Monday 13 June 2011

سنڌ، رياستي خوف ۽ مزاحمتي تحريڪ : جادم سنڌو


جيڪڏھن ڪنھن جا عمل غدارئَ وارا نه ھجن تڏھن به سندس خوف کيس غدار بڻائي ڇڏيندو آھي،،، شيڪسپيئر جا چيل ھي لفظ شايد سندس ڪنھن ناٽڪ جو حصو ھجن پر انھن لفظن کي پڙھي ۽ سمجھي ائين لڳي ٿو ڄڻ ھي لفظ ٽين دنيا جي ڪنھن انقلابي مفڪر جا چيل ھجن جن لفظن جي ڪسوٽئَ تي پرک رکي سنڌ سميت دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم قومن جا مٿان سامراجي قبضي ۽ انھئَ قبضي کي قائم رکڻ جون سامراجي چالون سمجھي سگھجن ٿيون.
زميني حقيقتن ۽ تاريخي حوالن کي نظر۾ رکي ڏسجي ته جن به سامراجي قوتن ڪنھن به مظلوم قوم جي مٿان حملو يا قبضو ڪيو آھي سي سامراجي قوتون پھريان ته اھا ڪوشش ڪنديون آھن ته انھئَ مظلوم قوم منجھان ڪجھ غدار پئدا ڪري کين لالچ ڏئي،ڪجھ مال ملڪيت ڏئي کين پنھنجي ئي قوم جي خلاف استعمال ڪن. جڏھن سامراج جي خريد ڪيل ڏيھي دلالن جو اثر يا اھميت ختم ٿي ويندي آھي ۽ قوم جي ڪجھ باشعور ۽ غيرت مند فردن ۾ غلامئَ جو احساس ٿيڻ لڳندو آھي ۽ جڏھن قوم جا اھي غيرت مند فرد پنھنجي انفرادي قوت کي ھڪ اجتماعي روپ ڏيڻ جي لاءِ ڪا تنظيم ڪاري يا مزاحمتي عمل شروع ڪندا آھن ته موٽ ۾ سامراجي قوتون انھئَ مظلوم قوم جي فردن ۽ خوف پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آھن. مزاحمتي ڪردارن کي باغي ۽ ڏوھاري ڪري پيش ڪيو ويندو آھي، مزاحمتي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرائڻ يا مارائڻ تي سرڪاري انعام رکيا ويندا آھن. جڏھن انھن لالچن ۽ چالن جي ذريعي مزاحمتي تحريڪ نه رڪجندي آھي ته سامراجي قوتون نه صرف مزاحمتي ڪارڪنن پر عام ماڻھن تي به بدترين تشدد ڪندي آھي ته جيئن مزاحمتي ڪارڪن ڊڄي مزاحمتي عمل کي ڇڏي ڏين يا عام ماڻھو مزاحمتي ڪارڪنن ويجھو نه اچن.سنڌ جي مزاحمتي تاريخ شھيد مھاراجا ڏاھر ، شھيد مخدوم بلاول ، شھيد صوفي شاھ عنايت ، شھيد ھوشو شيدي ، شھيد روپلي ڪولھي ، شھيد ھيمون ڪالاڻي ، شھيد صبغت الله شاھ راشدئَ سميت ڪيترن ئي عظيم ڪردارن سان ڀريل ھئي پر سنڌ تي پنجاب جي سامراجي قبضي سنڌ جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي ٺھڻ شرط ئي انگريز سرڪار جي خريد ٿيل لکين خانبھادرن کي نئين اگھ تي خريد ڪري ڏيھي دلال پئدا ڪري ورتا.
پنجاب سامراج جي قبضي جي خلاف جڏھن رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جدوجھد شروع ڪئي ته انھئَ جدوجھد کي روڪڻ جي لاءِ ھڪ طرف سائين جي ايم سيد کي زندگيءَ جا 33سال قيد ۾ رکيو ويو ته ٻي پاسي سنڌين منجھان ئي وڏيرڪي ويڪائو ٽولي کي ذوالفقار ڀُٽي جي اڳواڻئَ ۾ اڳتي آڻي سنڌ جي استحصال کي آئيني شڪل ڏياري وئي. سائين جي ايم سيد جي قيد ۽ بند توڙي عمر ۽ بيمارئَ جي سببن جي ڪري جيئي سنڌ تحريڪ مختلف دورن ۾ مختلف ماڻھن جي ذاتي اختلافن ، سياسي ڪچائين توڙي ذاتي انائن جي بنياد تي مختلف گروھن ۾ ورھائجندي رھي ۽ ھر ھڪ ماڻھو پنھنجي وت ۾ وس آھر مال ميڙي ڪنڊائتو ٿيندو ويو باقي جيڪي بچيا تن منجھان ڪجھ مصلحتي بنيادن تي مڙئي رينگٽ ھلائيندا رھيا ته ڪن پاليسين جي اختلافن جو جن ڏسي جيئي سنڌ کي چوڏھن گروھن ۾ ورھائي ڇڏيو.
ڪانگريس ۽ گانڌئَ جي لکن ڪروڙن جي ميڙ کي مُرڪي ڏسندڙ برطانوي سامراج آخر ھندستان سوشلسٽ ريپبلڪن آرمي ۽ ڀڳت سنگھ جي ھڪ درجن ڪارڪنن تي ڇو وائڙا ٿي ويا ؟ گانڌي کي لنڊن ياترا ڪريئندڙ سامراجي ڪارندا ڀڳت سنگھ کي ڦاسي گھاٽ تي ڇو چاڙھي رھيا ھيا؟ سامراجي قبضي جو بنياد خوف تي ھوندو آھي ۽ ڀڳت سنگھ جي جرئت ۽ جدوجھد جي نتيجي ۾ ھندستان جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻھن منجھان برطانوي سامراج جو اھو خوف ختم ٿي رھيو ھيو.جنھن خوف جي بنياد تي ھڪ ھزار برطانوي سامراجي ھڪ ارب جي آبادئَ واري ڏکڻ ايشيا تي پنھنجو سامراجي قبضو قائم ڪريو ويٺا ھيا.
جيئي سنڌ وارن کي وات ڳاڙھا ڇوڪرا چوندڙ ۽ سائين جي ايم سيد جي وفات تي دھل وڄائي اعلان ڪندڙ رياستي ڪارندا چوندا رھيا ته سنڌو ديش جو خواب سائين جي ايم سيد سان گڏ دفن ٿي ويو. جيئي سنڌ قومي محاز جي لکين ماڻھن جي ٿيل احتجاجن تي ڪن نه ڏيندڙ پنجابي سامراج آخر ڇو جيئي سنڌ متحدا محاذ جي به سئوکن ڪارڪنن جي خلاف پوري رياستي مشينرئَ کي استعمال پيو ڪري ؟ جواب صرف اھو ملندو ته سنڌو ديش لبريشن آرمئَ جي ڪارواين توڙي جيئي سنڌ متحدا محاذ جي جدوجھد سنڌي ماڻھن منجھان رياستي خوف ختم ڪري ڇڏيو آھي ۽ پنجاب سامراج پنھنجي قبضي جي بنيادي نڪتي خوف کي ختم ٿيڻ نه ٿو ڏيڻ چاھي.
ڀڳت سنگھ جي ڪيس دوران گانڌئَ پاران اختيار ڪيل خاموشئَ برطانوي سامراج کي اھو موقعو ڏنو ته ھو ڀڳت سنگھ کي سولائئَ سان ڦاسي ڏئي سگھن ٿا. ڀڳت سنگھ جي معاملي تي خاموشي اختيار ڪرڻ جي نيتجي ۾ پوري ھندستان ۾ نه صرف ڪانگريس ۽ گانڌئَ جي مقبوليت گھٽجي رھي ھئي پر ڀڳت سنگھ جي بھادرئَ جي نتيجي ۾ عام ھندوستانين  جي ذھنن منجھان برطانوي سامراج جو خوف به ختم ٿي رھيو ھيو، جنھنڪري برطانوي سامراجين ھڪ ڏينھن اڳ ئي ڀڳت سنگھ کي ڦاسي ڏئي سندس لاش به چورئَ دفنائي ڇڏيو.
سنڌ جي قومي مزاحمتي تحريڪ ۾ جيئي سنڌ متحدا محاذ پنھنجي جدوجھد جي ذريعي عام سنڌي ماڻھن منجھان پنجابي سامراج جو خوف ختم ڪرڻ جي جيڪا مزاحمتي تحريڪ شروع ڪئي انھئَ مزاحمتي تحريڪ جي نتيجي ۾ جڏھن پنجاب سامراج جي ڪارندن جي ھٿان جڏھن شھيد سميع الله ڪلھوڙو قتل ٿي ويو ته نه صرف سنڌ جون قومپرست ڌريون پر جيئي سنڌ جي نالي ۾ ڪم ڪندڙ ٻيا گروھ به خاموش رھيا جنھن پنجاب سامراج کي اھو باور ڪرايو ته جيئي سنڌ متحدا محاذ وارا اڪيلا آھن ۽ کين اڪيلو ڪري ماري سگھجي ٿو. جنھن کان پوءِ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جا لاش ڪرندا رھيا. سرائي قربان کھاوڙ ۽ روپلي چولياڻي کي جنھن بي دردي ۽ انسانيت سوز عمل جي ذريعي شھيد ڪيو ويو انھئَ سامراجي عمل سان ته پوري انسانيت جا لڱ به ڪانڊارجي وڃن ٿا، ھڪ آزادي پسند تنظيم جي اڳواڻن  کي پنھنجي ئي ڌرتئَ تي ڏينھن جي روشنئَ ۾ رياستي ادارن جا ڪارندا ، گوليو ھلائي ، گھيرو ڪري ، سنڌ جي ڳڀرو پٽن کي جيئرو ساڙي ماري ڇڏين ٿا. ڀڳت سنگھ کي ڦاسي ڏيندڙ برطانوي سامراجين چيو ھيو ته ڀڳت سنگھ جيئرو ھوندي اسان جي لاءِ ايترو خطرناڪ ناھي جيترو ڀڳت سنگھ جو لاش خطرناڪ ھوندو انھئَ جي ڪري  اونداھئَ ۾ چوري دفن ڪيو ويو. پنجاب سامراج بلوچ اڳواڻ اڪبر بگٽي جو لاش بلوچن کي ڏيڻ کان انڪار ڪري فوجي پھري ۾ دفن ڪري ڇڏيو.  سرائي قربان کھاوڙ ۽ روپلي چولياڻئَ  جو لاش سنڌين کي ۽ سنڌ جي آزادي پسندن کي ڏنو ويو پر شايد انھئَ ضمانت سان لاش ڏنا ويا ته انھن لاشن کي ماڻھن کي اڀارڻ جي لاءِ نه کڻجو؟ افسوس شھيد قربان کھاوڙ ۽ شھيد روپلي چولياڻي جا لاش سنڌي ماڻھن ۽ سنڌ جي آزادي پسندن کي اٿاري نه سگھيا،،، پر انھئَ کان وڌ افسوس انھئَ ڳالھ تي ٿئي ٿو ته  شھيد قربان کھاوڙ جي تڏي تي ھڪ آزادي پسند اڳواڻ اھا ڳالھ ڪري ٿو ته شھيد قربان جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرئي وڃي؟ جنھن جو مطلب ته شھيد راجا ڏاھر جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي لاءِ سندس ڀاءُ ابن قاسم جي ڪورٽ ۾ وڃي؟

No comments:

Post a Comment