪ نظريو ۽ ٻي پارٽي، سائين جي ايم سيد ٻئي شيون ڏئي ويو آھي ، ان سان گڏوگڏ اھو به ٻڌائي ويو آھي ته جدوجھد جو طريقئه ڪار ڪھڙو ھوندو.

ھي ڪتاب جنھن جو نالو “ رھبر ” آھي اھو انھئَ سلسلي ۾ لکيل آھي. سائين جي ايم سيد ھن ڪتاب ۾ لکيو آھي ته اھي ڪھڙي معيار جا ھجڻ گھرجن ۽ انھن کي ڪيئن ڪم ڪرڻو پوندو. انھن جي تربيت ڪيئن ٿيڻ گھرجي ۽ کين ڪھڙا ڪھڙا مرحله طئي ڪرڻا پوندا. سنڌ ۽ پاڪستان جي باري ۾ انھن جا خيال ڪھڙا ھجڻ گھرجن، مذھب ، اسلامي رياست جو تصور، ٻه قومي نظريو انھن تي مختصر پر چٽئَ ريت بحث ڪيل آھي.

ھن ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ اھا ڳالھ بلڪل واضح ۽ چٽي ٿي بيھي ٿي ته سائين جي ايم سيد سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ھر طريقه ڪار ڪتب آڻڻ ٿي چاھيو، سائين جي ايم سيد دنيا جي انقلابن جو ڳوڙھو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ ئي ھي ڪتاب “رھبر” لکيو ھيو. سائين جي ايم سيد جي سامھون مھاتما گانڌيءَ جي عدم تشدد جي بنياد تي ھلايل تحريڪ به ھئي ته ويٽنام ، انگولا ۽ آئرلينڊ ۽ دنيا اندر ھلندڙ ٻيون آزادي لاءِ ھلايل گوريلا تحريڪون به ھيون. ھاڻ ھتي سوال اھو ٿو پئدا ٿئي ته سائين جي ايم سيد مھاتما گانڌيءَ کان تمام گھڻو متاثر ھيو ۽ پاڻ به عدم تشدد جي بنياد تي جدوجھد ڪندو رھيو. انھئَ جو جواب اھو آھي ته آفريڪا ۾ ھلندڙ سمورين آزاديءَ جي تحريڪن وٽ مھاتما گانڌيءَ لاءِ تمام وڏو احترام ھيو، مجھ تحريڪن ته جدوجھد لاءِ بنيادي روشنائي گانڌي جي کان حاصل ڪئي ھئي . پر پوءِ به ھنن جو جدوجھد جو طريقئه ڪار گوريلا جنگ وارو ھيو. ٻيو اھيو ته سائين جي ايم سيد سنڌو ديش جي آزادي لاءِ ٽي طريقئه ڪار ٽن الڳ الڳ نالن سان ۽ الڳ الڳ طريقن سان جدوجھد ڪرڻ واسطي ٻڌايا آھن انھن مان سائين پاڻ ، جيئي سنڌ محاذ جو صدر ۽ واحد مک پرچارڪ ھيو. جنھن لاءِ ھن ڪتاب ۾ ٻڌايو اٿس ته انھئَ کي عدم تشدد واري طريقئه ڪار سان ڪم ڪرڻو پوندو . پرچارڪن واري صيغي ۾ لکيل آھي ته انھن کي گفتگو ۽ رھڻي ڪرڻِ عدم تشدد تي عمل ڪرڻو آھي ۽ باقي ٻيون تنظيمون به قائم ٿيڻيون ھيو جنھن لاءِ سيد ڪوشش ه ورتي پر اھي قائم ٿي نه سگھيون. انجو ھڪ سبب اھو ھيو ته سيد پاڻ مسلسل نظر بند ھيو. ساڻس مالاقات تي به بندش وڌل ھئي ۽ اُن وقت نه ته سيد وٽ ليڊرن جي کيپ ھئي ۽ نه وري قوم ۾ شعور ھيو. اھو ئي سبب آھي جو سيد سڀ کان پھريان قوم ۾ قومي جاڳرتا پئد ا ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪئي ، نظربنديءَ واري دور ۾ ڪيئي ڪتاب لکيا ۽ جڏھن آزاد ٿيو ته عوام سان رابطي واري مھم تي نڪر پوندو ھيو ۽ پوءِ وري گرفتار ڪيو ويندو ھيو. ڪيترائي نوجوان جڏھن سائين جي ايم سيد وٽ ايندا ھيا ۽ اچي چوندا ھيا ته تشدد جي اجازت ڏيو. اھي تشدد جي اجازت ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ساڻن ڪم ڪندڙ شاگردن سان وڙھن لاءِ گھرندا ھيا. لازمي آھي ته سيد اھڙي اجازت ڪيئن ٿي ڏئي سگھيو. ڪن حالتن ۾ نوجوان اسلحو کڻي اچي جلسن ۾ نمائش ڪندا ھيا ته انھئَ لاءِ به سيد منع ڪندو ھيو. نه رڳو منع ڪندو ھيو پر ناراض به ٿيندو ھيو. اھو انھئَ ڪري ته اھا اسلحي جي نمائش ھوندو ھئي. صرف شو بازي ڪرڻ،لئي ڪرڻ ۽ علائقائي طور دٻدٻو قائم ڪرڻ واسطي. انھي ۾ نه ايمانداري ھوندي ھئي ۽ نه سچائي ۽ نه وري گوريلا جنگ جو طريقئه ڪار انھئَ جي اجازت ڏئي ٿو. ٻيو اھو ته انھئَ نمائش ڪرڻ لاءِ کين پارٽئَ پاران به اھڙو ڪو به حڪم ڏنل نه ھيو. ته پوءِ اھي اسلحو ڇو کڻي ايندا ھيا؟ ڇو اچي نمائش ڪندا ھيا؟ انھئَ سوال جو جواب به ھن ڪتاب جي مطالعي مان پاڻ مرادو ملي سگھندو . ھي ڪتاب بلڪل واضح ڪري ٿو ته سائين جي ايم سيد آزاديءَ جي جدوجھد لاءِ دنيا اندر مروج سمورن طريقه ڪارن کي ڪتب آڻڻ جو خواھان ھيو ۽ جدوجھد جو ڪو به دروازو بند ڪرڻ نٿي چاھيو.

ھي ڪتاب بلڪل واضح نموني ٻڌائي ٿو ته ھٿياربند جدوجھد ۽ شوبازيءَ ۾ ڪيئن فرق آھي. انقلابي ڪارڪن جو طريقئه ڪار ڇا ھجڻ گھرجي؟ اھو ھن ۾ واضح آھي.

سنڌ ۾ ڪجھ نوجوان اسلحي جي نمائش کي انقلابي جدوجھد سان ڀيٽيندا رھيا آھن، خاص طور 1983ع کان پوءِ 1989ع تائين اھي جلسن ، جلوسن ۾ پنھنجي روءِ سوءِ اسلحي جي نمائش ڪندا رھيا. اھو ڪو پارٽي فيصلو نه ھيو،نه ئي اھي ڪارڪن پارٽئَ جي انقلابي ھٿيار بند جٿي جا مبصر ھُيا. ڇو ته پارٽئَ انھي وقت اڃان اھڙو ڪوبه جٿو قائم نه ڪيو ھُيو ۽ عدم تشدد واري رستي تحت جدوجھد ڪري رھي ھئي. ھن ڪتاب ۾ انھئَ سلسلي ۾ لکيل آھي ته “ ھن ڪارڪنن کي پنھنجي ويجھي کان ويجھي عزيزن کي به پنھنجي سرگرمئَ کان واقف نه ڪرڻو آھي.” ھونءَ به انھئَ جٿي جا ڪارڪن ڪڏھن به ڏيکاءُ وارو ڪم نه ڪندا آھن. پر ھتي سنڌ ۾ جيڪي انقلابي جٿي جا ڪارڪن نه ھيا اُھي اسلحي جو نماءُ ڪري ڏاڍا لطف اندوز ٿيندا ھُيا يا اھڙو ڏيک ظاھر ڪندا ھيا ۽ اھو رجحان ھڪ مخصوص عرصي تائين رھيو ۽ بعد ۾ انھن مان ڪيترا ته سنڌو ديش جي آزاديءَ واري تحريڪ سان ئي لاتعلق ٿي ويا آھن. ھٿياربند جدوجھد ۽ ڀوڳ،مذاق يا شوبازيءَ ۾ فرق آھي. ھر ماڻھوءَ پاران اسلحو ڳچئَ ۾ وجھي گھمڻ ۽ “ ٺا ٺا ” ڪرڻ کي ھٿيار بند جدوجھد ھڪ انقلابي طريقئه سان ئي وڙھي سگھجي ٿي.

ڪي وري ڇڙواڳ نموني اسلحي جي ڪيل نمائش شوبازي ، ٽرڙپائي کي بنياد بڻائي مورڳو ھٿاربند جدوجھد جي ئي مخالفت ڪندا آھن. اھي مڪمل طور عدم تشدد وارورستو اختيار ڪرڻ لاءِ سرد جنگ جي خاتمي کي مثال طور پيش ڪن ٿا.

سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ دنيا اندر مسلح جدوجھد ۾ ڪمي ضرور آئي آھي. پر اھا مڪمل طور ختم نه ٿي آھي. اڄ به ڪشمير کان چيچنيا تائين انھئَ جا ڪيترائي مثال ڏئي سگھجن ٿا.اڄ به آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪندڙ پنھنجن گوريلا ڪار روائين ۾ مصروف آھن. ھونءَ به حالتن جي تبديلئَ سان ڪوبه طريقئه ڪار مڪمل ختم نه ٿي ويندو آھي پر انھئَ ۾ وقتي ماٺار ٿيندي آھي.

مظلوم قومن جي آزاديءَ واري جدوجھد ۾ ڪنھن به طريقئه ڪار کي گناھ سمجھڻ خود ھڪ نئين گناھ ڪرڻ جي برابر آھي. انڪري حالتن جي مناسبت سان عدم تشدد واري جدوجھد يا مسلح جدوجھد جو طريقئه ڪار اختيار ڪري سگھجي ٿو.

سائين جي ايم سيد سنڌو ديش جو نظريو ڏنو ۽ ان سان گڏوگڏ جدوجھد جي سلسلي ۾ رھنمائي ڪرڻ واسطي ھي “ رھبر ” لکيو جيڪو قومي تحريڪ جي ڪرڪنن جي جدوجھد جي حوالي سان رھنمائي لاءِ قدر بھتر ثابت ٿي سگھي ٿو. جيئن ته اداري جو مقصد سائين جي ايم سيد جون لکتون ، سائين جي ايم سيد متعلق لکيل لٽريچر، يا سيد جي نظرئي جي حق ۾ لکيل مواد کي ڇپائي عام خلق جي آڏو آڻڻ آھي. انڪري اداري سيد صاحب پاران قومي تحريڪ جي ڪارڪنن لاءِ لکيل “ رھبر ” کي ڇپائڻ ضرورو سمجھيو ته جيئن سائين جي ايم سيد پاران. سنڌ جي آزاديءَ جي جدوجھد واسطي طريقئه ڪار متعلق به ڪارڪنن ۽ عام خلق کي معلومات ملي سگھي. سائين جي ايم سيد جي زندگي ۾ ھن طريقئه ڪار تي ڪيترو عمل ٿي سگھيو ۽ ھاڻ به ڪير اھو طريقئه ڪار اخيتار ڪري ٿو يا نٿو ڪري اھو سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪندڙ پارٽين جو پنھنجو مسئلو آھي. اھو اداري جو مسئلو نه آھي. اداري جو ڪم صرف سائين جي ايم سيد جو اڻ ڇپيل مواد ڇپائي پڌرو ڪرڻ آھي ۽ اھو انھئَ ڪري به ضروري آھي ته سائين جي ايم سيد جي ڪيل ھر ڪاوش کان ھر عام و خاص واقف ھجڻ گھرجي ، ھونءَ به عالمي پائي جا جيڪي اڳواڻ آھن، انھن جي تحريرون ، تقريرون ۽ ڪيل جدوجھد کي عام خلق ۽ مظلوم قومن جي رھنمائي واسطي ڇپائڻ ھڪ چڱو ڪم آھي بلڪ اھو تاريخ جو ھڪ رڪارڊ آھي جيڪو ڇپائڻ ضروري ھجي ٿو.
                                        
                                                                      ليکڪ آزاد قاضي

1 comment:

  1. سائين اهو ڪتاب سافٽ ڪاپي ۾ کپي....

    ReplyDelete