Saturday 12 November 2011

مائي بختاور شھيد : ڪتاب سنڌ جا شھيد

مائي بختاور شھيد : ڪتاب سنڌ جا شھيد
(ليکڪ: ڪامريڊ مير محمد ٽالپر )


سنڌ جي ھن سائي ڌرتيءَ تي ڪيتريون ئي بھادر ھستيون پيدا ٿيون آھن . جن سچ تان سر صدقو ڪرڻ کان ڪڏھن ڪين ڪيٻايو. انھن ھستين ۾ ڪي سياسي شخصيتون ھيون ته ڪي غير سياسي. مائي بختاور جو شمار به انھن ھستين ۾ ڪجي ٿو. مائي بختاور ھڪ غير سياسي شخصيت آھي . مائي بختاور ذات جي لاشارڻ ھئي. ھيءَ عظيم عورت تعلقه عمر ڪوٽ جي ھڪ ننڍڙي شھر ٽالھيءَ جي ڀر ۾ لاشارين جي ڳوٺ جي رھاڪو ھئي. اھو ڳوٺ سندس شھادت واري دور ۾ سندس قادياني قاتلن جي ملڪيت ھو. جن کي ضلع ٿرپارڪر جي چاليھ ھزار ايڪڙ جي جاگير ھئي. جا احمدي اسٽيٽ جي نالي سان مشھور آھي. ھاڻ ھارين ۾ ورھائي وئي آھي. مائي بختاور جي شھادت جو پس منظر ھن ريت آھي.
باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جن 1945ع ۾ پنھنجي نوڪري ڊپٽي ڪليڪٽري ڇڏي سنڌ جي ھارين لاءِ آواز اٿاريو. سندس مطالبن ۾ اھو مکيه مطالبو ھو ته ھاريءَ کي آباديءَ جو اڌ حصو ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ ھارين کي زميدار يا جاگيردار پاران ايترا به اَن داڻا ڪونه ملندا ھئا جو ھو پنھنجو ۽ پنھنجي ٻچن جو آئيده فصل تائين پيٽ پالي سگھي. جاگيردار ۽ زميندار جي جانورن جيترو به ھارين کي کاڌو ڪونه نصيب ٿيندو ھو. ھو اجھي ۽ لٽي لاءِ به پريشان ھوندا ھئا.
ھنن کي زمينداري حصو پيراڻو ٽويو ، مسجد جو ٽويو، ڪنڀار جو ٽويو، حجام جو ٽويو ۽ ٻين به ڪيترين ئي ٽين ڏيڻ کان پوءِ باقي ڪي ڪڻا نصيب ٿيندا ھئا. ڪي وڏيرا ته سريت جو ٽويو به وٺندا ھئا. انھيءَ اڌو اڌ بٽئي واري مطالبي کي مڃرائڻ لاءِ سڀ کان پھريان نوابشاھ ۾ تحريڪ ھلي جنھن ۾ ڊاڪٽر ھسارام ، قاضي فيض محمد ، ڪامريڊ غلام محمد لاکو(مرحوم) سڪرنڊ وارو، ڪامريڊ عجائب سنگھ ، رئيس بروھي ،بالاچ خان بروھي، ڪامريڊ غلام محمد بام ( مرحوم ) ، مولوي معاذ ( مرحوم ) ۽ ڪامريڊ مبارڪ ٽالپر(مرحوم) ۽ ٻين ڀرپور حصو ورتو. ھنن ماڻھن تحريڪ کي زور وٺايو. ھارين زمينن تي قبضا ڪيا. ڪامريڊ مبارڪ ٽاپر به ھڪ ھنڌ جون ۽ جولاءِ جي گرمين ۾ قبضي تي وڃي ويٺو ، جتان کيس ٽي بي ٿي ۽ ان جي وگھئي وفات ڪيائين. حقيقت ۾ ھن ماڻھو کي به شھيد چئي سگھجي ٿو ڇاڪاڻ ته ھن حق جي لاءِ جان جو عطيو ڏنو.
ھن تحريڪ پوري سنڌ ۾ زور ورتو . ھن تحريڪ جو اثر ٻين ضلعن وانگر ٿرپارڪر تي به پيو. ٿرپارڪر ۾ ھن تحريڪ ۾ جان محمد پلي ( مرحوم)، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، جناب لطف الله حساماڻي، پير عبدالغفور جان سرھندي، جناب محمد ابراھيم مومن ( مرحوم ) ڪنري وارو ۽ ڪامريڊ امولک اوڏ کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي ھارين ۽ ورڪرن حصو ورتو.
ٻين ڳالھين سان گڏ اڌو اڌ بٽئي واري تحريڪ کي وڌيڪ زور وٺرائڻ لاءِ ڪامريڊ حيدر بخش مرحوم 20 جون 1949ع تي جھڏي ۾ ھاري ڪانفرنس گھرائي. جنھن ۾ اٽڪل ڏھ ھزار ھارين ۽ ورڪرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي سورھيه ، مائي بختاور جي ڳوٺ جا جيڪي به مرد ھئا، انھن مڙني انھي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. پويان صرف ھو عورت کي ڇڏي آيا ھئا. انھن کي ڪابه اون ڪانه ھئي ۽ ھجي به ڇو؟ ڇو ته ھنن عورتن ۾ مائي بختاور جھڙيون دلير عورتون موجود ھيون.
ڪانفرنس جي آخري ڏينھن يعني 22 جون تي خبر آئي ته ٽالھي شھر لڳ لاشارين جي ڳوٺ ۾ زميندار ھڪ عورت کي بدوق جا فائر ڪري شھيد ڪري ڇڏيو آھي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جھڙو مانجھي مڙس ۽ ھارين جو ھڏ ڏوکي ، ھيڏي وڏي خبر ٻڌي ڪٿي ٿي چين سان ويھي سگھيو؟ جيئن ته ان ڏينھن پھچڻ ناممڪن ھو ڇاڪاڻ ته اھا خبر سج لھڻ وقت آئي ھئي. ان ڪري ٻئي ڏينھن جو انتظار ڪرڻو پيو.
23 جون صبح جو سوير سنڌ ھاري ڪميٽي جي ورڪرن جو وڏو تعداد ، ڪامريڊ حيدر بخش جي اڳواڻي ۾ لاشاري جي ڳوٺ پھچي ويو. جيڪي ماڻھو اتي پھتا انھن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ( مرحوم ) ، جام محمد پلي ( مرحوم ) ، پير عبدالغفور جان سرھندي ، ڪامريڊ غلام محمد لغار ۽راقم کان علاوه ٻيا ڪيترائي ورڪر ۽ ھاري موجود ھئا.اسان اتي لاش کي کري تي پيل وڃي ڏٺو.
اتي خبر پئي ته کري تي اٽڪل ٽي ھزار ڪڻڪ ھئي جيئن ته سڀ ھاري ڪانفرنس تي آيل ھئا ان ڪري قادياني زميندارن موقعي جو فائدو وٺي ڪڻڪ کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر مائي بختاور ھڪ پير سن مرد پينو فقير ۽ ٻين عورتن ھنن کي ائين ڪرڻ کان روڪيو. ھنن کي چيائون ته اسان جي مردن جي اچڻ تائين انتظار ڪريو. ليڪن ھنن ظالمن ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪيو ڇاڪاڻ ته ھنن کي پڪ ھئي ته ھاري اسان کان اڌ بٽئي ڪرائيندا. زميندارن زوري اَن کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي . جنھن تي مائي بختاور ۽ ٻين عورتن مزاحمت ڪئي . انھيءَ ڳالھ تان ھنن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ ھنن مان ھڪ ظالم نالي چوڌري سعدالله ۽ سندس مئنيجر چوڌري خالد ( جيڪو اک کان ڪاڻو ھو ) جي بڇ تي بندوق سان فائر ڪيا. جن جي وگھي مائي بختاور شھيد ٿي وئي ۽ ھڪ پيرسن مرد پينو فقير سخت زخمي ٿي پيو. مائي بختاور جي ڄمار پنجاھ ، سٺ ورھين جي لڳ ڀڳ ھئي.
ڪنري جو صوبيدار عنايت علي خان ابڙو ۽ ڊي ايس پي ديوان تلجارام پھچي چڪا ھئا. ھنن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي موجودگي ۾ ڪيس لکيو . ڪجھ ورڪر ڪامريڊ حيدربخش جي حڪم موجب لاش کي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ ساماري کڻائي ويا. جتي گھڻو وقت گذري وڃڻ ڪري مائي بختاور کي دفن ڪيو ويو. سندس تربت سامري جي ھڪ مقام ۾ واقع آھي.
ڪيس ٿرپارڪر سيشن ڪورٽ ميرپور خاص ۾ ھليو . ڪيس جي پيروي سنڌ ھاري ڪميٽي طرفان ڪيل وڪيل ديوان بنارام ڪئي. سرڪاري وڪيلن جانب خان بھادر ،مرزا سڪندر بيگ جنھن کي ان وقت جي سنڌ جي وزير داخله قاضي فضل الله خاص حيدرآباد کان اماڻيو ھو، ( پڻ استغاثه مائي بختاور واري ڌر ) جي مدد ڪئي. جڏھن ته جوابدارن جي پاران ديوان ڏيئل مل ۽ ھڪ لاھور مان گھرايل بيريسٽر پيروي ڪئي. ان وقت سيشن جج ديوان شنڪر سنگھ آڏواڻي ھو. ھن صاحب حق جو فيصلو ڪيو ، ۽ چوڌري سعدالله جيڪو ان وقت جي پاڪستان جي وزير خارجه سر ظفرالله خان جو ڀاڻيجو ھو ، ۽ چوڌري خالد کي ويھ ويھ ورھيه ٽيپون ڏنيون جڏھن ته ٻين ننڍن مجرمن کي به پنجن کان ڏھورھين تائين سزائون ڏنائين ۽ ٻيا ته مٿين اپيلن مان آزد ٿي ويا. ليڪن چوڌري سعدالله ۽ چوڌري خالد ويھ ويھ سال ٽيپون ڪمائي آيا. اھڙي طرح جي سنڌ جي ھاري جدوجھد ۽ شھيد بختاور اسان کي سبق ڏنو ته پنھنجي حق لاءِ جان ڏيئي سگھجي ٿي پر پنھنجو حق نٿو ڇڏي سگھجي.
مائي بختاور شھيد جي ورسي تي ڀيڻ گنھوري بلوچ جو پيغام
مارئيون منھنجي ملڪ جون بختاور ڀيڻون،
سسيون منھنجي سنڌ جون،ساڻيھ جو سيڻون،
تنين جي نيڻئون ، اڄ اُلانڪرن آڳ جا. ( ڪامريڊ ڄام ساقي)
پيارا ڀائرو:ـ منھنجون اميدون توھان جي نيڪ مقصد سان گڏ آھن ھن موقعي تي جڏھن ته آءُ ڪنھن مجبوري سبب نه شريڪ ٿي سگھي آھيان . ھيءُ پيغام ھاري ڀائرن کي اڄ ٻڌائيندا . جڏھن سوين انسانن تي ظلم ٿيندا آھن ۽ انھن سان نا انصافيون ٿينديون آھن انھن کي ماني جي ڳڀي لاءِ سڪايو ويندو آھي انھن جا ٻار بک وگھي موت جو شڪار ٿيندا آھن ته اھي مجبور ۽ بيوس انسان وڙھڻ لاءِ پنھنجا پيٽ ٻڌي اٿندا آھن ۽ مرڻ ۽ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آھن. شھيد بختاور جو نالو به انھن مجبور ۽ پيڙھيل انسانن مان آھي سنڌ ڌرتي تي موتين جي کاڻ آھي جنھن ۾ بھادر ۽ اٽل انسان جنم وٺندا رھيا آھن. اھي ڪڏھن مارئي جي روپ ۾ پنھنجي ملير جي موھه ۾ عمر جي اونداھن ڪوٽن ۾ پنھنجي عزت عصمت بچائيندي ساڻيھ جي سڪ جو سوڳنڌ پکڙيندي ڏسبا آھن ته ڪڏھن سسئي بنجي پنھنجي سھاڳ لاءِ جبل ۽ برپٽ ۾ ڳولا ڪندي ملندي ته ڪڏھن بلاول وانگر گھاڻي ۾ پيڙھبا رھيا آھن ته ڪڏھن ھوشوءَ وانگر انگريزن سان گولين ۽ بمن جي مقابلي ۾ ٺڪرن پٿرن سان مقابلو ڪندي ماريا آھن ته ڪڏھن ھيمونءَ وانگر ڦاسيءَ جي ڦندي کي ھٿ کان وٺي پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجھندا نظر ايندا آھن. يا وري حيدر جي ھمت ڏسي پنھنجي سانگين ۽ مارن لاءِ ڪال ڪوٺڙين ۾ پنھنجي عمر جا ڏينھن گھاريندا ۽ روشني جا مينار بڻجي جڳ کي روشن ڪندا رھندا ۽ سنڌ جي مرد مٿير ، غريب ۽ مظلوم جي مھا اڳواڻ ڌرتيءَ جي دلير ڪامريڊ ڄام ساقي کي ٿرن برن ۽ جھنگن جرن ۾ سچ جي جوت جلائيندي ڏسندا ۽ ان کان پوءِ لاھور جي قلعي ۾ انھن ڪمن جي عيوض ظلم جي ڪال ڪوٺڙين ۾ ايذاءَ سھندي ٻڌندا . شھيد بختاور جيڪو سنڌ جي عورت ۽ سنڌ جي مظلوم طبقن جي عظمت جو نالو آھي. شھيد بختاور پنھنجي حق گھرندي ۽ ان جي حفاظت ڪندي گولين جي بک ٿي ويئي. شھيد بختاور پنھنجو حق پنھنجي اکين سان تباھ ٿيندو ڏسي نه سگھي ان سنگينن ۽ گولين جي ڊپ کان سواءِ ان ظالم چوڌرين تي ڪاھي پئي. ھڪ طرف چوڌرين جا ڪمدار ۽ ڪاراوا ھئا جن جي ھٿن ۾ رائفلون ھيون ٻئي طرف فقط ھٿين خالي چند عورتون ھيون جن جي ھٿن ۾ ڏاٽا ، کانڀاڻيون ، ڪنڊيون ۽ تپانگون ھيون جي پنھنجي اَن جي انبار جي حفاظت ڪري رھيون ھيون جن جي اڳواڻي شھيد ڪري رھي ھئي. جنھن ۾ ھاري اڌو اڌ بٽئي لاءِ جدوجھد ڪري رھيا ھئا. ان وقت شھيد بختاور جا پٽ ڀائر ۽ ٻيا ڳوٺ جا ماڻھو جلسي تي ويل ھئا. ظالم چوڌري اھو وجھ وٺي سڄو اَن کڻائڻ آيا ھئا پر چوڌرين جو اھو اندازو غلط نڪتو ڇو ته شھيد بختاور ان پراڻي روايت کي برقرار رھڻ نه ڏنو ، جنھن ۾ سنڌ جي عورت صدين کان ماريل مجبور ھوندي آھي ۽ سدائين پڙدي ۾ رھندي آھي. تنھن اھو ڪري ڏيکاريون جيڪو سنڌ جي عورت لاءِ ناممڪن سمجھيو ويندو آھي. ھو سڀني عورتن کي وڙھن جي ھمت ڏياريندي رھي ھوءَ شينھن وانگر انھن سان وڙھندي رھي ۽ انھن سان مقابلو ڪندي رھي ۽ پنھنجي اَن جي حفاظت ڪندي شھيد ٿي ويئي. شھيد بختاور جي خون رنگ لاتو ۽ سڄي سنڌ ۾ اڌ بٽئي جي تحريڪ زور ورتو . آخر سڄي سنڌ ۾ اھو طئه ٿيو ته ھاري ۽ زميندار اڌو اڌ حصو کڻندا.
شھيد بختاور جي جدوجھد سان ھارين مزدورن جي لاءِ مشعل راھ آھي ۽ شھيد بختاور ھڪ ھارياڻيءَ جو نالو نه آھي پر ظالم جي خلاف جنگ جو نالو آھي . شھيد بختاور عظيم آھي ۽ ان جي عظمت آزاديءَ ۽ ظلم خلاف نفرت ڏياريندي رھندي شھيد بختاور امر آھي ۽ ھوءَ ڪڏھن به مري نٿي سگھي ــ

( مائي بختاور جي ڪتاب تان ورتل )

No comments:

Post a Comment