Tuesday 24 January 2012

(سائين جي ايم سيد جو آخري خطاب؛(17 جنوري 1995ع سن

(سائين جي ايم سيد جو آخري خطاب؛17 جنوري 1995ع سن)

عزيز ڀائرو ۽ ڀينرو!
آءُ توهان سڀني جو شڪر گذار آهيان جو توهان منهنجي 92 هين سالگراھ تي اچي شريڪـ ٿيا آهيو.مون کي اهو احساس آهي تـ اڄ سنڌ مختلف اندروني ۽ بيروني سازشن جي آماجگاھ بڻيل آهي ۽ هر ڪا ڌر سنڌ جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ ان جي حالت وڌيڪـ سقيم بنائڻ لاءِ سرگردان آهي.
عزيزو! جڏنهن بـ ڪا قوم،پنهنجي ملڪـ ۽ پنهنجن وسيلن کان لاتعلقي ۽ بي پرواهي اختيار ڪندي آهي تـ ان قوم جي سرزمين،ثقافت،ٻولي،اقتصادي وسيلا ۽ اقتدار اعلٰي سازشن جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ اهو ئي ڪجھ اڄڪلھ سنڌ سان ٿي رهيو آهي.
آءُ عمر عزيز جو تمام وڏو حصو، سنڌي قوم جي وسيلن ۽ سنڌ جي اقتدار اعلٰي تي ڌارين جي قبضي خلاف وڙهندو ۽ ڦورو ٽولن جي مڪروھ ارادن ۽ سازشن کي ناڪام بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو آيو آهيان.اها جدوجهد اڃا بـ جاري آهي ۽ جاري رهندي،پر ان لاءِ لازمي آهي تـ سنڌي قوم هن لاتعلقي ۽ بيپرواهيءَ واري روش کي ختم ڪري ۽ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي وسيلن تي پنهنجيءَ مالڪيءَ جي دعوٰي لاءِ مستقل مزاجيءَ سان اڳتي وڌي جدوجهد ڪري، ڇو تـ آزادي ۽ انصاف،ڪڏنهن بـ پنڻ وسيلي ۽ بي پرواهيءَ سان پلئـ نـ پوندا آهن.جيڪڏنهن توهان منهنجي ڳالھ ٻڌي ۽ ان تي ايمان آڻي،عمل ڪيو تـ آئون پنهنجي شعور جي روشنيءَ ۾ يقين سان چوان ٿو تـ سنڌ ۽ سنڌي قوم هن مشڪل وقت مان ضرور پار پئجي ويندي.
اوهان مان گهڻن پڙهيو هوندو تـ رسول ڪريم صلي الله عليھ وسلم مڪي جي پهاڙ تي چڙهي،عربن کي اهو چيو هو تـ ”پهاڙ جي هن طرف وڏو لشڪر اوهان کي ڳڙڪائڻ لاءِ تيار بيٺو آهي،جيڪڏنهن توهان منهنجي ان ڳالھ کي سچ سمجهو ٿا تـ پوءِ منهنجي چوڻ تي هلو،نجات اوهان جو مقدر آهي.
آئون بـ اڄ سن جي هن جابلو ۽ اتاهين ڌرتيءَ تان اوهان کي پڪاريان ٿو تـ ”جيڪڏنهن توهان ايندڙ خطرن ۽ طوفانن جي ان ادارڪـ ۽ احساس کي پنهنجيءَ دل ۾ ائين محسوس ڪيو،جيئن مون محسوس ڪيو ۽ ڏٺو آهي تـ پوءِ توهان ڪامياب ۽ ڪامران هوندئو.ٻيءَ صورت ۾ غافل،ڪاهل ۽ لالچي قومن ۽ فردن جو انجام،تاريخ جي صفحن ۾ عبرتناڪـ ٿيندو آهي.منهنجي دعا آهي تـ شال،سنڌي قوم اهڙي انجام سان دوچار نـ ٿئي.
عزيزو! هي ڊگهو بحث آهي تـ قومون ڪيئن ٺهنديون ۽ ڊهنديون آهن ۽ نسل ڪيئن هڪٻي ۾ هضم ٿيندا ويندا آهن.ان جي باوجوده آئون هن موقعي تي،سنڌ ۾ مستقل آباد اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي ايترو چوندس تـ هيءَ ڌرتي مختلف مذهبن،نظرين ۽ تهذهيبن جو خوبصورت گلدستو رهي آهي.قدرت توهان کي پنهنجيءَ ماتر ڀوميءَ کان ڌڪجڻ کان پوءِ هڪـ اهڙي سرزمين جي گود نصيب ڪئي آهي،جيڪا پيار،محبت،رواداريءَ ۽ ڀائيچاري جو مثالي مرڪز رهي آهي،ان ڪري توهان کي تاريخ جي ان سونهري موقعي جو فائدو وٺي،هتي جي اصلوڪن رهاڪن سان کير کنڊ ٿي،هتي جو حصو ٿي وڃڻ گهرجي.
آئون هن موقعي تي جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کي چوڻ چاهيان ٿو تـ وڏي ماڻهپي،ليڊريءَ،خسيس مفاد پرستيءَ ۽ گروھ بازيءَ کان بالاتر ٿي،سنڌ ۽ سنڌي قوم جي آجپي ۽ ڀلائيءَ لاءِ پاڻ کي ”ذرو“ بنائي ڇڏيو.اسان جي قومي تحريڪـ جون روايتون صوفيانـ رهيون آهن،اسان وٽ تاج ۽ تخت،لشڪر ۽ سپاھ دولت ۽ دٻدٻي،نمائش ۽ ڏيکاءَ جي حيثيت ذري برابر بـ نـ رهي آهي.
آئون هن وقت عمر جي اهڙيءَ منزل تي آهيان، جو ان کي چراغ سحري چئي سگهجي ٿو،پوءِ بـ مون نـ همت هاري آهي،نـ منهنجي اردي ۾ ڪا ڪمي آئي آهي ۽ نـ ئي مون اميد جو دامن هٿ مان ڇڏيو آهي،منهنجي جدوجهد تـ جنمن تائين جاري رهندي ۽ مونکي اسان جي هڪـ قومي ڪارڪن جو هيءُ شعر ڏاڍو اتساھ ڏياريندو آهي تـ؛
وٺي هر هر جنم وربو،مٺا مهراڻ ۾ ملبو،
ختم اونداھ ٿي ويندي،چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو!
آئون هڪـ ڀيرو وري توهان جو ٿورو مڃان ٿو ۽ سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جي دعا ڪريان ٿو.

(جسقم قمبر،روزاني سوڀ جي ٿورن سان)

No comments:

Post a Comment