Wednesday 9 November 2011

شھيد ھوش محمد شيدي


شھيد ھوش محمد شيدي
ليکڪ :ـ منصور قادر جوڻيجو

سنڌ جي جڳ مشھور دانشور جي الانا صاحب پنھنجي ڪتاب ، ” اسان جي آزاي ءَ  جا اڳواڻ “ ۾ لکي ٿو ته  ” ھوشوءَ  جي ڄمڻ   جي صحيح تاريخ جي ڪابه ڄاڻ ڪانھن پر مير فتح علي خان جي فرزند مير صوبدار خان جي ڄم جي تاريخ جو علم آھي جيئن ته ھوشو شھيد ، مير صوبدار خان جو ھم عمر ھئڻ سان گڏ سندس سٺو ساٿي ۽ دست پڻ ھو تنھن ڪري ان مان اندازو ڪڍي سگھجي ٿو ته ھوشو شيدي 1801ع ڌاران ڄائو ھوندو . “ جي الانا جھڙي بلند پايي جي دانشور ان ڳالھ جي پڻ تصديق ٿو ڪري ته ” سنڌ جي تاريخ ۾ ھوشوءَ جي حياتيءَ بابت ڪو گھڻو احوال نٿو ملي پري ٿورا  اشارا ملن ٿا . “ ھيڏي بھادر سنڌ جرنيل جو سنڌ جي تاريخ ۾ اشارن ۾ ذڪر ملي ٿو ان کان وڌيڪ ناانصافيءَ جو تصور به نٿو ڪري سگھجي . سنڌ جي تاريخ سنڌين جي معاملي ۾ گونگي رھي آھي پر تاريخدان به گونگا رھيا آھن. نه صرف ھوشو شھيد جي ذڪر پر سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنھن به اھڙي عظيم ۽ بھادر اڳواڻ جو ذڪر چند سٽن کان مٿي ملڻ مشڪل آھي پوءِ اھو ھوشو شھيد ھجي ، پير پاڳارو سورھيه بادشاھ ھجي ، ھيمون ڪالاڻي ھجي ، دولھ دريا خان ھجي ، دودو سورو ھجي يا روپلو ڪولھي ھجي. پر سنڌ جي تارريخ ۽ تاريخدان انھن جي حق انصاف ، سچائي ۽ آزاديءَ واري جنگ ۾ ڏنل جان جي قربانيءَ تي به خاموش آھن ٿي سگھي ٿو ته ٽالپرن ڄاڻي واڻي ھوشوءَ جي بھادري ۽ سورھيائپ کي لڪائڻ جي سازش ڪئي ھجي ته مان ” ھڪ غلام جو ڌرتيءَ سان پيار محبت ۽ سچائي نروار ٿي پوي ۽ ٽالپر حڪمرانن جي غداري ۽ ڪپت مٿان ھڪ غلام ۽ ٻانھي جي سچائي ۽ وفاداري ظاھر ٿئي ۽ ھو ڏٺا ٿين . “
پر ڪاري ٻاٽ اونڌاھيءَ ۾ به سج جو ھڪ ڪرڻو روشنيءَ جي علامت بڻجي ويندو آھي ، حقيقت اھا ئي آھي ته سنڌ جي تاريخ جا صفحا انھن ڦورن لٽيرن ۽ استحصالي فاتحن کان حق ، انصاف ۽ سچائيءَ سان سنڌ جي بچاءُ ڪندڙن کي تاريخ صفحن مان جلاوطن ڪيو ويو آھي.

جنرل ھوشو۽ ڌاريو ڪيپٽن :ــ

شھيد ھوشو شيديءَ نه ڪي ڪتاب لکيا آھن ۽ نه ئي ڪا قومي شاعري ڪئي پر ھن پنھنجي ڌرتيءَ ماءُ جي آزادي جو بچاءُ ڪندي انگريز سامراج خلاف ھڪ سٽ چئي ته ” مر ويسون سنڌ نه ڏيسون “ . ۽ اھا سٽ سوين ڪتابن ۽ شعرن کان وڌيڪ اثرائتي بڻجي ھر ھڪ آزدي پسند جي زبان جي جنبش ۽ دل جو ڌڙڪو بنجي ويئي . ۽ ھوشو جي اھڙي بھادري جي ساراھ پڙڳي ھڪ ڌاريو ڪيپٽن معين الدين ھزارين ميل پري کان ھوشوءَ جي قبر تي سلامي ڏيڻ آيو . گلن جي چادر وٺي جڏھن حيدرآباد واري پڪي قلعي ته پھتو ته سندس حيرت جي حد ئي نه رھي ڇو ته ڪنھن ٻڌايس ته ” ڪھڙو ھوشو ۽ ڪنھن جي قبر ؟  قلعي ۾ ڪنھڻ ھوشو نالي واري ماڻھو جي قبر ناھي.“ ۽ ٿوري گھڻي معلومات ۽ ڄاڻ حاصل ڪري ” جنھن ڏينھن ھوشو شھيد ٿيو “ جي غنوان سان ھڪ مضمون 28 مئي 1975ع واري ”ڊان“ اخبار ۾ لکيائين ته ” ھڪ سپاھيءَ جي حيثيت سان شھيد ھوشو شيدي جي بھادريءَ ۽ سورھائپ منھنجي دل ۾ ھڪ خواھش  کي جنم ڏنو ته اھا جڳھ وڃي ڏسان جتي ھوشو شھيد قومي آزدي ۽ انصاف لاءِ وڙھندي ڪنڌ ڪپايائيو پر جھڪايو نه..۽ ان مقدس ڌرتيءَ تي عقيدت جي گلن جي ورکا ڪريان جنھن ھوشوءَ جھڙي بھادر انسان کي جنم ڏنو ۽ جتي ئي دفن آھي... ! پر حيدرآباد قلعي تي پھچي ڏک ٿيو ته ھتي ھوشو شھيد جي قبر جو ڪو به نشان موجود ناھي!!“ ھڪ ڌارئي ماڻھوءَ کي ھوشوءَ جي قبر جو ايترو فڪر ۽ ڳڻتي جيتري اسان کي به ناھي آخر ڇو ؟ ساڳئي ئي مضمون ۾ ڪيپٽن صاحب لکي ٿو ته ” ھي عجب جھڙي ڳالھ آڳي ته انگريز لشڪر جا سمورا علمدا ، نان ڪميشنڊ توڙي سپاھي جيڪي جنگ ۾ مارجي ويا تن کي ميدان جنگ ۾ ئي پوريو ويو ۽ سندن قبرن جي وچ ۾ ھڪڙو ئي يادگار ٺھرايو ويو . پر جيڪو انگريزن جو جاني دشمن ھو ، جنھن سموري سنڌ ڌرتيءَ ۾ انگريزن خلاف سخت جنگيءَ جذبو پيدا ڪيو ھو جنھن سنڌ جي پسگردائي وارن پرڳڻن جي مسلمانن قبيلن ۾ جھاد جو روح ڦوڪيو ھو جنھن سنڌ جي عياش ، سست  ڪاھل ۽ آرام پسند اميرن کي پنھنجي ڌرتيءَ جي آزاديءَ جي بچاءُ لاءِ پنھجو سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو ھو جنھن ھڪ ٻئي پٺيان ٻن لڙاين ) مياڻي ۽ دٻي ۾ انگريز فوجن کي گھڻي کان گھڻو نقصان پھچايو اھو ئي شينھن ۽ بھادر انسان خود انگريزن ھٿان مڪمل فوجي اعزاز سان دفنايو ويو ۽ کيس مڪمل فوجي سلامي ڏني وئي ۽ سندس مزار تي ھڪ توب پڻ نصب ڪئي وئي .“

ڇا ھوشو شيدي ، مصر جي ميدان جنگ تي به وڙھيو ھو ؟

” سنڌ جي فتح “ نالي ڪياب ۾ ايستائين به لکيل آھي ته جڏھن انگريز جنرلن ۽ فوجي ماھرن مياڻي ۽ دٻي واري جنگ جا نقشا ڏٺا تڏھن وائڙا ٿي ويا ڇو ته ( مصر جي فتح وقت ) نپولين بونا پارٽ جي حملي دوران ، مصر جو جنگي نقشو ۽ سنڌ جو جنگي نقشو بلڪل ھڪ جھڙو ھو. تڏھن انگريز جنرلن ۽ جنگي ماھرن کي اچي فڪر ۽ ڳڻتي ورايو ته آخر اھو ڪھڙو ماڻھو آڳي جيڪو مصر جي ميدان جنگ تي به آزاديءَ خاطر ۽ ھتي به وڙھي رھيو آھي . جڏھن ھوشو ٿيو. تڏھن انھن کي ان سوال جو جواب مليو ۽ کين پڪ ٿي ته ھي ماڻھو ھوشو ئي ھيو جنھن اتان جو نقشو ٺاھيو.“
يعني ھوشو شھيد نه رڳو سنڌ جي آزاديءَ جو بچاءُ ڪيو پر لڳي ٿو ته دنيا ۾ جتي به قومي آزاديءَ کي خطرو محسوس ٿيو آھي ھوشو اتي وڃي وڙھيو آھي ـ ھن ويھن صديءَ ۾ ” چي گويرا “ ھڪ اھڙو ديومالائي ڪردار آھي جيڪو دنيا جي غلام قومن ۽ غلام ملڪن جي آزاديءَ لاءِ پنھنجي ملڪ جي سرحدن کان ٻاھر وڃي وڙھيو آھي پر چي گويرا کان به ھڪ صديءَ اڳ سنڌ ڌرتيءَ جو ھي عظيم جوڌو ھوشو شيدي ھو جيڪو غلام قومن ۽ غلام ملڪن جي آزاديءَ لاءِ پنھنجي ڌرتيءَ کان به ٻاھر وڃي وڙھيو آھي ـ
۽ اھو ڪتاب يعني ” سنڌ جي فتح “ سنڌي ادبي بورڊ وارن ترجمو ڪرايو ھو پر اڄ تائين قلمي صورت ۾ ڪنھن الماڙيءَ ۾ اڏوھيءَ جي آسري تي آخري پساھن ۾ آھي ان ڪري نٿو ڇپايو وڃي ته ان ۾ وقت جي حاڪمن ( ٽالپرن خلاف سچيون حقيقتون لکيل آھي ) . آخر ۾ اھو ڪھڙو انصاف آڳي ته جيڪو سچ انگريزي ڇپل ھجي اھو سنڌي صورت ۾ نه اچي . وقت جي ضرورت آھي ته اھو انگريزيءَ کان سنڌيءَ ۾ به ظاھر ٿيڻ کپي ـ 

جنرل ھوشو شھيد جي قبر ڪٿي آھي ؟

ھن اھم تاريخي مسئي جي ابتدا ۽ شروعات ڪيپٽن معين الدين واري ” ڊان اخبار “ ۾ لکيل مضمون کان ٿي ، ان کان پوءِ ” عبرت اخبار “ ۾ آچر 12 جنوري 1979ع ۾ سنڌ جي نامياري محقق ۽ تاريخدان پير علي محمد راشدي ” رند ۽ پنڌ “ نالي ڪالم ۾ ان سوال کي ٻيھر اٿاريو ته ھوشو شھيد جي قبر ڪٿي آڳي ....؟ پير صاحب لکيو ته ” جيسيتائين منھنجي مطالعي جو تعلق آھي ته حيدرآباد واري قبر ھوشو محمد شھيد جي نه پر ٽالپرن جي ھڪ توبچيءَ جي تربت آھي . جنھن جي نالي جي خبر ناھي ...! “ مسٽر ايڇ ٽي ليمبرڪ جي ھڪ مقالي جو حوالو ڏيندي جيڪو ايڇ ٽي ليمبرڪ 24 فيبروري 1934ع تي سنڌ ھسٽاريڪل سوسائيٽي آڏو پڙھيو پير صاحب لکي ٿو ته شير سنڌ ، مير محمد خان ٽالپر جي ھڪ ٻئي سپاھي کي جيڪو توب انداز ھو ، ھي اعزاز ميسر ٿيو اھو ئي پھريون Unknown Warrior نامعلوم جوڌو شمار ٿئي، سر چارلس نپيئر جي حڪم سان ان سپاھيءَ جو لاش ميدان جنگ مان کڻي آڻي حيدرآباد جي قلعي ۾ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر تي ھي قطبو لڳايو ويو ته :
” ھي آخري آرام گاھ ميرن جي ھڪ اھڙي بھادر سپاھيءَ جي آھي جيڪو حيدرآباد واري جنگ ۾ ڏاڍي بي جگري ۽ بھادري سان وڙھيو . “
پر ڪجھ ڏينھن کان پوءِ سنڌ جي ھڪ ٻئي دانشور ۽ محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا راشدي صاحب جي ان راءِ سان اختلاف ڪندي ڪيپٽن معين الدين جي راءِ سان اتفاق ڪندي ظاھر ڪيو ته ” شھيد ھوشو شيدي جي قبر قلعي ۾ اندر آھي . “ پاڻ ڳوٺ باغ ، ڦليلي جي ويٺل ھڪ ٻڍڙي ” جيئي ڀٽي “ سان ٿيل ملاقات جو ذڪري ڪندي ڄاڻائي ٿو ته ” ان ٻڍڙي جيئي ڀٽي جي چوڻ موجب ته ھوشوءَ جي قبر پڪي قلعي ۾ آھي ، جنھن کي انگريزن وڏي شان ۽ شوڪت سان دفن ڪرايو ھو ، يعني مڪمل فوجي اعزاز ۽ سلاميءَ سان ھن ٻڌايو ته سندس پوئينرن مان اڃان تائين محبوب شيدي جيئي شاھ حاجي لکانو شيدي ۽ حاجي عثمان شيدي ھوشو جي خاندان منجھان آھن.“
اڳتي ھلي ڊاڪٽر الانا صاحب لکي ٿو ته ” ھوشوءَ کانسواءِ ٻيو ڪير ھو جيڪو انگريزن خلاف ايڏي بي جگري ۽ بھادري سان وڙھيو ، اھو بيان ٻيو ڪھڙي ڪتاب ۾ لکيل آھي ته سر چارلس نپيئر ان نامعلوم جوڌي جي لاش کي قلعي ۾ کڻي اچي دفن ڪرڻجو حڪم ڏنو. جيستائين مسٽر ليمبرڪ جي انھيءَ دعويٰ جو دليل نٿو ملي تيستائين ڪئپٽن معين الدين جي راءِ وزندار پئي معلوم ٿئي. ھي ڳالھ سوچڻ جھڙي آھي ته جنھن شخص ھوشو شيدي جي بھادري جي خود چارلس نپيئر ايڏي تعريف ۽ ساراھ ڪئي ھجي تنھن کي قلعي ۾ دفن ڪرڻ جو اعزاز ڇو نه بخشيو ھوندائون ۽ آخر ڪار بغير ڪنھن نتيجي تائين پھچڻ جي ۽ حقيقتن کي ڳولھي لھڻ جي پير علي محمد شاھ راشدي ھي لفظ چئي بحث کي پڄاڻي تي پھچايو ته :
” ھوش محمد جي قبر صوبدار واھ تي ٺھرائڻ يا قلعي واري قبر تي پوڄا پاٽ ڪن منھنجو ان سان ڪو به واسطو ناھي مون اڳتي ھوشوءَ بابت ڪجھ به لکڻ کان بس ڪئي ..!!“ ۽ اھو بحث اتي ئي ختم ٿيو .
پر اڄ واري ساڳئي دفن ٿيل مسئلي کي ٻيھر جياريو ويو آھي اھا ھڪ حقيقت آھي ته انگريز بھادر جو قدر ڪندا ھئا پر بنيادي طرح پاڻ بزدل ، ڊڄڻا ۽ ڀاڙيا ھئا. اسين مڃون ٿا ته انگريزن اسان کي علم جي ميدان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڇنڊي ڦوڪي صاف ۽ خوبصورت بنيائي ڏنو ۽ لطيف جي شاعريءَ کي موجوده روپ ۾ سجائي ۽ سينگاري ڏنو . ٻئي طرف انگريز ايترو ته بزدل ۽ ڊڄڻا ھئا جو ھنن ھيمون ڪالاڻي ، ھوشو شيدي ۽ پير صبغت الله شاھ ” سورھيه بادشاھ “ جي سدا زنده لاشن کي سنڌي ماڻھن جي حوالي ڪرڻ بجاءِ انھن کي نڌڻڪو سمجھي الائي ڪھڙي ماڳ تي موڪلي ڇڏيو. الائي ڪھڙي حالت ۾ دفنايو ...!!؟
شايد کين ڊپ ھو ته لاشن ڏيڻ کان پوءِ وڌيڪ جوش ۾ اچي ھو وڌيڪ وڙھن.
پر اڄ به ساڳئي مسئلي تي سڀني تاريخدانن ۽ دانشورن کي حيرت آھي ته آخر ھوشو شھيد جي قبر ڪٿي آھي ؟ ڇو ته جيڪي قومون پنھنجي تاريخ جو بچاءُ نٿيون ڪن انھن قومن جو تاريخ بچاءُ نٿي ڪري. تاريخ ۾ اھي قومون زنده رھن ٿيو جيڪي پنھنجي تاريخ جو رت جي ريج سان آبياري ڪن ٿيون پر جيڪي قومون پنھنجي ھٿن سان تاريخ کي برباد ۽ تباھ ٿيون ڪن اھي به تاريخ جي ھٿان تباھ ۽ برباد ٿيو وڃن ـ
مان به ڪئپٽن معين الدين جي ھن راءِ سان متفق آھيان ته ھوشوءَ جي قبر حيدرآباد واري پڪي قلعي ۾ آھي ، ڇو ته جيڪو ماڻھو ھڪ بھادر جرنيل جي بھادريءَ جو داستان ٻڌي ان جي قبر مٿان گلن جي ورکا ڪرڻ لاءِ اچي ٿو ۽ اچي ھوشوءَ جي قبر جي ڳولا ٿو ڪري. اھو ماڻھو انھن ماڻھن کان وڌيڪ سچي راءِ ڏئي ٿو سگھي. جيڪي پنھني گھڙ جي ايئر ڪنڊيشنڊ ، ڊرائنگ رومن ۾ ويھي ھوشوءَ جي قبر ڳولڻ جي ڪوشش ٿا ڪن ـ لطيف چواڻي ته ” رندن مٿان رت ھار ته پسين ھوت کي ! “ تاريخ ھڪ اھڙو حساس شعبو آڳي جنھن کي گھر ۾ ويھي نه ته ٺاھي ٿو سگھجي ۽ نه ئي ڊاڳي ٿو سگھجي . نادان دوستن کان داناءَ دشمن بھتر آھي  .گوئٽي انسٽيوٽ ۾ ملھايل ” سنڌ جي مشھور سخصيتن “ بابت سيمينار ۾ مون جڏھن ھوشوءَ جي قبر بابت ڪئپٽن صاحب جي راءِ کي سچ ثابت ڪيو ته ڊاڪٽر جي ايم مھڪري چيو ته توکي خبر آھي ته ” ھوشوءَ “ جي قبر کي انگريزن آخر ۾ ڊائنا مائيٽ سان تباھ ڪيو ھو .“ مون چيو ” نه تاريخ ۾ نه اھڙي ڪنھن به قسم جي شھادت موجود ناھي . “ چيائين ته ” پوءِ توکي ڪا به خبر ناھي“ !.....
سو جي ڳالھ ھيءَ آھي ته جنھن بھادر انسان جي لاش کي انگريز مڪمل فوجي اعزاز ۽ سلامي سان دفن ٿا ڪن، ان جي قبر کي بم سان اڏائڻ ڇا معنيٰ ٿو رکي . پري تاريخ ۾ اھڙي ڪا به شاھدي موجود ناھي.
ڪئپٽن صاحب لکي ٿو ته ” ھڪ ڪاري ھيرو کي دفنايو پئي ويو ، اھو ھيرو جيڪو پاڻ انگريز نه ھو ، پر انگريزن جو خطرناڪ دشمن ھو جنھن ھڪ شينھن جيان انگريز دشمنن جي فوجي صفن ۾ ٽاڪوڙو وجھي انھي جي جنگي ارادن کي درھم برھم ڪري ڇڏيو . جيڪو ھڪ بھادر ۽ جنگي ماھر ھو جنگ کان پوءِ انگريزن ان سنڌ جرنيل جو لاش حيدآباد واري پڪي قلعي ۾ مڪمل فوجي اعزاز ۽ احترام سان دفنايو . اھو ڪاريو ھيرو ” ھوشو شيدي “ ھو .

لاھور وارو قلعو ۽ حيدرآباد وارو قلعو ـ

لاھور واري تاريخي شاھي قلعي کي ڏسڻ کان پوءِ  جڏھن حيدرآباد واري قلعي کي ڏٺو ٿو وڃي ته ڏک ۽ افسوس ٿو ٿئي ، لاھور جي قلعي جا فاتح به انگريز ھئا ته حيدرآباد واري قلعي جا فاتح به انگريز ....... ٻنھي ۾ بنيادي فرق ھي آھي ته لاھور جو قلعو انگريزن سک حڪمران راجا رنجيت سنگھ کان فتح ڪيو جيڪي مذھبي لحاظ کان مسلمان نه پر سک ھئا. ۽ حيدرآباد وارو قلعو انگريزن ميرن ٽالپرن کان فتح ڪيو جيڪي مسلمان ھئا، پر ورھاڱي کان پوءِ به سچائي ءَ کي وري ڪوڙ جي چادر ڍڪائي لڪايو ويو . لاھور جي قلعي جو تحفظ ۽ بچاءُ ته ڪيو ويو جيڪو سکن جي تاريخ بڻيل ھو پر حيدرآباد واري تاريخي قلعي تي ڪو به ڌيان ڪونه ڏنو ويو جيڪو حقيقت ۾ مسلمانن جي تاريخ ھو .
شعوري توڙي لاشعور طور سوچ جي اھڙي لاڙي حقيقت جو روپ ڌاريو آھي ٿيڻ ته ائين کپي ته حيدرآباد واري قلعي ۾ رھندڙ آبادي کي سرڪار پنھنجي خرچ پکي تي ڪو ٻيو بندوبست ڪري ڏئي ۽ ھوشوءَ جي قبر کي بحال ڪيو وڃي ۽ ان ئي جذبي ھيٺ قلعي ۾ ھڪ عاليشان ھوشو يادگار بنائي ان کي آزاديءَ جو مرڪز بڻايو وڃي ڇو ته ھوشو انگريزن خلاف آزاديءَ جي ويڙھ وڙھيو ھو .
جنرل ھوشو شھيد جي بھادري حقيقت ۾ بھادري ۽ سورھيائپ اھا آھي جنھن دشمن به تسليم ڪري جيڪو پنھنجي دشمن جي بھادري جي مڃتا ڪري اھو به پنھنجي جاءِ تي بھادر آھي . ڇو ته جھڙي نموني سچ ڳالھائڻ بھادري آھي تھڙي نموني سچ کي مڃڻ به بھادري آھي انگريز فاتح سَر چارلس نپيئر جو ڀاءُ  وليم نپيئر جيڪو پنھنجي ڀاءُ جي ڪيل فتحن ۽ جنگين جو احوال قلمبند ڪندو وتندو ھو تنھن لکيو ته:
” ھن بھادر شخص ( ھوشو شيدي ) جنگ جي فني مھارت جو اھڙو بھترين مظاھرو ڪيو جيڪو ھڪ يورپي جنرل کي ئي سونھين ٿو ، ھو پنھنجي ٻين شيدي ڀائرن ساڻ ائين ميدان جنگ ۾ بيٺو رھيو جيئن ڪو اڏول پھاڙ ، جنگ ۾ سڀني کان اڳرو رھيو، آخر تائين جڏھن فتحياب نه ٿيو ۽ دم به اھڙي حالت ۾ ڏنائين جو تلوار سندس ھٿ ۾ انتھائي مضبوطيءَ سان پڪڙيل ھئي ۽ ھڪڙو به قدم پٺتي نه ھٽيو، مرڻ کان پوءِ به ڪنھن انگريز سندس ويجھو وڃڻ جي جرائت ڪانه پي ڪئي ڇو ته مرڻ کان پوءِ به پنھنجي ھٿ مان تلوار کي ڪرڻ نه ڏنو ھئائين.“
وڌيڪ لکي ٿو ته مياڻي وانگر دٻيءَ ۾ اھو ساڳيو حبش جو ٻانھو ” ھوچي“ (ھوش محمد) شيدي جنگ کي کنيو بيٺو ھو، سندس بھادريءَ جي جيتري ساراھ ڪجي ٿوري آھي ، ھڪ اعليٰ دل دماغ ۽ صلاحيت جو مالڪ ھو، ھن بھادر انسان دٻي واري جنگ ۾ به ھڪ بھادرانا ۽ دليرانا شان شوڪت سان وڙھندي 22 ريجمينٽ جي سنگينن ھيٺان پنھنجو سر ڏنو...!!
شھيد ھوشو شيديءَ ڄاتو ٿي ته ” شڪست “ يا ” ھار “ عارضي ھوندي آھي ۽ غداري دائمي...!!  ھن ڄاتو ٿي ته شڪست جي عمر زندگي جھڙو ٿوري ھوندي آھي پر غداريءَ جو لعنتاڻو موت جي عرقي جيڏو وڏو ۽ وسيع ھوندو آھي . تنھن ڪري ھر بھادر انسان کي کپي ته ھو غلاميءَ جي زندگي کي آزديءَ جي موت ۾ بدلائي ڇڏي ڇو ته شينھن جي ھڪ ڏينھن جي زندگي گدڙ جي ھزارين ورھين جي زندگيءَ کان بھتر آھي . اڄ سنڌ جي تاريخ ۾ غدار حاڪمن جو ذڪر موجود ھوندي به ماڻھن جي دلين مان تڙيل آھن پر ڌرتيءَ سان وفادار غلام به اڄ ماڻھن لاءِ عزت ۽ احترام جي حد تائين پوڄا جي لائق آھن . ھوشو شھيد غلام ضرور ھو پر ھو پر ھو آزديءَ جي رھن تي غلام مانھن ، قومن ۽ ملڪن جو رھبر ھو آزديءَ جو سمبل ھو ـ
ايڇ ٽي ليمبرڪ لکي ٿو ته ، ” ھوش محمد قمبراڻي ۽ ھن جا ٻيا ساٿي جيڪي مير صوبدار جا نوڪر ھئا. اتي ئي وڙھندي شھيد ٿيا پر پنھنجي ڌرتيءَ جو ھڪ انچ به دشمن حوالي نه ڪيائون ـ“
ان  دور ۾  ڪو به ڏيھي اديب ۽ شاعر موجود نه ھو جيڪو حقيقت پسندانه ۽ سچائي واري جذبي سان قلم کڻي سچائي واري تاريخ لکي ، فاتحن جا ڀاڙيتا ۽ درٻاريءَ تاريخدان ته کوڙ ھئا، جن جي قلم ڪنھن وحشي ۽ خوني فاتح جي تلوار مان ٺاھيل رستي پٺيان پنھنجو سفر شروع ڪيو پر ان دور ۾ به ڪي باضمير ماڻھو ھئا جن پنھنجي قلم کي تلوار جي گھڙيل رستي تي ھلائڻ بجاءِ ڌرتيءَ جي آزدي لاءِ مرندڙ شھيد جي رت جي رندن پٺيان ھلايو . ان ۾ ھڪ ڳوٺاڻو شاعر عليءَ نالي ھو جنھن لکيو ته :
ھوشوءَ پنھنجي جان آزديءَ جي رھن تي قربان ڪئي،
ھو پنھنجي جان پنھنجي خوشي ۽ چاھ سان ڏئي ويو .
ھو سوين سورھيه ۽ سرويچ ساٿين سان،
ھڪ سرويچ وانگر وڙھندو وڙھندو رھيو ...
۽ ھڪ بھادر وانگر مري ويو.
ھڪ ٻئي نامعلوم شاعر پڻ ھڪ ھنڌ لکيو :
” ھلي ھوشو آڻيو ، ڪري قمبراڻي ڪاھ،
ايندي به ارن ۾ گھوٽ وڃايا گھاءُ،
قلوبان ڪڙو ڪيو شيديءَ پنھنجو ساھ ،
سئو لشڪر سان شيدي ماريو ميار مٿن ناھ .

جنرل ھوشوءَ جي شھادت :

۽ آخرڪار سنڌ جي آزديءَ لاءِ وڙھندي عظيم سورھيه سرويچ ۽ بھادر انسان خنرل ھوش محمد شيدي 24 مارچ 1843ع تي دٻيءَ واري جنگ ۾ انگريز سامراج سان وڙھندي شھيد ٿيو. شھادت وقت سندس زبان تي دشمن جي بندوق جي ڌن تي ” مر مر ويسون سنڌ نه ڏيسون “ وارو گيت گونجي رھيو ھو ـ
ڪئپٽن معين الدين لکي ٿو ته ، جڏھن ھن عظيم ڪاري ھيرو کي دفنائڻ واري رسم پوري ٿي ته فوجي پلٽون واپس موٽڻ لڳيون ، تڏھن ھڪ انگريز جنرک کي ھي گيت جھونگاريندو ٻڌو ويو ته :
جيڪو دشمن بي خوف ٿي،
موت جي اکين ۾ اکيون وجھي،
پنھنجي ڌرتي جي آزدي خاطر،
دشمن جي سامھون ٿئي،
پنھنجي اھڙي دشمن کي مارڻ مھل،
ان آڏو ادب سان نوڙي جھڪي سلام ڪريو ...!!!
ڪيپٽن صاحب اڳتي وڌي لکي ٿو ته” افسوس ڇا ھيئن اسان پنھنجي شھيدن جي باقيات جي عزت ڪندا آھيون، ڇا ھيئن اسان سندن ياد کي جيئرو رکندا آھيون. ھيءُ ( ھوشو) محب وطن ۽ عظيم انسان ھو، جنھن پنھنجو سر ، سچ ، غيرت ، آزدي ۽ خود مختياري خاطر صدقي ڪيو سو ھتي ائين وسريو پيو آھي ، جو سندس قبر جو سندس ئي ڌرتيءَ تي ڪو نشان موجود ناھي ، اي لالچ تو ماڻھو کان سندن عقل ڦري ورتو آھي کين ڪائنر ۽ ڌاڙيل بڻائي ڇڏيو آھي ـ 

( ماھوار  ” پارس “  تان کنيل )

No comments:

Post a Comment