Thursday 12 January 2012

شاھ صاحب جو سنڌين لاءِ سنيھو (ڪتاب: پيغامِ لطيف) ليکڪ: سائين جي ايم سيد

شاھ صاحب جو سنڌين لاءِ سنيھو

ھن کان اڳ به ھڪ ٻن جڳھن تي ھن ڪتاب ۾ مون لکيو آھي ته آءُ شاھ صاحب جي ڪلام جو سياسي مفھوم سمجھائڻ جي ڪوشش لاءِ ھي ڪتاب لکي رھيو آھيان، تنھن ڪري سندس سنڌين لاءِ سنيھي جو به سياسي پھلو بيان ڪندس ـ
شاھ صاحب جي ڪلام کي ، ھن وقت تائين گھڻو ڪري تصوف جي روشنيءَ ۾ پئي ڏٺو ويو آھي ، ليڪن ان جي ڪلام کي ھر پھلو کان ڏسي سگھجي ٿو.
منھنجي سمجھه موجب ، شاھ صاحب جي ڪلام ۾ ، سنڌين لاءِ ڪي خاص پيغام ۽ سنيھا ڏنل آھن ، جي انھن جي پوري کوجنا ڪبي ته ، اھي اڄڪلھه جي گھڻن سياسي مسئلن جي حل لاءِ ، سنڌين جي رھبري ڪري سگھندا .
شاھ صاحب جي ڪلام مان جي پيغام نڪري سگھن ٿا ، تن مان مکيه ھيٺيان آھن ..

(1) حب الوطني :

شاھ صاحب جي ڪلام ۾ حب الوطني کي خاص جڳھه ڏنل آھي ، ھن جي ڪلام جو نچوڙ اھو آھي ته سڄڻ ( ديسي) ساڻيھه  (وطن) ڪنھن بي گڻي کان وسري سگھندا.  مارئي جو سڄو سُر انھيءَ جذبات ۽ خيالات سان ڀريو پيو آھي ، شاھ صاحب حب الوطني کي ايمان جو جزو ۽ مذھب جو بنياد ٿو سمجھي.
شاھ صاحب جي زماني ۽ موجوده دور جي حاڪمن جي سياسي پاليسي گڻھو ڪري ساڳي آھن ، ھو به اسلام ۽ شريعت جو نالو وٺي ڪتا ڌارڻ ، شڪار ڪرڻ ، ملڪي خزاني جو گھڻو حصو ، ذاتي عياشين ۾ خرچ ڪرڻ ۽ پنھنجي طاقتن کي برقرار رکڻ لاءِ خرچ ڪندا ھئا ۽ سندس قول ۽ فعل يڪسان نه ھئا. ھي به ڪم و بيش ساڳئي رستي تي ھلي رھيا آھن . انھن ڏينھن ۾ اسلامي برادريءَ جي نالي ۾ عوام کي آزاد راءِ ۽ آزاد خيالي کان محروم رکيو ويندو ھو . ھن وقت به ساڳي حالت آھي.
تنھن ڪري شاھ صاحب جو سڄو سُر مارئي انھيءَ مضمون تي صرف ڪرڻ بغير ، ڪنھن مطلب ۽ مقصد جي نه آھي . آءُ اڳي به لکي آيو آھيان ته مسلمانن ۾ قديم وقت کان ٻن خيالن جا ماڻھو پي رھيا آھن. ھڪڙا وطن جي محبت جي بنياد تي ، انسانذات جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ جي راءِ جا پي رھيا آھن ته ٻيا مسلمانن کي ھڪ جدا گروھ بنائي ، انھن کي انسانذات جي رھبري ڪرائڻ جا طرفدار پي رھيا آھن ته ٻيامسلمانن کي ھڪ جدا گروھ بڻائي انھن کي انسانذات جي رھبري ڪرائڻ جي طرفدارن کي پنھنجا دليل آھن جن جو مختصر احوال ٻه اڳي ئي ٻڌايل آھي . ھتي صرف ھي ٻڌائڻ ڪافي ٿيندو ته شاھ صاحب پھرين خيال جو ھو ، جنھن ڪري ئي حب الوطني کي ساراھيو اٿس . موجوده وقت جي زبان ۾ انھن ٻنھي نظرين کي نيشنلزم ۽ پئن ــ اسلام ازم سڏجي سگھي ٿو.
شاھ صاحب نيشنلزم جو حامي ھو، نيشنلزم ۽ حب الوطني ساڳي شيءَ آھن . اھو صاف سمجھڻ گھرجي ته جيڪي سنڌي ، شاھ صاحب جا مداح آھن ۽ ڊاڪٽر اقبال جا به پوئلڳ ٿيڻ گھرن ٿا ، تن يا ته ٻنھي جي خيالات جو مقصد سمجھيو نه آھي يا ڄاڻي واڻي ائين ڪن ٿا. مطلب ته شاھ صاحب جو پھريون پيغام سنڌ جي سياسي ، اقتصادي ، ذھني آزادي ۽ ترقيءَ جي مقصد سان محبت رکڻ آھي ۽ حب الوطني جي صحيح معنيٰ به اھا ئي  ٿي سگھي ٿي ــ

(2) پاڻ سڃاڻڻ.

شاھ صاحب جي ڪلام ۾ پاڻ سڃاڻڻ تي پڻ گھڻو زور ڏنل آھي. اڪثر معنيٰ ڪندڙ پاڻ سڃاڻڻ مان صرف روحاني ۽ صوفياڻو مقصد ڪڍندا آھن، وحدت الوجود جي نقطه نگاھ کان ھو چوندا آھن ته “ تو ۾ تنھنجو معشوق يا محبوب لڪل آھي ، ٻاھر نھارڻ بيسود آھي.” ، نائي نيڻ نھارڻ ، اندر اجارڻ ، سان ان کي ڏسي سگھندين. شاھ صاحب چوي ٿو ته:
وڃين ڇو وڻڪار ، ھت نه ڳولين ھوت کي،
لڪو ڪين لطيف چئي ، ٻاروچو ٻي پار،
ٿي ستي ٻڌو سندرو ، پرت پنھونءَ سين پار،
نائي نيڻ  نھار ، ته تو ۾ ديرو دوست جو .
ان جي ھيءَ معنيٰ به ٿي سگھي ٿي ته ٻين يا ڌارين جي درن تي ڇو وڃين رُلين ۽ ڌڪا ٿو کائين ، ھوت ( مقصد ) تنھنجي ھٿ ۾ آھي. رڳو ھمت جي درڪار اٿئي ،ته پاڻ وٽان ئي ھٿ اچي ويندئي.
پنھنجو قومي نالو نشان ، اصل نصل ۽ قديم روايات جي واقفيت قدر ۽ قيمت ، سڀ پاڻ سڃاڻڻ جي معنيٰ ۾ اچي وڃن ٿا. دنيا ۾ انسان ڪنھن خاص مقصد جي لاءِ پيدا ٿيل آھي ۽ ان کي خاص فرض پورا ڪرڻا آھن، انھيءَ مقصد ، مراد ۽ فرض اداين لاءِ ، ھر ھڪ ماڻھو ۽ قوم کي پنھنجو پارٽ ادا ڪرڻو آھي.
اھڙي طرح سان سنڌين لاءِ به ڪو نصب العين ھوندو ۽ انھيءَ جي سڃاڻپ ۾ ئي سنڌين جي پاڻ سڃاڻڻ جو راز لڪيل آھي . سنڌين جو نصب العين اھو آھي ته ، جڏھن اقوام عالم کي پنھنجو “ ڪتيل سُٽ ” جي پرک لاءِ صراف “ عالم ” وٽ سرتين جي سامھون سڏ ٿيندو ، تڏھن انھيءَ کي ڪجھه ھجي ، جو ڏيکاري سگھن ۽ شرم کان ڪنڌ ھيٺ ڪرڻو پوين.
ان جي سڃاڻن تڏھن حاصل ٿي سگھندو ، جڏھن ھر ھڪ سنڌ جو رھاڪو ، پنھنجي شخصي ۽ طبقاتي نفعي کي قوم جي گڏيل مفاد جي لاءِ قربان ڪرڻ سکندو. پاڻ سڃاڻڻ ۾ شخص جي فنا آھي ۽ قومن جي لاءِ بقا آھي . قوم جي نفعي جي لاءِ پاڻ کي ماري يا فنا ڪري ، ھڪ قطري کي قومي قالب ۾ فنا ڪرڻ ، پاڻ سڃاڻڻ جو بنيادي سبق آھي. شاھ صاحب فرمائي ٿو ته:
مر ته موچاري ٿيين ، ويھي جيءَ ۾ جوءِ ،
منڌ! مرڻا پوءِ ، پھچندئن پنھونءَ کي.

شاھ صاحب جو سمورو ڪلام ، غور سان پڙھي ڏسبو ته مقصد ، محبوب ، منزل ، مارن وغيره کي پھچڻ لاءِ ڏکن ۽ ڏاکڙن ، ڪشالن ۽ مصيبتن جو سھڻ ۽ برداشت ڪرڻ ، ضروري امر آھي. گھر ويٺي ، بنا محنت ۽ تڪليف جي ، ان درجي تي پھچڻ ، ڪوڙيون سڌون ڪرڻ آھن.

(3) بي خوفي ۽ ھمت

شاھ صاحب جو سنڌين جي لاءِ ٽيون پيغام ، ھمت ڌارڻ جو آھي ، جنھن ماڻھو يا قوم کي خوف جي بيماري ويڙھي ويل ھوندي ، سي نه آزاد ٿي سگھندا ۽ نه ترقي ڪري سگھندا، جتي ايمان آھي اتي خوف نه آھي، جتي خوف آھي اتي ايمان نه ھوندو. موءمن ايمان کان سواءِ ٿي نه سگھندو . بزدلي ، جھالت ، احساس ڪمتريءَ ۽ بي اتفاقيءَ ڪري خوف پيدا ٿئي ٿو. جڏھن خود مطلب مڪاني حاڪم ، عوام کي ڪمزور ، بزدل بنائي پنھنجي شخصي اقتدار قائم رکڻ گھرندا آھن ته ٻيا وري خود مطلبي ۽ خانه جنگيءَ جو فائدو وٺي ساري قوم کي غلام بنائي ڇڏين ٿا ، مقصد ان راند وانگر سئو لو ڪم ناھين، جا ڳڀرو کيڏيندا آھن ، ھت سسي نيزي جي پاند تي اڇلي اڌ ڪرڻي آھي.
دھشت جا درياھ لنگھڻا آھن، ھت لڙ، لھريون ، لس ليٽ ھوندا آھن ۽ جن درياھن جو سنڌو سيڙھو ڪو نه ھوندو آھي اتي سڄا ٻيڙا سير ۾ ھيٺ ھليا ويندا آھن ، جن سان پرزو به پيدا نه ٿيندو آھي ، جتي بھر جا سٽاڻا سيسار ۽ ھيبتناڪ واڳون ھزارين ھوندا آھن . اتي اڻ تارون کي صرف ساھڙ جي صلاح پار لنگھائي سگھي ٿي ، جا اھا آھي ته :
جئان وھي تئان واٽ ، ڪپر پڇن ڪوڙيون،
جن کي سڪ ساھڙ جي ، سي گھيڙ نه پڇن گھاٽ،
جن کي عشق جي اساٽ ، سي واھڙ ڀائين وکڙي.

شاھ صاحب سنڌين جي جھالت ، احساس ڪمتري ، بي اتفاقي ۽ سستي ڏٺي ۽ انھن جملي مرضن لاءِ ، ھڪ ئي واحد علاج ، ھمت ۽ بھادريءَ جو ڏسيائين …

(4) قرباني :

سنڌين جي لاءِ شاھ صاحب جيڪو چوٿون ، سنيھو ڏنو آھي ، اھو قوم ۽ ملڪ جي آزاديءَ ۽ ترقيءَ جي ، رستي ۾ ھر ھڪ سنڌيءَ کي پنھنجي شخصي ۽ طبقاتي مفاد کي قربان ڪري ، عوام جو ڀلو گھرڻ جو آھي. ڪابه اھڙي قوم يا  ملڪ ترقي ڪري نه سگھندو جنھن جي فردن ۾ قربانيءَ جو مادو نه ھوندو آھي. شاھ صاحب فرمائي ٿو ته :
تون جي ڪالھ مئين ، ته ڪالھ ئي گڏئين پرينءَ کي.
ڪڏھن ڪا سُئي ، ته ڪا سگھين گڏئين سڄڻين.
شاھ صاحب چوي ٿو ته انھيءَ فنا جي القوم جي درجي کي پھچڻ جي لاءِ ، سر جي سٽ ڏيڻي پوي ٿي. کامڻ سنديون خبرون پتنگن کان پڇي ڏسو ، جي پنھنجي جي ءَ کي آڻيو آڳ ۾ جلائن ٿا . ھو پھه پچايو مچ تي مڙن ٿا ۽ لھس ڏسي لچڪن ڪين ٿا، سچ مٿي سڙيو وڃن ۽ ڳچين سندا ڳچ وڃايو ڇڏين . جڏھن باھ ٻري ٿي ته ، ھو چڙھيو پيا چڪاسين ، ۽ ڏسيو پيا وھسن ۽ پاڻ کنيو کوريءَ ۾ وجھن . ڪنھن جاءِ تي اڱرن جو مثال ڏيئي چوي ٿو ته:
ھيءَ پر اڱارن ، ٻه ڏاھين ٻرن جي ،
ھڪ کوري کانئيا ٻو ڌوڌيءَ منجه ڌڳن ،
پاڻ لھارن ، ميڙي رکيا مچ ۾.
انھن کي لھار ٻاريو اجھائين ، وري اجھايو ٻارين ٿا، ته به ھو پنھنجي ڪمن ۾ پورا آھين، وري ملڪ جي خادمن کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته :
جان وڍيو ھيئن تان ويھه ، نه ته وٺيو واٽ وانءُ تون ،
ھي تنين جو ڏيھه ، ڪاتي جنين ھٿ ۾.
انھن کي وري چوي ٿو ته ، جي تون سڪڻ سکيو آھين ته ڪاتيءَ پئي ۾ ڪنجھه ۽ ڪلالن جي ماٽيءَ وٽ پنھنجو مٿو ڪاٽي رکڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃ ۽ سر سٽ ۾ ڏئي پوءِ انھيءَ محبت واري مڌ مان ڪي پياليون پئج ، اڳتي ھلي وري فرمائي ٿو ته :
اصل عاشقن جو ، سر نه سانڍڻ ڪم ،
سو سسنئان اڳرو ، سندو دوستان دم،
ھي ھڏ ۽ چم ، پڪ پريان جي نه ٻڙي.
سوري چڙھڻ جو بيان ڪري چوي ٿو ته:
سوري آھي سينگار ، اصل عاشقن جو،
مڙڻ ، موٽڻ ميھڻو ، ٿيا نظاري نروار.
ڪُسڻ جو قرار ، اصل عاشقن جو.
وري چوي ٿو ته ھڪ ٻه عاشقن جي پيدا ٿيڻ مان ملڪ ۽ قوم جو ڇوٽڪارو ٿيڻ وارو نه آھي ، اتي ته ڪيئي ڪوڙين عاشقن جو پيدا ٿين ضروري آھي . ڇاڪاڻ ته ڪلالڪي گھر ، ڪسڻ جو ڪوپ پيو وھي ، اتي وڍڻ ، چيرڻ ، چچرڻ ، انھن جي پھت ۽ پر ٿي وئي آھي ۽ عاشقن کي وري مرڻ ۾ مشاھدو پيو ٿئي .

(5) ستايلن جي سنگت ۽ ھمايت:

شاھ صاحب جا مٿي ذڪر پيغام ، رواجي طرح ته ھر سنڌيءَ جي لاءِ آھن پر کيس خبر ھئي ته ، انھن ڳالھين تي عمل ڪرڻ اھکو آھي. انھن ذريعن جي وسيلي ، قومي آزاديءَ ۽ ترقي جي مقصد کي پھچڻ جو پنڌ اڻانگو آھي. جتي باري بر ۽ ٿڪائڻ وارا ٿر سڏين ٿا. اتي جبل جلدائي ڪري تک جو تاھ ڏيکارين ٿا. ڪڪر ڪوسا ٿين ٿا ۽ رڻ تتو رائو آھي، جو راڻي جبل جو سفر سٽاڻو آڳي، وڻڪار جي وڻن ۾ نيلا نانگ رھن ٿا، جت ڪڙم قبيلا ساٿ نه ٿا ڏين. اتي سڀڪا سڌ ڪانه ڪندي ، صرف جن جو اندر اڌ ھوندو سي ئي ڏونگر ڏوري سگھنديون، انھيءَ ڪري سندس خطاب پکن، ۾ رھڻ وارن پنوھارن، ڏيھه جي ڏوٿين، مالن چارڻ وارن مارُن، ھر ڪاھن وارن ھارين، ٿرن ۽ برف ۾ رھندڙ سنگھارن پيار ڀرين سيڻن ۽ سرتين، کارن ۽ ڄارن وارن مڇي مارڻ وارن مھاڻن جن جي پاٻوڙا پوشاڪ آھي، وڍيءَ جي واڍ ٻوڙن ٻاروچين ۽ ٻارن ، سڪا سمنڊ ڪڇن ۾ ۽ پرائڻ کٿين ۽ نيڻن ٽمائيندڙ کاھوڙين پگھا پاسي گھاريندڙ ۽ سڙھه سنڀائيندڙن سامونڊين، گوندر ۾ گذاريندڙن پھڙن تي پاسا کوڙيندڙن، سڃ جي سفر وارن ، نه ٻڌي نه سئي جوءِ جي ڏوريندڙن جتي پکيءَ جو پير نه ھجي، اتي باھڙي ٽمڪائيندڙن طرف آھي. انھيءَ کي خبر ھئي ته سندس پيغام ۽ سنيھن تي عمل ، لوڪ جي لياڪن رکڻ وارن، نام نشان پويان ھلندڙن، مال مڏيون گڏ ڪندڙن، سک جي سانڍيندڙن گندي ۽ گرانھن جي گولن، پٽ کڻي پندڙن، سنجھي سمھي رھندڙن، پاڻ جي پوڄا ڪرائڻ وارن، گندي ، مانيءَ ۽ ماڳ موچاري پٺيان ھلڻ وارن ، جسم ۾ جڏا، پر کيڻ ۾ کڙن، مڻئي تي ماڻڪ وڪڻدڙن ، ماڻھن کان منھن ڪيو اٽو ۽ ان پنندڙن ( جن کي اڄ ڪلھ جي زبان ۾ لقبن ۽ لالچن تي ضمير وڪڻڻ وارا ، ميمبرين ۽ وزيرين خاطر قوم کي قربان ڪرڻ وارا، رشوتن مان مال ۽ ملڪيت ڪٺيون ڪرڻ وارا ، ٿوري جوف خاطر، ڌارين جا جوتا صاف ڪرڻ وارا، ڄاڻي سڃاڻي ناحق کان ڊڄي ماٺ ڪرڻ وارا، بداخلاقيءَ جو اڏو ھئڻ جي باوجود دين جو نعرو ھڻڻ وارا، مسڪينن، خانه بدوشن، اڻ ڄاڻن جي ڪمائي تي عيش عشرت ڪرڻ وارا، ظلم ۽ ستم، ذريعي پنھنجي طاقت قائم رکڻ وارا سڏي سگھجي ٿو) کان ڪين ٿي سگھندو، تنھنڪري اھڙن ماڻھن کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته:

“ اڻ ڏکويون ڏکن جي، ڇو ٿيون پٿريون،
ناھ اورراتو ان کي، ٿيون لوڪ ريائون رون،
ڀنڻ ڀيريون ھون، پار تنين جا پڌرا.”

ھو سنڌ جي مظلوم ۽ مسڪين عوام کي غربت ، جھل ، بداخلاقي ، ظلم ۽ ڏاڍائيءَ کان آزادي ڏيارڻ واسطي گڏ ڪرڻ گھري ٿو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر ھئي ملڪ ۽ قوم جي آزاديءَ ۽ ترقيءَ جي موک به انھن وٽان ٿيڻ وارو آھي ۽ چوي ٿو ته:

اچو سورن واريون، ڪريو سور پچار،
ڪن گھڻا ڪن ٿورا، ڪانھي سورن ڌار،
ڏنا جي ڏاتار، سي جھولي پائي مو جھليا.”

ھن کي بنگلن ۽ محلاتن ۾ رھندڙن، پٽ پٽيھر پھريندڙن ، ٻوڙ پلاءَ کائيندڙن، موٽرن ۾ چڙھندڙن ۾ ، عوام لاءِ اٿي ڪا جفاڪشِي ڪرڻ جي ٿوري اميد به نه ھئي، آخر ڪار اھا جا جاءِ ٻرندي اھا جلندي، تنھن ڪري چوي ٿو ته:

سگھن سڌ نه سور جي ، ته گھايل ڪيئن گھارين،
پيل پاسو پٽ  تي ، واڍوڙيل نه وارين،
پر ۾ پچن پرين لاءِ، ھي ھنجون ھارين،
سڄڻ جي سارين، ته رويو وھامي راتڙي.”

ھو محب وطن ماڻھن کي صلاح ڏئي ٿو ته ، جيڪي جھوپڙين ۽ ڪکائن منھن ، ٿرن ۽ برن جيلن ۽ اسپتالن وغيره ۾ دکي حياتي گذاري رھيا آھن، تن جي خبر لھن، انھن جا ڏک ۽ سور ٻڌن. انھن جا مسئلا سمجھن. ملڪ مان بُک ، اگھاڙ، بيماري ۽ مصيبت ڪڍڻ لاءِ رٿو ۽ مشورا ڪن، پوءِ ئي ھو سچا خادم سڏائڻ جا حقدار ٿي سگھندا. چوي ٿو ته:

رھي اچجي راتڙي، تن واڍوڙين وٽان،
جن کي سور سرير ۾، گھٽ منجھاران گھاءِ،
لڪائي لوڪان ، پاڻھين ٻڌن پٽيون.”

ان وقت زماني جي صاحب اقتدار طبقي جي ماڻھن ( جن ملڪ ۽ قوم جي ليڊريءَ جي واڳ به پنھنجي حوالي کڻي ڪئي ھئي ۽ باوجود وڏين دعوائن جي ملڪ ۽ پنھنجي طبقاتي مفاد جي لاءِ مسڪين، بي علم ،مظلوم ۽ ڪسمپرس حالت ۾ رکيو ويٺا ھئا) جي حالت ڏسي انھيءَ طبقي مان قطعا نا اميد ٿي ھو ۽ ظاھر ڪيائين ته:

ڪٺيس ڪُ ويڄن، تن طبيب نه گڏيا،
ڏئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏوکوئيو.”

ھو ساڳي طرح معتصب، تنگ نظر ، خود مطلب ۽ دنيا خاطر دين وڃائيندڙ مُلن ۽ مولوين مان به راضي نه ھو، ھن کي خبر ھئي ته:

“ پڙھيو ٿا پڙھن ، ڪڙھن ڪين قلوب ۾،
پاڻان ڏوھه چڙھن، جيئن ورق وارين وترا.”

ملڪ ۽ قوم جي خادم ٿيڻ جي لاءِ، ھو ڪي شرط مقرر ٿو ڪري، جيڪي انھن پٽاندڙ ھلندا ، سي ئي ان ڪم لاءِ لائق ٿي سگھندا. چوي ٿو ته:

“ سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،
سپريان جي سوڀ، ننڊن ڪندي نه ٿئي.”

جن ماڻھن ۾ اھي ڳالھيون موجود نه آھن، سي مستقبل تي حال ۽ عوامي فائدي تي شخصي فائدو مٽائڻ لاءِ تيار آھن ۽ قوم جي مجموعي نفعي کي پنھنجي طبقاري مفاد تي قربان ڪن ٿا تن لاءِ چوي ٿو ته:

“ وصل تنھن وڃائيو، سينڌ سرمي سئين،
سا لوٺي ليلان جيئن، مڻيو جنھن مٽ ڪيو.”

ھن سنڌ جي صاحب اقتدار طبقي جي خامين جي باوجود ، سنڌي عوام مان اميد ڪانه لاٿي ھئي ۽ انھن مصيبت زده ، ستايل غريب ۽ اڻڄاڻ ماڻھن کي دلداري ڏئي، ھن طرح مخاطب ڪيو آھي:

“ ڏکي ڏک مٿي ڪري، ونءُ ڇپر پيھي،
گڏيئي ڏيھي، سوڌيون ڏيندئي خبرون.”

وري چوي ٿو ته:

ڀيڙي ٻڌ ٻيھار ، سورائتي سندرو،
ڏونگر توھان ڌار، ڪانه ڏوريندي سک سين.”

ھو تڪليفن  ۽ مصيبتن سان عادي ٿيڻ ضروري ٿو سمجھي، ڇاڪاڻ ته جيسين ماڻھو انھيءَ جو عادي ۽ ھيراڪ نه ٿيو آھي، ان وقت تائين ھن کان ڪوبه بلند خيال ۽ اعليٰ مقام وارو ڪم پورو نه ٿي سگھندو، تنھنڪري چوي ٿو ته:

سوء سکن ڏيئي ورھُه، وھايم ھيڪڙو،
مون کي تنھن نيئي ، پير ڏيکاريو پرينءَ جو.”

سورن جا ھيراڪ ٿيڻ بعد ، ملڪ جي خادمن جو جيڪو حال ٿئي ٿو، انھيءَ جا ھيٺيان اھڃاڻ ٿو ڏسي:

ڏکوين اھڃاڻ ، ڪلھي ڦاٽو ڪنجرو،
وڃن گوندر گڏيون، لوڪ نه آڇين پاڻ،
سورن اسان ساڻُ، ننڍي نينھن ڪيو.”
شاھ

ڪتاب : پيغامِ لطيف 
ليکڪ: سائين جي ايم سيد

No comments:

Post a Comment