Thursday 12 January 2012

شاھ عبداللطيف رح ئي سنڌين جو قومي شاعر آھي، نه اقبال يا ڪو ٻيو !ـ ليکڪ : محترم عبدالواحد آريسر ڪتاب : سائين جي ايم سيد


شاھ عبداللطيف رح ئي سنڌين جو قومي شاعر آھي، نه اقبال يا ڪو ٻيو!ـ

اڄ سنڌي ادب ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائي رح جي شاعريءَ جي حيثيت وطن دوستي ۽ قوم پرستيءَ جي لافاني نغمي جي آھي ، لطيف اڄ جي دور ۾ سنڌ جي وطن دوست تحريڪ جي علامت ۽ سنڌي ٻولي جو سرواڻ بنيل آھي. سندس شخصيت کي انسان دوست، عظيم انقلابي جو رتبو حاصل ٿي چڪو آھي. ھن وقت سنڌ اندر لطيف کي جنھن نموني سڃاتو ۽ پڙھيو وڃي ٿو سو نمونو اڄ کان ٽيھ ورھيه اڳ ۾ موجود ڪونه ھو ۽ نه وري سنڌ ۾ لطيف کي وطن دوست ، انسانيت پرست، امن جو پيغمبر ۽ عظيم انقلابي جي روپ ۾ ڏٺو ويندو ھو. لطيف . ھندو خواھ مسلمان مفڪرن جي نظر ۾ ھڪ شاعر ھو، جنھن شاعريءَ کي محض روحاني رازن ۽ رمزن بيان ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيو ويندو ھو. عمر جي ڪوٽ مان مراد جسم ، ملير مان مطلب عالم آخرت ، ۽ تارئي مان مقصد روح ھو. اھڙي طرح لطيف جي تشريح شاھ جي رسالي شايع ٿيڻ کان وٺي  اڄ کان پندرھن ويھه سال اڳ تائين جاري رھندي پئي آئي. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ اردو زبان جي واھپي ۽ ڊاڪٽر اقبال جي شاعريءَ جي پروپيگنڊا ، پوري ملڪ ۾ اصلي زبانن جي شاعري ذري گھٽ ماڻھن کان وسارائي ڇڏي، اردو فلمن جي گانن ، گيتن ۽ منظر نگارين مقامي سادي سودي عوام کي اردو جو مفتون بنائي ڇڏيو، جنھن وقت ڏسو مقامي ماڻھن جا جوانڙا روڊ ، رستي ، ھوٽل، گاڏي، ٽيشڻ، اسڪول ، ڪاليج ، يونيورسٽي مطلب ته ھر جڳھه تي وات ۾ پان چپن تي اردو گانو ڳائي مست پيا ٿيندا ھئا، خطن ۾ اردو عشقيه شعر،  ڪتاب جي شروع ۾ اردو بيت، تقريرن ۾ اقبان جو شاھين. ڌم ڌمان لڳي پئي ھوندي ھئي. گھرن ۾ باجي ، آپا ، اَمي ۽ ابوُ جو چوٻول ٻڌڻ ڪا حيرت جي ڳالھه ڪانه ھئي. انھيءَ وايو منڊل ۾ ھندو توڙي مسلمان مفڪرن ۽ اديبن مان ( جي ايم سيد ) پھريون ماڻھو ھو، جنھن لطيف جي شخصيت ، شاعري ، فن، پيغام ۽ فڪر تي انقلابي انداز ۾ قلم کنيو ۽ سنڌ جي وطن دوست تحريڪ جا سرچشما لطيف جي شاعريءَ مان ظاھر ڪيا !
” پيغامِ لطيف “ سنڌي زبان ۾ اھو پھريون انقلابي ۽ لافاني ڪتاب آھي ، جنھن جي ذريعي ھند ۽ سنڌ جي سنڌين سامھون لطيف ، عظيم انقلابي ۽ انساني دوستي جو پيغمبر بنجي آيو.
    لطيف صرف مونن ۾ منھن وجھڻ وارو صوفي ناھي.، پر سنڌي عوام جو فڪري ۽ ذھني رھبر آھي ، جنھن کي سنڌ جي مارن ۽ ڌنارن، جھانگين ۽ سانگين ، پنھوارن ۽ ڏوٿين ويڙھيچن ۽ کاھوڙين ، گاروڙين ۽ کٿيرن سان بي پناھ محبت آھي. لطيف کي سنڌ جي پھاڙين ، پيچرن ، ٻنين ٻارن، ڀٽين، جھنگلن ، موسمن ، ڪرڙن، ڪنڊين ، لين لاڻن ، ڏٿن ڏونرن ، ڳنڍيرين ۽ ڳاڱين سان بي انتھا پيار آھي. ھن جي اکين  ۾ وطن جي عزيز جي محبت جي جيڪا اُڃ ھئي تنھن کي اجھائڻ لاءِ ھن پوري سنڌ جو پيادل سفر ڪيو ۽ سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافت جي ننڍي کان ننڍي نشانيءَ کي پنھن جي لافاني شعر ۾ ھميشه لاءِ نقش ڪري ڇڏيو.
    لطيف جڏھن سنڌي ماڻھن جي خوراڪ ، ڏٿ ۽ ڏونرا بيان ڪري ٿو. ان وقت حقيقت ۾ ھو سنڌي عوام جي اقتصادي تباھي ۽ بربادي بيان ڪري رھيو آھي . جيڪا غير ملڪي حاڪمن ۽ فاتحن جي اچڻ ، لٽ مار ڪرڻ ۽ بربريت جي راڄ قائم ڪرڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿي ھئي. سنڌ جا سرسبز علائقا ڇڏي سنڌي ماڻھن بيابان ۽ ويرانيون انھيءَ ڪري وسايون جو ھنن کي حاڪمن جي ظلم ءُ جبر پنھنجا وسندڙ ماڳ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو . انھن حالتن ۾ ھو اُھي پراڻا ماڳ ۽ ميدان ، پڊ ۽ پوٺا ڏسي درد ڀرئي لھجي ۾ چئي ٿو ڏئي ته :

ھو ڀنگا ، ھو ڀيڻيون ، ھو مارن جا مڪان
سي سڀ ساري سومرا قھري لڳم ڪان.

    لطيف اھڙو شاعر نه ھو ، جنھن روحاني رازن ۽ رمزن بيان ڪرڻ لاءِ شاعريءَ جو سھارو ورتو، پر ھو ھڪ قومي مفڪر ۽ سنڌ جي ماضيءَ جي تاريخ جو رازدان ھو. جنھن کي خبر ھئي ته ڪھڙي طرح سنڌي جوانن کي سنگھرن ۾ جڪڙي ، ايران جي بازارن ۾ جلادن جي تلوار جو کاڄ بنجڻ لاءِ اڇلايو ويندو ھو. ھن کي خبر ھئي ته ڪھڙي ريت گلاب جي پنکڙين جھڙن جسمن وارين، سج ۽ چنڊ کان سھڻين ۽ ڪومل سنڌياڻين کي گھوڙن جي پڇن ۾ ٻڌي بغداد ۽ بصري جي گھٽين ۾ نيلام ڪيو ويندو ھو.
ھن کي ڄاڻ ھئي ته ڪيئن شام ويلي اروڙ اندر دريا جي ڪپ تي ٻرندڙ ڏيئا آخري ڀڙڪو کائي وسامي ويا.
ھن کي سڌ ھئي ته ڪھڙي نموني گاھي ماھي سنڌ جي سون ورنين شامن ۾ سنڌ جي فضا انساني رت ۽ فاتحن جي گھوڙن جي پيشاب سان ڀرجي رھي ھئي. ھن کي پتو ھو ته ڪھڙي ريت دريا خان ٺٽي جي چپن تي آخري مرڪ برقرار رکڻ لاءِ پنھنجي مقدس لھُو جو نذرانو ڏنو.
لطيف کان ھي ڳالھ به ڳجھي ڪانه ھئي ته ڪھڙي ريت مغل سامراج سنڌ جي معصوم عوام جي سِسِين جو جو لابارو ڪندو رھيو آھي.
ھن کي اھو به پتو ھو ته ھڪ ٻئي پٺيان ڪيئن نه سنڌ جي عوام جي ڳچين ۾ غلامي جا ڳٽ پوندا رھيا آھن ۽ انھيءَ سڀ سان گڏوگڏ کيس سنڌ جي عوام جي تاريخي جدوجھد ۽ قرباني ، ويڙھه ۽  جنگ ، وطن جي ويرين سان نفرت ۽ ڪروڌ ۽ حاڪم جي حڪمن کان بغاوت ۽ سرڪشي جو پورو پورو علم ھو.
لطيف عوام کي  غلاميءَ مان ھميشه ھميشه نڪرڻ،  آجو ٿيڻ، آزدي ماڻڻ ، خوشحالي ۽ خوشي سان ھمڪنار ٿيڻ لاءِ ڪجھه متا ۽ اصول ڏنا.

(1) 
وطن ۽ ان جي ھر شيءَ سان بي پناھ محبت سان گڏ ضمير جي خريداريءَ لاءِ ڌارين حاڪمن ۽ آقائن طرفان آڇيل ھر شي کان نفرت ۽ انڪار .
اھو متو سُرمارئي ۾ پيش ڪيل آھي.

(2)
زبردستي مڙھيل نظام ، نظرئي ، قانون ۽ حڪومت کان بغاوت ، سرڪشي ۽ انڪار ڪري پنھنجي مرضيءَ جي نظام جي
حاصلات لاءِ جاکوڙ.
سھڻي واري سُر جو اھو ئي خلاصو آھي.

(3)
مقصد ۽ مراد سان بي پناھه عشق ۽ ان جي حصول لاءِ ھر ممڪن طريقو اختيار ڪرڻ . پوءِ کڻي ان لاءِ اڪيلو ئي ميدان زندگيءَ ۾ جدوجھد ۽ عمل جو ٻج ڇو نه ڇٽڻو پوي.
” سکن واري سڌ متان ڪو مون سان ڪري،
اندر جنين اڌ ڏونگر سي ئي ڏورينديون.“

اھو سُر سسئي جو بنيادي مقصد آھي. آخر فتح انصاف  ۽ آزادي جي ٿيندي.

(4)
دشمن جي وحشيانه ظلم ، تشدد ، قتل ۽ خونريزيءَ کان ڊڄي ويھڻ جي بجاءِ ان کي دليري ۽ دانائي سان ختم ڪرڻ لاءِ جدوجھد جاري رکجي.
سُر گھاتو ۾ مورڙي جو مثال انھيءَ اصول کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو اٿس.

(5)
مقصد جي حصول لاءِ عيش ، آرام ۽ زندگيءَ کي تياڳي بي مثال ايثار جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي.
مومل جو ڪردار ايثار جي علامت ڪري استعمال ڪيل آھي.

6.حق ۽ صداقت ، آزاديءَ ۽ انصاف جي واٽ ۾ پنھنجي قوم ۽  عوام کي ھم خيال بنائڻ تمام ضروري آھي ۽ انھن جو ئي سھڪار ، ڦورن ، ڌاڙيلن ۽ لٽيرن کي ختم ڪرڻ لاءِ موءثر ھٿيار آھي. پر عوام کي تيار ڪرڻ دعوت ڏيڻ ۽ انھن کي آزاديءَ جي واٽ تي ھلڻ جو ڏس ڏيڻ سان گڏ انھيءَ راھ جي ڏکيائين ۽ مشڪلاتن کان واقت ڪرڻ ضروري آھي، ڇو ته قرباني کانسواءِ ڪابه آزادي حاصل ٿيڻ واري نه آھي.
” سوري سڏ ٿيو ، ڪا ھلندي جيڏيون،
وڃڻ تن پيو ، نالو نينھن ڳنھن جي.“
آزادي لاءِ دعوت ۽ انھيءَ جي مشڪلاتن جي نشاني دھي واري اصول سان پورو سُر ڪلياڻ ڀريو پيو آھي.

(7)
قومي ڇوٽڪاري ۽ آزاديءَ  جو لازوال مقصد ،عوام جي شاندار ۽ مضبوط ٻڌي ، اتحاد ، اتفاق سان ئي حاصل ٿي سگھي ٿو. عوامي اتحاد ۽ قومي ٻڌي ئي اھا باھه آھي جيڪا غلامي جا زنجير پگھاري سگھي ٿي. فرزندان ڌرتيءَ جو اتفاق ئي اھو گولو آھي جيڪو ڏاڍ ۽ ڏمر جي قلعي ۽ ڪوٽ کي جھوري ۽ ڀوري سگھي ٿو.
ڪنھن قوم جي بي مثال وحدت ئي آھي جيڪا غيرقومي حاڪمن کي آڻ مڃڻ يا ڪُتي جو موت مرڻ تي مجبور ڪري ۽ جابر جي جياپي جي ڏينھن کي ختم ڪري سگھي ٿي.

سُر ڏھر ۾ اھو اصول بيان ڪيل آھي.

” وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن ماڻھو نئا ميٺ گھڻو.“

(8)
شاھ صاحب مذھب جي آڌار تي انساني فرقي بازي خلاف آھي. شاھ صاحب جي وحدت الوجودي ھجڻ جو اھوئي مطلب آھي.

انھن سڀني اصولن جي مدِنظر شاھ لطيف رح ئي سنڌين جو قومي شاعر آھي، نه اقبال يا ڪو ٻيو !ـ

ليکڪ : محترم عبدالواحد آريسر
ڪتاب : سائين جي ايم سيد
پيج نمبر:  56 کان 61 تائين

No comments:

Post a Comment