Monday 13 June 2011

کاھوڙي: اداريو

سويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ سرد جنگ جي باقيات به تيزيءَ سان پنھنجي منطقي انجام ڏانھن وڌي رھي آھي.ھن دنيا جي عالمي سياست جو سڀ کان وڏو مسئلو، عالمي دھشگردي جي صورت ۾ دينا آڏو آيو آھي ۽ ان عالمي دھشتگردئَ جي جنگ پاڪستان سرزمين تي وڙھي پئي وڃي ، جنھن ۾ ڪيترين ئي قوتن جا ڳجھا ھٿ شامل آھن. ھڪ طرف نيٽو جون اتحادي قوتون صفِ آرا آھن ته ٻئي طرف وچ اوڀر جو عربي سلطنت شاھن جي بي پناھ دولت! دھشتگردئَ جي لاءِ ريج جو ڪم سرانجام ڏئي رھي آھي ته ٻئي طرف چين،ڪوريا،ايران جو جنگي جنون دھشتگردن جي خفيا پشت پناھي ڪري رھيوآھي. ۽ دھشتگرد جنگ،بظاھر طالبان،القاعده ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڙھي پئي وڃي پر پنھنجي جوھر ۾ اھا جنگ پاڪستان ۽ ان جي پشت پناھي ڪندڙ ملڪن ۽ اتحادي قوتن جي وچ ۾ آھي. اھو ئي سبب آھي جو آءِ ايس آءِ پنھنجي نمائندي ميجر رٽائرڊ ليفٽيننٽ جرنل حميد گل کان ڪيترائي ڀير اھو بيان ڏياري چڪي آھي؛ جنھن ۾ اھو اظھار ڪيو آھي ته: “ افغان وارا ھڪ اھڙي ڌٻڻ آھي ته جنھن ۾ جھڙيءَ ريت سويت يونين دفن ٿي ويو، اھڙئَ ئي طرح آمريڪا به ان ڌٻڻ ۾ گچي فنا ٿي ويندو.” جيڪڏھن اھو سچ ٿو ثابت ٿئي ته پوءِ پوري دنيا القاعده ۽ طالبان کي حشي ڏيندڙ مھا دھشتگرد قوتن کي ھٿ ڇڙھي ويندي يا ٻيو اھو به انديشو رکي سگھجي ٿو ته اھا جنگ پنھنجي حتمي نيتيجي ۾ ٽئين عالمي جنگ کي ڇيڙڻ جو پيش خيمو بڻجي وڃي.
تنھن ڪري جيڪڏھن آمريڪا به عالمي سياست کي صرف پنھنجي محدود رياستي پس منظر ۾ ھل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري مظلوم قومن جي آزاديءَ کي نظر انداز ڪري، قومن کي حقيقي سچي پچي بين الاقواميت قائم ڪرڻ ۾ ساڳئي ئي سويت يونين واري فراريت اختيار ڪئي ته پوءِ انھئَ جو حشر به تاريخ سابقه سويت يونين جھڙوئي ڪندي. تنھن ڪري آمريڪا جيستائين اڄ تي تاريخي ضرورت آزاد قومن جي بين الاقواميت کي قائم نه ڪندو،تيستائين سرمائي جي عالمگيريت جو خواب شرمنده تعبير نه ٿي سگھندو.۽ تاريخ ھڪ المياتي مرحلي ۾ داخل ٿي سگھي ٿي.
اھو ئي سبب ھو جو 20ھين صدي جي وڏي۾ وڏي سائنسدان البرٽ آسٽائن چيو ھو ته “ جيڪڏھن انسان پر امن، بقاءِ باھمي جو رستو اختيار ڪيو ته پوءِ ھي اڃا وڌيڪ ترقئَ جي اتاھين منزل تائين پھچندو. پر جي ٽئين عالمگير جنگ لڳي ته پوءِ انسان دنيا مان مڪمل ختم ٿي ويندو پر جي ٿورو گھڻو بچيو ته اھو پٿر جي دور ڏانھن موٽي ويندو.”
انھي لاءِ جيئي سنڌ متحدا محاذ عالمي دھشتگرديءَ جي خلاف وڙھندڙ قوتن کي اپيل ٿي ڪري ته پاڪستاني رياست جئين ته ٺھي ئي بنياد پرست القاعده جي نظريي پين اسلامڪ ازم جي تحت ھئي، تنھن ڪري عالمي دھشتگرديءَ جو راڪاس ھاڻي دنيا جي چاليھن کان وڌيڪ ملڪن ۾ پين اسلام ازم جي پراڻي جنون جي مٿان نئين پيڪنگ ڪري ان کي مختلف جھادي تنظيمن جو نالو ڏنو آھي. جيستائين دنيا جي عالمي دھشتگردئَ جي نرسري پاڪستان جبري الحاق کي تحليل ڪري پنجابي ۽ پٺاڻن کي بي ھٿيار نه ٿوڪيو وڃي ۽ مظلوم سنڌي ، بلوچن ۽ سرائيڪي قومن کي منظم نه ٿو ڪيو وڃي ، تيستائين پنجابي ، پٺاڻ طالبائيزيشن پوري عالمِ انسانيت لاءِ خطرو بڻيل رھندي!

کاھوڙي
جيئي سنڌ متحدا محاذ جو ترجمان

No comments:

Post a Comment