Friday 18 November 2011

شھيد عنايت الله عليه عرف شاھ شھيد صوفي جھوڪ : سائين جي ايم سيد


شھيد عنايت الله عليه عرف شاھ شھيد صوفي جھوڪ

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين ، آديسي اُٿي ويا مڙھيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين ، سي لاھوتي لڏي ويا
( شاھ سائين )

سنڌ پيغمبر خدا حضرت رسول مقبول صلعم جو پيارو مُلڪ آھي . ان کان کيس ٿڌي ھِير آئي ھئي. اھو ملڪ ڪيترن ئي بھترين روايتن جو حامل آھي. محبت ، سلامتي ۽ عالم جي آبادي اُن جا خاص پيغام رھيا آھن . نفرت ، فساد ، بدخواھيءَ کان ان جا رھاڪو اڪثر پاسي رھيا آھن.
سنڌ ھڪ مردم خيز ملڪ آھي ، ان جي سرزمين ڪيئي بزرگ پيدا ڪيا ، جن جون مزارون ۽ مقبرا ، سماڌيون ۽ آشرم اُن جي گوشي گوشي ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪو به وقت اھڙو به ھو جو ھِتي جا درويش ۽ عالم لاھور ، دھلي ، برھانپور ، گجرات بلڪ عرب تائين وڃي پيغام حق جو آواز بلند ڪندا ھئا. پر اڄ اُھي مڙھيون ۽ مڪان خالي نظر اچن ٿا. شاھ لطيف رح اھڙي حالت کي ڏسي فرمايو آھي :
ويا سي وينجھار ، ھيرو لعل ونڌين جي ،
تنين سندا پويان ، شيھي لھن نه سار،
ڪٽين ڪٽ لھار ، ھاڻي انھين ڀيڻين. (شاھ)
انسانذات جي رھبري ۽ ھدايت ، اتحاد ۽ امن ، ترقي ۽ تھذيب لاءِ جي راھون ۽ رستا رٿيا ويا آھن ، مذھب جو انھن ۾ مکيه درجو آھي . ليڪن مذھب جون به ٻه جدا تشريحون پئي ڪيون آھن.
ھڪڙي جو واسطو.
عام ماڻھن جي ضروريات ، حالات ۽ نفسيات جي بنياد تي رٿيل رسم ۽ رواج ، عبادت ۽ دستورن سان پئي رھيو آھي جنھن کي مسلمانن ۾ عام طور شريعت جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
ٻي تشريح جو لاڳاپو.
رموز حقيقت ۽ اسرار ڪائنات جي کوجنا ، اتحاد انساني ، امن عالم جي مقاصد ۽ ماڻھن جي ذھني صلاحيت ۽ نفسياتي اصلاح سان پئي رھيو آھي ، جنھن کي عام طور طريقت يا تصوف جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ھن پوئين سمجھاڻي جا ڄاڻو ھر ملڪ جي رھاڪن ، ھر قوم جي ماڻھن ۽ ھر مذھب جي پوئلڳن اندر موجود پئي رھيا آھن . جن جا مقصد ۽ مُرادون ساڳيا ھئا.
انھيءَ تشريح جي ڄاڻن اڪثري محدود دائري اندر ڳُجھي نموني سينه سينه رازن ذريعي انھيءَ تعليم کي ( گيانوان) راسخ العلم ، اھل نظر ۽ صاحبِ دل ماڻھن ۾ پئي پکيڙيو آھي. مسلمانن جي انھيءَ گروھ کي صوفي سڳورن جي نالي سان پئي ڪوٺيو آھي.
اھڙن بزرگن جا ھر مُلڪ ۽ زماني ۾ ادارا (Institutions) ھئا. سنڌ ۾ به اھڙا ادارا يا آشرم رھيا آھن. رواجي طرح ته ساري سنڌ درويشن جي درگاھن سان ڀري پئي آھي . جن جون درگاھون اڄ تائين عام خاص جون زيارت گاھون پئي رھيون آھن.
پر ھتي آءُ صوفي ادارن جو ذڪر ڪريان ٿو . ھي ادارا منھنجي نظر ۾ بين الاقوامي اتحاد ۽ اَمن جي پرچار جا مرڪز پئي رھيا آھن. جن جو وجود ھر ملڪ ۽ زماني ۾ پئي رھيو آھي . انھن جا قِسم ۽ مَتا ساڳيا رھيا آھن. ليڪن طريقه ڪارعلحده ھئن.
ھڪڙن علم ۽ گيان کي ترجيح ٿي ڏني ، ته ٻين عشق ۽ ڀڳتيءَ کي رھبر راھ ٿي بنايو.
ھتي آءُ شاھ عنايت الله عليه صوفيءَ جھوڪ واري جو ذڪر ڪريان ٿو. جنھن صوفياني تعليم جي چوٽ تي کُليو کُلايو ان دور ۾ ظاھر ڪيو جڏھن اڃا اورنگزيبي ڪٽرپڻو مُلا جو زاد راه ھو. ان ڳالھ جي ھن پرواھ نه ڪري حق جو آواز بلند ڪندي سر ڏيئي سرھو ٿيو. ھن جي پيغام ۽ تعليم جي احوال ڪرڻ کان اڳ سندس شخصي زندگيءَ جو ذڪر ڪريان ٿو.
شخصي زندگي: شاھ عنايت الله عليه جي والد جو نالو مخدوم فضل الله ھو جو سنڌ جي مشھور بزرگ مخدوم صدرالدين عرف صدو لانگاھ عليه جي اولاد مان ھو.
ھي بزرگ ميران پور جي ڳوٺ ويجھو موجوده جھوڪ تعلقه مير پور بٺوري ۾ رھندو ھو. سندس سنه ولادت ۽ مفصل احوال محفوظ نه ٿيڻ ڪري ملي نٿو سگھي. ان ڪري سندس احوال چند پراڻن ڪتابن جھڙوڪ تاريخ تحفته الڪرام، مقالات شعرا ۽ ٻين ڪتابن ۽ ڏند ڪٿائن مان جيڪو ملي سگھيو آھي سو پڙھندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.
ھن بزرگ ظاھري علم ڪٿي ۽ ڪھڙن عالمن کان پڙھيو ان جو پتو نه آھي، البت سندس سلسله طريقت جو احوال ملي ٿو ته ھي مخدوم عبدالملڪ ولد شاھ عبيدالله برھانپوريءَ جو مريد ھو. اھو بزرگ سلسله قادريه سان واسطو رکندڙ ھو.جنھن بابت مختلف روايتن جو ذڪر مون سندس سجاده نشين سائين ميان عبدالستار صاحب جي زندگيءَ جي احوال ۾ پنھنجي تصنيف ” جنب گذاريم جن سين “ ۾ ڏنو آھي. جنھن کي ھتي دھرائڻ مناسب نٿو ڄاڻان. ھي ۽ صاحبڏنو فقير درازن وارو ھڪ ئي چشمه فيض مان سيراب ٿيا ھئا. جنھن جي اولاد مان سچل سرمست پيدا ٿيو .
ھن جڏھن پيغام حق پکيڙڻ شروع ڪيو ته سنڌ جي ڪُنڊ ڪُنڊ مان ڪيئي طالب اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا. انھيءَ وقت سنڌ تي مغل گورنرن جو راڄ ھو جي ٺٽي ۾ رھندا ھئا. اورنگزيب جي ڏينھن ۾ پيدا ٿيل تعصب جو اثر اڃا تائين مُلن تي قائم ھو . ان کانسواءِ ڀر وارا پِير جھڙوڪ: ميان عبدالواسع شاھ عبدالڪريم جي سجاده نشين ۽ زميندار جھڙوڪ: حمل جت ، وڏيرو نور محمد پليجو ٻيلي وارو. مُلن ھن جي تعليم ۾ سندن مستقل مفاد کي نقصان پھچڻ جو امڪان ڏسي مغلن جي نواب اعظم خان جي ڌيان تي شاھ عنايت الله عليه جي خلاف غلط خبرون ٻڌائي برخلاف ڪيو . ان دھليءَ جي مغل بادشاھ فرخ سير کي رپورٽ موڪلي صوفي صاحب خلاف قدم کڻڻ لاءِ اجازت گھري. ان تي ھن ميان يار محمد ڪلھوڙي،مير شھداد خان ۽ ڀر وارن زميندارن کي ، صوفي صاحب کي قيد ڪري وٺي اچڻ لاءِ حڪم ڪيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته فقيرن ڇھن مھينن تائين مقابلو ڪيو. جن شھيدن جا گنج اڃان تائين صوفي صاحب جي درگاھ ڀرسان يادگار ٿيا بيٺا آھن. نيٺ صوفي صاحب ماڻھن کي وڌيڪ خونريزي کان بچائڻ خاطر حڪومت جي ڪارندن جي وعدن ۽ انجامن تي ساڻن گڏجي نواب صاحب وٽ آيو. کيس خبر ھئي ته ساڻس ڇا ٿيڻ وارو آھي . نواب صاحب مُلن کي گھرائي ھن سان بحث مباحثا ڪرائي انھن کان سندس قتل لاءِ فتويٰ وٺي 17 صفر 1130ھ تي شھيد ڪرائي ڇڏيو ، قتل ٿيڻ مھل پاڻ فرمايائون:
سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد،
اين بار گر ان بود ادا شد چه بجا شد.
معنيٰ: حق جي راھ ۾ سر قربان ڪرڻ سان زندگيءَ جي بنيادي مقصد پوري ڪرڻ جو ذمون لھي وڃي ٿو.
سندس سلسلي طريقت جا ھيٺيان معتقد يا طالب رھيا آھن.
1. سيد جان الله شاھ رضوي روھڙيءَ وارو.
2. روحل فقير ڪنڊڙيءَ وارو.
3. فقير قادر بخش ” بيدل “ روھڙيءَ وارو.
4. سيد رکيل شاھ صوفي فتح پور گنداواھ.
5. صادق فقير صوفي عمر ڪوٽ
6. سيد قطب شاھ صوفي جھانيان حيدرآباد.
7. نواب ولي محمد خان لغاري تاجپور.
8. دريا خان فقير ھيسباڻي.
9. دلپت صوفي روھڙيءَ وارو ۽ ٻيا.
سندس مزار جھو جي ڳوٺ ۾ آھي جتي 17 صفر ھر سال سندس ورسيءَ تي ميلو لڳندو آھي. سندس مقبري تي لکھا روپيا خرچ ڪري يادگار قائم ڪيو ويندو آھي . ليڪن افسوس اھو آھي ته اھڙن بزرگ جي تعليم ، ملطوظات ۽ پيغام جي ھٿ ڪري پکيڙڻ طرف پورو توجھ نه ڏنو ويو آھي.
وقتي است که آ و ا ز ه ، منصور که ن شد،
من از جلوه دھم، دارو رسن مارا.
وانگر وقت آيو آھي ته انجي پيغام کي نئين سر ظاھر ڪري ملڪ مان نفرت ڪٽر پڻي ، مذھب جي غلط تشريح جي پاڙ پَٽڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي ، ھي سنڌ جو منصور ھو.
سندس تعليم ۽ پيغام: ھن جي بنيادي تعليم جا مَتا ھيٺيان آھن.
1. وحدت الوجود جو اظھار.
2. وحدت انسانيءَ جو پرچار.
3. وحدت مذاھب جو ذڪر اذڪار.
4. ظاھري شريعتن واري دين منظمن جي اھميت کان انڪار.
پھريون متو ، وحدت الوجود:
ھن نظريي کي ويدانيت ۽ پئنٿيزم جي نالن سان به سڏيو وڃي ٿو. ان نظريي مطابق ذات حقيقيءَ جي وجود کانسواءِ ٻي ڪنھن به وجود کي نٿو مڃيو وڃي. ان موجب ذات ھڪ آھي ٻي سڀ صفات آھي. ان نظريي کي مڃڻ ڪري دوئي گم ٿيو وڃي ھر ھنڌ ساڳي ذات جو ظھور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سندس سلسلي جو طالب دلپت صوفي فرمائي ٿو ته:
ھر شي دي وچ تونھين وسدا، اپنا آپ ڇپائيه ڪيون،
اندر ٻاھر تونھين وسيا ، بانورا لوڪ ڀلائيه ڪيون.
شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ تي صريحاَ صوفي صاحب جو اثر نمايان آھي جڏھن چوي ٿو ته:
جي تڙتک تنوار، وڻ ٽڻ وائي ھڪڙي،
سڀئي سي ٿيا، سوريءَ سزوار،
ھم منصور ھزار ، ڪھڙا چاڙھيو چاڙھين.

ٻيو مَتو ، وحدت انساني:
سندس تعليم جو ٻيو اصول وحدت انساني جي سڃاڻپ جو ھو . جو در حقيقت اسلام جو بنيادي پيغام ھو ، جنھن مطابق ماڻھن جي وچ ۾ مذھبن ، رنگن ، قومن ، نسلن ۽ نظرين جي نالن ۾ کڙي ڪيل نفاق جي ديوارين کي ٽوڙي اتحاد انساني پيدا ڪرڻو ھو.
قرآن ان لاءِ صاف لفظن ۾ فرمايو آھي ته ” کنتم امته واحدته“ معني : انسان اصل ۾ ھڪ ئي جنس ھئا. شيخ سعدي ان جي وڌيڪ تشريح ھيٺين طرح ڪئي آھي:
بني آدم اعضائي يک ديگر اندر ، که در آفرنش زيک جو ھراند،
چويک عضويٰ بدرد آورد روزگار ، ھم عضوھا رانماند قرار ـ
معني: انسان ذات اصل ۾ ھڪ جوھر مان پيدا ٿيل ھڪ جنس ۽ جسم وانگر آھي.
ان جو مثال اھڙو آھي جيئن ھڪ عضوي ۾ درد ٿيڻ ڪري سمورو جسم بي قرار ٿيو پوي.
ان تعليم کي وساري مُلن شريعت جي نالي ۾ ماڻھن ۾ فرق پيدا ڪري ڇڏيا ھئا جن اسلام جو بنيادي مقصد ختم ڪري ٿي ڇڏيو . ان جي رد ۾ صوفي صاحب جي پوئلڳن ھيئن ظاھر ڪيو ته:
حقيقت ۾ ھڪ ٿيو ، ڪُفر ۽ ايمان،
مظھر مولا پاڪ جو ، ھندو مسلمان ،
تارا ڪيا تا لان ، سورج سندي سوجھري.
”بيدل“
حقيقت ۾ ھڪ ٿيو ، اڇو ۽ ڪارو،
نينھ ھنيو نعرو ، ھر مظھر ۾ ھڪڙو.
” بيدل “

ٽيون مَتو ، وحدت مذاھب :
سندس ٽيون اصول سڀني مذھبن پويان بنيادي وحدت جو پرکڻ ھو. وحدت الوجود ۽ وحدت انساني ۾ اعتماد رکڻ بعد مذھبن جي ظاھري ڪثرت پويان بنيادي وحدت جو ظھور ظاھر ٿيو پوي.
صوفي ان ڪري لاڪوفي ٿئي ٿو . ھن جي مذھب جا مقصد اتحاد انساني ، امن عالم ۽ ماڻھن جي روحاني ۽ جسماني ترقي ٿين ٿا. انھيءَ مقصد کي مدنظر رکندي روحل فقير فرمائي ٿو:
ڪُفر ۽ اسلام ۾ ٿا ، ڀرين اُبتا پَير،
ھڪ ھندو ٻيا مسلمان ، ٽيون وچ وڌائون وير،
انڌن اونڌن نه لھي، تن کي سچ چوندو ڪير،
روحل راھ پرين جي ، گھمي ڏٺوسين گھيڙ،
ته ربُ مڙني ۾ ھڪڙو ، تنھن ۾ ڦند نه ڦير،
سا ڪاڏي ڪندي پَير ، جا ستي ڪعبته الله ۾.
” روحل “
بحر عميق ۾ جوئي پوئسي ، دين ڪفر دا دفتر ڌوئسي. ” بيدل “

چوٿون مَتون ، دين منظمن جي اھميت کان انڪار:
صوفي عشق کي رھبر راھ بڻائي ٿو . جنھن ۾ حُسن ، حق ۽ خير جي ڳولا جو بي انتھا جذبو ۽ خواھش رھي ٿي . سچي عاشق جي نظر ۾ خدا حَسين آھي ۽ اُن جي پيدا ڪيل ھر شيءَ ۾ حُسن ازلي سمايل آھي . ھو ذات کان سواءِ ٻئي ڪنھن وجود کي نٿو مڃي . ھن وٽ ذات ھڪ آھي ٻي سڀ صفات آھي ، ھو ھر مظھر ۾ حُسن ڏسي ٿو . ان ڪري وٽانس ڪاري ۽ گوري ، چڱي ۽ مَدي ، ڀَلي ۽ ڍلي ، ڪُفر ۽ اسلام جا تفاوت مٽجي وڃن ٿا.
نه منجھه ڪُفر نه دين ، عشق لڳئي ته ڪر آمين . ” بيدل “
ھن تان ظاھر جا اختلاف مٽجيو وڃن ، دوئي ختم ٿيو وڃي . سڀ جاءِ تي پرينءَ جو مظھر پيو پسي ، ھو مُلن ۽ پنڊتن جا مذھبن جي نالي ۾ کڙا ڪيل تفاوت نٿو مڃي . مذھب کي ماڻھوءَ جي تابع ڄاڻي ٿو نه ماڻھوءَ کي مذھب جو محتاج ڪرڻ گھري ٿو . ھو مذھبي شريعتن کي موجوده دور ۾ وحدت انساني جي راھ ۾ رڪاوٽ ڄاڻي انھن جي پوئلڳي کان انڪاري ٿي لاڪوفي (نان الائينڊ ) بڻجي غير جانبدار رھي ٿو.
صوفي صاحب جون اھي سڀ ڳالھيون مُلا جي تشريح واري مذھب جي خلاف ھيون . مُلن انھن ڳالھين کي سندن مستقل مفاد خلاف ڄاڻي بغاوت ڄاتو. صوفي صاحب جماعتي دستور ۽ پابندين کي ماڻھن جو محتاج ڄاڻي جمھور جي مفاد جي مدنظر انجي اصلاح ڪرڻ گھرجي ٿي . ان کي جڏھن ھن صحيح سمجھيو ته حڪومت ۽ مستقل مفاد جو خوف ھن کي راھ کان روڪي نه سگھيو ، ۽ سندس تعليم جو کليو اظھار ڪيو.
ھي عشق جي ايڏي اُتاھين مناري تي بيٺل ھو جتان مذھب ، حڪومت ، جماعتي دستورن جا سنڌا ميٽجي ويا ٿي . ھم اوست جي عالم ۾ غرق ٿيڻ ڪري مُلا جا مقرر ڪيل ڪوڙ ، سچ ، گناھ ثواب جا معيار ئي وٽس بدليل نظر ٿي آيا . ھي محويت جي عالم ۾ رھڻ ڪري ڪنھنجو مخالف نه ھو . ھي ظاھرن بي ضرر ۽ مونن ۾ منھن وجھي عذارڻ وارو ھو ليڪن منجھانس منظم مذھب جي مدارالمھامن ،مُلن،حاڪمن، پِيرن سندن مستقل مفاد خلاف خطرو ٿي محسوس ڪيو.
جيڪڏھن شاھ شھيد جي زندگيءَ تي غور سان نظر ڪبي ته ھن سنڌي (معاشره) سوسائٽي ۾ اھو ذھني انقلاب آڻڻ ٿي گھريو جي راءِجو ان وقت جي قبول ڪيل مذھبي عقيدن ، دستورن ۽ مستقل مفاد (Vested Interest) جي پاڙ پَٽي ڇڏي ھا. انڪري ھنن گڏجي سندن مخالفت ڪئي.
صوفي صاحب خلاف منھنجي نظر ۾ مخالفن جا ھيٺيان ڪارڻ بڻيا.
1. انھيءَ وقت اورنگزيبي طرز تي پيدا ٿيل مذھبي ڪٽرپڻي ۽ مذھبي تعصب جي پاڙ پٽجي ٿي ويئي جنھن مان مُلا ، پِير ، حاڪم جي مستقل مفاد کي خطرو ھو.
2. جملي مذھبن پويان بنيادي وحدت جي پرچار دين منظم ۽ اثر کي ختم ڪري ٿي ڇڏيو.
3. سندس جماعت جو رنگ گيڙو ڪپڙو ھو . جو ھندستاني سنياسي ۽ ٻڌ بڪشن جو رنگ ھو ان مُلا کي ناراض ڪيو ٿي.
4. ھن جي راءِ موجب مذھبي عقيده بندي ۽ خدا جي وچ ۾ شخصي معاملو ھو ان ۾ ٽياڪڙ کي دست اندازي ڪرڻ جو اختيار نه ھئڻ گھربو ھو. جنھن ڳالھ مذھب ۽ سياست کي علحده ڪري مُلا ۽ حاڪم جي مذھب تي ھڪ ھٽي (Monopoly) کي ڪڍي ٿي ڇڏيو.
5. ھن مُلا جي نقطي نگاه واري مسلمانن جي جدا قوم کي تسليم نه ڪري انکي غلط ، فرسوده ۽ غيراسلامي سمجھيو ٿي . ھن وٽ ھر صالح ماڻھو بنا تفاوت مذھب جي مومن ھو ۽ ھر غير صالح ماڻھو بي راھ ھو. ھن زماني ۾ انسانيت جي مذھب جو پرچار ٿي رھيو آھي. صوفي انجو باني ھو. ھن سنڌ ۾ آزاد خيالي، انساني دوستي ، محبت ، وحدت الوجود ۽ وحدت مذاھب جو پايو وڌو . اھڙي ڪلمي حق جي پاداش ۾ شھيد . ھو نفرت ، نفاق ، دوئي ، تعصب جو پاڙ پٽو ھو. جيستائين سنڌ سلامت آھي انجو آواز ان جي ھر ڪُنڊ ۾ گونجندو رھندو. اُن کي ڪابه شيءِ مِٽائي نه سگھندي.
ھن کان پوءِ سنڌ جي تصوف پوري شڪل اختيار ڪئي. ھن جيڪي چيو ان کان وڌيڪ ھن سائنس ۽ علم جي دور ۾ به چئي نٿو سگھجي. ھو لاڪوفيت (نان الا ئنمينٽ ) ۽ رواداري (Co existence) جي جديد نظرين جو ايجاد ڪندڙ ھو . ھي سنڌ جي پنجن ھزارن ورھين جي تعليم ۽ تھذيب جو پيغام رسان ھو. جيئن پيغمبر خدا کي خاتم النبي سڏجي ٿو . تئين ھنکي خاتم پيغام سنڌ سڏيون ته ھرج نه آھي.

ڪتاب : سنڌ جا سورما
ليکڪ : سائين جي ايم سيد

No comments:

Post a Comment