Saturday 28 January 2012

Appeal of Saima Bhutto to working group of enforced or involuntary disappearance(UNO), Human rights org, & others


نوٽ: هي اپيل جنيوا ڪانفرنس ۾ پڙهي وئي

Introduction to my Home land 
مان ان سرزمين سان تعلق رکان ٿي، جنهن سرزمين بي رنگ دنيا کي رنگ ڏنا ۽ جيڪا دنيا جي عظيم تهذيبن مان هڪ تهذيب 
(INDUS CIVILIZATION) جي مالڪ ۽ دعويدار آهي، سرزمين سنڌ دنيا جي انهن چند خطن مان هڪ آهي، جنهن وٽ امن، انسان دوستي، سيڪيولرازم، برابري، هڪجهڙائي ۽ ترقي بنيِ نوءِ آدم جو پيغام صدين کان ثقافت ۽ تهذيب جو حصو رهيو آهي.
ترقي يافته دنيا اڄ جنهن سيڪيولرازم ۽ مذهبي بنيادپرستي (EXTREMEISM) جي خلاف جيڪا ڳالهه ڪري ٿي اهو سيڪيولرازم موهن جي دڙي جي ڪنگ پريسٽ جي نظامِ حڪومت جو حصو هيو، جيڪو تصوف اڄ اسلام جي نالي سان ڦهلايو پيو وڃي، اهو خالص سنڌي نظريو آهي، جيڪو موهن جي دڙي تي آرين جي حملي سبب جن سنڌين سينٽرل ايشيا ۽ يورپ طرف ڀاڄ ڪئي اهي تصوف جو نظريو به پاڻ سان کڻي ويا  جيڪو بعد ۾ مسلم رياستن ۾ اسلامآئيزڊ ٿي واپس سنڌ ۽ پوري دنيا ۾ نئين روپ  سان ڦهليو، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان کان وٺِي دنيا اندر ٿيندڙ ڪنهن به دهشتگردي جي واقعي يا مذهبي انتها پسندي ۾ ڪو به سنڌي ملوث نه ڏٺو ويو آهي. سنڌ اڄ به عظيم سيڪيولر نظريي جي خالق آهي.

NATIONAL MOVMENT FOR INDEPENDENCE OF SINDH

1843ع کان اڳ برصغيرانڊيا اندر ٻه آزاد رياستون هند ۽ سنڌ هيون، 1843ع ۾ جڏهن برطانيه ايسٽ انڊيا ڪمپني ذريعي برصغير تي قبضو ڪري هندستان مان مغل سلطنت جو خاتمو آندو ته ساڳي طرح سنڌ مان به ٽآلپر حڪومت کي ختم ڪري برطانيه قبضو ڪري ورتو. 1947ع ۾ جڏهن برطانيه برصغير کي آزاد ڪري ويو ته اسان سنڌين سان ڌوڪو ڪيو ويو، برطانيه جهڙي طرح 1843ع ۾ ٻن ملڪن سنڌ ۽ هند تي قبضو ڪيو هو اهڙي طرح جڏهن هو برصغير خالي ڪري رهيا هئا ته هنن سنڌ ۽ هند آزاد نه ڪيا بلڪ هندستان ۽ مسلمانن جي اڪثريت واري علائقن تي مشتمل نئون ملڪ پاڪستان ٺاهي ويا، پاڪستان ٺهڻ سان دنيا جي وڏي ۾ وڏي لڏپلاڻ ٿي جنهن ۾ اڌ سنڌي قوم سنڌ مان لڏي هندستان هلي وئي.
پاڪستان ٺهڻ سان نوان بارڊر ٺاهيا ويا ۽ انهن کي لڏي ويل سنڌين لاءِ ناممڪن بڻايو ويو، پر پوري دنيا مان اسلام جي نالي تي غنڊا، مذهبي انتهاپسندي، دهشتگردي، پين اسلامآئيزيشن جا دعويدار ماڻهو لکن جي تعداد ۾ پاڪستان اندر وارد ٿيا، پاڪستان ٺهندي ئي اسانجو اقتداراعلي ( سورنٽي) اسان سنڌين کان کسي وئي، فوج صرف پنجابين تي مشتمل هئي ۽ آهي به. سنڌين کي سيڪيولر هجڻ جي ڏوهه ۾ ملڪ دشمن انڊيا ۽ اسرائيل ۽ خبر ناهي ڪهڙن ملڪن جي ايجنٽن جو خطاب مليو. اسانجي پاڪستان دوستي مشڪوق بڻائي وئي، سنڌين جي سيڪيولر سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ روس افغانستان جنگ دوران افغان مهاجر، پنجابي، پاڪستاني پٺاڻ ۽ انڊيا مان لڏي آيل مهاجرن کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تي ئي غير محفوظ بڻايو ويو، مذهبي انتهاپسند قومن جا گروهه گهرائي سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا. جنهن سبب نه صرف سنڌين جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي بلڪ سنڌ سان لڳندڙ هندستان جي بارڊر تي پٺاڻ پنجابي آباد ڪري، وڏيون ڇاوڻيون ٺاهي انهن جي بارڊر کي به غير محفوظ بڻايو ويو.
سنڌين جي مالي وسيلن، درياهه، قدرتي وسيلن، نوڪري ۽ ٻين حقن تي ڌاڙو هنيو ويو، ڌاري آبادي ۽ مٿي ذڪر ڪيل مسئلن جي خلاف جڏهن به سنڌين ڪا جدوجهد ڪئي ته ان کي طاقت جي ذريعي چيڀاٽيو ويو عدم تشدد جي پيروڪار ۽ پرچارڪ اسان جي رهبر سائين جي ايم سيد کي سنڌ سان عشق، صوفي ۽ سيڪيولر هجڻ جي ڏوهه ۾ 32 سال جيل ۾ رکيو ويو، جنهن کي ايمنسٽي انٽرنيشنل ضمير جو قيدي قرار ڏنو هو.
جيئي سنڌ متحده محاذ (جسمم) سائين جي ايم سيد جي سيڪيولر نظرئي جي پيروڪار ۽ آزادي پسند تنظيم آهي، هي تنظيم سنڌ جي سياسي، ثقافتي، اقتصادي ۽ جاگرافيائي آزادي ۾ يقين رکي ٿي ۽ سرزمينِ سنڌ کي پنجابي، پاڪستاني قبضي کان آزاد ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. جيئي سنڌ متحده محاذ جو چيئرمين شفيع محمد برفت آهي، جيڪو پڻ رياست پاڪستان ۽ ان جي فوج، آءِ ايس آءِ ۽ ٻين رياستي ادارن کان 23 سالن کان پاڻ بچائيندو وتي ٿو ۽ کيس پنهنجي قوم سان سڌي طرح سياسي رابطي رکڻ کان محروم رکيو ويو آهي.
مان صائمه ڀٽو آهيان. آئون انهي جيئي سنڌ متحده محاذ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظفر ڀٽو جي گهرواري آهيان جيڪو 24 فيبروري 2011ع کان آءِ ايس آءِ جي تحويل ۾ آهي ۽ لاپته آهي.  مظفر ڀٽو پنهنجي ڀائرن اصغر، محمد صالح، سڪندر، ممتاز، واحد بخش ۽ شاهنواز ڀٽو ۾ چوٿون نمبر ڀاءُ آهي، وڏو ڀاءُ اصغر ڪار ايڪسيڊنٽ سبب پيرالائيز آهي، سڪندر ۽ مظفر ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس ۾ ملازم جڏهن ته ممتاز هڪ بينڪ ۾ ڊرائيور ۽ شاهنواز يونيورسٽي آف سنڌ جو شاگرد آهي، مظفر ڀٽو 1999ع کان سياست جو آغاز ڪيو مظفر سائين جي ايم سيد جي سيڪيولر ۽ آزادي پسندي نظريي کان متاثر ٿيو ۽ سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن کي پنجاب ۽ پاڪستان کان لاحق خطرن کي ڏسندي جيئي سنڌ متحدا محاذ ۾ شآمل ٿيو. ۽ سرگرم ۽ ايماندار سياسي ڪارڪن هجڻ ڪري جلد ئي جمهوري طريقن سان چونڊجي مرڪزي قيادت جو حصو بڻجي ويو، مظفر ڀٽو جي جيئي سنڌ متحده محاذ جي مرڪزي قيادت تائين پهچڻ رياست پاڪستان ۽ ان جي ڳجهن ادارن آءِ ايس آءِ، ايم آءِ طرفان ڌمڪين ۽ هراسان ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جڏهن منهنجو مڙس (مظفر ڀٽو) رياست جي انهن ڌمڪين تي نه ڊنو ۽ وطن سنڌ جي قومي آزادي لاءِ انقلابي جدوجهد جاري رکي ته رياست مظفر کي جهڪائڻ جا هربا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. مظفر ڀٽو تي سنڌ ۾ سنڌو ديش لبريشن آرمي نالي آزادي پسند تنظيم طرفان ريلوي پٽڙين، پلن ۽ گيس پائيپ لائينن تي ٿيل بم ڌماڪن جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سندن سر جي قيمت 500000 رپيا مقرر ڪئي وئي، هڪ طرف ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو جاري ڪيو ويو ته ٻئي طرف اسان کي به هراسان ڪرڻ جو سلسلو به شروع ڪيو ويو.
اسان جي پوري خاندان کي رياستي ٽارگيٽ جو نشانو بڻايو ويو، مظفر ڀٽو جي ننڍي ڀاءُ ممتاز ڀٽو کي 2004ع ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ گرفتار ڪري 6 مهينن تائين تشدد ڪيو ۽ اسان تي پريشر وڌو ويو ته مظفر سياست تان هٿ کڻي وڃي.
2005ع ۾ مظفر ڀٽو جيڪو ٿرمل پاور هائوس ڄامشورو ۾ سب انجنيئر جي نوڪري تي هيو جنهن کي قومپرست سياست ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ٽرمينيٽ ڪيو ويو.
5 آڪٽومبر 2005ع تي مظفر ڀٽو کي طارق روڊ ڪراچي مان هڪ دوست جي فليٽ تان آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ ۽ پوليس سي آءِ ڊي جي مدد سان گرفتار ڪري 14 مهينن تائين گم ڪري مختلف فوجي ڇاوڻين ۾ قيد ڪري مٿس غير انساني تشدد ڪيو ويو، ۽ جڏهن سندس اغوا خلاف عدالت پٽيشن داخل ڪرايو ويو ته آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ ۽ پوليس مظفر جي گرفتاري کان لاتعلقي ڏيکاريندي رهي ۽ 14 مهينن کان پوءِ مظفر کي 5 ريل پٽڙين، پلن ۽ گيس پائيپ لائينن کي ڌماڪي سان اڏائڻ، بم ٺاهڻ جو مادو رکڻ ۽ غير قانوني هٿيار (13 ڊي) جي 7 ڪيسن ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي، گرفتاري ظاهر ڪرڻ کان پوءِ به مظفر سان غير جمهوري طريقو اختيار ڪندي ڪيس کليل عدالتن ۾ هلائڻ بدران جيل ۾ انسائيڊ ٽرائيل ٻڌڻيون ڪرايون ويون.
عدالت ۾ مظفر پاڪستان جي قومي غلامي کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجي عدالتي بيان ذريعي سنڌ جي قومي غلامي کان آزادي جي سمورن ڏوهن جو اعتراف ڪيو ٻن سالن جي عدالتي ڪاروائي کان پوءِ عدالت کيس بيگناهه قرار ڏيندي آزادي جو جو حڪم ڏنو. پر پاڪستان سرڪار کيس آزاد ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ هوم ڊپارٽمينٽ طرفان هڪ مهينو وڌيڪ نظر بند ڪيو ويو. سندس پارٽي جيئي سنڌ متحده محاذ ۽ سنڌي عوام جي سخت احتجاج کان پوءِ 5 جنور 2008ع ۾ رات جو 12 بجي سخت ٽارچر ڪري جيل کان ٻاهر اڇلائي ڦٽو ڪيو، جنهن سبب سندس ڪرنگهي جي هڏي ٽٽي پئي، مظفر کي اسپتال داخل ڪيو ويو، مالي صورتحال بهتر نه هجڻ ڪري سندس علاج نه ٿي سگهيو.
آزاد ٿيندي ئي مظفر ڀٽو تڪليف باوجو سنڌ جا طوفاني دورا ڪيا سندس عوامي استقبال کان خوفزده ٿي پاڪستان رياست وري اسان جي فيملي کي هراسان ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو، قومپرست پارٽين طرفان هڙتال جي گڏيل سڏ دوران ڪوٽڙي شهر  ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ مظفر ڀٽو جي وڏي ڀاءُ سڪندر کي قتل جي ايف آءِ آر ۾ ملوث ڄاڻائي کيس گرفتار ڪري گم ڪيو ويو، جنهن کي 14 ڏينهن بعد عدالتي ڇاپي ذريعي بازياب ڪرايو ويو، ڪو ثبوت نه هجڻ جي ڪري عدالت منهنجي ڏير سڪندر کي آزاد ڪري ڇڏيو.
اهڙي صورتحال رياست لاءِ قابل برداشت نه هئي تنهن ڪري 28 جولائي 2009ع تي اسان جي  پاور هائوس ڪالوني ۾ واقع سرڪاري گهر تي آءِ ايس آءِ رياست پاڪستان بم حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ مظفر جو ننڍو ڀاءُ ۽ منهنجو ڏير ممتاز ڀٽو (عمر 32 سال) مارجي ويو. آءِ ايس آءِ ۽ حملي آور اهلڪار اسان کي ڌمڪيو ڏيندا هليا ويا. بم ڌماڪي جي ڏوهه ۾ اسان جو گهر سيل ڪيو ويو، مظفر سميت سندس ٻن ڀائرن سڪندر ۽ شاهنواز ڀٽو کي انهي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو، مظفر جي ڀاءُ شاهنواز جي ڦوٽو اسٽيٽ جي دڪان کي سيل ڪري تحويل ۾ ورتو وتو جيڪو اڃا تائين اسان کي کولڻ نه ٿو ڏنو وڃي. مختلف جاين تي ڇاپا هڻي سڪندر ۽ شاهنواز کي گرفتا ڪري فوجي ڇاوڻين ۾ ٽارچر ڪيو ويو، سڪندر ۽  شاهنواز ان ڪوڙي ڪيس ۾ 11 مهينا جيل ۾ رهيا آخر ۾ عدالت ضمانت تي آزاد ڪيو جيڪو ڪيس اڃا هلندڙ آهي.
هراسان ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو. خوف سبب اسان جي گهر جو هر فرد پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳو، اسان کان سرڪاري گهر کسيو ويو، مظفر کان نوڪري کسي وئي، خوف سبب اسان گهر تبديل ڪندا رهياسين ۽ اءِ ايس آءِ اسان جو پيڇو ڪندي رهي. نيٺ 29 جولائي 2010ع تي سنڌ يونيورسٽي امپلائيز ڪوآپريٽو سوسائٽي ڄامشورو ۾ رات جي 2 وڳي آءِ ايس آءِ جا اهلڪار ۽ پوليس ڏاڪڻيون رکي گهر ۾اندر داخل ٿيا، مظفر جي غير موجودگي سبب سندس وڏي ڀاءُ سڪندر ڀٽو کي ٻيهر گرفتار ڪري ويا. گهران گرفتار ڪيل سڪندر جي گرفتاري کان انڪار ڪيو ويو، اسانجي فيملي کيس ظاهر ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ۽ سنڌ جي عوام پنهنجي اڳواڻ مظفر ڀٽو جي ڀاءُ جي آءِ ايس آءِ هٿان گمشدگي خلاف مظاهرا ڪيا. تنهن بعد فرسٽ سول جج  ڪوٽري ڄامشورو پوليس اسٽيشن تي ڇاپو هڻي سڪندر ڀٽو جي گرفتاري ظاهر ڪرائي پر آءِ ايس آءِ معرفت ڄامشورو جو ڊي پي او پنجابي فرخ بشير، ايس ايڇ او نياز پنهور ۽ ٻين 13ڊي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل موڪليو جنهن ۾ سڪندر ڏيڍ مهينو قيد ڪاٽيو ۽ ان ڪيس مان باعزت بري ٿيو انهي ڪوڙي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف اسان آءِ ايس آءِ ۽ ان وقت جي پنجابي ڊي پي او فرخ بشير، ايس ايڇ او نياز پنهور ۽ ٻين خلاف سيش ڪورٽ ڪوٽڙي ۾ پٽيشن داخل ڪرائي پر ڪورٽ به ايجنسين جي پريشر ۾ اچي وئي ۽ ڊي پي او فرخ بشير مٿان ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي ڪيس پينڊنگ ڪري ڇڏيو.
هاڻي اسان جي فيملي پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪرڻ لڳي گهر تبديل ڪندا رهياسين، ٻارن جي تعليم تباهه ٿي وئي ٻار ۽ عورتون خوف ۾ رهڻ لڳيون، مظفر ڀٽو به مسلسل روپوش رهڻ لڳو.
24 فيبروري 2011ع تي مان پنهنجي مڙس مظفر ڀٽو ۽ ڏير شاهنواز ڀٽو سان گڏ سکر کان حيدرآباد ڪار ۾ اچي رهيا هئاسين ته نيو سعيدآباد شهر جي ٽول پلازه وٽ اڳ ۾ ئي گھاٽ لڳائي ويٺل آءِ ايس آءِ جي اهلڪارن اسان کي روڪيو. آءِ ايس آءِ وارا اڳ ۾ ئي چيڪنگ ڪري رهيا هئا پر اسان جي گاڏي تي نظر پوندي ئي اهلڪارن پوليس کي الرٽ ڪيو، پوليس موبائيل ۽ ڊبل ڪيبين گاڏيون اچي ويون جن اسان جي گاڏي تي راتاهو هنيو، مظفر ۽ شاهنواز سخت مزاحمت ڪئي جنهن سبب آءِ ايس آءِ جي اهلڪارن ٻنهي تي سخت تشدد ڪيو، انسان  سوز تشدد کان پوءِ شاهنواز کي روڊ تي اڇلايو ويو جڏهن ته مظفر ڀٽو کي پاڻ سان کڻي ويا. مون به گهڻيون ئي دانهون ڪيو پر خوف سبب ڪير به واهر ڪرڻ نه آيو. مظفر تي سخت تشدد ڪيو ويو، کيس روڊ تي گهليو ويو ۽ گهليندي گاڏي جي اندر اڇلايو ويو، اهلڪار ڪنهن فلمي اداڪار وانگر ٽهڪ ڏيندا فرار ٿي ويا.
پنهنجي مڙس جي گمشدگي خلاف مون سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي سرڪٽ بينچ ۾ پٽشن داخل ڪئي پهريان ڪجهه مهينا ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي پر آهستي آهستي هاڻي مان اميدون لاهيندي ٿي وڃان. ڇاڪاڻ ته ڪجه عرصي کان  ججن جا رويا تبديل ٿي ويا آهن، جج اسان کي چئي رهيا آهن ته آءِ ايس آءِ جو سخت پريشر آهي تنهن ڪري ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون. عدالت کي پريشرائيز ڪيو ويو آهي جنهن ڪري گذريل 3 هفتن کان تاريخ نه پئي ملي، مونکي ۽ منهنجي گهر وان کي فون ڪري ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته پٽيشن تان هٿ کڻو نه ته ٻين گهر ڀاتين جو حشر به مظفر جهڙو ٿيندو،  گهر کان ٻاهر نڪران ٿي ته آءِ ايس آءِ جا اهلڪار پيڇو ڪن ٿا، ۽ مون سميت سمورن فيملي ميمبرن جون فونون ٽريس ڪيون وڃن ٿيون. هڪ ڀيري سرڪاري نمبر پليٽ واري ڪار منهنجي ڪار کي بار بار ٽڪر هڻندي رهي ۽ هراسان ۽ خوفزده ڪندي رهي. جنهن ڪري منهنجا ٻار خوفزده ٿي ويا.
مونکي ۽ منهجي ٻارن کي قتل ڪرڻ جي منصوبه بندي ٿي رهي آهي منهنجي ننڍي ڏير ۽ مظفر ڀٽو جي ڪيس ۾ اکين ڏٺو شاهد شاهنواز ڀٽو جي زندگي کي به سخت خطرو آهي، ايجنسيون سندس پويان آهن جيڪو روپوش رهڻ تي مجبور آهي. مظفر جو والد پنهنجي پٽن جي زندگين کي لاحق خطرن کي ڏسي فوت ٿي ويو، سندس والده مظفر جي غم ۾ زنده لاش بڻيل آهي.
 ڪجهه ٽائيم اڳ سپريم ڪورٽ طرفان گمشده ماڻهن لاءِ قائم ڪيل گڏيل ڪميشن وارن ڪراچي گھرايو هو ان ڪميشن ۾ ويٺل جج ۽ ايجنسين جي اهلڪار انصاف ڏيڻ بجاءِ ڌمڪائي رهيا هئا. ۽ تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن جي لاءِ تفصيل طلب ڪيا ويا هئا ان بابت گھرو وزارت سنڌ طرفان جيڪا هاءِ ڪورٽ سنڌ کي رپورٽ ڏني وئي آهي جنهن ۾ منهنجي مڙس مظفر ڀٽو ۽ ٻين قومي ڪارڪنن جو ڪو به ذڪر ناهي حالانڪه مظفر سميت ٻين قومي ڪارڪنن جا هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بينچ ۾ پٽيشن داخل ٿيل آهن. ان لاءِ مان پاڪستان جي عدالتن مان نااميد ٿي وئي آهيان ۽ مان يونائيٽيڊ نيشن، صدر آمريڪا بارڪ اوباما ۽ نيٽو اتحاد، انساني حقن جي عالمي تنظيمن ۽ پوري دنيا جي مهذب ملڪن کي ميڊيا جي ذريعي بار بار اپيلون ڪيون هنيون، انهي کان پوءِ عالمي انساني حقن جي تنظيمن، ايمنسٽي انٽرنشنل، ايشين هيومن رائٽس ڪميشن، يونائيٽيڊ نيشن، آمريڪي ڪانگريس مين ڊين بُرٽن ۽ براڊ شيرمن طرفان منهنجي مڙس مظفر ڀٽو جي گمشدگي ۽ گرفتاري ظاهر ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري کي پڻ ليٽر جاري ڪيا، انهن جي مان تمام گھڻي ٿورائتي آهيان جو انهن اسان جو آواز ٻڌو ۽ اسان تي ٿيل ظلم جو نوٽس ورتو آهي. اهو سڀ ڪجهه مٿي ڄاڻايل ظلم ان ڪري ٿي رهيو آهي ته منهنجو مڙس مظفر ڀٽو سنڌي ماڻهن ۽ پنهنجي وطن سنڌو ديش سان محبت ڪري ٿو ۽ سنڌي قوم کي غلامي مان نجات لاءِ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي پليٽفار تان جدوجهد ڪري رهيو آهيو. اهڙو ذڪر جڏهن هو پهريون ڀيرو ٽارچر سيل مان آزاد ٿي آيو هو ته ان مون کي ٻڌايو ته ايجنسين، آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ ڪليئر چيو آهي ته اگر تون اسان پاليسين تي نه هلين ۽ اسان جو حڪم نه مڃو ۽ جسمم جي پليٽفارم تي جدوجهد ڪئي ته توکي ۽ تنهنجي گھر کي تباهه ۽ برباد ڪنداسين. ۽ مون کي خدشو آهي ته جيئن جسمم جي سنيئر وائيس چيئرمين سميع الله ڪلهوڙو کي شهيد ڪيو ويو ائين ئي منهنجي مڙس کي به ٽارچر ڪيمپن ۾ تشدد ڪري ماريو ويندو.
مان هڪ چڪر ٻيهر  اقوام متحده، امينسٽي انٽرنيشنل، انساني حقن جي تنظيمن، آمريڪا، نيٽو اتحاد جي ملڪن ۽ ٻين سمورن مهذب ملڪن کي اپيل ٿي ڪيان ته سنڌ ۾ سنڌين مٿان نافض ڪيل قومي غلامي، خلاف آواز اٿارين ۽ هڪ سيڪيولر ۽ پرامن قوم جي وجود کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچن. جسمم خلاف آپريشن ۽ مظفر ڀٽو سميت جيئي سنڌ متحده محاذ جي ٻين اڳواڻن جسمم ويب پيج سيڪريٽري بشير آريسر، افضل پنهور (شاگرد اڳواڻ يونيورسٽي آف سنڌ) ثناءَ ڀٽي، مرتضي چانڊيو، محسن شاهه، احسن ملاڻو، بابر جمالي ۽ ٻين کي آءِ ايس آءِ وٽان بازياب ڪرائي کليل عدالت ۾ ڪيس هلائن ۽ منهنجي مڙس، سندس تنظيم خلاف جاري رياستي آپريشن بند ڪرائڻ ۾ مدد ڪن.


                                                                                سنڌ، پاڪستان  
                                                                                 صائمه ڀٽو
                                                                                           زوجه مظفر ڀٽو           
                                                                               جنرل سيڪريٽري
                                                                               جيئي سنڌ متحده محاذ (جسمم)

No comments:

Post a Comment