Thursday 12 January 2012

شاھ صاحب ۽ اسان جون جوابداريون ( پيغامِ لطيف) سائين جي ايم سيد


شاھ صاحب ۽ اسان جون جوابداريون ( پيغامِ لطيف) سائين جي ايم سيد

 ھر قومي شاعر جي ڪلام جي اھا خصوصيت ھوندي آھي، جو ڳوٺاڻن کان وٺي شھر، جاھلن کان وٺي عالمن تائين تي، سندن اثر پوندو آھي.

اسان جي قومي شاعر شاھ صاحب کي اگرچ ٻن سَون ورھين کان به مٿي زمانو گذري چڪو آھي ۽ ملڪ جي ماڻھن ۽ حالات ۾ گھڻي تبديلي اچي ويئي آھي، ايتري قدر جو سندس ڪم آندل سنڌي زبان جا ڪيترائي لفظ به اڄڪلھ غير مورج ٿي چڪا آھن،جنھنڪري ڪيترن ئي بيتن کي سمجھڻ واسطي معني لاءِ لغتن کي ڏسڻ جي ضرورت پوي ٿي. اڄڪلھ وڏن شھرن، ريلن، ھوائي جھازن، تارن وغيره ملڪ جي اڳوڻي زندگيءَ کي گھڻو بدلائي ڇڏيو آھي، ليڪن باوجود ان جي به جيڏانھن نظر ڪندا ته اڃا شاھ صاحب جو ڌاڪو سموري سنڌ تي ويٺل آھي. ڪي نڙ وڄائي ان جا بيت ڏيئي قلب کي سرور پھچائي رھيا آھن، ته ڪيترن عالمن ۽ اھل دل وارن جي مجلسن جي رونق به شاھ صاحب جي ڪلام سان وڌي ٿي.
جيئن سون مان حاڪم سڪا ٺاھي ، ملڪ جي ڏيتي ليتيءَ جي لاءِ ڪم آڻي ٿو ته واپاري پنھنجي مٽا سٽا لاءِ ان کي استعمال ڪري ٿو ، امير ماڻھو ان مان برتن وغيره جو ڪم وٺن ٿا ته خوبصورت ۽ شاھوڪار عورتون ان کي پنھنجي حسن کي وڌائڻ لاءِ زيورن جي طور تي ڪم آڻين ٿيون، حڪيم صاحب ان مان ڪشتو بڻائي دل جي قوت ، خون جي گھڻائي ۽ بدن ۾ طاقت لاءِ ڪتب آڻي ٿو. تيئن ھڪ بھترين شاعر جي ڪلام کي مختلف ڪمن لاءِ ڪتب آڻي سگھجي ٿو.
شاھ صاحب جو ڪلام جيڪڏھن عالمن جي وعظن جي مجلسن جي رونق ، ھڪ طرف بنجي ٿو ته ٻئي طرف اديب ان جي باريڪ نڪتن ، سلاست ۽ بلاغت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سونھن محسوس ڪن ٿا ، اگر صوفي صاحب ان ۾ روحاني رمزون ۽ لذني نڪتا ٿو ڏسي ته ڳوٺاڻو ان جي ٻڌڻ مان غير معمولي دل جو سرور يا درد ٿو محسوس ڪري، مطلب ته جنھن جھڙيءَ نظر سان ان کي ڏٺو اھڙو فائدو حاصل ڪيائين.
منھنجي طيال موجب وقت اچي ويو آھي جڏھن ھن سون جي ڪشتي کي قومي بدن جي صحت ۽ قوت جي لاءِ استعمال ڪجي، انھيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ شاھ صاحب جي ڪلام کي سياسي نقطهء نگاھ سان سمجھڻ جي سخت ضرورت آھي . آءُ انھي نظر سان ڪلام ڏسڻ جي شروعات ڪريان ٿو، ممڪن آھي ته علم جي ڪوتاھي ، وقت جي تنگي ۽ معلومات جي ڪميءَ سبب انھيءَ نئين مھم کي پوري طرح وقت جي ضرورتن جي مطابق ادا ڪري نه سگھيو ھجان، ليڪن مون کي اميد آھي ته ٻيا عالم ۽ فاضل ھن منھنجي ادني ڪوشش مان اشارو حاصل ڪري، انھيءَ مضمون کي زياده واضع ۽ اڻملھه طريقي سان ادا ڪندا. مونکي پنھنجن خامين ۽ ڪوتاھين جي پوري پروڙ آھي، پر ھي ڪتاب صرف سندن علمي غيرت ۽ جذبي کي تازيانه ھڻي چست ڪرڻ جي نيت سان لکيل آھي، اگر اڙدو ـ دان حضرات ڊاڪٽر اقبال ۽ ٻين شاعرن تي سَوَھا شرح لکي ، انکي ھر مجلس ۽ موقع لاءِ ڪتب آڻي سگھن ٿا ته ، اسان سنڌي ڇونه بجا طور تي شاھ صاحب جي ڪلام کي پنھنجي نوجوان طبقي ۾ قومي بيداري ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيون ۽ اھڙي طرح سان سنڌين ۾ قومي احساس پيدا ڪري، پنھنجي قوم کي دنيا جي ٻين قومن جي اڳيان منھن مٿي کڻي، ميدان عمل ۾ بيھڻ جو لائق ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.
اھو ڪم پوريءَ طرح سان تڏھن پورو ٿي سگھندو ، جڏھن اسان پنھنجون جوابداريون سنڌ جي قومي شاعر شاھ صاحب جي طرف محسوس ڪريون.
شاھ صاحب جي راڳ جون مجلسون سڏائڻ يا انھن ۾ وڃي قلب کي سرور پھچائڻ ، سندس ٻارا ملھائڻ ، عرس جي موقعي تي سندس درگاھ تي حاضر ٿي زيارتون ڪرڻ ، مضمون ۽ ڪتاب لکي شاھ صاحب جي پيغا م کي ملڪي يا غير ملڪي ماڻھن تائين پھچائڻ به چڱا ڪم آھن، پر سندس ڪلام جي حقيقت معلوم ڪرڻ ٻي ڳالھ آھي. اھا آھي پنھنجي قوم جي سڃاڻپ ۽ انھيءَ سن گڏ انھيءَ جو نصب العين مقرر ڪرڻ ۽ ان جي مقرر ڪرڻ بعد ، انھيءَ مقصد کي ڪشالا ڪاٽي ، جبل جھاڳي حاصل ڪرڻ آھي. اھو ماڻھو جو پاڻ مٺو ڪري سنڌي قوم ۽ سنڌ ملڪ جي آزاديءَ ۽ ترقيءَ لاءِ قرباني نه ٿو ڪري ، سو حقيقي طرح شاھ صاحب کي محبت نه ٿوڪري.
شاھ صاحب فرمائي ٿو:

”سڪڻ ائين نه سڌ ، جيئن لڪيو ليڪا پائين،
پئي پريان جي نه ٿئين ، مٿي اڱڻ اڌ،
ايءَ پڻ ڪوڙي سڌ، جيئن لڪيو لياڪا پائيين.“

اھو ماڻھو جو پنھنجي قوم جي سڃاڻپ نه ڪري ، ملڪ وانگر دانھون ڪري ٿو ۽ ٻين جا در پيو ڳولي تنھن به شاھ صاحب جي ڪلام کي صحيح طرح نه سڃاتو آھي:

”پاڻيءَ مٿي جھوپڙا ، مورک اڃ مرن،
ساھا اوڏون سپرين ، لوچي تان نه لھن،
دم نه سڃاڻن ، دانھون ڪن ملن جيئن.“

اھو ماڻھو کليو کايو سمھي ٿو ، پاڙي ۾ رنج رسيل جي پروڙ نه اٿس ، سورن وارن جي پچار ڪانه اٿس ، سندس راتيون رويو نه ٿيون وھامن، سگھو آھي، گھايل نه آھي، گندي ۽ گراھ جو انو اٿس، سڃ جو سمر ساڻ نه کنيو اٿس، انھيءَ کان به شاھ صاحب جي حب اڃا اڳاھين آھي. منھنجي خيال موجب ھر ھڪ سنڌيءَ تي جوابداري آھي ته تيسين تائين آرام نه ڪري جيسين تائين ھيٺيان مکيه ڪم پورا نه ٿيا آھن:

1.
شاھ صاحب جو جملي ڪلام مستند نموني ڪٺو ڪرائي ، ان جا بھترين شرح لکرائي سٺي ۽ سستي ڇاپي ۾ ڇپرائڻ ، جيئن ھر سنڌي وٽ اھو پھچي سگھي.

2.
درگاھ عبدالطيف جي ٻاھرين واري ميدان کي فرش ٻڌارائي چوءطرف ميلي جي وقت ايندڙ عوام جي رھڻ لاءِ ھجرن جو انتظام ڪرڻ جيئن شاھ صاحب جون ٻارھه ماھي مجلسون، ختمو ۽ سندس يادگار شين جو ڏيکارڻ ، سھڻي ۽ عمدي نموني ٿي سگھي.

3.
ڪرار جي ڍنڍ جي چوءطرف پڪو فرش، چاڙھين جي ڏاڪڻين سان ٻڌرائي، پارڪ بنارائي ان جي چوءطرف سنڌي تھذيب ۽ فن جي زندھه ڪرڻ لاءِ ڳڪ درسگاھه کولجي، جنھن ۾ بھترين ڪتب خانو به ھجي.

4.
ڀٽ جي ڳوٺ کي سفائي ، سٺائي جو ماڊل ڪري ، از سر نو تعمير ڪرائجي ، جيئن ٻاھريان ھلي اچي ان کي ڏسن.

5.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاھ صاحب جي ڪلام جي کوجنا وغيره لاءِ ھڪ ڪرسي (سيغه) کولجي ، جو سنڌ جا بھترين عالم ان تي وقت به وقت نئين سر کوجنائون ڪندا رھن.

6.
سنڌ جي جملي بھترين ، شاھ کان اڳ ۽ پوءِ جي شاعرن جو ڪلام ڪٺو ڪري ڇپرائجي ، پوءِ شاھ صاحب جي ڪلام تي ، انھن جو اثر يا شاھ جي ڪلام جو انھن تي اثر بابت مطالعو ڪجي.

اھي آھن مختصر طرح اسان سنڌين تي شاھ صاحب جي محبت جا چند فرائض ، جن جي ادا ڪرڻ جي جوابداري ھر ھڪ سنڌيءَ تي آھي !ــ


( پيغامِ لطيف)
سائين جي ايم سيد

No comments:

Post a Comment