Monday 6 June 2011

سنڌ جي امر شهيدن جي چاليهي جي جلسي جا تفصيل ـ روپلو آريسر


شهيد سرائي قربان کهاوڙ،شهيد روپلو چولياڻي،شهيد نورالله تنيو
۽ شهيد نادر بگٽي جي چاليهي جي جلسي جا تفصيل..



ها اها حقيقت آهي ته وطن جي آزادي لاءِ شهيد ٿيندڙن جو رت قومن ۾ اتساهه پيدا ڪندو آهي ۽ انهن شهادتن ءِ قربانين مان قومون منزلون ماڻينديون آهن شهدادڪوٽ ۾ 5 جون تي سنڌ جي امر شهيدن جو چاليهو ٿي گذريو سنڌ جي امر شهيدن جي عظيم قرباني جتي سنڌ جي آزادي پسندن کي گڏ ويهڻ تي مجبور ڪيو آهي اتي وري سنڌ قوم اندر آزادي پسندن ڏانهن پنهنجا سٺا رويا به قائم ڪرايا آهن هر سنڌ ماڻهو جو ويساهه هاڻي قومي تحريڪ ڏانهن بحال ٿيو آهي هاڻي سنڌي سوچين ٿا ته هي جيڪي ڪونڌر ڪسجڻ لاءِ تيار ٿيو بيٺا آهن هي راڻا جيڪي سينا سهايو بيٺا اهي وطن لاءِ آزادي جي مومل کي ضرور ماڻيندا.چاليهي جي جلسي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڪراچي کان ڪمون شهيد تائين جا قومي ڪارڪن تيز گرمي جي موسم ۾ پنهنجي محبوب اڳواڻن سان سندن واٽ تي هلڻ جو وچن۽ اقرار ڪرڻ لاء اچي گڏ ٿيا،پنڊال هزارين ڪارڪنن سان ڀرجي ويو سڀئي ڪارڪن جسمم اڳواڻن
لالا اسلم پٺاڻ،ڊاڪٽر زين،سجاد شر،حفيظ هڪڙو ۽ شبير ملاح جي اڳواڻي ۾ شهيدن جي مزار تي حاضري ڀرڻ ويا ۽ اتي گلن جي چادر چاڙهي..اتي جذباتي مڻظر ٿي ويا گولين جي گونجار ٿي وئي مسلسل اڌ ڪلاڪ تائين فائرنگ هلندي رهي ۽ فائرنگ دوران نوجوانن پنهنجي محبوب اڳوڻن جي پلاند ڪرڻ جا نعرا هنيا ۽ آزادي جو سهڻو ڍنگ گوريلا جنگ جا نعرا پڻ هنيا.مزار تان حاضري بعد پنڊال ۾ سڀ واپس آيا ۽ جلسي جي شروعات قومي ترانيسان ڪئي وئي.جلسي ۾ جسمم جو سينيئر وائيس چيئرمين لالا اسلم پٺاڻ جسقم جو چيئرمين عبدالواحد آريسر،جسقم جو ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي قومي شاعر راشد مورائي،شهيد روپلي جو والد عبدالستار چولياڻي.شهيد نورالله جو والد،شهيد سرائي قربان جا ٻئي پٽ شير ءِ زين کهاوڙ،جساف جو چيئرمين حفيظ پيرزادو.جساف جو صدر حبيب ڀٽو،قومي اڳواڻ استاد محمد راهمون.شهيد حاجي نوناري جي گهر واري ڊاڪٽر زرينا نوناري،قومي اڳواڻ اسلم خيرپوري،نواز خان زنئور،ساگر حنيف بڙدي،جسمم جا ڊاڪٽر زين،سجاد شر،حفيظ هڪڙو،شبير ملاح،بشير آريسر،عمران لغاري پريم امراڻِي ۽ ٻيا مهمان آيل هئا..جلسي ۾ آجياڻو بشير آريسر طرفان ڏنو ويو،جلسي ۾ جڏهن شهيد نورالله تنيو جي والد تقرير ڪري نعرا هنيا تنهنجو ديش منهنجو ديش سنڌو ديش سنڌو ديش،شفيع برفت زندهه آباد ته ڪارڪن جذباتي ٿي ويا ۽ نعرن جي گونج شهادڪوٽ جي هوائن ۾ رقص ڪرڻ لڳي.شهيد سرائي قربان جي ننڍڙي پٽ شير کهاوڙ مائيڪ تان زوردا نعرا هڻايا ته سڄو پنڊال اٿي بيهي رهيو ۽ ننڍڙي جي نعرن شهيد توسان آ وچن پلئ ڪندس پلئه ڪندس جي نعرن سان هم آواز ٿي ويا،۽ قومي شاعر راشد مورائي شهيدن کي بيتن وسيلي ڀيٽا ڏني،پنڊال ۾ هڪ ڏينهن اڳ بم ڌماڪن جي ڪيسن مان آزاد ٿيل جسمم اڳواڻ صاحب خان گهوٽو ۽ لعل بخش گهوٽو جڏهن اسٽيج تي آيا ته تاڙين جو زوردار آواز سندن جرئت ۽ زندانن کي شڪست ڏيڻ تي کين قومي سلامي ڏني ۽ ٻنهي اڳواڻن کي اجرڪون پارايو ويون،پروگرام ۾ شهيدن جي تقريرن جا ٽڪرا سي ڊي ذريعي ٻڌرايا ويا ته جذباتي مڻظر ٿي ويو ۽ سڀ شهيدن کي ياد ڪري خاموش ٿي ويا ۽ سڄي پنڊال ۾ خاموشي ڇائنجي وئي،جڏهن شهيد پنجابين هٿان قتل ٿيل قومي اڳواڻ شهيد حاجي نوناري جي گهر واري ڊاڪٽر زرينا نوناري اسٽيج تي تقرير ۾ چيو ته هاڻي احتجاجن جو وقت ناهي هاڻي ويڙهه ڪرڻ پوندي ته هزارين نوجوانن ويلڪم ويلڪم درياءِ خانويلڪم جا نعرا هنيا ۽ جنگ ڪرڻ جا نعرا هنيا.اسٽيج تي ڳالهائيندي شبير ملاح چيو ته اسان ڀيڻ ڊاڪٽر زرينا سان شهيد سرائي قربان ۽ شهيد روپلي پاران شهادت کان 4 ڏينهن اڳ سندس مڙس ۽ قومي اڳواڻ حاجي نوناري جي پلاند جو جيڪو وچن ڪيو هو اسان انهن شهيد جي ٿيل هر ڳالهه کي پاڙينداسين ۽ اسان وچن ٿا ڪيون ته شهيد حاجي نوناري جو پلاندهر حالت ۾ ڪنداسين.جلسي ۾ جسمم پاران پارٽي جو ميگزين کاهوڙي ورهايو ويو ۽ شهيد جي تقرين تي مشتمل سي ڊي به ورهائي وئي،جسمم جي مرڪزي قائم مقام جنر سيڪريٽري خطاب ڪندي چيو ت اسان شهيد جا پلاند ڪنداسين ۽ ايجنسين وارن جو حشر اهڙو ڪنداسين جو هنن جا لاش ڊي اين اي ٽيسٽن بعد به سڃاڻپ ۾ نه ايندا،جلسي دوران وقفي وقفي سان فائرنگ ٿيندي رهي ۽ پنڊال ۾ هزارين ماڻهن جي هئڻ سبب ماڻهن جو سمنڊ نظر اچي رهيوهو،جلسي ۾ جسمم چيئرمين شفيع برفت جو موڪليل پيغام پڙهي ٻڌايو ويو جنهن ۾ چيئرمين صاحب چيو ته شهيدن جي رت سنڌ اندر مزاحمت کي منظم ۽ مضبو ط ڪيو آهي هنن جي قرباني عظيم قرباني آهي. جلد شهيدن جو حساب رياست کان ورتو ويندو،انهي کانپوء جسقم چيئرمين عبدالواحد آريسر خطاب ڪندي چيو ته هنن شهيدن قوم کي منزل طرف وڃڻ جو رستو ڏنو آهي شهيد نورلله تنيو دودو سومرو ۽ روپلي ڪولهي کان وڌيڪ بهادري ڏيکاري نئين تاريخ لکي ڇڏي آهي.صدارتي خطاب جسمم جي سينيئروائيس چيئرمين لالا اسلم پٺاڻ ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته شهادتون قومن کي منزل طرف وٺي وينديون آهن هن شهيدن بعد هاڻي جسمم جي سڄي قيادت قربان ٿيڻ لاء تيار آهي اسان قربانيون ڏئي وطن جي آزادي حاصل ڪنداسين.جلسي جي ختم ٿيڻ بعد ڪارڪنن کي ماني کارائي وئي..

روپلو آريسر

No comments:

Post a Comment