Thursday 9 June 2011

سنڌ جي امر شھيد ۽ جسمم جي سينئر وائيس چيئرمين نورالله تنيو کان ورتل آخر انٽرويو

جيسين تائين سِسِئَ ۾ ساھ ھوندو
اوسيتائين پنھنجي ديش لاءِ پنھنجي ڌرتي لاءِ جدوجھد ڪنداسين...
 

سوال: ھي واقعو ڪيڏي مھل پيش آيو؟
نورالله تنيو: سائين اسان نوابشاھ کان نڪتاسين، وڃو پيا دوستن ڏي، دورو رکيل ھو سائين جي ايم سيد جي ورسي جي حوالي سان. سانگھڙ کان ڪراس ڪري باءِ پاس وٽ پھتاسين ته اسان جي پويان ھڪ لينڊ ڪليوزنر اسان جي پويان لڳي.ھڪڙي گاڏي اڳيان به بيٺل ھئي اڇي ڪلر جي.
سوال: اھا اڳين گاڏي به لينڊ ڪليوزنر ھئي؟
نورالله تنيو: ھا اھا گاڏي به لينڊ ڪليوزنر ھئي ، جيئن اڳين گاڏي ڏٺو اسان کي ته اھا به اسان جي طرف آئي. ھاڻي ھڪ گاڏي اسان جي پويان ھئي ۽ ھڪ گاڏي اسان جي اڳيان ھئي.جيڪا گاڏي اڳيان طرف اسان ڏي اچي رھي ھئي ان سڌيون لائيٽون ٻاريون ۽ اسان جي طرف وڌڻ لڳي.سرائي صاحب گاڏي بيھاري وري سرائي صاحب گاڏي کي پوئتي ڪرڻ شروع ڪيو. وري پويان ٻي گاڏي آئي، اڳين گاڏي وارا ماڻھولھي بيھي رھيا انھن وٽ ڪلاشن ۽ جي ٿري ھيا. اسان سرائي وارن ھٿ مٿي ڪياسين،ته پوئتي ڏٺائون ته ڪوئي ناھي ته سڌي فائرنگ ڪري ڏنائون.ھي ٻئي اڳيان ويٺل ھئا انھن کي گوليون لڳي ويون، گاڏي روڊ کان ھيٺ کاھي ۾ لھي وئي. مان ۽ جيڪو پويون ڇوڪرو ويٺل ھو اسان ھيٺ اچي وياسين.گاڏي کاھي ۾ ڪري ته به مٿان گوليون ھلائين . تقريباَ 15 منٽ کن فائرنگ ڪيائون،گوليون ھلائي ھلائي پوءِ وري مٿان پيٽرول ھاري باھ ڏئي ڇڏيائون. انھي کان پوءِ ڳوٺاڻن کي ڏسي ھو ھليا ويا. ھتي مون کي ھوش ھو ٿورو جيئن باھ لڳي ته مان ٻاھر نڪري آيس. مون کي به گولي لڳل ھئي ۽ باھ سبب جسم به سڙي چڪو ھو. اتي گپ ھئي مان اتي ڪريس پوءِ ڳوٺاڻن مون کي کنيو ۽ سڌو اسپتال کڻي آيا.ھو پنھنجي پر مون کي به ماري ويا.
سوال: اوھان تي حملي ڪندڙ گھڻا ڄڻا ھئا؟
نورالله تنيو: تقرينا اٺ ڏھ ڄڻا ھئا،جيڪي سڀ پنجابي ھئا.
سوال: انھن اردو پي ڳالھايو؟
نورالله تنيو: ھا اردو ۾ جيئي سنڌ وارن کي گاريون ڏئي رھيا ھئا. چيائون توھان کي مارينداسين،توھان پاڪستان ٽوڙڻ جي ڳالھ ٿا ڪيو،اھو ممڪن ئي ناھي.
سوال: اھي فوجي ڊريس ۾ ھئا؟
نورالله تنيو:اھي سول ڊريس ۾ ھئا،فوجي ٽوپيون پاتل ھئين ۽ لانگ بوٽ پڻ پاتل ھئين.
سوال: انھن ٻڌايو ته اسان آرمي جا ماڻھو آھيون؟
نورالله تنيو: يقني ڳالھ آھي بوٽ پاتل ھئين ، ۽ ڪمانڊو ڊريس به پاتل ھئين اھي آرمي جا ماڻھو ئي ٿي سگھن ٿا، غريب ماڻھن وٽ ڪمانڊو ڊريس ۽ لانگ بوٽ ڪٿان آيا اھي آرمي جي ماڻھن وٽ ئي ھوندا آھن.
سوال: توھان سان گڏ ٻيا ڪير ڪير ھيا؟نالا ٻڌايو.
نورالله تنيو: مان ھيم، روپلو ۽ سرائي ھيو، ٻيو ھڪ نئون دوست ھيو جنھن جي خبر ناھي ته سرائي صاحب وارن ان کي ڪٿان کنيو.
سوال: اھو اوھان جي پارٽي جو ميمبر ھو؟
نورالله تنيو: جي اھو اسان جي پارٽي جو ميمبر ھو.
سوال: اوھان جي خيال ۾ پاڪستاني،آئي ايس آئي ۽ آرمي اوھان کي سنڌو ديش جي ڏوھ ۾ اوھان تي گوليون ھلائي اوھان کي ساڙيو اٿن؟ اوھان انھي جو ڏوھاري پاڪستان آرمي کي سمجھو ٿا؟ ڇا ڪيس آرمي جي مٿان داخل ڪجي؟
نورالله تنيو: انھن کي آرمي جا ڪيپ پاتل ھئا، لانگ بوٽ ۽ آرمي جا ھٿيار ھئين،ظاھري ڳالھ آھي ته اھوآرمي جو ماڻھو ھوندو، عام ماڻھو اھڙا ھٿيار ته کڻي نٿو سگھي.پاڪستان ۾ ڪيس وري ڇا جا؟ پر ظاھر ڳالھ آھي ڪيس ته آرمي مٿان داخل ٿيندو.
سوال: اوھان جيئي سنڌ متحدا محاذ جا سياسي ڪارڪن آھيو ۽ اوھان جي پارٽي جو مقصد ڇاھي؟
نورالله تنيو:اسان جيئي سنڌ متحدا محاذ جاسياسي ڪارڪن آھيون ۽ اسان جو مقصد سنڌو ديش کي آزاد ڪرائڻو آھي جيسين تائين سسي ۾ ساھ ھوندو اوسيتائين پنھنجي ديش لاءِ پنھنجي ڌرتي لاءِ جدوجھد ڪنداسين. کوڙ سارا دوست شھيد ڪرائي اسان وطن جي آزادي حاصل ڪنداسين.
سوال: ھن واقعي کان پوءِ اوھان جا جذبا اڃا وڌيڪ مضبوط ٿيا آھن يا اوھان کي وڌيڪ گُھٽ محسوس ٿي رھي آھي؟
نورالله تنيو:لازمي ڳالھ آھي آزادي لاءِ وڙھون ٿا، اھڙيون عقوبتون به ته اينديون نه؟دوست شھيد ٿيندا، گھر کان بي گھر ٿينداسين،اھي ته اڳئي پوءِ اچڻيون آھن جڏھن پوءِ سنڌو ديش ٺھيو ته سڀ گڏ ٿينداسين.....

No comments:

Post a Comment