Saturday 21 January 2012

رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 108 ھين جنم ڏينھن17جنوري2012 تي ڪيل خطاب !ـ جسمم چيئرمين شفيع محمد برفت

رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 108 ھين جنم ڏينھن17جنوري2012 تي ڪيل خطاب !ـ جسمم چيئرمين شفيع محمد برفت


ڀائرو ڀينرو ۽ منھنجي ڌرتي جا حلالي فرزندو !ـ
جيئي سنڌو ديش جيئي سائين جي ايم سيد

اڄ آئون توھان سان رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 108 ھين سالگرھ جي ڏھاڙي تي مخاطب آھيان سائين جي ايم سيد اھو عظيم انسان جنھن جي لاءِ سندس ھڪ عاشق ۽ پيروڪار سائين حفيظ قريشِي سينئر مرحوم چوندو ھو ته سيد اھا عظيم ھستي آھِي جنھن اسان کي ٻڌايو ته  سنڌ ڇا آھي جنھن اسان سان اسان جي ڌرتي جو حقيقي تعارف ڪرايو ورنه اسان کي پنھنجي مادرِ وطن جو احساس ۽ ادراڪ ئي نه ھو. سنڌو ديش اھا عظيم ڌرتي آھي جنھن ھزارين سالن جي انساني تاريخ ۾ انساني ڀائيچاري ، سھپ ، رواداري ، ماڻپي ، درگزر مذھبي سياسي شعور معاشي ترقي ۾ پنھنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو . ساڳئي وقت سنڌ اھو واحد خطو پڻ آھي جتان جي عظيم ماڻھن  اتحادِ انساني ، امنِ عالم،ترقي آدم واري فلسفي ۽ سوچ کي انساني بقا لاءِ  جي ميراث قرار ڏئي ھر دور ۾ پنھنجو اھم فرض پي نڀايو آھِي اسان جو وطن سنڌو ديش ھزارن سالن کان آزاد ۽ خوشحال ملڪ باشعور سماج ۽ ذميوار رياست جي حيثيت ۾ قومن جي درميان برابري ۽ بقا جي باھمي اصول کي اپنائيندي انساني تھذيب ، ڪلچر ، سڀيتا جي نه صرف پيڙھه جو پٿر رکيو آھي پر ان جي واڌاري ۽ ترقي ۾ پنھنجو فرض نڀائيندي رھي آھي. سنڌ اھا سرزمين آھي جنھن انسان ذات کي 30ھزار سال اڳ شِو مھراج ۽ شڪتي ديوي جي روپ ۾ خدا جو تصور ڏنو جنھن تان اڳتي ھلي عرب فلسفن آدم ۽ ھوا جو خيال آندو ، سنڌ معاشي ۽ معاشرتي اصولن ۽ فلسفي کي دنيا ۾ متعارف ڪرايو واپار ، حساب ، سماجي اصول ذرعي طور طريقا ڪشتي راني . پرڏيھي لاڳاپا ، انساني زبان لکت ۾ الفابيٽ ، سفر ۽ واپار لاءِ ڏاند گاڏين ۽ ٻيڙين جو ٺاھڻ ، موھن جي دڙي جھڙي سُڌريل شھري رياست ۽ ذرعي ترقي جو بنياد ھي تھذيبي سفر اسان سنڌين دنيا جي ٻين قومن کان اڳ ڪيو آھي ان ڪري ته اسان سنڌي قوم آزاد ۽ خوشحال قوم ھئاسين . ان عظيم سنڌو سڀيتا جا آثار ڪشمير ، ايران ، راجستان ، گُجرات ، ڪنڌار کان موجوده سنڌ جي سيني ۾ دفن ٿيل آھن . موھن جو دڙو ھڙاپا جي کوٽائي سميت ڪيترين جڳھن تي سنڌو تھذيب ۽ رياست جا نشان اسان کي ٻڌائين ٿا ته سنڌي ھڪ عظيم باشعور ماڻپي واري قوم رھيا آھيو . تاريخ ان ڳالھ جي گواھ آھي ته اسان سنڌين ڪڏھن به مذھبي ڪٽرپڻو ، انتھا پسندي ، دھشتگردي ۽ جنون کي قبول ناھي ڪيو. اسان جو سنڌي معاشرو نياڻين کي اڄ به سَت قُرآن جي برابر سمجھندو ۽ اھميت ڏيندو آھي. اسان جي ڌرتي جيڪا پنھنجي جيو پوليٽيڪل حيثيت ۾ عام والار رکي ٿي گڏو گڏ تيل ، گئس ، ڪوئلي ، گرينائيٽ ، سمنڊ ، درياءُ ۽ ڪيترن ئي معدني ذخيرن سان پڻ مالامال آھي. ان خوشحال ۽ تاريخي قوم کي 1947ع ۾ عالمي سازشن ۽ پنجابي استحماري مفادن لاءِ نام نھاد ٻه قومي نظرئي جي آڙ ۾ پاڪستاني رياست جي حدن اندر اسلامي ڀائيچاري جو ڍونگ ڪندي غلام بنايو ويو آھي.سنڌين ۽ بلوچن جي وطن ۽ وسيلن جو اصتحصال پنجابي سامراج طرفان ڪيو پيو وڃي. اسان جي پُٽن ڀائرن کي پنجابي سامراج ان جي صفاعڪ وحشي ۽ لعنتي اداري آءِ ايس آءِ جي دھشتگردن ھٿان اغوا ڪري ماري جيئرو ساڙي سندن لاشن کي روڊن تي اڇليو ٿو وڃي ، سنڌ ھجي يا بلوچستان ”شھيد سرائي قربان کھاوڙ، شھيد رپلو چولياڻي، شھيد نورالله تنيو ، شھيد سميع الله ڪلھوڙو ، شھيد ذوالفقار ڪولاچي، شھيد ماجد ميمڻ سميت سنڌ جا ڪيترائي حلالي فرزند بي دردي سان ڪُٺا ويا آھن جيئن بلوچستان ۾ ”شھيد بالاچ خان مري، شھيد اڪبر خان بُگٽي ۽ سوين بلوچ قومي ڪارڪنن کي چيچلائي ماريو ۽ ڪُٺو پيو وڃي.

اقوام متحدا ، آمريڪا ، عالمي برادري يورپ يونين کي مان اپيل ٿو ڪريان ته ھن خطي ڏکڻ ايشيا ۾ نام نھاد ٻه قومي نظرئي جي نالي ۾ قائم ٿيل پاڪستاني رياست دراصل پنجابي سامراجيت آءِ ايس آءِ جي جنوني ذھنيت ۽ جھادي دھشتگرديءَ لاءِ ھڪ نرسري ۽ بنيادي سينٽر وارو ڪردار ادا ڪري رھي آھي جنھن رياست جي مذھبي جنونيت ۽ آءِ ايس آءِ جي صفاقي مان نه صرف اسان سنڌين ۽ بلوچن جي قومي مستقبل کي سنگين خطرو لاحق آھي پر ھن فاحشي ۽ مذھبي ڪٽرپڻي جو شڪار غيرفطري رياست ان جي ائٽمي ھٿيارن مان ڀرپاسي جي ملڪن سميت خطي ۽ عالمي امنِ انساني بقا کي پڻ سنگين خطرو لاحق آھي. مان عالمي برادي کي آمريڪا ۽ يورپي ملڪن سميت اھو پڻ ٻڌائڻ ٿو چاھيان ته پنجاب سامراج پنھنجا سمورا ائٽمي ۽ ڪيميائي ھٿيار سنڌ جي پھاڙي سلسلي ڄامشوري، قمبر ،شھدادڪوٽ ، دادو ۽ سيوڻ جي جابلو پٽيءَ ۾ زير زمين وڏيون سُرنگون ھڻي رکيا آھن انھن ائٽمي ھٿيارن جي تعبڪاري مان اسان سنڌي قوم جي بقا، سلامتي ۽ حياتيءَ کي بھيانڪ خطرو لاحق آھي ان ڪري عالمي برادي پنھنجو اثراثوڪ استعمال ڪندي پنجاب تي دٻاءُ وجھي ته ھُو سنڌ جي جابلو علائقي مان پنھنجا ائٽمي ھٿيار ۽ فوجي خوفيا سُرنگن کي فورن ختم ڪري ڇڏي.

ڀائرو ۽ ڀينرو، پنجابي سامراجيت آءِ ايس آءِ جي صفاقي ۽ وحشي ڪٽرپڻو ، مذھبي بنياد پرستي جنون ، جاگيرداري لعنت سنڌي قوم جي غلاميءَ جو نه صرف سبب آھي پر اسان جي قومي بقاء جي خاتمي تباھي ۽ بربادي جو ڪارڻ پڻ. سنڌو ديش جي آزادي ۽ قومي بقاء تشڪيل ان لاءِ اسان کي ھڪ جامع قومي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. ان ۾ ٻه ڳالھيون انتھائي اھم آھن.

ھڪ 1947ع ۾ مذھب جي نالي  ۾ سنڌي ھندن کي مجبور ٿي سنڌ ڇڏي ھندستان وڃڻو پيو ھو انھن سميت سموري دنيا ۾ واپار ۽ ڪاروبار لاءِ ويل سنڌي ھندن کي پنھنجي ماتر ڀومي ٻيھر آڻي آباد ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻيون پونديون.
آئون جسمم جي چيئرمين جي حيثيت ۾ ھندستان سميت سموري دنيا جي سنڌي ھندن کي اپيل ڪندس ته ھتي سنڌ توھان جو وطن ۽ ماتر ڀومي آھي ان کي آزاد ڪرايو ان ۾ ٻيھر اچي آباد ٿيو.  

ٻيو 1947ع ۾ سنڌ ھجرت ڪري آيل ڪڇين ، ڪاٺياواڙين ، بوھرين ، ميمڻن ۽ اردو ڳالھائيندڙن ڀائرن کي سنڌي قوم جو حصو سمجھندي قومي تحريڪ جي سياسي ڌارا ۾ کين شامل ڪرڻ آھي.

ان کانسواءِ قومي مذاھمت وسيلي سنڌو ديش جي آزادي لاءِ قربانين  واري رستو ۽ دڳ وٺڻ. مان پنڊال ۾ موجود سمورن قومي ڪارڪن کي چوان ٿو ته سنڌ مان غاصب پنجابي فوج کي شڪست ڏيئي وطن جي آزادي ۽ شھيدن جي پلاند لاءِ تيار آھيو؟
سنڌ جي بقاء وسيلن جي تحفظ ننگن ۽ دنگن جي حفاظت لاءِ پنھنجا ڪنڌ ڪپرائيندو؟
اڄ سمورا قومي ڪارڪن اُٿي بيھي شھيد سرائي قربان کھاوڙ ، شھيد روپلو چولياڻي، شھيد نورالله تنيو ، شھيد ذوالفقار ڪولاچي ، شھيد سميع الله ڪلھوڙو سان وچن ڪيون ته:

” جيسين رات انڌاري رھندي ، جنگ اسانجي جاري رھندي،
جيسين رات انڌاري رھندي جنگ اسان جي جاري رھندي.“

ڇو ته قومي آزادي جي لاءِ قومي مذاھمت جو رستو ئي حقيقي رستو آھي. ڀائرو اڄ سموري دنيا ۾ قومون زبردست اُٿل پُٿل سياسي بيداري واري عمل مان گُذري رھيون آھن. عرب دنيا ان سياسي سجاڳي ۽ جاڳرتا واري مرحلي مان لنگھي رھي آھي پراڻين شھنشاھتن، فوجي ڊڪٽيٽرن ، جاگيرداري ذلت ، آپي شاھي، غلامي خلاف ھر طرف باھ ٻري رھِي آھي . اڄ آمريڪا دنيا جي مظلوم قومن پيڙھيل سماجن کي آپي شاھين، مذھبي انتھاپسندي جي پنجوڙ مان آزادي ڏياريندڙ عالمي قوت بنجي اڳيان اچي رھيو آھي. اھڙي وقت ۾ اسان سنڌ جا قومي ڪارڪن پڻ اھا اميد ٿا ڪريون ته دنيا جا مھذب ملڪ آمريڪا سميت ھن فاحشي ۽ ٿيوڪريٽڪ رياست جي پنجوڙ مان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪندڙ سنڌي ۽ بلوچ قومي تحريڪن جي سياسي ۽ اخلاقي مدد ڪندا.

اڄ سنڌ ۾ قومي تحريڪ جي سياسي اصتلاحن ٽرمنالاجي کي بگاڙي قومي تحريڪ جي فڪري ۽ نظرياتي پروگرام خلاف گُمراھي ۽ بگاڙ پيدا ڪيو پيو وڃي . آئون انتھائي معزرت سان چوندس ته سنڌي ميڊيا سنڌو ديش قومي آزادي جي بجاءِ جياپو،نجات، آجپو جھڙا جُڙتو اصتلاح لکي قومي تحريڪ جي فڪري پروگرام خلاف استعمال ٿي رھي آھي. مان توھان سمورن قومي ڪارڪنن کي چوندس ته توھان اُٿي بيھي صحافي دوستن اڳيان اخباري مالڪن ۽ ٽي وي چئنلن جي سربراھن کي ھڪ ڀيرو ٻيھر اپيل ڪيو ته آئينده پنھنجي اخبارن ۾ سنڌو ديش ۽ قومي آزادي جي سياسي ٽرمنلاجي کي بگاڙي قومي تحريڪ خلاف پنھنجي ميڊيا کي استعمال نه ڪندا.

آخر ۾ آئون قومي تحريڪ ۽ ڌرتي جي حلالي فرزندن کي اھو چوندس ته تاريخ ۽ شھيد سرائي قربان کھاوڙ  ،شھِيد روپلو چولياڻي ، شھِيد نورالله تنيو جي شھادت توھان جي مٿان تمام وڏي ذميواري ۽ قومي بار وجھي وئي آھي. اچو ته شھيدن سان وچن ڪيون ته ساھ ڏيئي ويساھ بچائينداسين سنڌو ديش جي آزادي جي لاءِ رت جي آخري ڦري تائين جدوجھد ۽ قومي مزاحمت کي جاري
رکنداسين!ـ

منھنجي ڌرتي جي پھاڙن کي چئو،ھا اڃان اوچا رھن،
ڇو ته منھنجو ڪنڌ جھڪڻو ڪونه آ ـــ !!!

توھان جو پنھنجو
 چيئرمين
شفيع محمد برفت

خطاب آيڊيو ٻڌڻ جي لاءِ ھن لنڪ تي ڪلڪ ڪندا!ـ

 http://youtu.be/ZKsOur2fFkY

No comments:

Post a Comment