Friday 13 January 2012

We invite Mr.William Marten council general united state of America(Karachi)L Shafi Burfat Chairman Jeay Sindh Mutahida Mahaz

 
Long Live Sindh     Long Live Sain G.M.Syed
Sindh
The Land of peace, Tolerance, And Sufiisim.
We believe in global peace, development and humanity.

We invite Mr.William Marten council general united state of America (Karachi) and also the council generals of Germany,Birtish, Faracnce and respresentatives of European union, Australia, African countries and Arab world to come and attend the 108 birth anniversary of Sain GM Syed the great Scholar and philosopher on 17th January 2012 sann, who first ever the world in 1952 in world peace conference (viana) warned that: extremism and fundamentalism is fuel on fire for whole humanity.

اسان  جي عظيم قومي رھبر، فلاسافر سائين جي ايم سيد سنڌ جي ھزارين سالن جي انساني رواداري ، ماڻھپي ، پائيچاري ، سيڪيولر روايتن، اتحادِ انسانِي ، اميڻ عالم ،ترقي، بني آدم واري سوچ ۽ فلسفي جي نه رڳو پوئواري ڪئي پر سياسي ۽ نظرياتي مهاذن تي مسلسل جدوجھد جاري رکندي پنھنجي زندگي جا 28 سال قيد، نظربندين، نفسياتي عذابن ھيٺ ڀوڳيندي گذاريا، اسان جي مادِر وطن سنڌ جيڪو ھزارين سالن کان ھڪ خودمختيار ۽ خوشحالملڪ رھِو آھي، سنڌو سڀيتا جي اھا خالق رياست مھذب ۽ باشعور قوم ۽ سماج جي حيثيت ۾ قومن جي درميان بقاءِ باھمي جي اصول کي اپنائيندي انساني تھذيب،ڪلچر ۽ سڀيتا جي ترقيءَ ۾ پنھنجو شاندار حصول ۽ فرض ادا ڪيو آھي . تاريخ ۽ اسان جي صوفي بزرگن شاھه عـبد الطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي ۽ ٻين جي تعليم گواھه آھي ته سنڌي قوم ھر دور ۾ فتني، فساد ، دھشتگردي ،رتوڇاڻ ۽ جنونيت کي ڪڏھن به قبول ناھي ڪيو. ان ڪري سائين جي ايم سيد امن ، سلامتي ، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجھد ڪئي، اسان سنڌي تاريخي طورف سيڪيولر ۽ صوفي سوچ جا حامي رھيا آھيون ، اھو ئي سبب آھي جو اسان آمريڪا، يورپ ۽ دنيا جي مھذب قومن طرفان شروع ڪيل مذھبي دھشتگردي واري عالمي جنگ ۾ آمريڪا ، نيٽو ۽ يورپ جا حامي رھيا آھيون ڇو ته اسان اصلي طرح اھو سمجھون ٿا ته تاريخ آمريڪا ۽ دنيا جي مھذب ملڪن ، معاشرن ، سماجن ۽ رياستن جي مٿان اھا ذميواري رکي آھي ته اھي انسانذات جي غلامي ، ذلت ، آپيشاھي مان جان آجي ڪرائي سيڪيولر ، جمھوري ۽ مھذب معاشرن جي قيام لاءِ پنھنجيون ڪوششون ڪن. ان سان گڏ انساني حقن جي سربلندي لاءِ ڪوشش سان گڏ قدرتي آفتن ، جنونيت ،ڪٽرپڻي ، دھشتگردي ۽ ھر قسم جي ڏاڍ ، جبر کان انسانذات کي آجو ڪرائڻ لاءِ فرض ادا ڪن. ھن خطي ۾ اھڙي سموري جدوجھد جو نظرياتي خالق، فلسفي ۽ دانشور سائين جي ايم سيد آھي. ان ڪري اسان آمريڪا جي ڪراچيءَ ۾ ڪائونسل جنرل مسٽر وليم مارٽن سميت ڪراچيءَ ۾ سمورن ملڪن جي سفارتڪارن ۽ ڪائونسل جنرل کي دعوت ٿا ڏيون ته اھي 17 جنوريءَ تي سائين جي ايم سيد جي سالگرھه تقريب ۾ شرڪت لاءِ سن اچي سنڌي قوم جي تاريخي شعور ۽ انساني ڀائيچاري ، روزادريءَ جي حامي سنڌي صوم جو جائزو وٺن. سنڌي قوم جا باشعور فرزند ۽ جسمم جا ڪارڪن پنھنجن سمورن مھمانن جي ميزبانيءَ لاءِ 17 جنوريءَ تي سن ۾ منتظر ھوندا.

جيئي سنڌ متحده محاذ
 ( JEAY SINDH MUTAHIDA MAHAZ )

No comments:

Post a Comment