Friday 10 June 2011

قوم پرستن جي قتل ۾ ايجنسين جي ملوث ھجڻ بابت جاچ ڪرائي وڃي : ايڇ آرسي پي


حيدرآباد(بيورو رپوٽ) پاڪستان جي انساني حقن واري ڪميشن جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي سانگھڙ ۾ قتل ٿيل جيئي سنڌ متحدا محاذ جي ڪارڪنن جي قتل ڪيس جي رپورٽ پڌري ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته جيئي سنڌ متحدا محاذ جي ڪارڪنن جي مارجڻ ۾ ايجنسين جي ڪردار جي جاچ ڪئي وڃي. پاڪستان جي انساني حقن واري ڪميشن ٻه ھفتا اڳ سانگھڙ ضلعي ۾ سياسي ڪارڪنن جي قتل جي جاچ لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ مشن جي مشاھدن کي آڏو رکندي پوليس جي پٿر دلي تي حيرت ۽ پشيماني جو اظھار ڪندي سنڌ سرڪار کان گھر ڪئي آھي ته انھن بي رحماڻي نموني ٿيل قتل جي فوري عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ قاتلن کي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ بيھاريو وڃي. ايڇ آر سي پي جي چيئرپرسن زھرا يوسف پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته 21 اپريل تي جيئي سنڌ متحدا محاذ (جسمم) جا ٽي ڪارڪن ان وقت مارجي ويا، جڏھن سانگھڙ ۾ ڳڪ درجن کان وڌيڪ ماڻھن انھن جي گاڏي تي حملو ڪيو، حملو ڪندڙ جن مان ڪجھ سيڪيورٽي ايجنسي جي وردي ۾ ھئا، تن بعد ۾ جسمم جي ڪار کي باھ ڏئي ڇڏي ، نتيجي ۾ ڪار ۾ موجود چوٿون ڪارڪن سخت زخمي ٿي پيو ۽ 30اپريل تي ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ايڇ آر سي پي جي مشن جي معلومات مان اھو يقين پختو ٿئي ٿو ته انھن ڪارڪنن کي سيڪيورٽي ادارن جي ماڻھن يا انھن جي مدد سان اڳواٽ طئه ٿيل رٿا بندي تحت ماريو ويو آھي، مشن کي اھو اطلاع به مليو ته جيڪو ڪارڪن شروع ۾ حملي ۾ بچي ويو، پوليس تنھن جي مدد نه ڪئي ، جڏھن ته ھو ٻرندڙ ڪار مان مدد لاءِ رڙيون ڪندو رھيو، پوليس مقامي ماڻھن کي اھو چئي مدد کان روڪيو ته ھو دھشت گرد آھي.جاچ مشن ٻڌايو ته ڪجھ حملي آور سرڪاري حفاظتي ايجنسين جي وردين ۾ ھئا، پوليس دير سان واقعي واري ھنڌ پھتي ۽ حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي. ايڇ آر سي پي مطالبو ڪيو ته اھڙي سنگين ڏوھ جي نيم دلي سان جاچ ڪرڻ واري عمل جي شفاف عدالتي جاچ ذريعي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گھرجي . مشن ٻڌايو ته حملو ڪندڙن ڪارڪنن جي ڪار تي بنا ڪنھن روبرو گفتگو يا جملن جي ڏي وٺ جي سڌو اچي حملو ڪيو ۽ کين اھڙي طريقي سان نشانو بڻايو ته جيئن انھن مان ڪو به فرد جيئرو نه بچي، قتل جي شاھدين کي ضايع ڪرڻ لاءِ بعد ۾ ڪار کي باھ ڏني وئي. ايڇ آر سي پي جو چوڻ آھي ته حملي واري ڏينھن ۽ ان کانپوءِ پوليس جي بي رحماڻي ۽ سنگدل رويي ان کاتي ۾ بدعنوان ۽ نااھل ماڻھن جي ڀرتي کي واضح ڪري ڇڏيو آھي. مشن کي خدشو آھي ته سانگھڙ ۾ رتو ڇاڻ وارو واقعو مقامي سنڌين ۽ صوبي جي آبادڪارن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ جو سبب ۽ ان جي ڪوشش ٿي سگھي ٿو. ايڇ آر سي پي کي ڳڻتي آھي ته معاملي جي شفاف ۽ مڪمل جاچ ڪرڻ ۾ ڪا به اڳڀرائي  نه ڪئي وئي آھي.ڪميشن مطالبو ڪيو آھي ته صوبائي حڪومت کي معاملي جي آزاد ۽ فوري عدالتي جاچ ڪرڻ ۽ جاچ جي نتيجن کان عوام کي ڄاڻ ڏيڻ گھرجي . ايڇ آر سي پي حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته قاتلن کي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ لاءِ سڀئي ممڪن قدم کنيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ سياسي ڪارڪنن تي اھڙا سنگين حملا ٿيڻ واري عمل کي روڪيو وڃي.

No comments:

Post a Comment